; سنڌي شخصيتون: مختيار علي سانگي - ناصر مقصود گل

15 June, 2015

مختيار علي سانگي - ناصر مقصود گل

مختيار علي سانگي
سنڌي سنگيت جو سريلو آواز
ناصر مقصود گل
ننڍپڻ جي لاشعوريءَ واري ٻاراڻي وهيءَ ۾ مون هڪ محبوب صفت انسان ڏٺو هو. مان اڄ به ڪڏهن ڪڏهن ائين سوچيندو آهيان ته ڪٿي هڪ بي سمجھه ٻار ۽ ڪٿي سٺيڪي سالن جو هڪ امر ڪردار؟ پر تڏهن به ان اعلى انسان سان منهنجي اندر جي انسيت ٿي وئي، جيڪا اڄ سوڌو ڏينهون ڏينهن ماٺي ٿيڻ بجاءِ سرس ٿيندي آئي آهي.  جيتوڻيڪ مون کيس زندگيءَ ۾آمهون سامهون صرف ٻه ڀيرا ڏٺو هو، پر ان شخصيت سان منسوب انهن ٻن امر يادن منهنجي وجود تي ايترا ته گهرا ۽ هاڪاري اثر ڇڏيا، جو مان اڄ تائين انهن يادن کي پنهنجي دل ۽ دماغ جي دوربين جي چٽائيءَ سان پسي، اهڙين املهه گھڙين کي زندگيءَ جو اهم اثاثو ڀائيندو آيو آهيان. انهن ٻنهي ملاقاتن مان هڪ ڀيرو ته مون ان امر انسان ۽ امر ڪلاڪار کي، جنهن کي دنيا خانصاحب استاد گلزار علي خان جي نالي سان ياد ڪندي آهي، آمهون سامهون ٻڌو هو ۽ اڄ ڏينهن تائين سندس ان يادگار محفل جا اڻ مٽ عڪس منهنجي ذهن جي اسڪرين تي تازا توانا چٽيل آهن. مون کي چڱيءَ طرح سان ياد آهي ته جنوري 1987ع ۾ منهنجي والدِ محترم ۽ سنڌي ٻوليءَ جي برک شاعر قاضي مقصودگل پاران ڪوٺايل رتيديري شهر ۾ ڊاڪٽر عطا محمد ’حامي‘ جي 68 هين جنم ڏينهن جي موقعي تي ادبي نشست بعد سياري جي ٽيپهريءَ واري وڳڙي ڌاري محفل موسيقيءَ واري نشست ۾ استاد گلزار علي خان، حامي صاحب جو ڪلام آلاپيو هو، ان ويل مان ڪمسن هجڻ باوجود سندس ٻڌندڙن جي پهرين صف ۾ ويهي استاد گلزار علي خان جي آواز ۽ انداز کي مڪمل توجهه ۽ دلچسپيءَ سان ٻڌندو رهيس ۽ ٻيو ڀيرو ساڻس ان وقت ملڻ ٿيو، جڏهن رتيديري شهر ۾ اونهاري جي هڪ جھڙالي شام جو پنهنجي پياري شاگرد غلام شبير سمي کي ڪنهن محفل ڏانهن وٺي وڃڻ لاءِ اڇي رنگ جي ڪار تي پنڌ پڇائيندو، اسان جي اوطاق تائين اچي رسيو هو.


استاد گلزار علي خان جي وفات کانپوءِ مان هڪ فيضور شخصيت جي فيض وارو ڦل حاصل ڪرڻ کان اول ئي آءٌ سندس صحبت ۽ شفقت کان محروم ته ٿي ويس، پر مون موسيقيءَ جي سبجيڪٽ ۾ کيس پنهنجو روحاني استاد تسليم ڪري ورتو ۽ سندس شخصيت ۽ فن کي سندس فيضياب شاگردن ۾ ڳولهڻ شروع ڪيو. اڄ به جڏهن مان خانصاحب استاد گلزار علي خان پاران عطا ٿيل سڌي سئين فيض سان سرشار سندس ڪنهن به شاگرد سان ملندو آهيان، تڏهن ان مان اها استاد وڏي واري آسيس ضرور ڳوليندو آهيان. اڄ به استاد عبدالغفور سومري کان استاد حنيف لاشاريءَ تائين، غلام شبير سمي کان، سڪندر علي سرگاڻيءَ تائين، نظير سمي کان نظير حسين تنئي تائين، مختيار علي سانگيءَ کان مختيار علي شيخ تائين، ايتريقدر جو استاد گلزار علي خان جي ڪنهن به شاگرد سان ملڻ وقت سندس شخصيت ۽ گفتار ۾ پنهنجي ان روحاني استاد جي شانائتي شخصيت جو اجرو عڪس ضرور تلاشيندو آهيان.
استاد گلزار علي خان جي سڀني شاگردن سان ملڻ وقت سندس يا منهنجا تاثرات ۽ جذبات ڪهڙا به هجن، پر سندس هڪ شاگرد سان آءٌ جڏهن به مليو آهيان، تڏهن مون سندس چهري تي دائمي مرڪ ضرور ڏٺي آهي، جيڪا مرڪ صرف سندس ذات تائين محدود ناهي رهي، بلڪه پاڻ جڏهن به ڪنهن سان مليو آهي، تڏهن خوش خير عافيت ڪرڻ دوران ڳالهين ئي ڳالهين ۾ هڪ يا ٻه لطيفا ٻڌائي ملندڙن ۾ مرڪن جا تحفا ضرور ورهايا اٿائين. انڪري بلا شبهه ائين چئي سگھجي ٿو ته سر ۽ سنگيت سان گڏوگڏ طنز ۽ مزاح به سندس شخصيت جي اهم سڃاڻپ رهيا آهن. ذاتي طور تي ته مون ائين محسوس ڪيو آهي ته عمر ۾ سڄا سارا ٽي ڏهاڪا مون کان بزرگ هئڻ باوجود جڏهن به مون سان ملندو آهي، تڏهن ملڻ شرط ٽهڪن جا تحفا ضرور ارپيندو آهي ۽ ان سمعي ائين لڳندو آهي ته اسان پاڻ ۾ ڄڻ هم جولي يا همعمر هجون.
صوفي ڇتل فقير سانگيءَ جي درگاهه جي فقيراڻي ونڊ سان سرشار، خانصاحب گلزار علي خان جي گائيڪيءَ واري گلشن جي ان گل ۽ پنهنجي ان ئي بزرگ دوست کي اسين مختيار علي سانگيءَ جي نالي ۽ حوالي سان ڄاڻيندا سڃاڻيندا آهيون. جنهن جڏهن  مرڪون ورهايون ، تڏهن هر ڪوئي کلي کلي کيرو ٿي پيو ۽ جڏهن ڪنهن محفل ۾ ڪوهياريءَ جي آلاپن ۾ ڀلاري ڀٽائيءَ جي بيتن سان سسئيءَ جا سور سليندي ’پنهنجي پنهل جي ڪاڻ مران هاڻ‘ ڪافي ڳاتي اٿائين، تڏهن هر ميڻ دل ٻڌندڙ جون اکيون اشڪبار ضرور ٿيون آهن.
سنڌ ڌرتيءَ جي ان ئي سريلي راڳيءَ مختيار علي سانگيءَ پهرين ڊسمبر 1952ع تي، تعلقي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ دلاور خان سانگي ۾ محترم محمد يعقوب سانگيءَ جي آغوش ۾ اکيون کوليون. کيس جڏهن نصابي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪول ۾ ويهاريو ويو، تڏهن پاڻ اسڪول مان فارغ ٿي اَرَتَرَ جي مختلف اوتارن ۽ درگاهن تي راڳ جون مختلف محفلون ٻڌڻ لاءِ نڪري ويندو هو، انهن محفلن ۾ جيڪو ڪلام يا ڪافي ڳائي ويندي هئي، مختيار علي ان کي ياد ڪري، هيئن سان هنڊائيندو هو ۽ پنهنجي منهن سان پاڻ اها ڪافي يا ڪلام جھونگاريندو رهندو هو. انهن درگاهن ۽ اوتارن مان اڪثر ڪري سندس پريم جو پنڌ صوفي ڇتل فقير جي درگاهه جي طرف هوندو هو، جتي موجود ويراڳين فقير عبدالحڪيم، عطر فقير ۽ واڌل فقير سان سندس صحبت سرس ٿيڻ لڳي ۽ انهن فقيرن جي صحبت ۾ پاڻ به ڪافي يا ڪلام ڳائڻ جي شروعات ڪيائين. اڳتي هلي مختيار عليءَ پنهنجي ئي ڳوٺ واسي هڪ سريلي ڪلاڪار محمد بخش اوڍي جي سرپرستيءَ ۾ ايندي، راڳ جي سکيا وارو عمل شروع ڪيو. انهن ئي ڏينهن ۾ پاڻ صوفي ڇتل فقير سانگيءَ جي تڏهونڪي درگاهه ڌڻيءَ صوفي منٺار فقير سانگيءَ جي هٿ تي طريقت جو فيض حاصل ڪري، عملي طور تي سندس طالبن جي صف ۾ شامل ٿي ويو.
مختيار علي سانگيءَ عوامي محفلن، شادين مرادين توڙي بزرگن جي ساليانن ميلن ملاکڙن جي اسٽيجن کان پنهنجي فن جي شروعات ڪئي ۽ انهن محفلن ۾ پنهنجي پهرين استاد محمد بخش اوڍي سان گڏ هم ڪلام ٿيندي، صوفياڻن سازن ۽ آوازن سان ويراڳ جو ورد پچائيندو رهندو هو، انهن ئي محفلن ۽ مانڊاڻن جو سفر ڪندي هڪ ڀيري 1970ع ڌاري مختيار علي لاڙڪاڻي ڀرسان پير عظيم شاهه جي عرس تي منعقد ٿيل صوفياڻي محفل ۾ شريڪ ٿيو، جتي سندس ملاقات خانصاحب استاد گلزار علي خان سان ٿي ۽ ان پهرين ئي ملاقات ۾ ان ملهائتي معلم جي حضور ۾ سرن لاءِ صدا ۽ گرن لاءِ گذارش ڪيائين، اهڙيءَ طرح استاد گلزار علي خان جي سرپرستيءَ ۾ سندس سرن ۾ نکار ايندو رهيو ۽ سنڌي موسيقيءَ جي ان شانائتي شجر جي ڇانوَ مختيار عليءَ کي به نصيب ٿي. سنگيت سکڻ، پرکڻ ۽ پروڙڻ وارن ڏينهن ۾ سندس زندگيءَ جو هڪ سنهري دور اهڙو به آيو، جڏهن پاڻ گھر جا آرام ۽ آسائشون وساري، پنهنجي ڳوٺ کي ڇڏي، سنڌي موسيقيءَ جي وڏي ۾ وڏي درسگاهه يعني گواليار گھراڻي جي عظيم گائيڪ خانصاحب استاد منظور علي خان جي حضور ۾ حاضر ٿي، موسيقيءَ جو مڌ اوتيندو رهيو.
مختيار علي سانگيءَ ميڊيا جي ميدان تي پنهنجون فني صلاحيتون اظهارڻ جو آغاز ٻين ڪيترن ئي ڪلاڪارن جيان ريڊيو کان ڪيو. پهريون ڀيرو سندس آواز ريڊيو حيدرآباد جي مقبول ترين سنڌي پروگرام ’فتح خان جي ڪچهريءَ‘ جي مائيڪرو فون تان پوريءَ سنڌ ۾ڦهليو. ان بعد سندس آواز سان گڏ سندس چهري کي پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن ڪراچي سينٽر جي ڪشادي اسڪرين تان نامياري پروڊيوسر اعجاز عليم عقيليءَ پنهنجي پروگرام ’اوطاق‘ لاءِ چونڊيو، جتي به مختيار علي پنهنجون فني صلاحيتون مڃرائي ورتيون ۽ ان بعد پي. ٽي. وي جي ڪيترن ئي پروگرامن جهڙوڪ: ’سنڌ سرهاڻ‘، ’سوجھرو‘، ’ماڻڪ موتي‘، ’سر جو سفر‘ ۽ ٻين لاءِ مدعو ڪري سندس آواز کي عام آڏو آندو ويو.

مختيار علي سانگيءَ جي فن جي اهم صنف سنڌي ڪافي، جڏهن ته اهم ميڊم اسٽيج رهيا آهن، جتي هو مڪمل ڪاميابيءَ سان پنهنجو فن اظهارڻ ۾ مهارت رکي ٿو. خاص ڪري اتر سنڌ ۾ ڪنهن به صوفي درگاهه تي، ڪنهن به درويش يا اولياءَ جي ياد ۾ ملهايل ڪا محفل هجي، مختيار عليءَ جي حاضري ان محفل جي رونق ۾ اضافو ضرور ڪندي آهي.مختيار علي سانگي سنڌي موسيقيءَ جي مڪمل مڪتبه فڪر گواليار گھراڻي جو اهو هونهار شاگرد آهي، جنهن ڪلاسيڪل موسيقيءَ سان گڏوگڏ سنڌي ڪافيءَ جي گائيڪيءَ ۾ پنهنجي پريم جو پورهيو ڪري، پنهنجي ٽيهٽ سالن جي ڄمار ۾ هيل تائين سنڌي سنگيت ساگر کي پنهنجي سرير ۾ سمائي پنهنجي ازلي عشق جي پت پاڙي ڏيکاري آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا