; سنڌي شخصيتون: سيد اڪبر - فقير علي ڏنو جروار

28 June, 2015

سيد اڪبر - فقير علي ڏنو جروار

سيد اڪبر
”لفظ ڳالهائين ٿا“ جو خالق
فقير علي ڏنو جروار
۲۷ جون تي سيد اڪبر جي ۱۲هين ورسي آهي. هونئن ته سيد اڪبر جي سڃاڻپ سنڌ جي علمي ادبي حلقن ۽ استاد طبقي ۾ هڪ شاعر واري آهي. واقعي سيد اڪبر هڪ بهترين شاعر آهي ۽ سندن شاعري جو تسلسل سنڌ جي بهترين عوامي شاعرن ابراهيم ”منشي“، سرويچ ”سجاولي“، محمد خان ”مجيدي“، مريم ”مجيدي“، غلام حسين ”رنگريز“ ۽ نبي بخش ”همدرد“ سان جڙيل آهي.


مٿي ذڪر ڪيل سڀئي نالا، هڪڙي ئي علائقي سان تعلق رکن ٿا ۽ لڳ ڀڳ سڀئي همعصر، هم قافيا ۽ هم رديف شاعر آهن. منهنجو مطلب آهي ته هنن جا خيال، ٻولي ۽ لفظ ملن جلن ٿا ۽ منجهن هم آهنگي آهي.
سيد اڪبر نه رڳو شاعر هو پر قدرت واري سندس قلم ۾ ايتري ڏات ۽ سگهه ڏني هئي جو هُو جنهن به موضوع يا صِنفِ تي قلم هٿ ۾ کڻندو هو ته اُن سان خوب نڀائيندو هو.
سيد اڪبر جون لکڻيون، روح رهاڻ، سهڻي، تحريڪ ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپبيون رهيون آهن ۽ سندن وفات کانپوءِ شاعري، مضمونن ۽ خطن جا مجموعا شايع ٿي چڪا آهن.
”لفظ ڳالهائين ٿا“ مضمونن جو ڪتاب آهي، جيڪو سچائي ڪتاب گهر دڙي پاران ڇپايو ويو آهي. ”ڪرڪي ڪائي ڪونج“ شاعري ۽ ”سارون ۽ سنڀارون“ خطن جا مجموعا جيڪي سائين قادر بخش طالباڻي سجاڳي پبليڪيشن پاران ڇپايا آهن، سي شايع ٿي مارڪيٽ ۾ موجود آهن.
هونئن ته سيد اڪبر جي قلمي پورهئي بابت گهڻو ڪجهه لکجي چڪو آهي ۽ اڃا به گهڻو لکي سگهجي ٿو، پر هِن مضمون ۾ ڪتاب ”لفظ ڳالهائين ٿا“ متعلق پنهنجن خيالن، ڪجهه ڏاهن ۽ ليکڪن جي خيالن کي ورسيءَ جي نسبت سان ڀيٽا طور پيش ڪندس.
هي ڪتاب سيد اڪبر جي پهرين ورسي جي موقعي تي ۲۰۰۴ع ۾ سچائي اِشاعت گهر دڙو طرفان ڇپرايو ويو آهي. هِن ڪتاب ۾ ڪل سترنهن مضمون آهن، جيڪي مختلف موضوعن متعلق آهن. هنن مضمونن جو لفظ لفظ، جملو جملو ۽ پيرا گراف وري وري پڙهڻ ۽ سيني سان سانڍڻ جهڙا آهن.
هِن ڪتاب جي صفحي نمبر ۵۵ تي ٽائيٽل مضمون ”لفظ ڳالهائين ٿا“ آهي. هن مضمون ۾ سيد اڪبر لفظن جي اهميت ۽ افاديت جي باري ۾ جيڪو ڪجهه لکيو آهي، اُن جهڙو مضمون شايد وري ڪو مشڪل سان لکي سگهي.
مطلب ته مضمون ۾ لفظن جي هيئت، لفظن جا نفعا نقصان، لفظن جا اُڀار، لفظن جا جذبا سڀ ڪجهه ڄاڻايل آهن. منهنجي دل چوي ته هتي سڄي جو سڄو مضمون اتاري ڇڏيان، پر اِهو ناممڪن آهي.
سيد اڪبر جي هن ڪتاب تي سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ليکڪ ۽ ”ڪونج“ رسالي جي ايڊيٽر موتي پرڪاش يوسف سنڌي کي خط لکي پنهنجي راءِ ڏني آهي يا ٻين لفظن ۾ ڀيٽا پيش ڪئي آهي. اُهي ٻه خط يوسف سنڌي پنهنجي هندستان جي سفرنامي ”هل ته دهلي گهمون“ جي صفحي نمبر ۱۶۴ ۽ ۱۶۵ تي ڏنا آهن ڪيا آهن.
موتي پرڪاش هڪ خط ۳ سيپٽمبر ۲۰۰۵ع ۾ آڌيپور شهر مان لکيو آهي. اُن جا لفظ آهن ته ”مرحوم سيد اڪبر جي مضمونن مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو آهي. سندس لکڻي لاجواب آهي، ڏاڍي پياري ۽ ڪشش ڪندڙ آهي.
محترم موتي پرڪاش جو ٻيو خط جيڪو هن آڌيپور شهر مان ۲۴ سيپٽمبر ۲۰۰۵ع تي لکيو آهي. اُن ۾ به سيد اڪبر ۽ سندن تخليق ”لفظ ڳالهائين ٿا“ جي باري ۾ وري هيئن لکيو اٿس ته ”مون کي مرحوم سيد اڪبر جي مضمونن ڏاڍو متاثر ڪيو آهي، سندس ٻولي جاندار ۽ سونهن ڀري آهي.“
ياد رهي ته سنڌ ۽ هند جي ليکڪ موتي پرڪاش جي جنم ڀومي پڻ دڙو شهر آهي ۽ جڏهن ته سيد اڪبر جي جاءِ پيدائش وري دڙي شهر کان چند ڪلو ميٽر ٻاهر آهي. جيڪڏهن ميرپور بٺورو کان دڙي طرف وڃبو آهي ته سيد اڪبر جو ڳوٺ در ملوڪ شاهه پهرين رستي ۾ اچي ٿو. سو ڳالهه پئي هلي موتي پرڪاش جي اُهو ورهاڱي وقت سنڌ ڇڏڻ کانپوءِ وري پنهنجي وني ڪلا پرڪاش سان گڏ ۱۹۸۴ع ۾ ماتر ڀومي سنڌ ڏسڻ آيو هو ۽ جڏهن هو پنهنجي جنم ڀومي دڙي شهر ۾ گهمڻ ويو هو، تڏهن بقول سندس وني ڪلا پرڪاش جي ته ”موتي سڄو ڏينهن خاموش لڙڪ لاڙيندو رهيو هو ۽ واپس ڪراچي ۾ هوٽل تي پهچڻ کانپوءِ زندگيءَ جي هڪ بهترين وائي لکيائين.
پڃاريءَ پراڙ منهنجو روح رُلندو رهيو،
ڪاهي ويو پي ڪپ تان پنهنجو ڌڻ ڌنار.
پڃاريءَ پراڙ.......
اِها ڳالهه ڪلا پرڪاش سنڌ بابت پنهنجي يادگيرين واري ڪتاب ”جي هينئڙي منجهه هُرن“ ۾ لکي آهي.
ان ڏينهن دڙي شهر ۾ موتي ۽ ڪلا جي ٺٽي ضلعي جي جن معروف علمي ادبي شخصيتن سان ملاقات ٿي هئي تن مان هڪ سيد اڪبر به هو، جنهن ملاقات جو ذڪر موتي پرڪاش به ڪيو ۽ سيد اڪبر به پنهنجي لکڻين ۾ اُن ملاقات جو ذڪر ڪندو رهيو آهي.

آئون سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ سان چاهه رکندڙ سڀني بزرگن ۽ نوجوانن کي گذارش ڪندس ته هو سيد اڪبر جو هي ڪتاب ”لفظ ڳالهائين ٿا“ ضرور پڙهن ۽ اِهو ئي بهترين طريقو آهي، کين ڀيٽا پيش ڪرڻ جو.

No comments:

راءِ ڏيندا