جمال ابڙي جي ياد ۾
رکيل مورائي
اليڪٽرانڪ ميڊيا جو دور آهي،
شيون مختصر ڪريو. اهو اسان کي پڙهايو پيو وڃي، جيڪو اسان پڙهڻ نٿا چاهيون. ان ڪري
مان پنهنجي صحافتي نوڪري دوران اهو قلم استعمال نه ٿو ڪريان، جيڪو ادب لکڻ لاءِ
استعمال ڪريان ٿو. ساڳئي طرح ادب لکڻ وقت اهو قلم استعمال نه ٿو ڪريان، جيڪو
صحافتي ڪجهه به لکڻ وقت استعمال ڪريان ٿو.
صحافتي قلم، جمال ابڙي صاحب کي
مختصر ڪرڻ لاءِ پابند ٿو ڪري، ادب ايئن نٿو ڪري، جمال ابڙي صاحب کي ننڍو ڪيئن ڪري
سگهبو، هن تي لکڻ لاءِ اهو قلم استعمال ڪرڻ گهرجي، جيڪو ادب لکڻ وقت استعمال ٿيندو
آهي، ايئن مان پنهنجي قلم کي اکين تي رکي جمال ابڙي صاحب تي ڪجهه لکڻ ٿو چاهيان،
هيءُ لکڻ ڀلي مختصر آهي پر صحافتي قلم سان لکيل نه آهي، ادب لکڻ واري قلم سان لکيل
آهي، ڇاڪاڻ ته جمال ابڙو جيڏو وڏو آهي، ان تي لکڻ لاءِ اهوئي قلم استعمال ڪرڻ
گهرجي، جيڪو هن جي وڏائي بيان ڪري سگهي، هن جي ادب جي وڏائي، هن جي ڪهاڻيءَ جي اها
وڏائي، جيڪا هر ٻئي ڏينهن وڌيڪ وڏي ٿي رهي آهي،
مثال طور پيراڻي، جيڪا سنڌي
ڪهاڻي جي اتهاس ۾ هر ڏهاڙي وڏي ٿي رهي آهي، سبب اهو نه آهي ته سنڌي ٻي ڪهاڻي ننڍي
ٿي رهي آهي، سبب اهو آهي ته، اڄ جيڪا ڪهاڻي لکجي رهي آهي، اها شايد ايڏي وڏي نه
آهي، جيڏي وڏي ڪهاڻي پيراڻي آهي. اڄ جيڪا ڪهاڻي لکجي رهي آهي، ان جو چڱو انگ. وڏو
ٿي رهيو آهي، موضوعاتي طور اڃا به وڏو ٿيو آهي، پوءِ به شايد ان کي اڃا سفر گهرجي،
ڇا به هجي، جمال ابڙو وڏي سنڌي ڪهاڻي جي پيڙهه جو اهو پٿر آهي، جنهن تي بيمثال
سنڌي ڪهاڻي جي عمارت اڏي سگهجي ٿي، جنهن جي اڃا خواهش آهي.
جمال ابڙو صاحب سنڌي ڪهاڻي جو
اهڙو نالو آهي، جنهن جي ڪهاڻي کي وڏي ڪهاڻي طور کڻي سگهجي ٿو، هن جيڪي ڪهاڻيون
لکيون انهن جو انگ ڪنهن به صورت ۾ ٻن درجنن کان مٿي نه آهي، سنڌي ادب کي ايتريون
ئي ڪهاڻيون بيمثال ادب بڻائڻ لاءِ گهڻيون آهن، جيڪڏهن سچ پچ اهي سڀ وڏيون ڪهاڻيون
آهن ته!
سنڌي ڪهاڻيءَ جو اڀياس جڏهن به
لکيو ويو (جيڪو اڃا نه لکيو ويو آهي) سنڌي ادب کي جمال ابڙي صاحب جون ڪهاڻيون ئي
وڏو ادب تسليم ڪرائڻ لاءِ ڪافي آهن.
سنڌي ڪهاڻي ۾ جمال ابڙي صاحب کي
پنهنجي طبعيت وانگر ٿوري لکڻ ۾ گهڻو چئي سگهڻ جي سگهه هئي.، مثال طور سندس ڪهاڻي “سينڌ”
کڻي سگهجي ٿي، “سينڌ” ڪهاڻي جمال صاحب ڪهڙين حالتن ۾ لکي، ان جو تفصيل تمام گهڻو
تفصيل به بنهه مختصر اکرن ۾آهي، جيڪو
بظاهر هڪ ننڍڙي خط جي صورت ۾ آهي ۽ هڪ بيمثال افسانو آهي.
سنڌي ڪهاڻي کي سمجهڻ لاءِ ۽ خاص
طور جمال صاحب کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ لاءِ اهو خط ضرور پڙهڻ گهرجي، جيڪو جمال صاحب پنهنجي
ڪهاڻي “سينڌ” سان گڏ پنهنجي دوست شيخ اياز ڏي لکيو هو ۽ اهو خط ڪهاڻي سان گڏ ئي
شايع ٿيو هئو.
مسلسل لکندڙ طور شايد جمال صاحب
جي اها آخري ڪهاڻي هئي، جيڪا پڻ چڱي وٿيءَ کانپوءِ هن لکي هئي.جنهن بعد هن ڪي هڪ
ٻه ڪهاڻيون مس لکيون هيون.
جمال صاحب جو هڪ ئي سڪيلڌو ڪتاب
ڪهاڻي “پشوپاشا” جي نالي سان ڇپيو ۽ پوءِ
الڳ الڳ مضمونن ۽ ڪن ڪهاڻين جي واڌاري سان اهوئي ڪتاب الڳ نالن سان ڇپبو رهيو آهي.
جنهن کانپوءِ جمال صاحب ڪهاڻي لکڻ ڇڏي ڏني،
ها! هن ڪهاڻي لکڻ ڇڏي ڏني، پر
پنهنجي لکڻ جي معيار کي نه ڇڏيو.
۽ پوءِ هو افسانوي ادب کان الڳ
ٿي ويو ۽ پنهنجي آتم ڪٿا محفوظ ڪيائين. پر!حيرت جي حد تائين هن عظيم ڪهاڻي ڪار
پنهنجي آتم ڪٿا کي افسانوي ادب جي ويجهو اچڻ نه ڏنو، ڇاڪاڻ ته هن ان کي افسانو
بڻائڻ نه چاهيو، جنهن ڪري اها خود هڪ حوالو بڻجي سامهون آئي آهي،
جمال صاحب الڳ الڳ موضوعن تي
ڪجهه مضمون به لکيا جيڪي پڻ سندس گڏيل مجموعي ۾ شامل آهن ۽ اهو گڏيل مجموعو جيڪو
جمال ابڙي صاحب بابت اسان جي دوست بدر ابڙي مرتب ڪيو آهي. اهو به هڪ حوالو آهي،
جمال صاحب هڪ شخص ۽ هڪ ڪهاڻيڪار جو شايد ڪنهن ڪهاڻيڪار کي سندس حوالي ۾ اهڙو ڪتاب
نصيب ٿئي،
ٻئي طرف جيڪي احترام ۽ محبتون
جمال صاحب کي نصيب ٿيون، اهي پڻ ڪن ٿورن کي نصيب ٿيون آهن.
ادب ۾ سندس اهميت هڪ الڳ درجي
جي آهي. سڀ گڏي، سنڌ، سنڌي ادب کي هڪ ئي جمال ابڙو ڏنو جيڪو سنڌي ڪهاڻي جي اهم ۽
بيمثال سڃاڻپ آهي. اهڙي سڃاڻپ جيڪا سنڌي ٻولي جي موجود هجڻ تائين ساڳي رهڻي آهي.
جنهن کي ڪو به لهر لوڏو نه آهي، ڇاڪاڻ ته اها سڃاڻپ جمال ابڙي صاحب جي آهي، جنهن
جي اڄ ورسي جو ڏينهن آهي.
ها! هو جسماني طور اسان سان نه
آهي پر سندس سموري عمر جو پورهيو اسان وٽ محفوظ آهي. ڪتابن جي صورت ۾
سندس يادگيريون محفوظ آهن، اسان
جي دلين ۾
سندس تصوير محفوظ آهي، اسان جي
اکين ۾
سندس اوتار موجود آهي، بدر ابڙي
جي روپ ۾،
باقي سندس ڇا آهي، جيڪو اسان
کان پري آهي، اڄ به سندس ياد موجود آهي، جنهن جو سبب هي ڪجهه به لکڻ آهي.
جمال ابڙو
جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جو
وڏو نانءُ - سورهين ورسيءَ جي مناسبت سان
صدام جوکيو
جمال ابڙي ڪي سوين افسانه
ڪو نه لکيا، نه ئي ڪي سوين ڪتاب لکيا پر هن ڪهاڻي لکڻ جو اهو ڏانءُ، اُهو فن، اُهو
رستو ڳولي لڌو، جنهن سندس شخصيت کي هڪ الڳ ۽ منفرد ڪهاڻيڪار جي حيثيت ڏني ۽ سندس
شمار جديد سنڌي ادب ۽ ترقي پسند ادب جي وڏن نالن ۾ تسليم ڪيو ويو. جمال ابڙي جي
ڪهاڻين ۾ ڪمال جي منظر نگاري ٿيل آهي، سندس ٿورين ڪهاڻين ۾ ترقي پسند خيال ڀريا
پيا آهن، هو حقيقت پسند ڪهاڻيڪار هو، سندس ڪهاڻين ۾ ڪهاڻيءَ سان ٺهڪي بيهندڙ
ڪردار، ڪردارن جي نفسيات ۽ فطرت سان ٺهڪي بيهندڙ ڊائلاگس ۽ پوري ڪهاڻيءَ کي فضول لٻاڙ،
مبالغي ۽ بي مقصديءَ کان بچائڻ واريون سموريون خوبيون موجود آهن. هن ٻهراڙين جي نج
سنڌي ماحول ۽ مسئلن کي پنهنجي ڪهاڻين ۾ وڏي ڪاريگريءَ سان پيش ڪيو آهي، سندس
اندازِ بيان زندگيءَ جي حقيقي تحرڪ جي تصوير کي بنا ڪنهن وڌاءَ ۽ مصنوعيت جي پيش ڪري
ٿو. سچ ته جمال ابڙو سنڌي ڪهاڻيءَ کي نوان موڙ ۽ نوان گس ڏيندڙ ليکڪ هو، سنڌي
ڪهاڻيءَ جي تاريخ ۾ جمال ابڙي جو مقام نهايت منفرد ۽ نرالو آهي ۽ رهندو. اها ئي سندس
ڪاميابي آهي جو سندس ڪهاڻيون ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿيون آهن ۽ اعليٰ تعليمي
ادارن ۾ پڙهايون وڃن ٿيو.
شيخ اياز مطابق
”جمال ابڙو خدا دوست به آهي ته انسان دوست به آهي ۽ ادب دوست به آهي ۽ سندس ٽيئي خاصيتون
سندس ڪهاڻين ۾ موجود آهن،“ غفور ميمڻ سندس ڪهاڻين جي فڪري پاسي تي ڳالهائيندي لکي
ٿو ته ”جمال سنڌ ڌرتي جو اهو ليکڪ آهي، جنهن جي مٽيءَ ۾ انسانيت، امن، پيار، محبت ۽
اميد پرستي آهي، جنهن جو فڪر زندگي پروري آهي. اهو فڪر سنڌ جو فڪر آهي.“ غلام رباني
آگرو کيس سنڌي افساني جو امام سڏي ٿو ۽ لکي ٿو ته ”جمال کان وڏو افسانه نگار، مون
کي نه کانئس اڳ، نه پوءِ سُجھي ٿو. اھو منھنجو ذاتي رايو آھي.“ جمال ابڙي جي
افسانه نگاريءَ ۾ جيڪا فڪري ۽ ٻولياتي نواڻ ۽ حسناڪي آهي، ان جا سبب بيان ڪندي، گل
محمد عمراڻي لکي ٿو ته ”جمال جي افسانه نگاريءَ ۾ جيڪا حيرت انگيز جديديت فڪري
تازگي ۽ لساني نواڻ (Innovation) ڏسڻ ۾ اچي ٿي، ان جو سبب به ٻيو ڪجهه به نه
آهي، فقط سندس حساس ۽ باريڪ بين نظر، طبع رسا ۽ فطري انسان دوستي آهي.“ جمال ابڙي
جي ڪهاڻين جي انفرادي حيثيت تي ڳالهائيندي شوڪت حسين شورو لکي ٿو ته ”هن سنڌي ڪهاڻيءَ کي نئون لهجو ۽ نئون
ڊڪشن ڏنو. جمال ابڙي جي لکڻ جي پنهنجو هڪ انفرادي اسٽائل هو. وري اسين هن جي ڪهاڻين
جا موضوع ڏسون ته انهن مان اڪثر اڳ ۾ اڻ ڇهيل هئا. آئون نه ٿو ڀانيان ته جمال ابڙي
وٽ لکڻ جي ڏات ۽ جيڪو ڏانءُ هو، اهي ٻئي شيون ان دور ۾ ڪنهن ٻئي ڪهاڻيڪار کي شايد
نصيب ٿيون هجن.“ جمال ابڙي جا افسانه ڪيتري قدر اثرائتا، وڻندڙ، پسند پيل ۽ مڃيل
آهي، ان جو اندازو ڊاڪٽر سحر امداد جي هن لفظن مان لڳائي سگهجي ٿو ته ”جمال ابڙو
سنڌي ٻوليءَ جي اُنهن چند ليکڪن مان هڪ آهي، جن مون کي ٽين ايج (Teen-age)۾ سنڌي ادب
پڙهڻ تي هر کايو... جمال ابڙي جون ڪهاڻيون پڙهي آئون چري ٿي پيس. گهر ۾ واندڪائيءَ
۾ هر وقت اهو ڪتاب منهنجي هٿ ۾ هوندو هو.“ پشو پاشا جي مهاڳ ۾ سنڌ جو ڏاهو اديب
محمد ابراهيم جويو لکي ٿو ته ”جمال جي افسانن ۾ بهرحال زندگي جي مسئلن جي نبيري جو
هڪ عجيب مهر ڀريو انداز موجود ڏسجي ٿو ۽ هڪ ڪامياب افسانه نگار لاءِ هيءَ هڪڙي
ڳالهه لک جي برابر آهي ته هن جي دل ۾ زندگيءَ لاءِ محبت ۽ احترام جا جذبا موجود
هجن ۽ کيس زندگيءَ ۾ ڀرپور اعتقاد هجي.“ جمال ابڙي پنهنجين ڪهاڻين جي ڪارج ۽ مقصد
کي بيان ڪندي پاڻ هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته ”مون ڪهاڻين ۾ اهو پيغام ڏٺو آهي ته انسان
دٻجي نٿو سگهي، جيئن دٻائبو تيئن اهو اڀرندو، مهاڏو اٽڪائيندو آ ۽ نيٺ پنهنجي منزل
ماڻيندو آ“ ڪهاڻيءَ ۾ هو، ڪنهن مغربي ڏاهي کان متاثر نه هو، هن ٽيئگور ۽ ٻين اديبن
کي پڙهيو ضرور هو پر پاڻ انٽرويو ۾ چيائين ته ”مان شيخ اياز کان تمام گهڻو متاثر
آهيان.“
جمال ابڙي کي ننڍيءَ
وحيءَ کان ئي ادب ۽ ڪهاڻيءَ سان لڳاءُ هو، هن هاءِ اسڪول واري زندگيءَ کان لکڻ جي
باقائده شروعات ڪئي، لاڙڪاڻي جي هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ دوران هن ڪهاڻي لکڻ شروع ڪئي ۽
نور محمد هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ دوران مضمون لکڻ جي شروعات ڪيائين، سندس ڇپجي پڌري
ٿيندڙ پهرين ڪهاڻي ”هو حر هو“ هئي، جيڪا هفتيوار ”طوفان“ ۾ شايع ٿي هئي، اهڙي طرح
صرف ۱۷ افسانه لکندڙ جمال ابڙو وڏي پايي جي ڪهاڻيڪارن ۾ پنهنجي
جاءِ جوڙي ورتي ۽ سندس افسانن جو ڪتاب چار کان پنج ڀيرا ڇپجي چڪو آهي. جمال ابڙي جو
پورو نالو جمال الدين ابڙو هو ۽ سندس والد جو نالو علي خان ابڙو هو، جيڪو خود به
هڪ علمي شخص هو. جمال ابڙي ۲ مئي ۱۹۲۴ع تي ڳوٺ سانگي، تعلقي ميهڙ، ضلعي (ان دور ۾) لاڙڪاڻي ۾
جنم ورتو. هن بنيادي تعليم ڳوٺ منگواڻي تعلقي ميهڙ جي ميونسپل پرائمري اسڪول لاڙڪاڻي
مان حاصل ڪئي، ميئٽرڪ جي تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو ۽ نور محمد هاءِ اسڪول
حيدرآباد مان حاصل ڪيائين، ڪاليج جي تعليم بهاءُ الدين ڪاليج جھونا ڳڙھ ۽ ڊي جي ڪاليج
ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي هئائين، هن اڳتي وڌي ايل. ايل. بي شاهاڻي لا ڪاليج لاڙڪاڻو
مان حاصل ڪئي. سندس تعليمي سفر بابت متفرقه رايا لکيا ويا آهن. پاڻ ملازمت جي سلسلي
۾ ڪيترن ئي پاسن تي خدمتون سرانجام ڏنائون، جن جو مختصر احوال هن طرح آهي، سال ۱۹۴۹ع کان ۱۹۵۰ع تائين پوليس پراسيڪيوٽر شهدادڪوٽ، سال ۱۹۵۱ع کان ۱۹۵۲ع تائين لاڙڪاڻي ۾ وڪالت ڪيائين، سال ۱۹۵۲ع ۾ پبلڪ سروس ڪميشن طرفان کيس سب جج مقرر
ڪيو ويو ۽ پاڻ سيشن جج جي عهدي تائين ترقي ڪيائين، سال ۱۹۷۲ع کان ۱۹۷۸ع تائين سنڌ اسيمبليءَ جو سيڪريٽري رهيو، ۱۹۷۸ع کان ۱۹۸۰ع تائين ليبر ڪورٽ جو جج ٿي رهيو، سال ۱۹۸۰ع کان ۱۹۸۱ع تائين فيڊرل سروسز ٽربيونل جو اسلام آباد
۾ ميمبر ٿي رهيو، ۱۹۸۱ع کان ۱۹۸۲ع تائين سنڌ هاءِ ڪورٽ جو رجسٽرار ٿي رهيو، ۱۹۸۲ع کان ۱۹۸۴ع تائين، ليبر ڪورٽ جو جج رهيو، سال ۱۹۸۴ع کان ۱۹۸۵ع تائين سنڌ اسيمبليءَ ۾ ٻيهر سيڪريٽري مقرر
ٿيو، ۱۹۸۵ع کان ۱۹۸۶ع تائين اينٽي ڪرپشن اينڊ انڪوائريز ونگ سنڌ جو چيئرمين ٿي رهيو، پاڻ ۱۰ اپريل ۱۹۸۶ع تي اتان رٽائرمينٽ ورتائين ۽ سندس ملازمت
جو ٽوٽل عرصو ۳۴ سال ٻڌايو وڃي ٿو.. جمال ابڙي کي سنڌي ادبي سنگت جي باني ميمبرن مان هڪ
تسليم ڪيو وڃي ٿو، هن تاج محمد ابڙي سان گڏجي لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي شاخ قائم
ڪئي هئي ۽ ان کان علاوه به تمام گهڻيون خدمتون سرانجام ڏنائين. پاڻ سنڌ هاري
ڪاميٽي ۽ ٻين پورهيت تنظيمن سان سلهاڙيل رهيو، سياسي لحاظ کان پاڻ خاڪسار تحريڪ سان
لاڳاپيل هو. پاڻ ڪجهه بين الاقوامي ڪانفرنسن ۾ به شرڪت ڪيائين. سندس ڇپيل ڪتابن جو
ڪو وڏو تعداد ناهي پر مقدار کان معيار بهتر آهي، جي مصداق تحت سندس ڪتاب نهايت
معياري ۽ مڃيل آهن، سندس ڇپيل ڪتابن جو احوال هن طرح آهي ”پشو پاشا“ (ڪهاڻين جو
مجموعو، زندگي پبليڪيشن، ۱۹۵۹ع، ”جمال ابڙو ڪهاڻيون، مضمون، شخصيت“ (سنڌ ثقافت کاتو ۱۹۹۲)، آتم ڪهاڻي پنجن ڀاڱن ۾ ”ڏسي ڏوهه اکين
سين، اونهي ڳالهه اسرار جي، ٿوهر ۾ ڳاڙها گل، ايندو نه وري وڻجارو، مَر پيا مينهن
وسن“ وغيره شامل آهن. کيس ڪيترا ئي ايوارڊ ۽ اعزاز به حاصل ٿيا جن ۾ حسن ڪارڪردگي جو
صدارتي ايوارڊ ۱۹۹۴ع شامل آهي. سندس افسانن ايتري مقبوليت ماڻي جو، ڪيترا ئي سندس افسانا
انگريزي، اردو، روسي ۽ جرمن ٻولين ۾ ترجمو ٿيا ۽ سندس ڪتاب پشوپاشا اڄ ڏينهن سوڌو
يونيورسٽين ۾ پڙهايو وڃي ٿو. سنڌ ڌرتيءَ جي هن سچي، بيباڪ ۽ برجستي ليکڪ ۳۰ جون ۲۰۰۴ع تي ۸۰ سالن جي عمر ۾ دل جي تڪليف سبب ڪراچيءَ ۾
وفات ڪئي، کيس گذريءَ جي قبرستان ۾ دفنايو ويو، سندس اولاد ۾ هن سنڌ، سنڌي ادب ۽
ٻوليءَ جي خدمت لاءِ پنهنجو پٽ برک اديب ۽ محقق بدر ابڙو ارپن ڪيو، جيڪو هن وقت
سنڌي ادب لاءِ بي بها خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي۔
جمال ابڙو
اڄ به زنده آهي
رکيل مورائي
اليڪٽرانڪ ميڊيا جو
دور آهي، شيون مختصر ڪريو. اهو اسان کي پڙهايو پيو وڃي، جيڪو اسان پڙهڻ نٿا
چاهيون. ان ڪري مان پنهنجي صحافتي نوڪري دوران اهو قلم استعمال نه ٿو ڪريان، جيڪو
ادب لکڻ لاءِ استعمال ڪريان ٿو. ساڳئي طرح ادب لکڻ وقت اهو قلم استعمال نه ٿو ڪريان،
جيڪو صحافتي ڪجهه به لکڻ وقت استعمال ڪريان ٿو.
صحافتي قلم، جمال
ابڙي صاحب کي مختصر ڪرڻ لاءِ پابند ٿو ڪري، ادب ايئن نٿو ڪري، جمال ابڙي صاحب کي
ننڍو ڪيئن ڪري سگهبو، هن تي لکڻ لاءِ اهو قلم استعمال ڪرڻ گهرجي، جيڪو ادب لکڻ وقت
استعمال ٿيندو آهي، ايئن مان پنهنجي قلم کي اکين تي رکي جمال ابڙي صاحب تي ڪجهه لکڻ
ٿو چاهيان، هيءُ لکڻ ڀلي مختصر آهي پر صحافتي قلم سان لکيل نه آهي، ادب لکڻ واري
قلم سان لکيل آهي، ڇاڪاڻ ته جمال ابڙو جيڏو وڏو آهي، ان تي لکڻ لاءِ اهوئي قلم
استعمال ڪرڻ گهرجي، جيڪو هن جي وڏائي بيان ڪري سگهي، هن جي ادب جي وڏائي، هن جي ڪهاڻيءَ
جي اها وڏائي، جيڪا هر ٻئي ڏينهن وڌيڪ وڏي ٿي رهي آهي،
مثال طور پيراڻي،
جيڪا سنڌي ڪهاڻي جي اتهاس ۾ هر ڏهاڙي وڏي ٿي رهي آهي، سبب اهو نه آهي ته سنڌي ٻي ڪهاڻي
ننڍي ٿي رهي آهي، سبب اهو آهي ته، اڄ جيڪا ڪهاڻي لکجي رهي آهي، اها شايد ايڏي وڏي
نه آهي، جيڏي وڏي ڪهاڻي پيراڻي آهي. اڄ جيڪا ڪهاڻي لکجي رهي آهي، ان جو چڱو انگ. وڏو
ٿي رهيو آهي، موضوعاتي طور اڃا به وڏو ٿيو آهي، پوءِ به شايد ان کي اڃا سفر گهرجي،
ڇا به هجي، جمال ابڙو وڏي سنڌي ڪهاڻي جي پيڙهه جو اهو پٿر آهي، جنهن تي بيمثالي سنڌي
ڪهاڻي جي عمارت اڏي سگهجي ٿي، جنهن جي اڃا خواهش آهي.
جمال ابڙو صاحب سنڌي
ڪهاڻي جو اهڙو نالو آهي، جنهن جي ڪهاڻي کي وڏي ڪهاڻي(صفحن ۾ وڏي) طور کڻي سگهجي ٿو،
هن جيڪي ڪهاڻيون لکيون انهن جو انگ ڪنهن به صورت ۾ ٻن درجنن کان مٿي نه آهي، سنڌي
ادب کي ايتريون ئي ڪهاڻيون بيمثال ادب بڻائڻ لاءِ گهڻيون آهن، جيڪڏهن سچ پچ اهي سڀ
وڏيون ڪهاڻيون آهن ته!
سنڌي ڪهاڻيءَ جو اڀياس
جڏهن به لکيو ويو (جيڪو اڃا نه لکيو ويو آهي) سنڌي ادب کي جمال ابڙي صاحب جون ڪهاڻيون
ئي وڏو ادب تسليم ڪرائڻ لاءِ ڪافي آهن.
سنڌي ڪهاڻي ۾ جمال
ابڙي صاحب کي پنهنجي طبعيت وانگر ٿوري لکڻ ۾ گهڻو چئي سگهڻ جي سگهه هئي.، مثال طور
سندس ڪهاڻي ”سينڌ“ کڻي سگهجي ٿي، ”سينڌ“ ڪهاڻي جمال صاحب ڪهڙين حالتن ۾ لکي، ان جو
تفصيل تمام گهڻو تفصيل به بنهه مختصر اکرن
۾آهي، جيڪو بظاهر هڪ ننڍڙي خط جي صورت ۾ آهي ۽ هڪ بيمثال افسانو آهي.
سنڌي ڪهاڻي کي سمجهڻ
لاءِ ۽ خاص طور جمال صاحب کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ لاءِ اهو خط ضرور پڙهڻ گهرجي، جيڪو جمال
صاحب پنهنجي ڪهاڻي ”سينڌ“ سان گڏ پنهنجي دوست شيخ اياز ڏي لکيو هو ۽ اهو خط ڪهاڻي
سان گڏ ئي شايع ٿيو هئو.
مسلسل لکندڙ طور
شايد جمال صاحب جي اها آخري ڪهاڻي هئي، جيڪا پڻ چڱي وٿيءَ کانپوءِ هن لکي هئي.جنهن
بعد هن ڪي هڪ ٻه ڪهاڻيون مس لکيون هيون.
جمال صاحب جو هڪ ئي
سڪيلڌو ڪتاب ڪهاڻي ”پشوپاشا“ جي نالي سان ڇپيو
۽ پوءِ الڳ الڳ مضمونن ۽ ڪن ڪهاڻين جي واڌاري سان اهوئي ڪتاب الڳ نالن سان ڇپبو
رهيو آهي. جنهن کانپوءِ جمال صاحب ڪهاڻي لکڻ ڇڏي ڏني،
ها! هن ڪهاڻي لکڻ ڇڏي
ڏني، پر پنهنجي لکڻ جي معيار کي نه ڇڏيو.
۽ پوءِ هو افسانوي
ادب کان الڳ ٿي ويو ۽ پنهنجي آتم ڪٿا محفوظ ڪيائين. پر !حيرت جي حد تائين هن عظيم ڪهاڻي
ڪار پنهنجي آتم ڪٿا کي افسانوي ادب جي ويجهو اچڻ نه ڏنو، ڇاڪاڻ ته هن ان کي افسانو
بڻائڻ نه چاهيو، جنهن ڪري اها خود هڪ حوالو بڻجي سامهون آئي آهي،
جمال صاحب الڳ الڳ
موضوعن تي ڪجهه مضمون به لکيا جيڪي پڻ سندس گڏيل مجموعي ۾ شامل آهن ۽ اهو گڏيل
مجموعو جيڪو جمال ابڙي صاحب بابت اسان جي دوست بدر ابڙي مرتب ڪيو آهي. اهو به هڪ
حوالو آهي، جمال صاحب هڪ شخص ۽ هڪ ڪهاڻيڪار جو شايد ڪنهن ڪهاڻيڪار کي سندس حوالي ۾
اهڙو ڪتاب نصيب ٿئي،
ٻئي طرف جيڪي
احترام ۽ محبتون جمال صاحب کي نصيب ٿيون، اهي پڻ ڪن ٿورن لکندڙ کي نصيب ٿيون آهن.
ادب ۾ سندس اهميت هڪ
الڳ درجي جي آهي. سڀ گڏي، سنڌ، سنڌي ادب کي هڪ ئي جمال ابڙو ڏنو جيڪو سنڌي ڪهاڻي
جي اهم ۽ بيمثال سڃاڻپ آهي. اهڙي سڃاڻپ جيڪا سنڌي ٻولي جي موجود هجڻ تائين ساڳي رهڻي
آهي. جنهن کي ڪو به لهر لوڏو نه آهي، ڇاڪاڻ ته اها سڃاڻپ جمال ابڙي صاحب جي آهي،
جنهن جي اڄ ورسي جو ڏينهن آهي.
ها! هو جسماني طور اسان
سان نه آهي پر سندس سموري عمر جو پورهيو اسان وٽ محفوظ آهي. ڪتابن جي صورت ۾
سندس يادگيريون
محفوظ آهن، اسان جي دلين ۾
سندس تصوير محفوظ
آهي، اسان جي اکين ۾
سندس اوتار موجود
آهي، بدر ابڙي جي روپ ۾،
باقي سندس ڇا آهي،
جيڪو اسان کان پري آهي، اڄ به سندس ياد موجود آهي، جنهن جو سبب هي ڪجهه به لکڻ
آهي. هن اسان کان جسماني طور تي ٽيهه جون ۲۰۰۴ ۾ موڪلايو.
(ڏھاڙي عوامي آواز
ڪراچي ۾ ۳۰ جون ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
جمال ابڙو صاحب
هڪ پر سڪون چهرو جيڪو هاڻ ڏسڻ ۾ نٿو اچي
رکيل مورائي
هونئن سنڌي ٻوليءَ جي حسين ڪهاڻيڪار
جمال ابڙي صاحب تي ڪجهه به لکڻ کان اڳ ۾ سنڌي ڪهاڻيءَ جي اڀياس لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هڪ
صدي ته پوئتي وڃڻو ئي پوندي. پر نئين سنڌي ڪهاڻيءَ لاءِ شايد ايترو پوئتي وڃڻو
پوي، جيترو عرصو پشو پاشا جي پهرئين ڇاپي جي ڇپائي آهي.
پشو پاشا ڪتاب سنڌي نئين ڪهاڻيءَ
جو هڪ اهڙو ڪتاب آهي، جنهن کي اساسي سنڌي ڪهاڻيءَ جو آخري ڏاڪو چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو،
ڇو ته هن ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻيون سنڌي ڪهاڻي جو مڪمل روپ آهن. هيءُ ڪتاب جمال ابڙي
صاحب جي ڪهاڻين جو پهريون ۽ آخري ڪتاب آهي، پر نئين سنڌي ڪهاڻيءَ جو شايد پهريون ڪتاب
آهي. شيخ اياز صاحب پڻ اهڙي ئي ڳالهه ڪئي آهي. جمال صاحب جون ڪهاڻيون سنڌي ادب
لاءِ ڀاڳ آهن، ساڳئي وقت هي ڪهاڻيون ۽ جمال ابڙي صاحب جون ٻيون لکڻيون، جن ۾ آتم ڪٿا
۽ ڪي مضمون شامل آهن پڙهڻ کان پوءِ اها ڳالهه چٽي نظر اچي ٿي ته جمال ابڙي صاحب جو
نثر، اول ۽ آخر سندس اثر هيٺ ئي آهي، ٻيءَ طرح هر اديب ڪنهن کان ضرور متاثر ٿيندو
آهي، پر جمال صاحب جون سڀ لکڻيون توڻي نثر پڙهي، بلڪ چٽيءَ طرح اهو واضع محسوس ٿئي
ٿو ته جمال ابڙو صاحب، سنڌ جو اهڙو ڪهاڻيڪار آهي، جنهن جي نثر تي، نه هن کان اڳئين
ليکڪن جو اثر آهي ۽ نه ئي همعصر لکندڙن جو اثر سندس نثرتي آهي، سندس نثر اول ۽ آخر
سندس ئي آهي ۽ اهو ائين آهي، جيئن نجوسون، تخليقي طور جمال صاحب سڀني کان الڳ ۽
منفرد آهي، اهو هڪ لکندڙ طور وڏو معجزو آهي. ۽ شخصي طور جمال ابڙي سان جن شخصن
زندگي گذاري آهي، انهن سڀني جي راءِ هڪجهڙي آهي ته هو شخص بيمثال هئو.
دنيا جي ادب ۾ توڻي سنڌ جي ادب
ائين ٿيندو آيو آهي ته ادب کي کڻي اديب تي پڻ لکيو ويو آهي، جن ۾ ليکڪ جي ذات کي پڻ
ڪڙي توڻي مٺي تنقيد مان گذرڻو پيو آهي پر هيءُ شخص ته عجيب چئبو، جيڪو ادب توڻي،
پنهنجي شخصي دائري، ۾ ڪٿي به متنازع نه آهي، سندس دوستن توڻي پڙهندڙن سندس باري ۾
گهڻو ئي لکيو آهي، خاص طور منهنجي دوست نوجوان اديب ادريس جتوئيءَ جو لکيل
مونوگراف، جنهن کان پوءِ اهو بي مثال ڪتاب آهي. جيڪو بدر ابڙي صاحب سهيڙيو آهي، ۽
سنڌيڪا اڪيڊميءَ ڪراچيءَ شايع ڪيو آهي اهم ڪتاب آهن. پر هيءُ شخص ۽ ڪهاڻيڪار، سنڌي
ادب جو اهڙو نالو آهي، جنهن کي پڙهي کيس لاءِ احترام وڌي ويندو آهي ۽ کيس ڏسي،
واشواس ٿيندو آهي ته ”ٻاجهه“ لفظ جي معنيٰ ڳولبي ته اها جمال ابڙي صاحب جي صورت ۾
ظاهر ٿيندي. اهڙو منهنجو شخصي مشاهدو هڪ کان وڌيڪ ڀيرا سندن زندگيءَ ۾ ٿيو هئو، ۽
هاڻ به جڏهن بدر ابڙي صاحب سان ملبو آهي ته اکين ۾ جمال صاحب جو نوراني چهرو تري
ايندو آهي. هونئن بدر جي پنهنجي الڳ سڃاڻپ آهي، جيڪا سندس نالي ۽ ڪم سان آهي، پر
بدر جي ان ڀاڳ سان ته ريس نٿي ڪري سگهجي ته هو. جمال ابڙي صاحب جو پٽ آهي، جمال ابڙو
صاحب جنهن کي پڙهي، دماغ ۾ تازگي ايندي آهي ۽ جنهن سان ملي، روحاني ۽ دلي تازگي
محسوس ٿيندي هئي. ۽ اکيون جڏهن هي نه ڏسڻ جهڙو سڀ ڪجهه ڏسڻ کان بيزار ٿينديون هيون
ٿه سندس چهرو ڏسڻ چاهينديون هيون، هڪ پر سڪون چهرو جيڪو هاڻي ڏسڻ ۾ نٿو اچي.
جمال ابڙو
آدرشي انسان ۽ بيباڪ ڪهاڻيڪار
رضوان گل
ڪهاڻي جو تعلق انساني زندگيءَ
سان ايترو ئي پراڻو آهي جيترو انساني تاريخ، ڇا لاءِ ته انسان جي پيدا ٿيڻ سان ئي ڪهاڻي
جنم وٺي ٿي ۽ پوءِ ان سان لاڳاپيل مسئلن ۽ انهن جي حل لاءِ جدوجهد دوران به ڪيتريون
ئي ڪهاڻيون وجود ۾ اچن ٿيون. هونئن هر انسان به ته هڪ الڳ ڪهاڻي آهي يا وري ڪنهن ڪهاڻيءَ
جو ڪردار، جيڪو سڄي ڄمار مختلف اسٽيجن تي پرفارم ڪندو رهي ٿو ۽ آخرڪار سندس ڪردار
جي پڄاڻي ٿئي ٿي. ڪهاڻي زندگيءَ جو عڪس آهي يعني ڪهاڻيڪار ڪهاڻيءَ ذريعي سماج جو عڪس
چٽي ٿو ته جيئن سماج اندر مثبت تبديليون اچي سگهن. سنڌي سماج ۾ جيڪا بدديانتي ۽
انياءُ آهي، انهيءَ حوالي سان ڪيترن ئي ڪهاڻيڪارن ڀرپور نموني لکيو آهي، جن مان
بيباڪ ڪهاڻيڪار جمال ابڙي جو نالو نهايت اهم آهي. هو جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي حوالي
سان پيڙهه جي پٿر واري حيثيت رکندڙ آهي.
جمال ابڙو ۲ مئي ۱۹۲۴ع تي ميهڙ جي ڳوٺ
سانگين ۾ نامياري اديب ۽ تعليمدان علي خان ابڙي جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس ننڍپڻ
وارا ڏينهن ڳوٺ ۾ ئي گذريا، جتي هن ابتدائي تعليم به حاصل ڪئي، جنهن کان پوءِ سندس
والد نوڪريءَ سانگي لاڙڪاڻي ۾ رهائش اختيار ڪئي، جنهن ڪري جمال ابڙي وڌيڪ تعليم
گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ ورتي. سندس والد جي مختلف هنڌن تي تقريرن جي نتيجي
۾ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ ڇهين درجي ۾ داخل ٿيو. جڏهن ته مئٽرڪ ميرپور خاص
جي هاءِ اسڪول مان ڪيائين. فرسٽ ايئر ۽ انٽر ڊي جي ڪاليج مان ڪرڻ بعد اين اِي ڊي
انجنيئرنگ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتائين پر پوءِ جلد ئي انجنيئرنگ واري شعبي کي
خدا حافظ چئي قانون جي تعليم وٺڻ لڳو. سندس چوڻ موجب ”مون انگريزن جي نوڪري نه ٿي ڪرڻ
چاهي، انهيءَ ڪري مون انجنيئرنگ ڪاليج ڇڏي لا ڪاليج ۾ داخلا ورتي“.
جمال ابڙو انهن خوش نصيب ليکڪن
مان هڪ هو، جن جي قلم جي نوڪ مان نڪتل هر اکر جي تاريخي حيثيت ۽ اهميت هوندي آهي.
هن پهرئين ڪهاڻي ”هو حُر هو“ ۱۹۴۵ع ۾ لکي، جڏهن سندس عمر ۲۴ سال هئي. پاڻ
بهترين ڪهاڻيڪار هئڻ کان علاوه گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو. هو مسلسل ڪم ڪرڻ جو عادي
هو، کيس خاموش ٿي ويهي رهڻ کان چڙَ هئي. هن پنهنجي قلمي پورهئي سان سنڌي قوم ۾ جاڳرتا
پيدا ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، جيتوڻيڪ پاڻ ڪيترن ئي اعليٰ انتظامي عهدن تي فائز
رهيو پر هن سچ لکڻ کان ڪڏهن به نه ڪيٻايو.
جمال ابڙي پنهنجي عملي زندگيءَ
جي شروعات لاڙڪاڻي مان وڪالت سان ڪئي، جنهن بعد ۱۹۴۹ع ۾ شهدادڪوٽ ۾ پبلڪ
پراسيڪيوٽر طور مقرر ٿيو. ۱۹۵۲ع ۾ کپري (سانگهڙ) ۾ سب جج ۽ ساڳئي
حيثيت ۾ سکر، لاڙڪاڻي، خيرپور ميرس، سجاول، ٽنڊو الهيار ۽ حيدرآباد ۾ نوڪري ڪندو
رهيو. بعد ۾ کيس سيشن جج جي عهدي تي ترقي ملي. ۱۹۷۲ع کان ۱۹۷۸ع تائين سنڌ
اسيمبليءَ جو سيڪريٽري، ۱۹۷۸ع کان ۱۹۸۰ع تائين ليبر ڪورٽ
جو جج، ۱۹۸۱ع کان ۱۹۸۲ع تائين فيڊرل سروس ٽربيونل
اسلام آباد جو ميمبر، ۱۹۸۴ع کان ۱۹۸۵ع تائين سنڌ
اسيمبليءَ جو سيڪريٽري ۽ ۱۹۸۵ع کان ۱۹۸۶ع تائين اينٽي ڪرپشن
جو چيئرمين رهيو. اهڙيءَ ريت ۱۰ اپريل ۱۹۸۶ع تي ملازمت تان رٽائرمينٽ
ورتائين.
جمال ابڙي پنهنجي ڪهاڻين ۾
معاشري جي اهڙن ڪردارن جي پت وائکي ڪئي جيڪي اسان جي سماج ۾ بظاهر عزت دار ۽ پوتر
آهن، جڏهن ته سندن اصل چهرا ڀيانڪ ۽ مڪروهه آهن. اهي مير، وڏيرا، پير هجن يا
جاگيرداراڻي نظام جا چڱا مڙس. جمال ابڙو، اياز قادري ۽ غلام رباني آگرو سنڌي ڪهاڻيءَ
جي ٽه-مورتيءَ طور سڃاتا وڃن ٿا، جن ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ڪهاڻيءَ
کي نئين زندگي ڏني. اهو ئي سبب آهي جو سندن ڪهاڻيون اڃ به پڙهيون وڃن ٿيون. جمال
ابڙي جيتوڻيڪ سڄي عمر ۾ رڳو سترنهن ڪهاڻيون لکيون، پر اهي سترنهن ئي ڪهاڻيون جديد
سنڌي ڪهاڻي کيتر ۾ پنهنجي الڳ سڃاڻپ ۽ اهميت رکندڙ آهن.
”خميسي جو ڪوٽ“، ”پيراڻي“، ”منهن ڪارو“،
”بدتميز“، ”شاهه جو ڦر“، ”ماءُ جي جهولي“ ۽ ”پشو پاشا“ جهڙيون شاهڪار ڪهاڻيون جمال
ابڙي پاران سنڌي ادب جو سرمايو رهندا. سندس ڪهاڻين جا اڪثر موضوع ظلم، جبر، ڏاڍ،
سماجي ناانصافي، حقن جي لتاڙ ۽ اهڙا ڪُڌا ڪردار رهيا آهن جن غريب ۽ بي پهچ ماڻهن
کي چيچلائي ماريو آهي. اهي ڪردار من گهڙت نه، پر جيئرا جاڳندا اسان جي سماج ۾
موجود آهن. سندس ڪهاڻيون سنڌي سماج جو آئينو آهن. جمال ابڙي جون سنڌي ادب ۾ ڪيل
خدمتون وسارڻ جهڙيون نه آهن. وسارڻ جهڙي ڳالهه ته اها به ناهي جو هن پنهنجي اولاد
مان بدر ابڙي جهڙو جاکوڙي محقق، تاريخ دان ۽ صحافي سنڌ کي ڏنو آهي، جنهن ڪيترن ئي
شعبن ۾ اورچائي سان پنهنجي منهن ڪم ڪيو آهي. جمال ابڙي ۳۰ جون ۲۰۰۴ع تي وفات ڪئي.
جمال ابڙو
اڄ به زنده آهي
رکيل مورائي
اليڪٽرانڪ ميڊيا جو دور آهي،
شيون مختصر ڪريو. اهو اسان کي پڙهايو پيو وڃي، جيڪو اسان پڙهڻ نٿا چاهيون. ان ڪري
مان پنهنجي صحافتي نوڪري دوران اهو قلم استعمال نه ٿو ڪريان، جيڪو ادب لکڻ لاءِ
استعمال ڪريان ٿو. ساڳئي طرح ادب لکڻ وقت اهو قلم استعمال نه ٿو ڪريان، جيڪو
صحافتي ڪجهه به لکڻ وقت استعمال ڪريان ٿو.
صحافتي قلم، جمال ابڙي صاحب کي
مختصر ڪرڻ لاءِ پابند ٿو ڪري، ادب ايئن نٿو ڪري، جمال ابڙي صاحب کي ننڍو ڪيئن ڪري
سگهبو، هن تي لکڻ لاءِ اهو قلم استعمال ڪرڻ گهرجي، جيڪو ادب لکڻ وقت استعمال ٿيندو
آهي، ايئن مان پنهنجي قلم کي اکين تي رکي جمال ابڙي صاحب تي ڪجهه لکڻ ٿو چاهيان،
هيءُ لکڻ ڀلي مختصر آهي پر صحافتي قلم سان لکيل نه آهي، ادب لکڻ واري قلم سان لکيل
آهي، ڇاڪاڻ ته جمال ابڙو جيڏو وڏو آهي، ان تي لکڻ لاءِ اهوئي قلم استعمال ڪرڻ
گهرجي، جيڪو هن جي وڏائي بيان ڪري سگهي، هن جي ادب جي وڏائي، هن جي ڪهاڻيءَ جي اها
وڏائي، جيڪا هر ٻئي ڏينهن وڌيڪ وڏي ٿي رهي آهي،
مثال طور پيراڻي، جيڪا سنڌي ڪهاڻي
جي اتهاس ۾ هر ڏهاڙي وڏي ٿي رهي آهي، سبب اهو نه آهي ته سنڌي ٻي ڪهاڻي ننڍي ٿي رهي
آهي، سبب اهو آهي ته، اڄ جيڪا ڪهاڻي لکجي رهي آهي، اها شايدد ايڏي وڏي نه آهي، جيڏي
وڏي ڪهاڻي پيراڻي آهي. ڄ جيڪا ڪهاڻي لکجي رهي آهي، ان جو چڱو انگ. وڏو ٿي رهيو
آهي، موضوعاتي طور اڃا به وڏو ٿيو آهي، پوءِ به شايد ان کي اڃا سفر گهرجي، ڇا به
هجي، جمال ابڙو وڏي سنڌي ڪهاڻي جي پيڙهه جو اهو پٿر آهي، جنهن تي بيمثال سنڌي ڪهاڻي
جي عمارت اڏي سگهجي ٿي، جنهن جي اڃا خواهش آهي.
جمال ابڙو صاحب سنڌي ڪهاڻي جو
اهڙو نالو آهي، جنهن جي ڪهاڻي کي وڏي ڪهاڻي طور کڻي سگهجي ٿو، هن جيڪي ڪهاڻيون
لکيون انهن جو انگ ڪنهن به صورت ۾ ٻن درجنن کان مٿي نه آهي، سنڌي ادب کي ايتريون
ئي ڪهاڻيون بيمثال ادب بڻائڻ لاءِ گهڻيون آهن، جيڪڏهن سچ پچ اهي سڀ وڏيون ڪهاڻيون
آهن ته!
سنڌي ڪهاڻيءَ جو اڀياس جڏهن به
لکيو ويو (جيڪو اڃا نه لکيو ويو آهي) سنڌي ادب کي جمال ابڙي صاحب جون ڪهاڻيون ئي وڏو
ادب تسليم ڪرائڻ لاءِ ڪافي آهن.
سنڌي ڪهاڻي ۾ جمال ابڙي صاحب کي
پنهنجي طبعيت وانگر ٿوري لکڻ ۾ گهڻو چئي سگهڻ جي سگهه هئي.، مثال طور سندس ڪهاڻي
”سينڌ“ کڻي سگهجي ٿي، ”سينڌ“ ڪهاڻي جمال صاحب ڪهڙين حالتن ۾ لکي، ان جو تفصيل تمام
گهڻو تفصيل به بنهه مختصر اکرن ۾آهي، جيڪو
بظاهر هڪ ننڍڙي خط جي صورت ۾ آهي ۽ هڪ بيمثال افسانو آهي.
سنڌي ڪهاڻي کي سمجهڻ لاءِ ۽ خاص
طور جمال صاحب کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ لاءِ اهو خط ضرور پڙهڻ گهرجي، جيڪو جمال صاحب
پنهنجي ڪهاڻي ”سينڌ“ سان گڏ پنهنجي دوست شيخ اياز ڏي لکيو هو ۽ اهو خط ڪهاڻي سان گڏ
ئي شايع ٿيو هئو.
مسلسل لکندڙ طور شايد جمال صاحب
جي اها آخري ڪهاڻي هئي، جيڪا پڻ چڱي وٿيءَ کانپوءِ هن لکي هئي.جنهن بعد هن ڪي هڪ ٻه
ڪهاڻيون مس لکيون هيون.
جمال صاحب جو هڪ ئي سڪيلڌو ڪتاب
ڪهاڻي ”پشوپاشا“ جي نالي سان ڇپيو ۽ پوءِ الڳ الڳ مضمونن ۽ ڪن ڪهاڻين جي واڌاري
سان اهوئي ڪتاب الڳ نالن سان ڇپبو رهيو آهي. جنهن کانپوءِ جمال صاحب ڪهاڻي لکڻ ڇڏي
ڏني،
ها! هن ڪهاڻي لکڻ ڇڏي ڏني، پر
پنهنجي لکڻ جي معيار کي نه ڇڏيو.
۽ پوءِ هو افسانوي ادب کان الڳ ٿي ويو ۽
پنهنجي آتم ڪٿا محفوظ ڪيائين. پر !حيرت جي حد تائين هن عظيم ڪهاڻي ڪار پنهنجي آتم ڪٿا
کي افسانوي ادب جي ويجهو اچڻ نه ڏنو، ڇاڪاڻ ته هن ان کي افسانو بڻائڻ نه چاهيو،
جنهن ڪري اها خود هڪ حوالو بڻجي سامهون آئي آهي،
جمال صاحب الڳ الڳ موضوعن تي ڪجهه
مضمون به لکيا جيڪي پڻ سندس گڏيل مجموعي ۾ شامل آهن ۽ اهو گڏيل مجموعو جيڪو جمال
ابڙي صاحب بابت اسان جي دوست بدر ابڙي مرتب ڪيو آهي. اهو به هڪ حوالو آهي، جمال
صاحب هڪ شخص ۽ هڪ ڪهاڻيڪار جو شايد ڪنهن ڪهاڻيڪار کي سندس حوالي ۾ اهڙو ڪتاب نصيب ٿئي،
ٻئي طرف جيڪي احترام ۽ محبتون
جمال صاحب کي نصيب ٿيون، اهي پڻ ڪن ٿورن کي نصيب ٿيون آهن.
ادب ۾ سندس اهميت هڪ الڳ درجي
جي آهي. سڀ گڏي، سنڌ، سنڌي ادب کي هڪ ئي جمال ابڙو ڏنو جيڪو سنڌي ڪهاڻي جي اهم ۽
بيمثال سڃاڻپ آهي. اهڙي سڃاڻپ جيڪا سنڌي ٻولي جي موجود هجڻ تائين ساڳي رهڻي آهي.
جنهن کي ڪو به لهر لوڏو نه آهي، ڇاڪاڻ ته اها سڃاڻپ جمال ابڙي صاحب جي آهي، جنهن
جي اڄ ورسي جو ڏينهن آهي.
ها! هو جسماني طور اسان سان نه
آهي پر سندس سموري عمر جو پورهيو اسان وٽ محفوظ آهي. ڪتابن جي صورت ۾
سندس يادگيريون محفوظ آهن، اسان
جي دلين ۾
سندس تصوير محفوظ آهي، اسان جي
اکين ۾
سندس اوتار موجود آهي، بدر ابڙي
جي روپ ۾،
باقي سندس ڇا آهي، جيڪو اسان
کان پري آهي، اڄ به سندس ياد موجود آهي، جنهن جو سبب هي ڪجهه به لکڻ آهي.
جمال ابڙو
سنڌي ادب جي يونيورسٽي
مير نادر علي ابڙو
پنهنجي گهر جي ڀاتين تي لکڻ ڏاڍو
ڏکيو آهي. اڃا تائين پنهنجي والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو تي به ڪو مفصل مضمون ڪو نه
لکي سگهيو آهيان. چاچا جمال تي ڪيئن لکان! ڳالهه سمجهه ۾ ئي ڪونه ٿي اچي. چاچا
جمال جي ٽيجهي تي سندس پٽ بدر چيو ته مضمون لکجانءِ، سندس چوڻ ته مڃيم، پر ڪٿان
کان شروع ڪيان ۽ ڪٿي ختم ڪيان؟ چاچا جمال جيتوڻيڪ اسان جو سڳو چاچو ڪونه هو، پر سنڌ اندر اهو ئي
مشهور آهي ته جمال ابڙو ۽ تاج محمد ابڙو ٻئي ڀائر آهن. انهي جا الاهي سارا سبب آهن
جن مان خاص هي آهن ته چاچا جمال ۽ بابا سائين ٻئي ذات جا ابڙا، ٻئي سنڌ ۾ ڊسٽرڪٽ ۽
سيشن جج رهيا، ٻئي لاڙڪاڻي جا هيا، ٻئي هڪڙي ئي استاد چاچي شمس الدين ابڙي وٽ وڪالت
۾ شاگرد رهيا، ٻئي اديب، ٻئي سياسي شخصيتون، ادب، عدليا، سياست توڙي ذاتي زندگي ۾
اگر ڪوبه قدم کڻبو ته ٻئي هم صلاح ۽ قدم به قدم ملائي گڏ هليا.
مان ته جڏهن کان هوش سنڀاليو ته
چاچا جمال جو نالو گهر ۾ ڪنن تي ٻڌندو اچان ٿو. ياد اٿم ننڍپڻ جا ڏينهن جڏهن بابا
سائين ڪراچي هلندو هو ۽ اتي چاچا جمال مون کي آڱر کان وٺي سمنڊ جي ڪناري تي
گهمائيندو هو ۽ وري اهو ڏينهن به ياد اٿم، جڏهن چاچا جمال مون کي ڪراچيءَ ۾ زندگي
جي پهرين واچ ننڍپڻ ۾ وٺي ڏني هئي جا مان پائي وڏي فخرمنجهان پنهنجن دوستن کي پيو ڏيکاريندو
هئس. اهو ڏينهن به اڃا ڪونه وسريو اٿم، جڏهن هالي ڊي ان هوٽل ڪراچي ۾ چاچا جمال جي
نياڻيءَ جي شادي هئي. سڄي سنڌ مان مخصوص سئو کن معتبر شخصيتون شادي ۾ شريڪ هيون.
ان وقت جو وڏو وزير سيد غوث علي شاهه جڏهن هوٽل ۾ پهتو ته، چاچا جمال بجاءِ پنهنجن پٽن جي پهرين منهنجو
تعارف ڪرائيندي غوث علي شاهه کي چيو ته هيءُ ادي تاج محمد مرحوم جو شهزادو آهي.
غوث علي شاهه هلي اچي مون وٽ چار پنج منٽ بيهي حال احوال وٺڻ لڳو. شادي ۾ شريڪ سڀ ماڻهو حيرت ۾ هئا ته هيءُ پندرهن سالن جو ٻار ڪير
آهي، جنهن سان سنڌ جو حاڪم بيهي رهيو آهي.
اها حقيقت ۾ چاچا جمال جي بابا سائين سان
محبت هئي. جنهن جو هن اظهار اهڙي نموني ڪرائي سڄي پنڊال ۾ ماڻهن آڏو منهنجي
عزت ڪرائي. چاچا جمال جون اهي محبت ڀريون ڳالهيون هن مهل ياد ٿيون اچن ته ڄڻ نٽهڻ
اُس ۾ وڏي بڙ جي ڇانوَ کسجي وڃڻ محسوس ڪري رهيو آهيان.
چاچا جمال ته پنهنجي سر پاڻ سنڌ
جي عدليه، ادب ۽ سياست جو وڏو نانءُ ته هيو ئي پر انهيءَ کان علاوه هو سنڌ جي هڪ وڏي
نامور هستي علامه علي خان ابڙي جو به سپوت هو، جيڪو سنڌ جو پهريون سنڌي مسلمان ايم اي پاس ڪيل هو. جيڪو پنهنجي
دؤر ۾ وڏو عالم دين، تعليمي ماهر ۽ تعليم
کاتي ۾ اَفيسر هو. جنهن چاچا جمال جي اهڙي ته تربيت ڪئي جو اڳتي هلي هن نه فقط سنڌ
پر پوري ملڪ ۾ ادب جي حوالي سان نالو پيدا ڪيو ۽ صدارتي ايوارڊ حاصل ڪيا. هو رڳو
جج يا اديب نه هيو پر هن جي سياست سان به وڏي دلچسپي هئي. هڪ دفعي چاچا جمال
پنهنجي حياتي جون ڳالهيون ٻڌائيندي چيو ته “تنهنجي والد تاج محمد سان ياراڻي پڪي
هيم. مان لاڙڪاڻي ۾ اچي وڪيل ٿيس ته تاج محمد به لاڙڪاڻي ۾ وڪيل ٿي آيو. اهو سڀ
تاج محمد جو ڪرشمو هو جو مان کاٻي ڌر جي تحريڪن، هاري پارٽي ۽ مزدور يونين ۾ ڪم ڪرڻ
لڳس. مون پنهنجي وڪالت جي آفيس ۾ پاڪ سوويت دوستي جي انجمن کولي، اهو آئيڊيا به
تاج محمد جو هو، همٿائڻ به ان جو هو. سوويت لٽريچر جي لائبريري به اتي ئي قائم ڪئي.
مون تي ايڏو ڀروسو ڪيو ويو جو ڪميونسٽ پارٽي جون ميٽنگون به اتي ڪيون وينديون
هيون، اهو به ڪرشمو تاج محمد جو هيو. مير علي احمد خان ٽالپر، شيخ اياز ۽ تاج محمد
ڪتابن جا عاشق هئا ۽ ڪنهن کي به ڪتاب نه ڏيندا هئا.
تاج محمد ذوالفقار علي ڀٽو کي
تمام گهڻو ويجهو هيو ۽ سندس نجي محفلن جو رڪن هيو. مون تاج محمد کي چيو ته ڇو نه ڀُٽي
صاحب کي چئي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي کي جيل مان آزاد ڪرائجي. تاج محمد کي اها ڳالهه
پسند آئي ۽ هن ڀُٽي صاحب سان ڳالهايو. ڀٽو صاحب خود ان ڳالهه جو هو ته روس سان لاڳاپا
وڌائجن سو هڪدم هائو ڪيائين. سوڀو گيانچنداڻي جيل مان نڪري آيو. ذوالفقار علي ڀُٽي
بعد ۾ تاج محمد کي چيو ته هو ڪميونسٽ پارٽي تان بندش لاهي پيو ۽ ڀلي پارٽي کلم کلا
پنهنجي منشور مطابق ڪم ڪري. ڀُٽي صاحب ايئن ڪري ڏيکاريو پر پارٽي وارا ٻاهر ڪونه نڪتا.
سو ذوالفقار علي ڀُٽي تاج محمد
کي چيو ته هاڻي چئو نه پنهنجي دوست ڪامريڊ سوڀي کي ته هو ڪميونسٽ پارٽي کي بي ڌڙڪ
منظم ڪري.“
هڪ ٻيو واقعو چاچا جمال ٻڌايو
ته؛ ”هڪ دفعي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جيل ۾ واڙجي ويو. پويان
پاڻ هرتڙن پارٽي اندر ڏنڊا انقلاب (ڪو) ذريعي اٿل پٿل آڻي، قبضو ڪري صدر، سيڪريٽري
۽ ٻيا عهديدار چونڊجي بالم ٿي ويهي رهيا. انهي ڪم جي مون کي ۽ تاج محمد کي ذميواري
سونپي وئي ته ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جي مدد ڪيو. انهن يارن ڇا ڪيو جو اخبارن ۾ خبرون ڇپائي پاڻ عهدن تي قابض ٿي
ويهي رهيا هئا. تاج محمد تمام گهڻو ذهين ماڻهو هيو، سو حل ڪڍي آيو. چيائين ته هاري
ڪميٽي جي ميٽنگ ۽ ڪارروائي جا من پسند فيصلا لکي هاري حقدار اخبار ۾ ڇپائي ٿا ڇڏيون،
انهي جڙتو ميٽنگ جي ڪارروائي بحث مباحثا ۽ سوال جواب اهڙي نموني لکياسون جو اهو سڀ
ڪجهه سچ ٿي لڳو. سو وڏي حڪمت عملي سان هاري حقدار اخبار جنهن تي پابندي هجڻ باوجود
ڪنهن طرح سان وڏي محنت ۽ ڪوشش ڪري اسان ٻئي لاڙڪاڻي کان حيدرآباد پهچي اخبار محمد
عثمان ڏيپلائي جي مدد سان ڇپرائي سون ۽ اسان جي محنت رنگ لاتو. ڪامريڊ حيدر بخش
جتوئي جيئن ئي جيل مان نڪتو ته کيس هار پارائي جلوس ڪڍي اچي هاري حقدار آفيس ۾
صدارت جي ڪرسي تي ويهاريائونس.”
هر انسان پنهنجو وارو وڄائي
ويندو، هن ڌرتي تي ڪوبه هميشه لاءِ رهي ڪونه سگهيو آهي پر چاچا جمال جي وفات تي
افسوس اهو اٿم ته اسان جا سينيئر اديب آهستي آهستي اکيون ٻوٽيندا پيا وڃن پر اسان
نوجوان ٽهي انهن جي جتي ۾ پير پائڻ جهڙا ڪونه ٿي سگهيا آهيون، جيڪو سنڌ لاءِ سٺو
سنوڻ ڪونهي. چاچا جمال واقعي به هڪ بزرگ، الله لوڪ ۽ درويش صفت انسان هيو. هن جي
سنڌ لاءِ ڪيل خدمتن عيوض سندس نالو سنڌ جي تاريخ ۾ سنهري لفظن ۾ لکيو ويندو. هن جي
خوشبو جهڙين لکڻين منجهان اسان جو ايندڙ نسل صدين تائين فيضياب ٿيندو رهندو.
(خبرون، شام، سنڌ، مهراڻ، سنڌو،
عبرت، تعمير سنڌ، هلچل)
جمال ابڙو
(سدا بهار ڪهاڻيڪار - ڏات
ته رڳو ڏنگ هڻي ٿي.)
رزاق سهتو
ليک جي شروعات امر جليل
جي انهن امر جملن سان ڪرڻ چاهيان ٿو جنهن چيو: “ڪهاڻي ان ڏينهن پيدا ٿي جنهن ڏينهن
انسان پيدا ٿيو هو. ڪهاڻي ان ڏينهن پنهنجو پاڻ مري ويندي جنهن ڏينهن دنيا جو آخري
ماڻهو مري ويندو.”
هي جملا اهو ظاهر ڪن
ٿا ته ڪهاڻي پوري جوڀن سان سنڌ ۾ سرجي رهي آهي ۽ اڳتي به اهو عمل جاري رهندو. سنڌ
جون جيڪي موجوده حالتون آهن. نهايت ڳنڀير آهن. جيڪو اهم معاملو آهي. اهو ٻوليءَ جي
بقا جو مسئلو آهي. دنيا جڏهن ڪمپيوٽر جي مائوس کي ڪلڪ ڪرڻ واري دور ۾ اچي پڳي آهي.
توهان ڪلڪ ڪيو ۽ مانيٽر جي اسڪرين تي ڏسندا ويئو ۽ دنيا سان ڳنڍجي ويئو. هر موضوع
تائين رسائي سيڪنڊن ۾ ٿيو وڃي. پوءِ اسان پنهنجي ٻوليءَ جي وجود کي برقرار رکڻ ۾ ڪامياب
وينداسين يا نه؟ اهو هڪ وڏو سوالُ آهي. جنهن جي جواب لاءِ اسان سڀني کي گڏجي جُٽجي
وڃڻو پوندو.
جڏهن ادبي ورثو
بچائڻ ۾ ڪامياب وياسين ته پوءِ اسان، جمال ابڙي جي لکڻين کي به جيئدان ڏيڻ ۾ ڪامياب
ٿي وينداسين. جنهن کي اڄ هتي پاڻ ياد ڪرڻ لاءِ مِڙيا آهيون. جمال ابڙو سنڌي ٻوليءَ
جو، مهندار ڪهاڻيڪارن منجهان، نرالو ڪهاڻيڪار آهي. جنهن ڪهاڻيءَ کي جدت جي رنگ ۾ رنگي
ڇڏيو. “مان مرد”، “پيراڻي”، “پشو پاشا” ۽ “سينڌ” جهڙيون شاهڪار ڪهاڻيون جديد گھاڙيٽي
جي آڌار تي سرجيائين، جنهن جي پيرويءَ ۾ اڄ جو ڪهاڻڪيار به سرگردان آهي.
تخليقڪار جنهن سماج
سان لاڳاپيل هوندو آهي موضوع، ڪردارن جي چونڊ به ڪهاڻيءَ اندر سماج مان ئي ڪندو
آهي. پر جنهن پيشي، منهنجو مطلب آهي، جتي هو نوڪري ڪري ٿو يا ڪو پورهيو ڪري ٿو يا ڏينهن
رات جو گھڻو وقت جتي گذاري ٿو. تنهن جو عڪس، اولڙو، سندس لکڻين ۾ اچي ٿو. جيئن ته
جمال ابڙو جج هئو، تنهنڪري سندس ڪهاڻين ۾ اهڙي، جھلڪ چوڏهينءَ جي چنڊ جيان چِٽي پِٽي
آهي. مثال طور ڪهاڻي “پشو پاشا” پڙهي، ڏسو ڪورٽ جي جيڪا منظرنگاري ٿيل آهي. سا ڪيڏي
ته خوبصورت آهي. ان جو سبب اهو آهي ته جمال ابڙو پاڻ به جج هئو.
جمال ابڙي جي شخصيت
جي ڳالهه ڪجي ته هو مذهب پرست هئو پر بنياد پرست يا انتها پسند ڪو نه هئو. پنهنجي
لکڻين ۾ جيڪي هُن، مذهب جي حوالي سان لکيو، انهن ۾ اسلام جي تشريح ڪري ٿو پر تبليغ
نٿو ڪري. سندس هڪ مضمون آهي “عورت جي اسلام ۾ عزت ۽ آزادي” هن اهو ليک ڇو لکيو پاڻ
ٻڌائي ٿو ته:
“تازو ڪراچيءَ
۾ ترقي پسند مصنفين جي ڪانفرنس ٿي گذري، ان ۾ هڪ محترمہ، شاعره هڪ شعر پڙهيو. جنهن
طنزًا اسلام ۾ عورت جو تصور “مان تنهنجي کيتي آهيان” بار بار ورجايو ويو. ظاهر آهي
ته اهو رويو حبِ علي، بجاءِ بغضِ معاويه جي مصداق هئو.” پاڻ وڌيڪ چوي ٿو:
“مذهب ۽ خدا
جي شان ۾ گستاخانه ڪلمان چئو ته ترقي پسند ۽ جي حڪومت کي گاريون ڏيو ته انقلابي. اهڙي
رجحان کان وڏي ۾ وڏو نقصان ترقي پسند تحريڪ ۽ انقلابي تحريڪن کي پهتو. جنهن جو
ازالو ڪرڻ ئي مشڪل مرحلو ٿي پيو آهي.”
جمال ابڙي، سڄي
مضمون ۾ عورت جي اسلام ۾ عزت ۽ آزادي حي حوالي سان تشريح ڪري ٿو. سندس ان پهلوءَ ۽
زندگيءَ جي اهم رخ ڏانهن، ڪنهن خاص ڌيان ڪو نه ڪيو آهي “شاھ محض صوفي نه هو” ۾ پڻ مذهب
طرف جھڪاءُ ۽ لاڙو چٽو نظر اچي ٿو. پاڻ بنيادي طور مذهبي گھراڻي مان هئا ۽ سندس
والد علي خان ابڙي جو قرآن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو پڻ ٿيل آهي.
جمال ابڙو ڪامياب ڪهاڻي
لکڻ لاءِ ڪجھ صلاحون ڏئي ٿو. اهي هن طرح آهن:
“ڪهاڻيءَ
لاءِ اخلاص، جذبي جي سچائيءَ جو هجڻ لازمي آهي. ان سان گڏ سچ چوڻ جي جرئت ۽ مهل سر،
صحيح ڇينڀ ڏئي نوان لاڙا ۽ موڙ ڏيڻ ضروري آهي. زندگي هر رنگ ۾ روان دوان آهي. هونئن
به ادب ڇا آهي؛ سونهن، سچ، نيڪي، ۽ خالق. خالق، سونهن ۽ سچ ته آهن ئي آهن. خالق جا
جلوا ۽ نيڪي آهي. ان تائين پهچڻ لاءِ عملي راهه انهن چئن عنصرن مان هڪ به ڪڍي ڇڏيو
ته ادب، ادب ئي نه رهندو.”
جمال ابڙي جي ڪهاڻين
۾ ٻولي، اسلوب، ورتاءُ، گھاڙيٽو، موضوع جي چونڊ بلڪل نرالي آهي. سندس ڪهاڻيون
ساههُ کڻندڙ انهن جِيوَن جون ڪهاڻيون آهن، جنهن جا ڪردار سماج ۾ تبديلي چاهن ٿا. غربت،
مسڪيني حَالُ، ماڻهن جي زندگي بدلائڻ جا تمنائي آهن. هر ڪهاڻيءَ ۾ هڪ پيغام آهي. ڪهاڻي
پوري ٿئي ٿي ته چند لمحن لاءِ پڙهندڙ سوچ جي سمنڊ ۾ ٻه ٽي غوطا هڻي وٺي ٿو. اها ئي
تحرير جي ڪاميابي آهي ته پڄاڻيءَ تي پڙهندڙ جي جامد ذهن ۾سوچ جون لهرون پيدا ڪري. جمال
جون ڪهاڻيون، لهرون رڳو پيدا نٿيون ڪن پر ذهن ۾ سوچ جي ٻوڏ آڻي ڇڏين ٿيون. ۽ فرد،
سماج ۾ ڪجھ ڪرڻ لاءِ اٿي کڙو ٿئي ٿو. مون کي هيءُ جملو چوڻ ڏيو ته؛ ’سنڌي زبان ۾
سرجندڙ ڪهاڻيءَ تي اڄ به جمال ابڙي جا اثر آهن.‘
عالمي ادب جي حوالي
سان، جي مختصرًا ڳالهه ڪجي ته ۱۷ صديءَ جي آخر ۾ تخليقڪارن ۽ ليکڪن اهو محسوس ڪيو ته
اسان کي پنهنجي سماج ۾ موجود، آس پاس جي موضوعن تي نظر وجھڻ گھرجي ۽ انهن مان ڪردار
کڻي ڪهاڻيون ۽ ٻيون تخليقون سرجڻ گهرجن. تان جو اها ادبي لهر ساري دنيا جي ليکڪن
تي ڇانئجي وئي. انگلينڊ ۾ چارلس ڊڪسن، فرانس ۾ ايمل زولا، ناروي ۾ ڊسن، جرمنيءَ ۾ ٽامس
مئن، روس جي ترگنيف ۽ چيخوف، وارن ليکڪن عوامي حيات کي حقيقت پسنديءَ سان، فن جي
قالب ۾ آڻڻ جي هنر کي معراج تي پهچايو.
جمال ابڙي جي ڪهاڻين
جي ڀيٽ، جيڪڏهن مٿي بيان ڪيل جملن سان ڪئي وڃي ته صاف ظاهر نظر ايندو ته هن به پنهنجي
ڪهاڻين جا ڪردار عام زندگي گھاريندڙ ماڻهن مان چونڊيا آهن. ۽ ڪهاڻيءَ جو تاڃي پيٽو،
به ڏاڍو گھرو ۽ سادو جوڙيو آهي. تڏهن ته جمال جا افسانا، تيزيءَ سان اسان جي سماج
تي اثر ڇڏين ٿا. جنهن جي ڪري سندس ڪَهاڻينِ قبوليت ۽ مقبوليت ماڻي. پاڻ ڏاڍو گھٽ
لکيائون پر جيڪو لکيائون منڊيءَ تي ٽِڪَ، مثل نشانبر آهي. سنڌي ٻوليءَ جو اهم
سرمايو آهي.
ڪاش! جمال ابڙي سان
هٿ ساٿ ڏئي ها ته هو اڃا وڌيڪ انمول افسانا لکي سگھي ها. پر هن ڪڏهن اهڙو اظهار
عام طرح ڪٿي به ڪو نه ڪيو. اڪثر خاموش رهندڙ ۽ گھٽ ڳالهائيندڙ شخص جمال، پنهنجي
پياري دوست شيخ اياز ڏانهن لکيل هڪ خط ذريعي پنهنجي اندر جي اڻ تڻ اوري آهي:
“لکڻ ڇڏئي
ورهيه ٿيا. توهان جي چوڻ نئون امنگ ڏنو. امنگ ته توهان ڏنم، پر ڏات ڪيئن وري، ڏات
رڳو ڏنگ هڻي ٿي پر ڏنگ ۽ ڏاگھ، گھري ٿي. اهي ڪٿان آڻيان. مٿان منهنجو، ڏُڏو هٿُ ٻئي
هٿ ڪم آڻيان، تڏهن به قلم ڏڪندو ڪنبندو هلي. هي ست صفحا، مون لاءِ جبل چڙهڻ مثل
هئا. اتي لکڻيءَ جي رواني ۽ جولان ڪٿان ايندم.” جمال ابڙي جي انهن جملن ۾ جيڪا
بيوسي آهي، سا سندس اندر جي ڪهاڻي آهي. ساڳئي وقت لکڻ سان چاهه ظاهر ڪري ٿو ته هو
لکڻ چاهي پيو پر مجبوري اٿس جو هٿَ ساٿ نٿا ڏينس. اسان مٿس اهو الزام هڻي نٿا
سگھون ته هو ڪيترن ئي ڪهاڻيڪارن ۽ افساني لکندڙن جيان عمر جي آخري حصي ۾ سَنڍِ ٿي
ويو هئو. سنڍ ٿي ويل ليکڪ، هاڻ رڳو پاڻ کي ادبي اسٽيجن جون ڪرسيون سنڀالڻ ۽ اجايا
هٿ ٺوڪيا جملا گھڙي، ادبي اشوز جوڙي پاڻ کي زندهه رکندا پيا اچن. پر جمال ابڙو ائين
نه هئو. هن وٽ ڏات هئي، ڏانءُ هيو پر افسوس جو قلم کي پني تي نرت ڪرائڻ جيتري طاقت
نه هئي. ۽ آڱرين بيوفائي ڪئي هئي. کيس ڏات نه لکي سگهڻ ڪري کيس ڏنگ پئي هنيا. هونئن
به حال کي وڏي اهميت آهي. پاڻ جو اڄ آهيون ٻئي پل الائي ڇا هجي، مستقبل ڏاڍو ڀوائتو
هوندو آهي. ڇاڪاڻ جو ايندڙ وقت ٻڌائي نه ايندو آهي. شيخ اياز چواڻي:
جو لکڻو اٿي لکي وٺ
اڄ
ڪنهن ڄاتو آ سڀاڻي کي
جو پل پل آ مهانگو آ
سستو سمجھ نه هاڻي
کي.
(سنڌي ادبي سنگت
گلشن حديد ڪراچي شاخ، جمال ابڙي تي منهنجي صدارت ۾ پروگرام ڪرايو، ان ۾ پڙهيل ليک.
تنهن زماني ۾ شاخ جو سيڪريٽري، ناميارو شاعر محترم غوث پيرزادو هئو.)
(رزاق سھتو جي
فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲ جون ۲۰۲۲ع تي کنيل)
جمال ابڙي جي جيون ۾ جهاتي
نالو: جمال الدين ابڙو.
والد جو نالو: علامه علي خان ابڙو
پيدائش جي تاريخ: ۲ مئي ۱۹۲۴ع (۲۷ رمضان).
ڳوٺ: سانگي، تعلقو ميهڙ (تڏهن
ضلعو لاڙڪاڻو).
پرائمري تعليم: ڳوٺ منگواڻي
تعلقو ميهڙ ۾ ميونسپل پرائمري اسڪول لاڙڪاڻو.
هم ڪلاسي دوست: الله بخش ”انيس“
انصاري، دوست محمد ابڙو، عباس شيخ، آنند لال تولاڻي.
هاءِ اسڪول: گورنمينٽ هاءِ اسڪول
لاڙڪاڻو (۳۹-۱۹۳۵) نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد
(۴۰-۱۹۳۹)، گورنمينٽ مدرسه هاءِ اسڪول
ميرپورخاص (۴۱-۱۹۴۰).
ميٽرڪ: ۱۹۴۸ع (بمبئي يونيورسٽي).
ايل ايل بي:
شاهاڻي لا ڪاليج لاڙڪاڻو (يونيورسٽي آف سنڌ).
رانديون: ڪرڪيٽ، ٽينس، بيڊمنٽن
۽ شطرنج.
لکڻ جي شروعات: گورنمينٽ هاءِ
اسڪول لاڙڪاڻي ۾ پڙهائي واري وقت ۾ ئي ”ڪهاڻي“ لکڻ سان ۽ نور محمد هاءِ اسڪول واري
زماني ۾ ”مضمون“ لکڻ سان.
پهرين ڇپيل ڪهاڻي: ”هو حر هو“
(هفتيوار ”طوفان“، حيدرآباد (۱۹۴۹).
ڊي جي، نيشنل ڪاليج
حيدرآباد (۴۲-۱۹۴۱).
بهاءُ الدين ڪاليج جهونا ڳڙهه (۴۳-۱۹۴۲).
ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچي.
شاهاڻي لا ڪاليج لاڙڪاڻو.
سماجي خدمت: بنگال جي ڏڪر دوران
رضاڪاراڻي شرڪت ۽ خدمت (۴۴-۱۹۴۳).
سنڌي ادبي سنگت ۾ سرگرمي: باني
ميمبرن مان هڪ، جڏهن پهريون ڀيرو سنڌ مدرسي ڪراچي ۾ سنڌي ادبي سنگت جو ڪنوينشن سڏايو
ويو، پوءِ تاج محمد ابڙي سان گڏجي لاڙڪاڻي ۾ سنگت جي شاخ قائم ڪيائين، نواز علي
نياز، اياز قادري، هري دلگير، جمال الدين بخاري، انيس انصاري ۽ ٻيا ڪيئي مقامي ليکڪ
۽ ادبي دوست ساڻس گڏ هئا.
سچل اڪيڊمي ۾ سرگرمي: باني
ميمبرن مان هڪ، جڏهن ان جي پهرين گڏجاڻي سندس ئي رهائشگاهه مخدوم منزل خيرپور ميرس
۾ ٿي. (۶۰-۱۹۵۹).
ادبي گڏجاڻيون: سنڌي ادبي سنگت
کان اڳ ترقي پسند اديبن جون گڏجاڻيون، جيڪي ليسلي ولسن هاسٽل (جناح ڪورٽس) ۾ ٿينديون
هيون، انهن ۾ حصو ورتائين، حشو ڪيولراماڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند پنجابي، سوڀو
گيانچنداڻي، رام پنجواڻي، شيخ اياز، عبدالستار شيخ، سائينداد سولنگي ۽ ٻيا اديب
شامل ٿيندا هئا.
بين الاقوامي ڪانفرنس: ائفرو
ايشين رائٽرز ڪانفرنس الماٽا (تڏهوڪي سويت يونين ۾) سيپٽمبر ۱۹۷۴ع ان ڪانفرنس ۾ فيض
احمد فيض، ڪامريڊ سجاد ظهير، عطر سنگهه ۽ اتم به شامل هئا. (ان سانفرنس دوران ڪامريڊ
سجاد ظهير دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو ۽ فيض صاحب سندس لاش سان گڏ دهلي هليو
ويو. فيض جي غير موجودگي ۾ پاڪستاني وفد جي اڳواڻي ڪيائين).
نوڪري ڪيريئر: ايل ايل بي ۱۹۴۸ع ۾ لاڙڪاڻي ۾
پنهنجي ڀاءُ شمس الدين ابڙي سان گڏ وڪالت شروع ڪيائين.
۵۱-۱۹۴۹ع تائين پوليس پراسيڪيوٽر،
شهداد ڪوٽ.
۵۲-۱۹۵۱ع لاڙڪاڻي ۾ وڪالت.
۱۹۵۲ع ۾ پبلڪ سروس ڪميشن
سب جج ڪري چونڊيو.
۲۴ آڪٽوبر ۱۹۵۲ع تي کپري ۾ پهرين
مقرري، ان کانپوءِ سکر، شڪارپور، خيرپور ميرس، سجاول، ٽنڊي الهيار، حيدرآباد ۽ ڪراچي
۾ مقرريون ٿيون ۽ سيشن جج جي عهدي تائين پهتو.
۷۸-۱۹۷۲ع سنڌ اسيمبليءَ جو
سيڪريٽري.
۸۰-۱۹۷۸ع ليبر ڪورٽ جو جج.
۸۱-۱۹۸۰ع ميمبر فيڊرل سروسز
ٽربيونل، اسلام آباد.
۸۲-۱۹۸۱ع رجسٽرار سنڌ هاءِ ڪورٽ.
۸۴-۱۹۸۲ ليبر ڪورٽ جو جج.
۸۵-۱۹۸۴ع سنڌ اسيمبليءَ ۾ ٻيهر
سيڪريٽري.
۸۶-۱۹۸۵ع چيئرمين اينٽي ڪرپشن
اينڊ انڪوائريز ونگ سنڌ.
رٽائرمينٽ: ۱۰ اپريل ۱۹۸۶ع:
ڪهاڻين جا ترجما: روسي، جرمني،
اردو ۽ انگريزي (پشوپاشا“ پنجابيءَ ۾).
سياست ۾: خاڪسار تحريڪ سان لاڳاپو.
عملي شرڪت: شروع کان وٺي سنڌ
هاري ڪاميٽي ۽ لاڳاپيل پورهيت تنظيمون (شاگرديءَ جي زماني کان وٺي ڪامريڊ حيدر بخش
جتوئيءَ جي وفات تائين لاڳيتو هاري ڪاميٽيءَ سان دلچسپ- ۽ عملي سهڪار).
ڇپيل ڪتاب:
۱. ”پشو پاشا“
(افسانن جو مجموعو) چار ڇاپا. (سڀ کان پهرين ”زندگي پبليڪيشن“ حيدرآباد پاران ۱۹۵۹ع ۾ حميد سنڌيءَ
شايع ڪيو).
۲. ”جمال ابڙو ڪهاڻيون،
مضمون، شخصيت“، سنڌ ثقافت کاتو ۱۹۹۲ع.
۳. آتم ڪهاڻي (چئن ڀاڱن
۾).
- ”ڏسي ڏوهه اکين سين“
- ”اونهي ڳالهه اسرار جي“
- ”ٿوهر ۾ ڳاڙها گل“
- ”ايندو نه وري وڻجارو“
۴. حسن ڪارڪردگي جو
صدارتي ايوارڊ ۱۹۹۴ع.
وفات جي تاريخ: ۳۰ جون ۲۰۰۴ع.
No comments:
راءِ ڏيندا