; سنڌي شخصيتون: خان بهادر خداداد خان - مختيار احمد ملاح

11 July, 2015

خان بهادر خداداد خان - مختيار احمد ملاح

خان بهادر خداداد خان
ڪتاب لب تاريخ سنڌ جو ليکڪ
مختيار احمد ملاح
انگريزن جي دور ۾ سنڌ ۾ آفيسن جو نئون سرڪاري نظام قائم ٿيو. نئون تعليمي نظام پڻ قائم ٿيو. غريب عربي جي تعليم ۽ سرڪاري عهدن تي رسائي ٿي. نئين تعليم نظام سان علم ۽ ادب ۾ به نوان لاڙا ۽ رجحان پيدا ٿيا . خود سنڌ جي تاريخ تي نئون ڪم شروع ڪيو ويو. ڪيترائي انگريز حڪمران سنڌ شناس هئا. هنن سنڌي ٻولي ۽ ادب جي واڌ ويجهه ۾ به وڏو ڪردار ادا ڪيو هو. مقامي ماڻهن کي به ان ڏس ۾ اڳتي وڌڻ جو موقعو مليو. ان ڏس ۾ خداداد خان وڏو نالو رکي ٿو، جنهن ”لب تاريخ سنڌ“ جهڙو معياري ڪتاب لکيو. خداداد خان پنهنجي ڪتاب لب تاريخ سنڌ جي ديپاجي ۾ لکيو آهي ته؛
”هي عاجز خان بهادر خداداد خان ولد مرحوم راضو خان يا رضا محمد خان پٺاڻ حال رهندڙ پراڻو سکر، تاريخ سان دلچسپي رکندڙن کي عرض ٿو ڪري ته مان فرصت جو گهڻو وقت سنڌ جي تاريخ ۾ گذاريندو هوس، جا هاڻي منهنجو وطن آهي. خداداد خان ولد رضا محمد خان ترين پشين جي پٺاڻن مان هو ۽ اتان لڏي سکر پراڻي ۾ رهڻ لڳو.“


خداداد خان 1838ع ۾ ڄائو، ابتدائي تعليم سکر جي ڀر اوري ڳوٺ چمن ۾ آخوند الله بخش کان حاصل ڪري، جامع خير الدين شاھ جيلاني ۾ داخل ٿيو. انهن ڏينهن ۾ ميجر گولد سمڊ سنڌي اسڪول مٿان ناظر مڪتب هو، تنهن خداداد خان جي لياقت ڏسي کيس سرڪاري ملازمت ڏني. هو 1853ع ۾ شڪارپور جي جوڊيشنل ڊپٽي مئنجسٽريٽ جو منشي ٿيو ۽ پنهنجي قابليت جي ڪري 1857ع ۾ ڪشمنر سنڌ جي سيڪريٽريٽ ۾ داخل ٿيو ۽ اتان ترقي ڪري پوليٽيڪل سروس ۾ داخل ٿيو. سرڪاري ڪميشن سان بغداد، دهلي، مڪران ۽ ڪوئيٽا تائين سفر ڪندو رهيو. پهريان خان صاحب جو لقب مليس ۽ بعد ۾ 1893ع ۾ خان بهادر جو خطاب کيس مليو.
1896ع ۾ سرڪاري ملازمت کان رٽائرڊ ڪيائين ۽ پنهنجي بنگلي سکر پراڻي ۾ رهڻ لڳو، جتي سندس مسجد آهي. 1903ع ۾ وفات ڪيائين. خداداد خان تي انگريز سرڪاري زمينون به جاگير ۾ ڏنيون. هو انگريز سرڪار لاءِ پاڻ ئي لکي ٿو ته ”مان انگريز سرڪار جي ڪهڙي تعريف ڪريان. بس فقط هيترو چوڻ ڪافي ٿو سمجهان ته هن دور جي اندر انصاف، شفقت ۽ رعيت پروريءَ ۾ سندس ڪو به مٽ ثاني ڪونهي.“
خداداد خان سڄي عمر لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ گذاري. روزانه جي بنياد تي ڊائري لکندو هو ۽ روزمره جي ٿيندڙ واقعن کي نوٽ ڪري ڇڏيندو هو. نامور تاريخدان پير حسام الدين راشديءَ سندس باري ۾ لکيو آهي ته ”مصنف (لب تاريخ سنڌ جو) انگريزن جو سرڪاري ملازم ۽ جاگيردار هو. فارسي ادب ۽ سنڌ جي تاريخ سان مرحوم کي خاصي دلچسپي هئي. مختلف عنوانن تي ڪيئي ڪتاب لکيائين. سنڌ جي قديم تاريخي ڪتبن کي هن صاحب ٻن ضخيم جلدن ۾ مرتب ڪيو هو. ليڪن افسوس آهي، جو ٻئي گم ٿي ويا. اڄ انهن ڪتبن مان ڪيترا ڪتبا بنهه گم ٿي ويا آهن.“ خان  بهادر خداداد خان  جي هيٺين ڪتابن جو احوال ملي ٿو.
1.وقائع سير حسيلمبر:
هي سندس سفرنامو آهي، جيڪو هن ان وقت جي سنڌ جي اسسٽنٽ ڪمشنر گولڊ سمڊ سان گڏجي ڪيو هو. گولڊ سمڊ، اسسٽنٽ ڪمشنر هئڻ سان گڏوگڏ سنڌ ۾ تعليم جو انچارج به هو. هن پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ ڪيترائي اسڪول کولرايا هئا ۽ ڪتاب شايع ڪرايا هئا. خداداد خان جو هي سفرنامو 1867ع ۾ شايع ٿيو هو. هن ڪتاب مان خبر پوي ٿي ته هو عمر ڪوٽ کان ٿيندا جيسلمير ويا هئا ۽ اتي ٽي مهينا رهيا. هن پنهنجي سفر جي واقعن کي هن ڪتاب ۾ قلمبند ڪيو آهي.
2. مڪران نامو:
خداداد خان، ميجر گولڊ سمنڊ جو بااعتماد ساٿي هو ۽ اڪثر ڪري ساڻس ئي سفر ڪندو هو. 1861ع ۾ خان بهادر، ميجر گولڊ سمڊ سان گڏ مڪران، لسٻيلا، اورماڙه، گوادر، سون مياڻي، پسني ۽ ا يراني نار جي علائقن جي حد بندي ڪرڻ لاءِ ويو هو. ٻه مهينا رهڻ کانپوءِ  سندن مشن ڪاميابيءَ سان گوادر کان ڪراچيءَ تائين ٻاف واري جهاز کي هلايو. هن ڪتاب  ۾ 19 صديءَ جي بلوچستان، سنڌ جي ساحلي علائقن ۽ ايراني علائقن جي باري ۾ اهم معلومات ملي ٿي، ليکڪ، تاريخ وار واقعا بيان ڪيا آهن. هي ڪتاب 1862 ۾ شايع ٿيو.
3. خليج نامو:
خان بهادر خداداد خان هميشه انگريز آفيسرن سان گڏ فيلڊ ۾ رهندو هو. سندن معاون طور ڪم ڪندو هو. ڇو جو خان بهادر کي ڪيترين ئي زبانن ئي عبور حاصل هوندو هو. 1863ع ۾ هو سنڌ جي تڏهوڪي ڪمشنر مسٽر منسفيلڊ  سان گڏجي ڪراچيءَ کان ايراني نار ۽ اتان پوءِ بغداد ويو هو. ان سڄي سير ۽ سفر جو تاريخ وار احوال ڊائريءَ جي روپ ۾ ”خليج نامه“ جي عنوان سان لکيائين. هي ڪتاب 1866ع ۾ شايع ٿيو.
4. سنڌ جي مشهور شهرن جو احوال:
هي ڪتاب تڏهوڪي ڪمشنر سر وليم ميري ويدر جي حڪم تي لکيو ويو هو. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ابتدائي ٽن ضلعن ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور جي اهم شهرن ۽ بزرگن جي باري ۾ معلومات ڏنل آهي. ڪراچي جي ضلعي جي منگهوپير، لاهوت، دروت، شاھ بلاول ۽ رني ڪوٽ، حيدرآباد ضلعي جي رني ڪوٽ، نصرپور، ٽنڊو فاضل، مخدوم نوح، رحمڪي بازار، اڏيرو لال ۽  شڪارپور ضلعي جي خواجه قمر، مناره مير معصوم، قاسم خاني ۽ بکر جا حالات بيان ٿيل آهن. هي ڪتاب سنڌي ۽ انگريزي زبانن ۾ سن 1869ع ۾ شايع ڪرايا ويا ۽ سنڌ جي سرڪاري عملدارن ۽ برطانيه جي معززن ۾ ورهايا ويا.
7-پل نامو:
هن ڪتاب لاءِ مولائي شيدائي لکيو آهي ته 86-1887ع ۾ بمبئي جي گورنر لارڊ ري سکر جي لئنسڊائون پل جو افتتاح ڪرڻ آيو هو. ان موقعي تي بکر جي قلعي ۾ وڏي درٻار لڳي هئي. سنڌ، پنجاب جا وڏا ماڻهو آيا هئا. مير مراد علي خان به آيو هو. سکر ميونسپل پاران گورنر کي سپاسنامو پيش ڪيو ويو. جلسي ختم ٿيڻ کانپوءِ گورنر ڪوئيٽا، چمن ۽ شالاباغ ڏانهن روانو ٿي ويو هو. جلسي جو انتظام خان بهادر ڪيو هو. جنهن جو پل نامه ۾ مفصل بيان آهي“ ڪتاب ننڍي سائيز جي 64 صفحن تي آهي ۽ سن 1890ع ۾ ڪراچي مان شايع ٿيو. انهيءَ ننڍي ڪتاب ۾ مصنف ڪوئيٽا جي سفر جو به احول ڏنو آهي.
8-سياحت نامو:
1892ع ۾ خان بهادر خدادادخان نوڪريءَ دوران هڪ مهيني جي موڪل ڪري هندستان جي ياترا تي ويو. ان دوران هو راجڪوٽ، احمد آباد، پونا، دهلي، اجمير، امرتسر ۽ ٻين شهرن جو سير ڪري سکر واپس آيو. هن ڪتاب ۾ تاريخ ۽ ترتيب  سان هن پنهنجي سفر جو احوال لکيو  آهي.
7. خيرپور نامو:
هي هڪ ننڍڙو ڪتاب آهي، جنهن ۾ ليکڪ خيرپور رياست جي تاريخ ڏني آهي، خاص طور تي مير سهراب خان ۽ سندس پٽن، مير رستم خان، مير مبارڪ خان ۽ علي مراد جي جاگيرن، سياسي حالتن، سندس وفات ڪربلا ۾ تدفين جو بيان ڏنل آهي. هي ڪتاب 1894ع ۾ ڪراچي مان شايع ٿيو.
8. سنڌ جي جاگيرداريءَ جي تاريخ:
خان بهادر خدادادسنڌ جي جاگيرن جي تاريخ مرتب ڪئي، جا 1886ع ۾ انگريزيءَ ۾ Histry of Alleanation in ther prince of sindh(Vol-I) نالي سان شايع ٿيل آهي.
9. لب تاريخ سنڌ:
خان بهادر خان جو هي ڪتاب، انگريزن جي دور تائين سنڌ جي تاريخ جي  باري ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. مشهور تاريخيدان پير حسام الدين راشديءَ لکيو آهي ته ”فارسي زبان ۾، سنڌ جي تاريخ تي هي آخري ڪتاب آهي، جو 1318هه بمطاق 1900ع جو احوال ٻڌائي ٿو.“ هي ڪتاب سڀ کان اول رياض الهند پريس امرتسر، هندستان مان 1900 ۾ شايع ٿيو هو. ان جو سنڌيءَ ۾ ترجمو حافظ خير محمد اوحدي ڪيو آهي ۽ ڪتاب جي تصحيح ڊاڪٽرن نبي بخش خان بلوچ ڪئي آهي. سنڌي ايڊيشن سنڌي ادبي بورڊ ڄامشوري طرفان 1989ع ۾ شايع ٿيو. ترجمي کي دراصل اختصار سان پيش ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان انگريزيءَ ۾ ڪتاب ۽ ليکڪ جو تعارف تفصيل سان لکيو آهي ۽ ڪتاب ۾ ڏنل سنڌ جي ڪمشنرن جي دورن، واقعن ۽ ڪاميابين واري باب جو انگريزيءَ ۾ ترجمو  به ڏنو آهي. هيءَ ڪتاب  تڏهوڪي سنڌ جي ڪمشنر ايڇ اي جيمس جي فرمائش تي لکيو ويو هو. ڪتاب ۾ ٽوٽل ٽي باب آهن. پهرين باب ۾ سنڌ جو نالو حدون، سندس دارالحڪومت ۽ صوبن جو بيان آهي. اهڙو بيان اڳ ۾ لکيل فارسي ۽ عربي ڪتابن جي حوالي سان بيان ڪيو ويو آهي مثال طور سنڌ جي نالي متعلق هو  لکي ٿو ته ”سنڌ جي مٿان، سنڌ نالي پوڻ جو سبب تاريخ جي  ڪتابن مان ظاهر آهي. خاص طرح بيگلار نامي، ”تحفته الطاهرين“ ”تحفته الڪرام“ مان، جن لکيو آهي ته ”هند“ ۽ ”سنڌ“حام بن نوح عليه اسلام جي پٽن جا نالا هئا (جي هنن ملڪن تي رکيا ويا) صحيح علم الله کي.“
ڪتاب جي ٻئي باب اندر سنڌ جي حڪمران گهراڻن جي باري ۾ مختصر معلومات ڏنل آهي، جنهن ۾ برهمڻ، اموي، عباسي، غزنوي، غوري، سومرا، سما، ارغون، ترخان، ڪلهوڙا ۽ ٽالپر گهراڻا اچي وڃن ٿا. هن حصي ۾ سنڌ جي انهن واقعن ۽ ڳالهين جو ذڪر آهي، جيڪي مختلف تاريخن، جهڙوڪ ”چچ نامو، ارغون نامو، بيگلار نامو، تاريخ معصومي، تاريخ طاهري ۽ تحفته الڪرام مان مخصتر نموني سهڙيل آهن. اهي تاريخون گهڻو ڪري مغليه دور جي حالتن تائين پهچن ٿيون. ان جي باوجود، خداداد خان ڪيترن ئي تاريخي واقعن تي پنهنجي ذاتي مشاهدن کي به پيش ڪيو آهي، جن ۾ خاص طور تي تاريخ جاين ۽ مسجدن تي اڪريل لکتون اچي وڃن ٿيون. مثال طور هن قلندر لعل شهباز جي مزار، بادشاهي سمجد، مرزا عيسيٰ بيگ، مرزا باقي، مرزا جاني بيگ، ۽ بکر جو قلعو ۽ غيره تي هن ذاتي تاثرات پڻ ڏنا آهن.  هڪڙي هند ٺٽي جي مسجد جي مرمت لاءِ لکيو اٿس ته ”راقم الحروف کي ياد ٿو اچي ته 272هه/مطابق 1855ع ۾ مرحوم سربارٽل فريئر صاحب بهادر سنڌ جي ٻئين ڪمشنر پنهنجي حڪمرانيءَ جي زماني ۾ ڪن هنڌن جي ڀڳ ڀر جي مرمت وغيره لاءِ سرڪاري خرچ سان ڪجهه اتان جي معزز ماڻهن جي مدد سان، سيد صابر علي شاھ ۽ مرحوم الله بخش شاڪراڻي جي معرفت جي ٺٽي جا معزز هئا، هن مسجد جي مرمت ڪرائي هئي.
هن ڪتاب جي خاص ڳالهه ڪتاب جو ٽيون باب آهي، جيڪو سنڌ ۾ ڪمشنري دور جي بهترين ڄاڻ ڏئي ٿو. ان ۾ هن سر چارلس نيپئر کان ويندي مسٽر جيمس تائين جي ڪمشنر جي دورن جو ذڪر  ڪيو آهي. ان دور ۾ اٽڪل سورنهن 16 ڪمشنر اچي وڃن ٿا. خدادادخان خود لکيو آهي ته ” ان کي ترتيب وار مرتب ڪري ۽ پنجاھ سالن کان ورتل قلعي نوٽن مان ڪي خاص ضروري ۽ تعلق رکندڙ ڳالهيون وٺي ”لب تاريخ سنڌ“ (سنڌ جي تاريخ جو خلاصو) جي نالي سان هيءَ تاريخ لکي وئي آهي.“
هن باب ۾ خدادادخان انگريزن جي وقت جا حالات ڊائري ۽ دستاويزن جي صورت ۾ پيش ڪيا آهن. اهي خبرون گهڻو ڪري سندس ذات جي حوالي سان آهن. جن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪهڙي ڪمشنر ڪهڙيون ۽ ڪهڙين طرح خدمتون ڪري.
سنڌ جي ڪمشنر مسٽر پرنگل لاءِ لکي ٿو ته ”سال 1847ع جي شروع ۾ مسٽر پنگل، جو بمبئي (صوبي) جي چيف سيڪريٽريءَ جي عهدي تي فائز هو، ڪراچي آيو. انهن ڏينهن ۾ سنڌ جي گورنر جي عهدي تي تحقيق ڪري کيس ڪمشنريءَ ۾ تبديل ڪيو ويو ۽ سنڌ جو ڪمشنر، بمبئي جي گورنر جي ماتحت رهي ڪم ڪرڻ لڳو.“
سنڌ جي ٻئي ڪمشنر سربارٽل فريئر جي حاصلات جي سلسلي ۾ لکي ٿو ته ”سنڌ جي رهاڪن جي سهولت خاطر سنڌي اکر عربي رسم الخط ۾ لکڻ جو فرمان جاري ٿيو ۽ سنڌ ۾ مڪتب ۽ مدرسا (اسڪول) قائم جن ۾ فارسي رائج هئي، انهن ۾ فارسيءَ جو راوج بند ڪري، سنڌ ٻولي ۽ سنڌي رسم الخط رائج ڪيو ويو. سنڌ جا رهاڪو انهيءَ سهولت جي ڪري جا کين لکپڙھ ۾ ميسر ڪري ڏني وئي، ڏاڍو خوش ٿيا.“
اهڙي طرح هو ڪمشنر جي دور ۾ ٿيل اهم فيصلن ۽ واقعن کي تاريخي جي ترتيب سان ڏسي ۽ لکي ويو آهي. مثال طور ڪراچي ۾ فريئر هال جو عام ماڻهن جي چندي مان ٺهڻ،  عدالتي ۽ پوليس سرشتي جو رائج ٿيڻ، سنڌودرياھ ۾ جهاز رانيءَ جي شروعات سنڌ سميت سڄي هندستان ۾ ريلوي جي شروعات، ڪراچيءَ ۾ سنڌ مدرسته السلام، اين جي وي هاءِ اسڪول ۽ ڊي جي ڪاليج جو سنگ بنياد، لئنسڊائون پل (سکر پل) جو افتتاح، ميرن جا ذاتي اختلاف، آبپاشي نظام جو قائم ٿيڻ وغيره وغيره، انهيءَ سلسليءَ ۾ انگريز عملدارن جا خط، سفارشون ۽ تقريرون ۽ ڪي ٻيا اهم قيمتي دستاويز شامل آهن جن جو ذڪر ڪيو اٿائين.

سڄي ڪتاب ۾ خدادادخان اهو لکڻ هر گز نه وساريو آهي ته ڪهڙي علمدار سندس ڪهڙي تعريف ڪئي يا مٿس ڪهڙيون ڪهڙيون مهربانيون ڪندا رهيا ۽ کيس ڇا عطا ڪيائون. مجموعي طور تي هي ڪتاب انگريزن جي دور بابت انتهائي اهم معلومات فراهم ڪري ٿو.

No comments:

راءِ ڏيندا