; سنڌي شخصيتون: قاضي عطا محمد عباسي-عبدالفتاح عباسي

17 July, 2015

قاضي عطا محمد عباسي-عبدالفتاح عباسي

قاضي عطا محمد عباسي
ادبي ۽ ديني شخصيت
عبدالفتاح عباسي
عملي ۽ ادبي حوالي سان لاڙڪاڻي جو قاضي خاندان پوري سنڌ ۾ مشهور آهي، جنهن جو ثبوت انهيءَ خاندان جي هڪ نه پر هڪ ٻئي پٺيان ڪيترا ئي شخص علمي ادبي حوالي سان پنهنجو مٽ پاڻ رهندا پيا اچن. خاص طور قاضي عطا محمد عباسي کي ديني، ادبي توڙي سماجي حوالي سان تمام گهڻي پذيرائي ملي. هن شخصيت جو تعلق هونئن ته لاڙڪاڻو ضلعي جي ڏوڪري تعلقي جي ڪوٽ قبولو، ڪوٽ مرزا ڪالو سان رهيو آهي. پر ان کان اڳ ۾ ٻڌايو ٿو وڃي ته لاڙڪاڻي جي تعلقي رتوديرو جي مسوديرو سان به رهيو آهي. جتي قاضي محمد عثمان عباسي ڪلهوڙي جي گهر ۾ هڪ اهڙو ذهين ۽ ڏاهو ٻارڙو پيدا ٿيو، جنهن جو نالو قاضي عطا محمد عباسي رکيو ويو. جيڪو ننڍپڻ کان ئي پنهنجي دوستن ۽ مٽن مائٽن سان کيڏڻ بجاءِ سدائين مطالعي ۾ مشغول رهيو. پنهنجي علمي ڏاهپ سبب، هڪ ننڍي ڪوشش ڪندي، علائقي جي هر هڪ عمر جي ماڻهن کي تعليم عام ڪرڻ لاءِ، ديني ۽ دنياوي تعليم ڏيڻ لاءِ، صبح کان ويندي رات تائين، پنهنجي جڳهه جي صحن تي ئي درس و تدريس جو اهتمام ڪندي، ڀروارن ڪيترن ئي علائقن جي ماڻهن کي انهيءَ شعور ڀري تعليم جي لاءِ اتساهه پيدا ڪرڻ سميت، تعليمي سلسلي کي اڳتي وڌائيندي بي مثال ڪوششون ورتائون. جنهنڪري علائقن جي اندر اهو قاضي خاندان، ”استاد خاندان“ جي حوالي سان مشهور ٿيندو ويو، جو هر ٻئي ڳوٺ جو ماڻهو اهو چوندو رهندو هو ته اسان ته قاضي خاندان وٽ ئي پڙهنداسين.


قاضي عطا محمد عباسي ڪلهوڙي جي علمي هاڪ، ڳوٺان ڳوٺ مشهور ٿيڻ بعد شهرن ۾ وڃي پهتي. جتان جا ماڻهو به پنهنجي خوشقسمتي سمجهندي انهيءَ درس و تدريس ۾ شامل ٿيڻ پنهنجي لاءِ اعزاز سمجهندا هئا. هو تنهن دور ۾ به عربيءَ ۽ فارسيءَ تي خاصو عبور رکڻ باوجود سنڌي ٻوليءَ کي عام ڪرڻ لاءِ هر طرح جي ڪوشش ڪندا رهيا. ڇاڪاڻ ته اها پنهنجي مادري زبان اسان جي قومي سڃاڻپ آهي. سندن سنڌي، عربي، فارسي ۽ اردو ۾ اکر موتين جي داڻن جيان هوندا هئا. هو سماج سڌارڪ اڳواڻ جيان فلاحي ڪم ڪارن ۾ پڻ اڳيان اڳيان هوندا هئا. پنهنجي علائقي ۾ تعليمي تربيت ڏيڻ سان گڏوگڏ هو علائقي جي ڪيترن ماڻهن ۾ سرچاءَ ڪرائڻ لاءِ پڻ ڪردار ادا ڪندا رهيا. پاڻ نياڻين کي تعليم ڏيڻ تي پڻ زور ڏيندا هئا. جيڪي ماڻهو پنهنجي نياڻين کي تعليم نه ڏياريندا هئا، انهن کي سمجهائيندا هئا ته هڪ نياڻي پڙهائڻ سان پورو خاندان تعليم يافته ٿئي ٿو. جنهن ڪري ئي پنهنجين ٻن نياڻين کي عام تعليم ڏيارڻ سان گڏ ئي ”حافظ قرآن“ پڻ بڻايو، جيڪي پڻ پنهنجي علائقي جي نياڻين کي تعليمي حوالي سان سگهارو ڪردار ادا ڪنديون رهيون.


تعليم جي واڌاري لاءِ انهيءَ خاندان جون وڏيون قربانيون آهن. لاڙڪاڻي ۽ ڀروارن علائقن ۾ تعليمي سرشتي کي اڳتي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا رهيا آهن. اهي پنهنجن وڏڙن جي روايت کي برقرار رکندي اڃا تائين تعليمي سرگرمين کي اڳتي وڌائڻ جون ڪوششون ڪندا پيا اچن. اڄ قاضي عباسي خاندان جي انهيءَ عظيم شخصيت جا پويان لاڙڪاڻي شهر جي رحمت پور، گجڻ پور، ڪوثر مل علائقي ۾ رهائش پذير آهن. جيڪي مختلف حوالن سان تعليمي توڙي سياسي، سماجي، ادبي ۽ ديني مذهبي خدمتن طور سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺندا پيا اچن. فلاحي حوالي سان سندن مشن پڻ جاري آهي. سنڌ ۾ هيءُ خاندان ائين محسوس ڪيو ويندو آهي، جيئن ماضيءَ ۾ سنڌ جون ڏاهيون شخصيتون، رڳو تعليم سان ئي مسلسل وابسته رهيون ۽ آخري وقت تائين عوام کي شعوري طور سگهارو بڻائڻ جون ڪوششون وٺنديون رهيون ۽ سندن اهو مشن جاري رهندو پئي آيو. ائين ئي هن خاندان جون تعليمي حوالي سان نمايان ڪوششون نه ٿيون وساري سگهجن. قاضي حاجي عطا محمد عباسي ڪلهوڙا جن جي بي شمار خدمتن سبب، اڄ به شاگردن جو هڪ وڏو تعداد عقيدت سان کين ياد ڪندو رهي ٿو.

No comments:

راءِ ڏيندا