; سنڌي شخصيتون: فقير يعقوب علي شر - فقير مهتاب علي شر

11 July, 2015

فقير يعقوب علي شر - فقير مهتاب علي شر

فقير يعقوب علي شر
هڪ سنڌ سُڌارڪ
فقير مهتاب علي شر
صبر سڪ وڃايو، ننڊ ڦٽائي نينھن،
ڏاڍي عشق اليل، ڪئي محبت اٺا مينھن،
غلام حيدر گاج ڪئي، جيئن ٻيلي اندر شينھن،
رامزان راتيون ڏينھن، جانب لاءِ ئي ويو جيءَ ۾.
دنيا ۾ تمام ٿورا اھڙا ماڻھو ھوندا آھن، جيڪي وڏا مقصد کڻي پيدا ٿيندا آھن. چوندا آھن ته ڪي ڪي ماڻھو اھڙا به ٿيندا آھن جن کي وسارڻ جي ڪيتري به ڪوشش ڪجي پر اھي ھميشه دلين ۽ ذھنن ۾ ھر ماڻھو کي ياد رھندا آھن. انھن جون مصريءَ جھڙيون مٺيون ڳالھيون چاھيندي به ڪو نه  ٿو وساري سگھجي. ڇو ته انسانيت جي خدمت اھڙي خدمت آھي، جيڪا ھميشه ياد رکي ويندي آھي.


اھڙي ئي ھڪ شخصيت ضلعي خيرپور جي تعلقي ٺري ميرواھ جي ڳوٺ مينگھو فقير شر ۾ جنم ورتو، جنھن کي اڄ دنيا فقير يعقوب علي شر طور سڃاڻي ٿي.
فقير يعقوب علي شر علائقي جي غريب پورھيت طبقي سان انتھائي ويجھڙائي رکندو ھيو ۽ ان ويجھڙائي سبب، عام ماڻھو تمام گھڻو چاھيندا ھئا.
فقير يعقوب علي شر ابتدائي تعليم ڳوٺ مينگھو فقير شر مان حاصل ڪئي ۽ وڌيڪ  تعليم لاءِ خيرپور ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ سول بي اي ڪيائون.
فقير يعقوب علي شر علائقي توڙي سنڌ جي ٻين شھرن ۾ تمام گھڻا دوست پيدا ڪيا.
فقير يعقوب علي شر غريبن سان انتھائي محبت رکندڙ انسان ھيو. پنھنجي علائقي جي غريب مسڪين ماڻھن کي غريبي حال ۾ ڏسي، جيڪو ساڻس کان پڄندو ھيو ھو انھن غريبن لاءِ ڪندو ھئو. هُو سادگي پسند ۽ خوش طبيئيت ماڻھو ھيو. ھن دور ۾ جتي موبائل فون سائنس ۽ تيز ترين انٽرنيٽ فاصلا ته ضرور گھٽائي ڇڏيا آھن، پر اھي محبتون ھاڻ نه رھيون آھن. جيڪي ڪجھ وقت اڳ تائين ھونديون ھيون. تنھن دور ۾ شام ٿيندي ئي فقير يعقوب علي شر جي اوطاق تي آس پاس جا ماڻھو گڏ ٿي ويندا ھئا ۽ ڪچھريون باھ جي مچ تي دير دير تائين جاري رھنديون ھيون. خبر ئي نه پوندي ھئي ته وقت ڪيئن گذريو وڃي.
فقير يعقوب علي شر سان انتھائي ويجھڙائي رکندڙ شخصيتن ۾ اين پي پي جو باني مرحوم غلام مصطفيٰ خان جتوئي، ايم اين اي ظفر علي شاھ، مشھور اداڪار، ڊائريڪٽر مرحوم شفيع محمد شاھ ۽ ٻيا ڪيترا ئي دوست ھئا.

فقير يعقوب علي شر علائقي اندر صوفي بزرگ حضرت غلام حيدر گودڙئي جي گادي نشين ميان فقير سڪندر علي شر جي سئوٽ طور پڻ سڃاتو وڃي ٿو. ھر سال 12 ربيع الاول تي فقير غلام حيدر گودڙيه جو عرس مبارڪ پڻ ملھايو ويندو آھي. جتي پوري سنڌ صوفي راڳي راڳ ڳائي عقيدتمندن کي جھومڻ تي پڻ مجبور ڪري ڇڏيندا آھن. سندن فقيري طبيعت سادگي سبب سندن ڳوٺ جو نالو به اڳ کان ئي مينگھو فقير شر آھي. شايد اھا ئي وجهھ ھئي جو فقيري گھراڻي سان تعلق ھجڻ سبب انھن ۾ شروع کان ئي عام ماڻھن لاءِ محبت، احساس ۽ ٻيون ڪيتريون ئي اھڙيون ڳالھيون شامل ھيون، جيڪي ڪنھن عام ماڻھو ۾ نه ھونديون آھن. سندس بي مندائتي وڇوڙي سبب، ھو اڄ اسان وچ ۾ موجود نه آھي. پر علائقائي سطح تي ڪيل سندن خدمتن کي ڪو به ماڻھو وساري نه ٿو سگھي. ھو اڄ به ٽڙندڙ گلاب جي گل جي خوشبو جيان، ھر علائقي واسي جي ذهن ۽ علم ۾ آھي. اھڙا ماڻھو ھزارين سالن تائين تاريخ ۾ زنده رھندا آھن.

No comments:

راءِ ڏيندا