فقير يعقوب علي شر
هڪ سنڌ سُڌارڪ
فقير مهتاب علي شر
صبر سڪ وڃايو، ننڊ ڦٽائي نينھن،
ڏاڍي عشق اليل، ڪئي محبت اٺا مينھن،
غلام حيدر گاج ڪئي، جيئن ٻيلي اندر شينھن،
رامزان راتيون ڏينھن، جانب لاءِ ئي ويو جيءَ ۾.
دنيا ۾ تمام ٿورا اھڙا ماڻھو ھوندا آھن، جيڪي وڏا مقصد کڻي
پيدا ٿيندا آھن. چوندا آھن ته ڪي ڪي ماڻھو اھڙا به ٿيندا آھن جن کي وسارڻ جي ڪيتري
به ڪوشش ڪجي پر اھي ھميشه دلين ۽ ذھنن ۾ ھر ماڻھو کي ياد رھندا آھن. انھن جون مصريءَ
جھڙيون مٺيون ڳالھيون چاھيندي به ڪو نه ٿو
وساري سگھجي. ڇو ته انسانيت جي خدمت اھڙي خدمت آھي، جيڪا ھميشه ياد رکي ويندي آھي.