; سنڌي شخصيتون: February 2016

15 February, 2016

شهيد شاهجهان - وزير فرهاد سولنگي

شهيد شاهجهان
دادو جو معصوم
وزير فرهاد سولنگي
دادو شهر جي چاندني چوڪ پاڙي ۾ رهندڙ هڪ استاد لالا عبدالستار قريشي جنهن پنهنجي سڄي زندگي درس و تدريس ڏيندي گذاري ۽ پاڻ ڊگري ڪاليج دادو ۾ فزيڪل استاد جي حيثيت سان پنهنجون خدمتون ڏيندو رهيو. هن 1985ع ڌاري پنهنجي ئي ڪٽنب مان شادي ڪئي ۽ کيس پنجن ٻارن جو اولاد ٿيو، جنهن ۾ هر هڪ 1. شاهه رخ، 2. ڪنول، 3. شهريار، 4. شاهجهان، 5. شاهزيب آهن.

سائين سليم سولنگي - لياقت علي ٿهيم

سائين سليم سولنگي
هڪڙو پيارو ماڻهو
لياقت علي ٿهيم
سائين سليم سان منهنجي ملاقات جو سبب، انگريزي ٻولي هئي، جي انگريزي سکڻ جو شوق نه هجيم ها ته شايد سائين سان ملڻ نصيب نه ٿئي ها ۽ جيڪڏهن سائين سان نه ملان ها ته ڪڏهن به لکڻ ۽ پڙهڻ نه اچيم ها. ٿيو هينئن جو ميٽرڪ پاس ڪرڻ بعد مون کي خبر پئي ته مون کي ڪجھه به نٿو اچي، نه حساب، نه ڊرائنگ، نه سنڌي نه سائنس، نه ڳالهائڻ ٿو اچيم نه لکڻ. سوچيم هاڻي ڇا ڪريان جو ڪنهن نه ڪنهن موضوع جي باري ۾ ڪجھه ته اچي جو ڪاليج ۾ داخلا وٺان. منهنجي هڪ مائٽ، ڪاليج جي ڏينهن ۾ سائين سليم جا ڪجھه ڪلاس اٽينڊ ڪيا هئا. تنهن صلاح ڏني ته تون سليم سولنگي وٽ وڃي پڙھ، توکي ٻن ٽن مهينن ۾ انگريزي پڙهڻ جيتري ٻولي اچي ويندي.

14 February, 2016

آسو ڪولهي - شهر بانو

آسو ڪولهي
تعليم لاءِ جاکوڙيندڙ ھڪ باھمت ۽ باحوصله عورت جي ڪٿا
پينل: شهر بانو، آصف ٿيٻو ۽ سارنگ جويو


سوال: توهان سان زندگي جو ايڏو وڏو حادثو ڪئين پيش آيو؟
آسو ڪولهي؛ منهنجي ڄمڻ جي تاريخ 13 نومبر 1994ع آهي. بابا سائين چوندو هيو ته، جڏهن مان ٻن سالن جي هُيَس ان وقت تيز بُخار جي صورت ۾ انجيڪشن لڳائي وئي، جنهن جي ڪري منهنجي هڪ ڄنگهه مُتاثر ٿي. مان ان وقت ٻار هُيَس مون کي اندازو نه هيو زندگي ۾ پيش ايندڙ ڊاڪٽر جي غلطي جي ڪري منهنجي زندگي جون مُسڪراهٽون ايئن ختم ٿي وينديون. نيٺ وقت هلندو رهيو، جڏهن پنجن سالن جي ٿيس ته بابا سائين مون کي اسڪول ۾ داخل ڪرايو. منهنجي بابا جي خواهش هئي ته مان پڙهي لکي استاد ٿيان. بابا چوندو هو ته، جيڪي غريب ٻارڙا آهن انهن کي ضرور تعليم ڏجان. جڏهن پهرين ڏينهن منهنجو بابا مون کي اسڪول ڇڏڻ هليو ته مون کي چيائين ته پُٽَ هڪ پڙهيل لکيل عورت پوري معاشري کي پڙهائيندي ۽ سُڌاريندي آهي. بابا سائين جو خواب هو ته مان هن معاشري کي تعليم جي ذريعي تبديل ڪريان. تعليم ته پري جي ڳالهه آهي،  پر اسان جي عورت کي هميشه پردي ۾ رکيو ويندو آهي. ان عورت کي اهو حق به ناهي هوندو ته، پردو کولي پنهنجي حق لاءِ آواز بُلند ڪري سگهي. عورت کي پنهنجي حق لاءِ ڳالهائڻ تي به ڏوهي سمجهيو ويندو آهي. مرد هميشه عورت کي پنهنجي پيرن جي جُتيءَ برابر سمجهيو آهي، پر مرد کي ان ڳالهه جو بلڪل احساس ناهي هوندو ته، هڪ عورت ڪنهن جي ڀيڻ هوندي آهي، ڪنهن جي زال هوندي آهي، جڏهن اها ساڳي عورت ماءُ جو روپ وٺي ٿي ان وقت ان جي پيرن هيٺان جنت هوندي آهي. ان ئي عورت تي هميشه کان ظُلم ٿيندو رهيو آهي. بابا سائين هميشه اهو چوندو هو ته عورت ديوي جو روپ آهي، ان ديوي تي هي  کوکلو سماج  سدائين ظُلم ڪندو رهيو آهي. ان ڪري ئي بابا سائين مون کي پڙهايو ته، آئون پورا پنج سال گوڏن تي گِسڪي گِسڪي اسڪول ويندي هُيَس، جڏهن شام جو گهر واپس موٽندي هُيَس ته بابا چوندو هو ته، ”پُٽَ آسو ڪڏهن به همت نه هارجان،  پنهنجو حوصلو هميشه بُلند رکجان.“ اسان وَٽ تمام گهڻي غربت هوندي هئي. تڏهن بابا مون کي ڏهه رپيا خرچي ڏيندو هيو، تنهن مان مونکي ٻن بَسُن جو سفر ڪري ساماري  پهچڻو هوندو هو. ان وقت مون ڇهين ڪلاس ۾ داخلا ورتي هئي، جڏهن مان مئٽرڪ جو امتحان ڏنو هو، ان وقت منهنجو بابا سخت بيمار ٿي پيو هو. ڪافي علاج ڪرايو، ڊاڪٽرن ڪاري سائي ڏَسي، جنهن کي هاڻي جديد دور ۾ هيپاٽائيٽس سي چوندا آهن. مان جڏهن اسڪول مان واپس موٽيس ته بابا جي طبيعت تمام گهڻي خراب هئي. بابا مون کي آخري لفظ اهي چيا ته پُٽ آسو زندگي ۾ حوصلو ڪڏهن به نه هارجان. بابا کان پوءِ منهنجي امڙ محنت ڪري، مزدوري ڪري مون کي (بي اي) تائين پهچايو. تنهن کان پوءِ جڏهن مان پنهنجا ڪاغذ کڻي چونڊيل نمائندن وٽ وَيَس ته انهن مون سان کوڙ سارا وَچن ڪيا ته؛ ”اسان تو کي آر او پلانٽ  ڏينداسين، تنهنجي ڳوٺ کي بجلي ڏينداسين، مون انهن کي صرف ايترو عرض ڪيو ته، مون کي ڪجهه نه ٿو کپي، مون کي صرف توهان ماستريٰ جو آرڊر ڏيو ته، جيئن مان پنهنجي زندگي جو مقصد جاري رکي سگهان، پر انهن نمائندن آخر ۾ مون کي صرف سؤ رپيا ڏئي روانو ڪيو، پر پوءِ به مون همت نه هاري نيٺ مون پنهنجي همت سان پنهجي ڳوٺ جي ٻارن کي ويهاري تعليم جي شروعات ڪئي.

ڊاڪٽر جي ايم مهڪري - مختيار احمد ملاح

ڊاڪٽر جي ايم مهڪري
سندس تاريخي خدمتون
مختيار احمد ملاح
سنڌ جي مٽيءَ ۾ هڪ خاص ڪشش آهي، هتي جيڪي به ٻاهران آيا، انهن هن مٽيءَ سان محبت ڪئي آهي، هن ڌرتي جي علم ۽ ادب سان پنهنجو رشتو جوڙيو آهي، تاريخون لکيون آهن، نون ۽ پراڻن مسئلن جي نشاندهي ڪئي آهي، انهن جا حل ٻڌايا آهن، يا چوڻ گهرجي ته هنن سنڌ لاءِ پنهنجو پاڻ کي ارپي  ڇڏيو آهي، اهڙن نالن ۾ هڪ نالو  ڊاڪٽر جي ايم مهڪري به جو به آهي جيڪو علمي ۽ ادبي دنيا ۾ وڏي حيثيت رکي ٿو.

قاضي محمد اڪبر

قاضي محمد اڪبر

سياست ۽ صحافت جو معتبر نانءُ

وجاهت حسين



سنڌ پنهنجي ڪُک مان سدائين اهڙين شخصيتن کي پئي جنم ڏنو آهي، جن سدائين پنهنجي صلاحيتن سان پنهنجي وطن واسين جي سُک سلامتيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي. سماج ۾ جيڪڏهن ٿوري گهڻي سجاڳي آهي، ماڻهو ڀلي بُري جي پرک رکن ٿا ته اُن پٺيان اُنهن شخصيتن جي محنتن جو ئي ڪمال آهي. پر افسوس ته اسان ويساري مزاج سبب اُنهن کي گهربل مانُ نٿا ڏيون. جيڪا هن سماج جي بدقسمتي ئي چئي سگهجي ٿي.

مظهر يوسف - مختيار احمد ملاح

مظهر يوسف
سنڌي علم ۽ ادب لاءِ ڪيل سندس خدمتون
مختيار احمد ملاح
سنڌي ٻولي ادب، ثقافت، آرڪيالاجي ۽ ٻين شعبن ۾ فقط سنڌي عالمن اديبن ئي نه جاکوڙيو آهي، مگر ڪيترا ئي اهڙا اهل قلم، دانشور عالم وغيره ملندا، جن جو جنم ته سنڌ ۾ ڪو نه ٿيو هو، پر انهن سنڌ جي خدمت پنهنجي دل ۽ جان سان ڪئي آهي. اهڙن نالن ۾ هڪ نالو مظهر يوسف جو به آهي. هو خود هڪ جاءِ تي لکي ٿو ته “مون وانگر ڊاڪٽر مهڪري پاڻ کي سنڌ لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو. جيتوڻيڪ اسان ٻنهي کي پنهنجي اباڻن شهرن سان پيار آهي، هن کي بئنگلور سان ۽ مون کي ميرٺ سان، پر اسان پنهنجي وس آهر سنڌ جي خدمت ڪئي آهي.

04 February, 2016

گلزار علي خان سانگھڙائي

گلزار علي خان سانگھڙائي

سدا حيات ۽ ڪلاڪار خانصاحب استاد

ناصر مقصود گل



مولا علي عليه السلام جن جو فرمانِ عاليشان آهي ته: ”هڪ عالِم جو موت، پوري عالَم جو موت آهي“ ڇاڪاڻ ته هڪ علم وارو انسان، جڏهن هي جهان ڇڏي پنهنجي خالقِ حقيقي سان وڃي ملندو آهي ته پنهنجي پٺيان پوريءَ دنيا کي سوڳوار ڇڏي ويندو آهي. جيڪڏهن مولا علي عليه السلام جي هن قول جي گهرائيءَ تائين وڃجي ته ان جو مقصد اهوئي آهي ته علم کي اهڙي فضيلت ۽ درجو حاصل آهي، جو جڏهن هڪ علم وارو انسان هِن جهان مان هن جهان ڏي روانو ٿيندو آهي ته اڻ گھڙيءَ ڄڻ ته سندس فيض کان پورو عالَم محروم ٿي ويندو آهي. علم وارا انسان فرد واحد هوندي به اهڙن ادارن مثل هوندا آهن، جيڪي ڏات ۽ فن جي ڪري سدائين قدر دان ماڻهن جي دلين ۾ آباد هوندا آهن، اهي ماڻهو جهڙيءَ ريت جيئري ماڻهن جون دليون جيئاريندا رهندا آهن، اهڙيءَ ريت سان مُئي پڄاڻان سموري ديس کي اداس ڪري ويندا آهن.