; سنڌي شخصيتون: سائين، سليم، سولنگي، هڪڙو، پيارو، ماڻهو، لياقت، علي، ٿهيم،
Showing posts with label سائين، سليم، سولنگي، هڪڙو، پيارو، ماڻهو، لياقت، علي، ٿهيم،. Show all posts
Showing posts with label سائين، سليم، سولنگي، هڪڙو، پيارو، ماڻهو، لياقت، علي، ٿهيم،. Show all posts

15 February, 2016

سائين سليم سولنگي - لياقت علي ٿهيم

سائين سليم سولنگي
هڪڙو پيارو ماڻهو
لياقت علي ٿهيم
سائين سليم سان منهنجي ملاقات جو سبب، انگريزي ٻولي هئي، جي انگريزي سکڻ جو شوق نه هجيم ها ته شايد سائين سان ملڻ نصيب نه ٿئي ها ۽ جيڪڏهن سائين سان نه ملان ها ته ڪڏهن به لکڻ ۽ پڙهڻ نه اچيم ها. ٿيو هينئن جو ميٽرڪ پاس ڪرڻ بعد مون کي خبر پئي ته مون کي ڪجھه به نٿو اچي، نه حساب، نه ڊرائنگ، نه سنڌي نه سائنس، نه ڳالهائڻ ٿو اچيم نه لکڻ. سوچيم هاڻي ڇا ڪريان جو ڪنهن نه ڪنهن موضوع جي باري ۾ ڪجھه ته اچي جو ڪاليج ۾ داخلا وٺان. منهنجي هڪ مائٽ، ڪاليج جي ڏينهن ۾ سائين سليم جا ڪجھه ڪلاس اٽينڊ ڪيا هئا. تنهن صلاح ڏني ته تون سليم سولنگي وٽ وڃي پڙھ، توکي ٻن ٽن مهينن ۾ انگريزي پڙهڻ جيتري ٻولي اچي ويندي.