; سنڌي شخصيتون: سائين سليم سولنگي - لياقت علي ٿهيم

15 February, 2016

سائين سليم سولنگي - لياقت علي ٿهيم

سائين سليم سولنگي
هڪڙو پيارو ماڻهو
لياقت علي ٿهيم
سائين سليم سان منهنجي ملاقات جو سبب، انگريزي ٻولي هئي، جي انگريزي سکڻ جو شوق نه هجيم ها ته شايد سائين سان ملڻ نصيب نه ٿئي ها ۽ جيڪڏهن سائين سان نه ملان ها ته ڪڏهن به لکڻ ۽ پڙهڻ نه اچيم ها. ٿيو هينئن جو ميٽرڪ پاس ڪرڻ بعد مون کي خبر پئي ته مون کي ڪجھه به نٿو اچي، نه حساب، نه ڊرائنگ، نه سنڌي نه سائنس، نه ڳالهائڻ ٿو اچيم نه لکڻ. سوچيم هاڻي ڇا ڪريان جو ڪنهن نه ڪنهن موضوع جي باري ۾ ڪجھه ته اچي جو ڪاليج ۾ داخلا وٺان. منهنجي هڪ مائٽ، ڪاليج جي ڏينهن ۾ سائين سليم جا ڪجھه ڪلاس اٽينڊ ڪيا هئا. تنهن صلاح ڏني ته تون سليم سولنگي وٽ وڃي پڙھ، توکي ٻن ٽن مهينن ۾ انگريزي پڙهڻ جيتري ٻولي اچي ويندي.


سائين تڏهن دادو جي شاهاڻي پاڙي ۾ پنهنجي گھر جي ڀرسان هڪ جاءِ مسواڙ تي وٺي اتي شاگردن کي پڙهائيندو هو، سو ڪاليج ۾ داخلا وٺڻ بعد، هڪڙي ڏينهن سندن در وڃي کڙڪايم، سائين ٻاهر نڪتو ته کيس چيم ته سائين فلاڻي همراهه جو مائٽ آهيان. انگريزي سکڻ ٿو چاهيان. ڳالھه ٻڌي وراڻيائين ته اڄڪلھه مون وٽ شاگرد گھڻا آهن، تنهنڪري توهان لاءِ ٽائيم نه ٿو ڪڍي سگھان، پوءِ گھڻي منٿ ميڙ کانپوءِ چيائين ته ٺيڪ آهي، ڏسان ٿو.
دادو شهر کان ٻاهران ايندڙ ڇوڪرن کي سائين سليم صبح يا منجهند جو پڙهائيندو هو. ڇاڪاڻ ته سج لهڻ بعد ٻاهرين رستن تي سفر ڪرڻ خطرناڪ هو. سج لٿي کانپوءِ دادو جا ڳوٺ، انهن ۾ رهندڙ ماڻهو ۽ روڊس ڊپارٽمنٽ، صالح کوسي ۽ علي گوهر چانڊئي جي حوالي ٿيل هئا. تنهنڪري سائين مون کي صبح جو ستين وڳي اچڻ جو ٽائيم ڏنو.
انگريزي پڙهائڻ لاءِ سائين ٿورو معاوضو وٺندو هو، سو جيئن تيئن ڪري پهرئين مهيني جا پئسا هٿ ڪيم، پر ٻئي مهيني، مان کيس اهو معمولي معاوضو به نه ٿي ڏئي سگھيس. پنهنجي غربت تي شرمنده هئڻ سبب کيس ڪجھه چئي به نٿي سگھيس.
هڪڙي ڏينهن صفا رُکي لهجي ۾ کيس چيم ته توهان تمام گھڻي فيس ٿا وٺو، ڏئي نٿو سگھان، ڪجھه رعايت ڪريو. ڪجھه ڏينهَن تائين ته پاڻ انهي باري ۾ ڪا ورندي ڪا نه ڏنائون، پر مان کين بار بار چوندو رهيس ته مون وٽ پيسا ناهن، سو فيس گھٽ ڪريو. اها ڏي وٺ کين خراب لڳي ۽ ٿورو تنگ ٿيا، پر پوءِ شايد کيس مون تي رحم اچي ويو. سو، چيائين تون جيترا مهينا پڙهڻ چاهين اچي پڙهه، فيس جي مون کي ضرورت ناهي. ڪي ٽي مهينا وڌيڪ سائين وٽ پڙهيس. صبح جو سج اڀرڻ کان اڳ ڳوٺان بس ۾ چڙهي سائين وٽ پڙهڻ ويندو هوس. ڪلاڪ کن پڙهي پوءِ دادو ڪاليج ويندو هوس. پڙهڻ دوران نيرن کارائيندو هو ۽ جيڪڏهن منجھند جو ڪاليج مان موٽي سندس گھر ويندو هوس ته منجھند جي ماني پڻ کارائيندو هو. جيڪڏهن ڳوٺ وڃڻ لاءِ لاري جو ڀاڙو نه هجي ته اهو به ڏيندو هو.
ٻولي سيکارڻ کان علاوه سائين سليم، شاگردن کي پڙهڻ جو عادي پڻ بنائيندو هو. سو آهستي آهستي مون کي ڪتاب ڏيڻ شروع ڪيائين. انگريزي ٻولي ۾ پهريون ڪتاب، مان سائين وٽان وٺي پڙهيس. آمريڪي گھرو جنگ تي ارڙهين صدي جو لکيل هڪ طويل افسانو هو. پورو مهينو اهو ڪتاب پڙهندو رهيس. انهي بعد ٽالسٽائي جو وار ائنڊ پيس ڏنائين. ڪو هزار صفحن جو ڪتاب هو. ڪيئي هفتا پڙهندو رهيس. اهو پڙهڻ بعد انعام ۾ وري ٽالسٽائي جو ٻيو ڪتاب’ائنا‘ ڏنائين.
هر ڪتاب پڙهڻ بعد، انعام ۾ هڪ ٻيو ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏيندو هو ۽ واپس نه وٺندو هو. چوندو هو هاڻ اهو توهان ڀلي پاڻ وٽ رکو. انهي کانپوءِ هڪڙي روسي مصنف اناطول لوناچرسڪي جو ڪتاب ’ادب ۽ فن جي باري ۾‘ پڙهڻ  لاءِ ڏنائين پر اهو ڳرو بنڊ هو سو کڻي نه سگھيس ۽ معافي وٺي واپس ڪيو مانس. پوءِ ترگنيف ڏنائين. گورڪي جو ’منهنجي تربيت‘ پڻ پڙهايائين.
ڪتاب پڙهڻ بعد سائين انهي جي باري ۾ سوال به پڇندو هو ته انهي ڪتاب جو موضوع ڇا آهي، انهي ڪتاب ۾ سماجن کي ڪهڙا معاشي يا ذهني بحران درپيش آهن. ڪتاب جي موضوع بابت توهان جي ڇا راءِ آهي؟ پڙهائيندي پڙهائيندي سمجھائيندو به هلندو هو، مثال طور دوستووسڪي، ڪردارن جي مڪالمن ذريعي ماڻهن جا عڪس توهان جي ذهن ۾ ٺاهيندو هو. سندس نثر ۾ اهڙي ٻولي هوندي هئي جو ڳالهائيندڙ جو آواز ۽ سندس چهرو توهان جي ذهن ۾ ٺهندو ويندو.
هر دفعي، هر نئين ڪتاب ۽ ليکڪ جو هڪ ٻيو زاويو سمجهائيندو هو جو توهان ڪتاب جو ڍڪ کولي اندر ڏسي سگھو ته انهي ۾ اندر ڇا آهي ۽ ائين توهان جيڪو ڪتاب پڙهندا، تنهن کي مختلف پهلوئن کان سمجھڻ جي ڪوشش ڪندا.
کيس سوويت ادب وڻندو هو يا جيڪر ائين کڻي چئجي ته کيس طبقاتي جنگ مان انسپائر ٿيل ادب پسند هوندو هو. روسي ماسٽرس ۾ ٽالسٽائي ۽ گوگول ايڏا پسند هئس جو انهن جي ڪتابن ۾ پڙهجندڙ نالا پنهنجن ٻارن، خاص طور پنهنجين نياڻين تي رکيائين. سنڌي ۾ شاهه لطيف کان وڌيڪ شيخ اياز جو مداح هوندو هو، پر اياز وانگر کاٻي ڌر مخالف يا رجعت پسند ادب کي ڪا گھڻي اهميت ڪونه ڏيندو هو. هو فقط ادب کي اهم ۽ ضروري سمجھندو هو، اديب کي نه.
سائين سليم نهايت نرم لهجي ۾ طاقتور ٻولي ڳالهائڻ جي فن ۾ يڪتا هو. سندس آواز ۾ هڪ سنهي تنوار، هڪ قسم جو ميوزڪ هوندو هو (پر انهي مان اهو نه سمجھڻ گھرجي ته هو ڪنهن بورجوا گلابي گفتار جو عادي هو). ڳالهائي ته ڄڻ توهان جي ذهن ۾ ڪنهن منظر، ڪنهن ماڻهو، ڪنهن  نظرئي جا ترتيب وار عڪس ٺهي وڃن. منجهس زبردست طبقاتي شعور هوندو هو. پڙهائيندي پڙهائيندي، شاگردن جي دل ۾ سماجي انصاف جا بنيادي تصور ۽ ٻولي جا سلا  پوکيندو ويندو هو. سائين وٽ پڙهڻ ٽرانسفرميشن جو ڪورس مڪمل ڪرڻ جيان هو ۽ شايد تنهنڪري، سائين سليم وٽان پڙهي نڪتل، طاقتور جي اطاعت نه ڪندو ۽ هيڻن جو حمايتي هوندو. سندس هڪ ڪلاڪ جي تدريس، هڪ قسم جو ’هِيلِنگ ڪلاس روم‘ هو، جنهن ۾ ٻهراڙي جي ڀڳل ڀُريل ڇوڪرن کي مون ٻيهر تعمير ٿيندي ڏٺو.
مون ڪڏهن کيس پنهنجين ذاتي محرومين جي باري ۾ ڪا ڳالھه ڪندي نه ٻڌو ۽ نه ئي وري ڪڏهن پنهنجي يا پنهنجي ڪنهن ڪم جي ساراهه يا ذڪر ڪندي ٻڌم. کيس پنهنجي واکاڻ پسند به نه هوندي هئي. چوندو هو اسان جي انفرادي ڪاميابين پٺيان انيڪ،  بي نام ۽ بي چهرا انسان آهن، سو ڇا جي تعريف؟ پئسي لاءِ ڪا رغبت ڪانه هيس. ڪنهن سان ساڙ نه ڪندو هو، ڪنهن جي گلا نه ڪندو هو، ڪنهن سان رِيس نه ڪندو هو. انهن بدعتن کان آزاد هو. اهو شخصي تدبر، ادب، تعليم ۽ ننڍي عمر ۾ غربت جي المين ڪري سندن شخصيت جو حصو بڻيو.
وٽس پڙهندي مون پهريون ڀيرو سمجھيو ته مان پڻ قابل عزت انسان آهيان. ائين لڳم جيئن ورهين جا ورهيه ڪنهن سُرنگ ۾ رڙهندي رڙهندي ماڻهو ٻاهر نڪري ۽ حياتي ۾ هڪ ڊگهي اوندهه بعد سوجھرو اچي وڃي. سوچڻ سيکاريائين، سمجهايائين ته مان انسان آهيان، پٿر ناهيان. پٿر سوچي نٿا سگھن.
سائين وٽان پڙهي نڪتل بيشمار ماڻهو هاڻي مختلف شعبن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن... پر انهن جي اڪثريت ائين آهي جيئن ڪنهن وڏي ڊاڪٽر وٽ ملازمت ڪندي ڪندي ڪمپائونڊر ڪم سکي ويندا آهن ۽ پوءِ پنهنجي ڪلينڪ وڃي کوليندا آهن... اهو آواز، اهو علم ڪٿي جيڪو ڪنين پوي ته ڌرتي ڌُٻي، جيل ڀڄن ۽ ناقص معاشرتي مٽيريل مان ٺهيل ماڻهو آزاد ٿين!
حقيقت هي آهي ته منهنجي ٻولي ۾ اهڙا ڪي ٿانو ڪونهن، جن ۾ سليم جي مدح جو طعام رکي سگھان ۽ توهان سان شيئر ڪريان.

ڪجھه ڏينهن اڳ دادو ۾ سائين جي گھر ويس، سائين جي وڏي پٽ سِراج سان نيازمندي اٿم، رات جو اتي ٽڪيس. سفر دوران پڙهڻ لاءِ هڪ ڪتاب کڻي آيو هوس، سو رات جو پڙهڻ جي ڪوشش ڪيم پر ڪمري ۾ روشني گھٽ هئي. مهمان خاني ۾ سائين سليم جي هڪ وڏي تصوير لڳل هئي، جنهن جي چوڌاري ننڍڙن بلبن جو هڪ دائرو ڏنل هو، جن ۾ ايتري روشني هئي جو مان سولائي سان پڙهي ٿي سگھيس. سو مان سائين جي تصوير هيٺان ويهي پڙهڻ لڳس.

No comments:

راءِ ڏيندا