آسو ڪولهي
تعليم لاءِ جاکوڙيندڙ ھڪ باھمت ۽ باحوصله عورت
جي ڪٿا
پينل: شهر بانو، آصف ٿيٻو ۽ سارنگ جويو
آسو ڪولهي؛ منهنجي
ڄمڻ جي تاريخ 13 نومبر 1994ع آهي. بابا سائين چوندو هيو ته، جڏهن مان ٻن سالن جي هُيَس
ان وقت تيز بُخار جي صورت ۾ انجيڪشن لڳائي وئي، جنهن جي ڪري منهنجي هڪ ڄنگهه مُتاثر
ٿي. مان ان وقت ٻار هُيَس مون کي اندازو نه هيو زندگي ۾ پيش ايندڙ ڊاڪٽر جي غلطي جي
ڪري منهنجي زندگي جون مُسڪراهٽون ايئن ختم ٿي وينديون. نيٺ وقت هلندو رهيو، جڏهن پنجن
سالن جي ٿيس ته بابا سائين مون کي اسڪول ۾ داخل ڪرايو. منهنجي بابا جي خواهش هئي ته
مان پڙهي لکي استاد ٿيان. بابا چوندو هو ته، جيڪي غريب ٻارڙا آهن انهن کي ضرور تعليم
ڏجان. جڏهن پهرين ڏينهن منهنجو بابا مون کي اسڪول ڇڏڻ هليو ته مون کي چيائين ته پُٽَ
هڪ پڙهيل لکيل عورت پوري معاشري کي پڙهائيندي ۽ سُڌاريندي آهي. بابا سائين جو خواب
هو ته مان هن معاشري کي تعليم جي ذريعي تبديل ڪريان. تعليم ته پري جي ڳالهه آهي، پر اسان جي عورت کي هميشه پردي ۾ رکيو ويندو آهي.
ان عورت کي اهو حق به ناهي هوندو ته، پردو کولي پنهنجي حق لاءِ آواز بُلند ڪري سگهي.
عورت کي پنهنجي حق لاءِ ڳالهائڻ تي به ڏوهي سمجهيو ويندو آهي. مرد هميشه عورت کي پنهنجي
پيرن جي جُتيءَ برابر سمجهيو آهي، پر مرد کي ان ڳالهه جو بلڪل احساس ناهي هوندو ته،
هڪ عورت ڪنهن جي ڀيڻ هوندي آهي، ڪنهن جي زال هوندي آهي، جڏهن اها ساڳي عورت ماءُ جو
روپ وٺي ٿي ان وقت ان جي پيرن هيٺان جنت هوندي آهي. ان ئي عورت تي هميشه کان ظُلم ٿيندو
رهيو آهي. بابا سائين هميشه اهو چوندو هو ته عورت ديوي جو روپ آهي، ان ديوي تي هي کوکلو سماج
سدائين ظُلم ڪندو رهيو آهي. ان ڪري ئي بابا سائين مون کي پڙهايو ته، آئون پورا
پنج سال گوڏن تي گِسڪي گِسڪي اسڪول ويندي هُيَس، جڏهن شام جو گهر واپس موٽندي هُيَس
ته بابا چوندو هو ته، ”پُٽَ آسو ڪڏهن به همت نه هارجان، پنهنجو حوصلو هميشه بُلند رکجان.“ اسان وَٽ تمام
گهڻي غربت هوندي هئي. تڏهن بابا مون کي ڏهه رپيا خرچي ڏيندو هيو، تنهن مان مونکي ٻن
بَسُن جو سفر ڪري ساماري پهچڻو هوندو هو. ان
وقت مون ڇهين ڪلاس ۾ داخلا ورتي هئي، جڏهن مان مئٽرڪ جو امتحان ڏنو هو، ان وقت منهنجو
بابا سخت بيمار ٿي پيو هو. ڪافي علاج ڪرايو، ڊاڪٽرن ڪاري سائي ڏَسي، جنهن کي هاڻي جديد
دور ۾ هيپاٽائيٽس سي چوندا آهن. مان جڏهن اسڪول مان واپس موٽيس ته بابا جي طبيعت تمام
گهڻي خراب هئي. بابا مون کي آخري لفظ اهي چيا ته پُٽ آسو زندگي ۾ حوصلو ڪڏهن به نه
هارجان. بابا کان پوءِ منهنجي امڙ محنت ڪري، مزدوري ڪري مون کي (بي اي) تائين پهچايو.
تنهن کان پوءِ جڏهن مان پنهنجا ڪاغذ کڻي چونڊيل نمائندن وٽ وَيَس ته انهن مون سان کوڙ
سارا وَچن ڪيا ته؛ ”اسان تو کي آر او پلانٽ
ڏينداسين، تنهنجي ڳوٺ کي بجلي ڏينداسين، مون انهن کي صرف ايترو عرض ڪيو ته،
مون کي ڪجهه نه ٿو کپي، مون کي صرف توهان ماستريٰ جو آرڊر ڏيو ته، جيئن مان پنهنجي
زندگي جو مقصد جاري رکي سگهان، پر انهن نمائندن آخر ۾ مون کي صرف سؤ رپيا ڏئي روانو
ڪيو، پر پوءِ به مون همت نه هاري نيٺ مون پنهنجي همت سان پنهجي ڳوٺ جي ٻارن کي ويهاري
تعليم جي شروعات ڪئي.
سوال: توهان کي تعليم سان چاهه ڪڏهن ۽ ڪهڙي عمر ۾ ٿيو؟ توهان ٻارن کي پڙهائڻ جو ڪڏهن
کان سوچيو؟
آسو؛ مان جڏهن
کان اسڪول ويندي هُيَس انهن ڏينهن کان ئي مان سوچي ڇڏيو هو ته، مان وڏي ٿي ٻارن کي
پڙهائينديس، ڇو ته اها خواهش منهنجي بابا جي به هئي.
سوال: توهان زندگي ۾ ايتريون تڪليفون ڏٺيون، ڏکيا مرحلا ڏٺا، هاڻي ڇا ٿا سمجهو ته،
ڳوٺن جي تعليم جي هن عظيم مقصد کي اڳتي ڪئين وڌائجي؟
آسو؛ منهنجو
اهو مقصد ۽ شوق آهي ته، مان سنڌ ۾ جتي به ڪم ڪيان پنهنجي نالي سان هڪ تنظيم جوڙيان،
جن علائقن ۾ سنڌ جون نياڻيون ۽ ٻار تعليم کان محروم آهن، مان انهن علائقن ۾ پهچان.
جنهن سان سنڌي قوم ترقي ڪندي، ٻيو ته جيڪو طعنو اسان جي قوم جي نوجوانن کي مليل آهي
ته سنڌي اڻپڙهيل آهن، جاهل آهن ،مان ان طعني کي هميشه هميشه لاءِ ختم ڪريان. تعليم
نه هجڻ ڪري اسان جون نياڻيون قتل ٿي رهيون
آهن، جيئن تازو اسان جي علائقي ڪُنريءَ ۾ حوا ميگھواڙ کي سرعام قتل ڪيو ويو. جنهن کي
گهر کان اغوا ڪري زهر جي انجيڪشن ڏئي ماريو ويو. تنهن کان پوءِ ٻيو دردناڪ واقعو ليلان
جو آهي، جنهن کي گلي ۾ خنجر هڻي ماريو ويو. انهن سڀني بُراين جي جڙ تعليم نه هجڻ ڪري
آهي، جيڪڏهن اسان جي سنڌ جي ڳوٺن ۾ تعليم عام هُجي ها ته اهڙا دردناڪ واقعا جنم نه
وٺن ها.
سوال: توهان جي ڳوٺ جي ڪُل آبادي ڪيتري آهي
۽ ڳوٺ ۾ گريجيوئيٽ ڪيترا آهن؟
آسو؛ هن ڳوٺ
۾ چار سئو گهر آهن، چار هزار ماڻهو آهن ۽ انهن ۾ گريجوئيٽ صرف مان اڪيلي آهيان.
سوال: توهان کي ڇا ٿو لڳي ته توهان جيڪا تعليم ڳوٺ جي ٻارن کي ڏني آهي، ان کان پوءِ
ڳوٺ جي ماڻهن ۾ ڪيترو شعور آيو آهي؟ ڇا ماڻهن ۾ تعليم لاءِ جاکوڙ وڌي آهي؟
آسو؛ جي ها
بلڪل منهنجي اسڪول ۾ جيڪي معذور نياڻيون آهن، جيڪي گونگا ٻار آهن اهي به اچن ٿا. انهن
جو به اهو ساڳيو خواب آهي ته اسان پڙهي لکي ماستر ٿينداسين، ڊاڪٽر ٿينداسين، آفيسر
ٿينداسين.
سوال: ٻارن جي والدين جو ڇا چوڻ آهي؟ ڇا اهي توهان سان هن مقصد ۾ گڏ آهن؟
آسو؛ ها بلڪل
انهن جو مون سان ڪافي سهڪار رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته پهرين انهن کي ايترو شعور نه هيو، پر
جڏهن مون پڙهائڻ جي شروعات ڪئي تنهن کان پوءِ انهن منهنجو ساٿ ڏنو ۽ پنهنجن ٻارن کي
اسڪول موڪليو. مان انهن والدين جي نهايت شُڪرگذار آهيان.
سوال: تعليم جي ڦهلائڻ لاءِ توهان جيڪي ڪوششون
ڪيون، جيڪا جدوجهد ڪئي ان حوالي سان توهان کي ڪهڙيون ڏکيائون پيش آيون؟
آسو؛ ڪافي ڏکيائون
پيش آيون ايتري قدر جو ماڻهن اسان کي ڌمڪيون ڏنيون. وڏيرو ۽ جاگيردار ڪڏهن به نه چاهيندو
ته ڪو غريب جو ٻار پڙهي، ڇاڪاڻ ته وڏيرا اسان غريبن کي غلام ڏسڻ چاهين ٿا. تعليم هر
ٻار جو بُنيادي حق آهي، گورنمينٽ جا اسڪول بند پيا آهن، پر پرائيويٽ اسڪول کليل آهن.
سوال: چونڊيل نمائندن مان توهان کي ڪيتريون اُميدون آهن؟
آسو؛ پهرين
جڏهن بلاول ڀُٽو صاحب جڏهن نوٽيس ورتو، تنهن کان پوءِ سينيٽر عاجز ڌامراهه مون وٽ هلي
آيو. ان جا به مون تي ڪافي ٿورا آهن، جيڪڏهن
آسو ٻائي سنڌ اسيمبليٰ تائين پهچي
نه سگهي ها، ته شايد آمريڪا تائين به غريب
ٻارن جو آواز کڻي نه پهچي سگهي ها. ٻيو ته هن روڊ ڏيڻ جو به اعلان ڪيو. ڇاڪاڻ ته هتي
روڊ جي سهولت جي اڻهوند ڪري بيمار ماڻهن کي
يا اهي عورتون جيڪي ڊليوري ڪيس دوران تڙپي تڙپي دَم ڏينديون آهن. روڊ نه هُجڻ ڪري ڪيتريون
جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن. تنهن کان پوءِ حنا دستگير ٻن سِلائي گهرن جو پڻ اعلان ڪيو.
تنهن کان پوءِ نواب تيمور خان هتي آيو، هن نواب يوسف جي ڪوٽا مان هڪ آر .او پلانٽ،
تلاءُ ۽ ٻن ڪمرن جو اعلان ڪيو، پر انهن سڀني نمائندن رڳو سکڻا اعلان ڪيا، باقي ڳوٺ
کي مليو ڪجهه به ناهي. تنهن کان پوءِ علي مرادن شاهه آيو، جنهن اهو اعلان ڪيو ته، پندرنهن
ڏينهن ۾ ٿنڀا به لڳي ويندا ۽ ڳوٺ کي بجلي به ملي ويندي، پر ان اعلان کي به سال گذري
چڪو آهي، پر مليو صرف هڪڙو ڪمرو آهي.
سوال: توهان جي اسڪول ۾ هن وقت ڪيترا ٻار تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، انهن ۾ ڇوڪرين
جو تعداد ڪيترو آهي؟
آسو؛ منهنجي
اسڪول ۾ ڪُل 336 ٻارڙا آهن، انهن ۾ ڇوڪرين جو تعداد 136 آهي.
سوال: اسڪول ۾ ڇوڪرين جو تعداد ايترو گهٽ ڇو آهي،ان جو سبب ڇا آهي؟
آسو: ڏسو اسان
وٽ غربت تمام گهڻي آهي، ان ڪري والدين ڇوڪرين جي ننڊي عمر ۾ شاديون ڪري ڇڏين ٿا. باقي
ڇوڪرن کي تعليم ڏيڻ چاهين ٿا. ان جو سبب اهو آهي ته، والدين وٽ ايترا وسيلا ناهن جو
سڀني ٻارڙن کي تعليم ڏئي سگهن.
سوال: توهان تعليمي ڦهلاءَ لاءِ جيڪا جدوجهد ڪئي آهي، ان مقصد لاءِ سماجي تنظيمن
توهان سان ڪو سهڪار ڪيو آهي؟
آسو؛ نواب تيمور
ڪجهه ڪتاب، ڪجهه سوئيٽر، 8 بئنچون، هڪ ڪُرسي ۽ هڪ بورڊ مُهيا ڪيو هو. تنهن کان پوءِ
نثار کهڙو آيو هو، ان نوٽيس ورتو ته، جيڪي اسڪول بند پيل آهن انهن جا تالا ٽوڙي آسو
کي فرنيچر ڏنو وڃي. جنهن مان مون کي 20 ڪُرسيون ۽ ڏهه بئنچون مليون آهن.
سوال: نثار کُهڙي ۽ ٻين عوامي نمائندن جي اعلانن کان پوءِ به ڪو عمل ناهي ٿيو، توهان
ڇا ٿا سمجهو ته سنڌ جي تباهه ٿيل تعليم جو ذميوار ڪير آهي؟
آسو؛ هڪڙو ته
ڪاپي ڪلچر جي ڪري اسان جي تعليم تباهه آهي، ٻيو ته تعليم جي بُنيادي سهولتن جي اڻهوند
آهي، ٽيون ته هزارن جي تعداد ۾ اسڪول بند پيل آهن. منهنجو جيڪو اسڪول آهي ان کي نثار
کهُڙي جي اچڻ کان پوءِ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي حوالي ڪيو ويو. تنهن کان پوءِ هڪڙو
اعزازي چيڪ مليو. وري چار مهينا چيڪ ملڻ بند ٿي ويو. جڏهن وري اها ڳالهه ميڊيا تي آئي
ته تنهن کان پوءِ چيڪ مليو. وري ستن مهينن گذرڻ کان پوءِ چيڪ مليو. هاڻي چوٿون مهينو
گذري چڪو آهي، اڃا تائين ڪو چيڪ ناهي مليو.
سوال: ملالا سان ملاقات ڪئين رهي، آمريڪا جي دوري جي باري ۾ توهان ڇا چوندو؟ ڪجهه
يادگيريون شيئر ڪيو؟
آسو؛ آمريڪا
۾ ڇوڪرين کي پورا پورا حق مليل آهن، اتي تعليم کان ويندي هر اداري ۾ توهان کي عورت
نظر ايندي. اتي عورت جي معاشري ۾ عزت آهي، پر اسان وٽ عورت کي پير جي جُتيءَ برابر
سمجهيو وڃي ٿو. هتي عورت کي ڪاري ڪري ماريو وڃي ٿو. سنڌي عورت کي ڊپ ختم ڪرڻو پوندو،
عورت کي پردي ۾ رکيو وڃي ٿو، جنهن ڪري عورت ۾ خود اعتمادي پيدا نٿي ٿئي. اسان جي سماج
۾ عورت کي اهو مقام ناهي ملي سگهيو جيڪو مغرب جي عورت کي مليل آهي. اسان جون سنڌي ڇوڪريون
به پائليٽ ۽ ڊاڪٽر ٿي سگهن ٿيون، جيڪڏهن هنن کي تعليم ۽ سماجي برابري ۽ ٻيا حق ڏنا
وڃن.
سوال: ڇا توهان جي بابا ڪڏهن توهان جي علاج
ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي،ڪڏهن توهان کي علاج لاءِ شهر وٺي ويو؟
آسو؛ جي ها
بلڪل جڏهن مان ڇهين ڪلاس ۾ داخل ٿيِس ته ان وقت ڪُنريءَ ۾ هڪ واڻيو ڊاڪٽر هو، ان کان
بابا منهنجو علاج ڪرايو اسان غريب رهيا آهيون
ان وقت منهنجي بابا وٽ گهر ۾ ڪجهه چوپايو مال هو، اُهو کپائي علاج ڪرائڻ شروع
ڪيائين. تقريبن ٽي مهينا منهنجو علاج هليو.
سوال: جڏهن توهان کي ملالا نيو يارڪ اچڻ جي دعوت ڏني ۽ توهان نيويارڪ ايئرپورٽ تي
پهتا ته ان وقت توهان ڇا محسوس ڪيو؟
آسو ڪولهي؛ مون کي
تمام گهڻي خوشي ٿي جڏهن مون اتان جو ڪلچر ڏٺو ۽ صفائي ڏٺي، سڀ کان وڏي ڳالهه ته مون
اتي برابري ڏٺي. ملالا واري دعوت ۾ مون سڀني مهمانن ۽ شخصتين کي ساڳين ڪرسين تي ويٺل
ڏٺو،پر اسان وٽ برابري بلڪل به ناهي. غريب کي هميشه پَٽَ تي ويهاريو ويندو آهي ۽ اسان
جا چونڊيل نمائنده، ايم. اين. اي، ۽ ايم .پي. اي اهي ڪرسين تي ويهندا آهن. برابري جو
اصول سڀني تي لاڳو ٿيڻ گهرجي، اسان وٽ به اهو فرق ختم ٿيڻ گهرجي تڏهن ئي اسان جو مُلڪ
ترقي ڪندو، جڏهن اوچ نيچ ختم ڪئي ويندي. غريبن کي عزت ملڻ گهرجي، غريبن جي ٻارن کي
برابر سمجهيو وڃي، انهن کي تعليم ڏني وڃي. اهو ساڳيو چونڊيل نمائندو ووٽ وٺڻ مهل اسان
وٽ ڊوڙيو ايندو آهي، ڀاڪر پائي ملندو آهي، پر اليڪشن کٽڻ کان پوءِ اسان کي ڌڪا ڏئي
پري ڪندو آهي ته پري ٿيو پري ٿيو ڪپڙا خراب
ٿيندا. ان کي ان مقام تي پهچائڻ وارا به اسان آهيون. ان کي اسيمبلي اندر ڪُرسيءَ تي
ويهارڻ وارا به اسان آهيون. تنهن جي باوجود به اسان کي عزت ناهي ملندي، اسان کي پنهنجا
حق ناهن ملندا، اسان جي ٻارڙن کي تعليم کان محروم رکيو ويندو آهي. اتان جي سياست ۽
هتان جي سياست ۾ زمين آسمان جو فرق آهي،اتي ماڻهن سان برابري وارو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو.
سوال: ملالا سان ٿيل ملاقات ۾ توهان جو سنڌ جي تعليم جي باري ۾ ذڪر ٿيو هوندو؟ اهي
ويچار ونڊيو.
آسو؛ ملالا
کي مون سنڌ جي تعليمي صورتحال جي باري ۾ ٻُڌايو ته، سنڌ جي تعليم ڪهڙيءَ طرح تباهه
ڪئي وئي آهي. ان تي ملالا اهو چيو ته اسان پنهنجا ماڻهو سنڌ موڪلينداسين.
سوال: ملالا کي ته عالمي ادارا ۽ ڊونرز مدد ڪن ٿا، پر توهان پنهنجي هن مقصد کي اڳتي
ڪيئن وڌائيندو؟ توهان جي ته مدد ڪرڻ وارو ڪير ئي ناهي؟
آسو؛ مُنهنجي
اها ڪوشش آهي ته، مان پنهنجي نالي سان ڪا تنظيم جوڙيان،جتي جتي آئون پهچي سگهان جتي
به غريب عوام آهي،پوري پاڪستان ۽ سموري سنڌ ۾ جتي اسڪول بند پيا آهن يا جتي اسڪول ناهن
اتي تعليم کي عام ڪرڻ چاهيان ٿي. مان چاهيان ٿي ته پوري ملڪ ۾ هر معصوم ٻار کي هٿ
۾ ڪتاب ۽ قلم هجي. جنهن ٻار جي عمر پنج سال آهي ان جي هٿ ۾ ڪتاب بدران پنج ڪلو جي ڪوڏر
آهي. اهو به نهايت غلط عمل آهي ته معصوم ٻارڙن کان مزدوري ورتي وڃي، جڏهن ته انهن جي
عمر پڙهڻ جي آهي.
سوال: سنڌ جي تباهه ٿيل تعليمي صورتحال کان
پوءِ ڇا توهان انهن اداران ۽ چونڊيل نمائندن مان اُميد رکو ٿا ته، اهي سنڌ جي تعليم
لاءِ ڪي بهتر قدم کڻي سگهن ٿا؟
آسو؛ گورنمينٽ
جا ته ڪافي اسڪول بند پيل آهن، هتي هر سهولت وڏيري کي مليل آهي، نوڪرين جا جيڪي چار
آرڊر جاري ڪيا وڃن ٿا اهي به وڏيري جي کيسي ۾ وڃن ٿا. جيڪڏهن سنڌ جو ڪو ماڻهو پنجاهه
هزار پگهار کڻي ٿو، پر اهو به پنهنجي مقصد
سان سچو ناهي رهيو. تعليم سان مُخلص ناهي رهيو. نتيجو اهو نڪري ٿو ته انفرادي طور اسان
کي اڳتي اچڻو پوي ٿو، تنهن کان پوءِ سماج جو ڪجهه حصو اسان کي موٽ ڏئي ٿو. باقي سنڌ
جي چونڊيل نمائندن اسان کي گهڻو مايوس ڪيو آهي، پر ان مايوسي کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان
کي اڳتي اچڻو پوندو.
سوال: ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ نصابي صورتحال ۽ تعليم جي رُجحان کي ڪيئن ٿا ڏسو؟
آسو؛ هڪ ته
عوام خود ذميوار آهي، جيڪو پنهنجي ووٽ جو صحيح
استعمال نٿو ڪري ته، ووٽ ڪنهن کي ۽ ڇو ڏيڻ
گهرجي. ٻيو ته حڪومت جا هزارن جي تعداد ۾ اسڪول بند پيل آهن، جيڪا ڪوتاهي عوام جي نه
،پر حڪومتي سطح تي ويٺل ماڻهن جي آهي. ٽيون اهو ته اسان وٽ غربت جي لڪير هيٺان ماڻهو
جيئن پيا، اهي ماڻهو خانگي اسڪولن جون ڳريون فيسون ڪٿان آڻيندا جو پنهنجن ٻارن کي اسڪول
موڪلي سگهن. اها حڪومت جي ذميواري آهي ته، بند پيل اسڪول جلد از جلد کولين ۽ تعليمي
نظام ۾ سڌارا آندا وڃن.
سوال: ملالا سان ملاقات کان پوءِ ٻاهرين ادارن طرفان يا خود ملالا طرفان توهان کي
مالي طور سهڪار لاءِ ڪا آڇ ٿي آهي ته، جيئن توهان پنهنجو هي مشن جاري رکي سگهو؟
آسو؛ فلحال
ته مون کي ڪٿان به ڪنهن به قسم جي ڪا مالي سهائتا نه ٿي سگهي آهي. باقي جيسيتائين ملالا
سان ملاقات جو تعلق آهي ته ، مان سمجهان ٿي ته مان ملالا وانگر پنهنجي هن سفر کي جاري
رکان ۽ تعليم لاءِ ڪم ڪندي رهان. اڳتي هلي منهنجي هن سفر ۾ ڪير نه ڪير رهنمائي ضرور
ڪندو.
سوال: سنڌ جي تباهه ٿيل تعليمي نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ توهان وٽ ڪهڙيون تجويزون
آهن؟
آسو؛ پهرين
ڳالهه ته سنڌ جي وڏيري کي حڪومتي سطح تي جيڪي اختيار مليل آهن، انهن جو هو بلڪل غلط
نموني استعمال ڪري پيو. اسڪولن کان ويندي نوڪرين ماسترين جي نڪتل آرڊرن تي به هو پنهنجن
ماڻهن جو حق سمجهي ٿو. پر انهن سهولتن جو حقدار غريب ماڻهو هئڻ گهرجي،ميرٽ تي نوڪريون
ڏنيون وڃن، جتي وڏا وڏا ڳوٺ آهن اتي اسڪول ڏنا وڃن.
سوال: آخر ۾ سنڌ جي عورتن جي حوالي سان توهان جو ڪهڙو پيغام آهي؟
آسو؛ جڏهن تعليم
عام هوندي ته عورت جي به عزت ٿيندي،معاشري ۾ ان کي حق به ملندا، ان ڪري عورت کي گهُرجي
ته تعليمي مقصد لاءِ اڳيان نڪري اچي. جنهن سان سماج ۾ تبديلي ايندي، باقي عورت پاڻ
کي جڏهن مظلوم تصور ڪندي ته، پوءِ اها عورت معاشري سان مقابلو نٿي ڪري سگهي. هاڻي ميڊيا
جو دور آهي عورتن سان ٿيندڙ ظلم جو چٽو داستان ميڊيا پنهنجي اسڪرين تي ڏيکاري ٿي، ان
ڪري مان اهو چونديس ته عورت کي هاڻي بغير ڪنهن خوف جي پنهنجي مقصد خاطر اڳيان اچڻ گهرجي.
آسو
ٻائي
علم
جي شمع روشن ڪندڙ
جهانگير ملاح - ٽنڊو غلام علي
تعليم جي حوالي سان عالمي مڃتا ماڻيندڙ سنڌ جي نياڻي
آسو ٻائي ٽنڊو غلام علي ۾ سندس ئي تعليمي ڪردار وانگر مڃتا ماڻيندڙ ملالا ايٽ مير بندهه علي خان ٽالپر فيڊر اسڪول ٽنڊو غلام علي جي هيڊ ماستر موتي
رام ميگهواڙ پاران اسڪول ۾ سندس مان ۾
رکيل تقريب ۾ شرڪت ڪئي جتي خطاب ڪندي آسو ٻائي چيو ته دنيا چنڊ تي پهچڻ بعد اتي
انساني رهائشگاهه ٺاهڻ جي تيارين ۾ آهي پر پاڪستان خاص ڪري سنڌ ۾ نياڻين کي اڃان به پردي ۾ رکيو پيو وڃي
جنهن سبب هتي جي ٻهراڙي جي نياڻيون تعليم
جي حاصلات لاءِ گهٽ نڪرن ٿيون، جنهن ڪري سنڌ جي ٻهراڙين ۾ هن
جديد دئور ۾ نياڻين جي تعليم گهٽ آهي، ۽ سهولتون نه هجڻ ڪري اڃان تائين به غريب جو
ٻار وري به هاري ئي پيدا ٿي رهيو آهي. هن
چيو ته آئون به هڪ هاري جي نياڻي آهيان منهنجي والد مون کي اهو چئي پڙهايو ته تون پڙهي ماسترياڻي ٿي علائقي جي غريب ماڻهن
جي نياڻين کي تعليم جي زيور سان سينگارجان ته جيئن هتي جو نياڻيون وڌ کان وڌ تعليم
حاصل ڪري سنڌ ڌرتي جي ترقي ۾ حصو وٺي سگهن.
آسو ٻائي
چيو ته مون بابا جو خواب کي ساڀيان ڪرڻ لاءِ معذوري ۽ غربت باوجود بي.اي تائين تعليم حاصل ڪئي، آسو ٻائي چيو ته
منهنجو والد مسڪين هاري هو مون کي ڪاليج جي پڙهائي دوران صرف 10 روپيا خرچي ملندي
هئي. جنهن مان 5 روپيا ايندي ۽ 5 روپيا ويندي ڀاڙو ڏيندي هئس ماني شام جو 5 وڳي
اچي گهر کائيندي هئس، هن چيو ته منهنجي والد جي مرتئي بعد علائقي جي چونڊيل
نمائندن کي پيٽ گذر ۽ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ نوڪري جو چيو پر هنن مون کي نوڪري ڏيڻ
جو آسرو به نه ڏنو ۽ معذور سمجهي ڪجهه رقم ڏني جيڪا مون نه ورتي،
آسو ٻائي
اهڙي طرح آئون مايوس ٿي گهر ويهي رهيس پر مون جهڙي ئي هڪ غريب شخص سماجي ڪارڪن
جانب دلواڻي منهنجي مدد ڪئي ۽ مون کي هڪ جهوپڙي ۾ اسڪول قائم ڪري ڏنائين جنهن ۾ ڏسندي
ئي ڏسندي 336 غريب ماڻهن جا ٻار ۽ نياڻيون داخل ٿي ويون جنهن جي مئنيجمنٽ هلائڻ ۾
مشڪل ٿيڻ تي جانب دلواڻي مون کي ميڊيا جو سهارو ڏياريو ته جيئن اسان کي وڌيڪ استاد
ملي سگهن ها، جنهن بعد ڪنري جي عوامي آواز جي عيوضي مون غريب جي محنت ڏسي منهنجي
اسڪول ۽ پريشانين جي خبر هلائي. اهڙي طرح اسان جي محنتن رنگ لاتو، اسان جي اسڪول
لاءِ بلاول ڀٽي زرداري نوٽيس ورتو، جنهن بعد وزيرن ۽ ڪامورن اسڪول لاءِ مدد فراهم ڪئي.
آسو ٻائي
چيو ته نواب يوسف ٽالپر ۽ نثار کهوڙي مون کي سرڪاري نوڪري ڏيارڻ جو اعلان ڪيو پر اڃان
تائين اهي اعلان، اعلان ئي رهجي ويا آهن، هن چيو ته مون ڪڏهن به ايترو نه سوچيو ته
آئون تعليم جي جاڳرتا لاءِ ٻاهرين ملڪ به ويندس، هن چيو ته اين سي ايڇ ڊي جا اسڪول
نالي ماتر هوندا آهن، پر ماستر موتي رام کي جس هجي جنهن پنهنجي ذاتي ڪوششن
سان ملالا فيڊر اسڪول ٽنڊو غلام علي کي هر
سهولت سان آراسته بڻائي 500 کان وڌيڪ غريب ٻارڙن کي گهٽ پگهار تي تعليم ڏيئي رهيو
آهي،
خطاب ڪندي
جانب دلواڻي چيو ته آئون هڪ مسڪين ماڻهو آهيان، آسو ٻائي ۽ منهنجي هڪ ئي ڪهاڻي هئي
ته غريب نياڻين ئي تعليم ڏيارجي سو اسان به گڏجي ڪوشش ڪئي هڪ لڪيل ڪردار آسو ٻائي
کي عوامي آواز ۽ سوشل ميڊيا تي ظاهر ڪيو، اڄ هن جي نالي سان منهنجي به سڃاڻپ ٿي
رهي آهي جيڪا ڳالهه مون لاءِ فخر فخر جوڳي آهي، هن چيو ته ننڍي عمر ۾ ئي منهنجي
والد جي وفات ٿي ويئي هئي تعليم وڏن ڏکيائين سان حاصل ڪرڻ تي مون پڪو پهه ڪري ڇڏيو
ته بابا پاران پويان ڇڏيل ملڪيت جيڪا صرف 3 ايڪڙ زمين آهي، ان مان ملندڙ آمدني هتي
جي غريب شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تعليم تي
خرچ ڪندس، مون کي شاگردن جي همدرد استادن جي ڳولا هئي.
آسو ٻائي
جو ٻڌي ساڻ مليس جنهن سندس والد جو خواب ٻڌايو ته غريب نياڻين کي ماسترياڻي ٿي
تعليم ڏيڻ جو ٻڌائي علائقي جي چونڊيل نمائندن جو حال ٻڌائي روئي ڏنو، اهڙي طرح
اسان گڏجي پنهنجو پاڻ تي ڀاڙي جهوپڙي ۾ اسڪول کوليوسين، اڄ اهي چونڊيل نمائندا به
آسو ٻائي جو تعلق سندن علائقي سان آهي جو چئي فخر ٿا محسوس ڪن، جانب دلواڻي خطاب
دوران چيو ته محنت ۽ تعليم سان هر ناممڪن شيءِ به ممڪن بڻجي ٿي وڃي، هن شاگردن ۽
شاگردياڻين کي مخاطب ٿيندي چيو ته دل سان علم پرايو اهو وقت پري نه آهي جو هاڻ
غريب جو ٻار به وڏو آفيسر ٿي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪري، تقريب ۾خطاب ڪندي ماستر موتي
رام چيو ته اسان کي وڏي خوشي ٿي آهي جو سنڌ جي ملالا آسو ٻائي اسان جي اسڪول جو وزٽ
ڪيو آهي.
هن چيو ته
منهنجو ٽنڊو غلام علي ۾ وڏو دڪان هو، جتان دنيا جي هر خوشي حاصل پئي ڪيم پر منهنجي
پاڙي جي غريب ٻارڙن کي اسڪول گهرن کان پري هجڻ ڪري تعليم جي حاصلات ۾ ڏکيائين کي ڏسندي
مون اين سي ايڇ ڊي جي تعاون سان 1500 پگهار عيوض
پاڙي جي ٻارڙن لاءِ هڪ جهوپڙي وارو اسڪول کوليو، جيڪو اڳيان هلي هتي جي
سماجي اڳواڻن جي مدد سان 8 ڪمرن واري بلڊنگ ۾ تبديل ٿي ويو آهي ۽ هاڻ پاڙي جي ٻارڙن
سميت شهر ۽ ٻهراڙي جي غريب ماڻهن لاءِ بهتر تعليم جي مرڪز ۾ بدلجي چڪو آهي.
ماستر
موتي رام چيو ته حڪومت کي گهرجي ته اسان جي محنتن کي ڏسي اسان کي به سرڪاري
ماسترين واريون نوڪريون ڏين ته جيئن اسان به تعليم ڏيڻ سان گڏ پنهنجن ٻچن جو گذر
سفر به ڪري سگهون. تقريب ۾ ٽائون ڪاميٽي ٽنڊو غلام علي جي چيئرمين حاجي محمد صديق
خاصخيلي خطاب ڪندي چيو ته آسو ٻائي ۽ ماستر موتي رام ميگهواڙ سنڌ ڌرتي جي غريب
شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ غربت واري حالت ۾ به پاڻ پتوڙڻ تي جس لهڻن اسان به ٽنڊو غلام
علي جي سمورن پرائمري کان هائير سيڪنڊري اسڪولن ۾ شاگرد دوست ماستر ۽ ماسترياڻيون
مقرر ڪرائڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي آهي. هن وقت ٽنڊو غلام علي جي سمورن اسڪولن ۾ پهرين
کان ٻارهين تائين ڪاپي ڪرڻ جو تصور ئي ختم ڪرائي ڇڏيو آهي ته جيئن هتي جا شاگرد پاڻ
به اهليت جي بنيادن تي اعليٰ نوڪريون ماڻي سگهن، هن چيو ته ٻار ڪيترو به ذهين هجي
پر استاد سٺو نه هوندو ته بهتر تعليم حاصل نه ڪري سگهندو ۽ جيڪڏهن استاد ڪيترو به
بهتر هجي پر ٻار جي هوم اسٽڊي نه ڪندو ته سٺي تعليم حاصل نه ڪري سگهندو، پر ماستر
موتي رام کي جس هجي هو گهٽ پگاهر تي به شاگردن جي والدين سان رابطي ۾ رهي شاگرد کي
تراشي هيرو بڻائي ٿو.
تقريب ۾
جهوني استاد سائين محمد ايوب قمبراڻي، صابر ڳهلڙي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، جنهن بعد سنڌ جي نياڻي آسو ٻائي پريس
ڪلب ٽنڊو غلام علي پهتي، جتي پريس ڪلب ٽنڊو غلام علي جي جنرل سيڪريٽري جهانگير
ملاح، حاجي شبير احمد مغل، ارباب علي کوسي ۽ ٻين صحافين سان گڏ سماجي اڳواڻن سيد
اعجاز علي شاهه، حاجي عبدالرحمٰن عرف لادن مغل، خالد حسين عرف جو جو دل، نياز
خاصخيلي، آسو ٻائي ۽ سندس سان گڏ آيل مهمانن کي چانهه پارٽي ڏني ۽ سنڌ جي سوکڙي
اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا. ان موقعي تي سماجي اڳواڻ عبدالرحٰمن لادن جي 4 سالن جي فرند
عبدالرافع مغل آسو ٻائي کي پاڪستان جو جهنڊو تحفي طور پيش ڪيو.
No comments:
راءِ ڏيندا