آسو ڪولهي
تعليم لاءِ جاکوڙيندڙ ھڪ باھمت ۽ باحوصله عورت
جي ڪٿا
پينل: شهر بانو، آصف ٿيٻو ۽ سارنگ جويو
آسو ڪولهي؛ منهنجي
ڄمڻ جي تاريخ 13 نومبر 1994ع آهي. بابا سائين چوندو هيو ته، جڏهن مان ٻن سالن جي هُيَس
ان وقت تيز بُخار جي صورت ۾ انجيڪشن لڳائي وئي، جنهن جي ڪري منهنجي هڪ ڄنگهه مُتاثر
ٿي. مان ان وقت ٻار هُيَس مون کي اندازو نه هيو زندگي ۾ پيش ايندڙ ڊاڪٽر جي غلطي جي
ڪري منهنجي زندگي جون مُسڪراهٽون ايئن ختم ٿي وينديون. نيٺ وقت هلندو رهيو، جڏهن پنجن
سالن جي ٿيس ته بابا سائين مون کي اسڪول ۾ داخل ڪرايو. منهنجي بابا جي خواهش هئي ته
مان پڙهي لکي استاد ٿيان. بابا چوندو هو ته، جيڪي غريب ٻارڙا آهن انهن کي ضرور تعليم
ڏجان. جڏهن پهرين ڏينهن منهنجو بابا مون کي اسڪول ڇڏڻ هليو ته مون کي چيائين ته پُٽَ
هڪ پڙهيل لکيل عورت پوري معاشري کي پڙهائيندي ۽ سُڌاريندي آهي. بابا سائين جو خواب
هو ته مان هن معاشري کي تعليم جي ذريعي تبديل ڪريان. تعليم ته پري جي ڳالهه آهي، پر اسان جي عورت کي هميشه پردي ۾ رکيو ويندو آهي.
ان عورت کي اهو حق به ناهي هوندو ته، پردو کولي پنهنجي حق لاءِ آواز بُلند ڪري سگهي.
عورت کي پنهنجي حق لاءِ ڳالهائڻ تي به ڏوهي سمجهيو ويندو آهي. مرد هميشه عورت کي پنهنجي
پيرن جي جُتيءَ برابر سمجهيو آهي، پر مرد کي ان ڳالهه جو بلڪل احساس ناهي هوندو ته،
هڪ عورت ڪنهن جي ڀيڻ هوندي آهي، ڪنهن جي زال هوندي آهي، جڏهن اها ساڳي عورت ماءُ جو
روپ وٺي ٿي ان وقت ان جي پيرن هيٺان جنت هوندي آهي. ان ئي عورت تي هميشه کان ظُلم ٿيندو
رهيو آهي. بابا سائين هميشه اهو چوندو هو ته عورت ديوي جو روپ آهي، ان ديوي تي هي کوکلو سماج
سدائين ظُلم ڪندو رهيو آهي. ان ڪري ئي بابا سائين مون کي پڙهايو ته، آئون پورا
پنج سال گوڏن تي گِسڪي گِسڪي اسڪول ويندي هُيَس، جڏهن شام جو گهر واپس موٽندي هُيَس
ته بابا چوندو هو ته، ”پُٽَ آسو ڪڏهن به همت نه هارجان، پنهنجو حوصلو هميشه بُلند رکجان.“ اسان وَٽ تمام
گهڻي غربت هوندي هئي. تڏهن بابا مون کي ڏهه رپيا خرچي ڏيندو هيو، تنهن مان مونکي ٻن
بَسُن جو سفر ڪري ساماري پهچڻو هوندو هو. ان
وقت مون ڇهين ڪلاس ۾ داخلا ورتي هئي، جڏهن مان مئٽرڪ جو امتحان ڏنو هو، ان وقت منهنجو
بابا سخت بيمار ٿي پيو هو. ڪافي علاج ڪرايو، ڊاڪٽرن ڪاري سائي ڏَسي، جنهن کي هاڻي جديد
دور ۾ هيپاٽائيٽس سي چوندا آهن. مان جڏهن اسڪول مان واپس موٽيس ته بابا جي طبيعت تمام
گهڻي خراب هئي. بابا مون کي آخري لفظ اهي چيا ته پُٽ آسو زندگي ۾ حوصلو ڪڏهن به نه
هارجان. بابا کان پوءِ منهنجي امڙ محنت ڪري، مزدوري ڪري مون کي (بي اي) تائين پهچايو.
تنهن کان پوءِ جڏهن مان پنهنجا ڪاغذ کڻي چونڊيل نمائندن وٽ وَيَس ته انهن مون سان کوڙ
سارا وَچن ڪيا ته؛ ”اسان تو کي آر او پلانٽ
ڏينداسين، تنهنجي ڳوٺ کي بجلي ڏينداسين، مون انهن کي صرف ايترو عرض ڪيو ته،
مون کي ڪجهه نه ٿو کپي، مون کي صرف توهان ماستريٰ جو آرڊر ڏيو ته، جيئن مان پنهنجي
زندگي جو مقصد جاري رکي سگهان، پر انهن نمائندن آخر ۾ مون کي صرف سؤ رپيا ڏئي روانو
ڪيو، پر پوءِ به مون همت نه هاري نيٺ مون پنهنجي همت سان پنهجي ڳوٺ جي ٻارن کي ويهاري
تعليم جي شروعات ڪئي.

