; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجو

02 July, 2026

ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجو

ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجو

خاموشيءَ سان سندس موڪلاڻي ۽ ڪجھ سوال

محمد احسان لغاري



سنڌ ۽ پاڪستان جي علمي، سائنسي ۽ ادبي منظرنامي تان پروفيسر ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجي جهڙي قداور شخصيت جو خاموشيءَ سان هليو وڃڻ رڳو هڪ فرد جي موڪلاڻي نه آھي، پر اها هڪ اهڙي فڪري منش جي پڄاڻي آھي جن علم ۽ سائنس کي سماجي ذميواري سمجھي بي لوث نڀايو. هو انهن ناياب ماڻهن مان هئا، جن لاءِ سائنس رڳو ليبارٽريءَ جي ڀتين تائين محدود علم نه هئي، پر انساني زندگين کي بهتر بڻائڻ جو ذريعو هئي. هڪ طرف هو پئراسائيٽولاجي جهڙي انتهائي پيچيده شعبي جا بين الاقوامي سطح جا محقق هئا، ته ٻي طرف هو سنڌي ٻوليءَ ۾ صحت، ماحوليات، انساني جسم، موسمياتي تبديلين ۽ سماجي شعور بابت سائنسي ادب تخليق ڪندڙ اهڙا عالم هئا، جن علم کي وڏن ماڻھن کان ڪڍي عوام ۽ غريب شاگردن تائين پهچائڻ کي پنهنجي زندگيءَ جو مقصد بڻايو.


هو اهڙي پيڙھي وارا استاد هئا، جيڪي شاگردن کي رڳو نصابي مواد ياد نه ڪرائيندا هئا، پر کين سوال ڪرڻ، دليل ڏيڻ، تحقيق ڪرڻ ۽ سماج سان لاڳاپيل رهڻ سيکاريندا هئا. سندن وڇوڙو ان ڪري به وڌيڪ ڏکوئيندڙ آهي، ڇاڪاڻ ته اسان اهڙي دور ۾ داخل ٿي چڪا آهيون جتي علمي ۽ سائنسي خدمتون اڪثر ميڊيا جي گوڙ ۽ سياسي تماشي جي هيٺان دفن ٿي وينديون آهن.

شروعاتي زندگي ۽ علمي اوسر:

ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجو ۲ سيپٽمبر ۱۹۵۰ع تي لاڙڪاڻي ۾ علي حسن ڌاريجي جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس ابتدائي تعليم روايتي ديني مدرسي مان شروع ٿي، جنهن سندس شخصيت ۾ فڪري نظم، مطالعو ۽ علم سان لڳاءُ پيدا ڪيو. بعد ۾ جديد تعليم ڏانهن سندس سفر انتهائي محنت ۽ ذهني جاکوڙ سان اڳتي وڌيو. هن ۱۹۶۵ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي. سنڌ يونيورسٽيءَ مان ۱۹۷۱ع ۾ بي.ايس.سي ۽ پوءِ ۱۹۷۳ع ۾ زولاجيءَ ۾ ايم.ايس.سي جي ڊگري حاصل ڪئي. فطرت، حياتيات ۽ جيوت جي دنيا سان سندس دلچسپي رڳو نصابي ضرورت نه هئي، پر هڪ گهري علمي وابستگي هئي. ساڳئي وقت، هن پنهنجي فڪري افق کي رڳو سائنس تائين محدود نه رکيو. ۱۹۷۲ع ۾ “اديب فاضل” جي سند حاصل ڪرڻ ۽ پوءِ ۱۹۷۴ع ۾ ايل.ايل.بي ڪرڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته سندس شخصيت گهڻ رخي هئي. هو سائنس، ادب، سماج ۽ قانون جي لاڳاپن کي گڏيل تناظر ۾ سمجهندا هئا.

سندن علم حاصل ڪرڻ جي جستجو عمر سان گڏ گهٽجڻ بدران وڌيڪ مضبوط ٿيندي وئي. يونيورسٽيءَ ۾ سينيئر استاد ۽ محقق هئڻ باوجود پنهنجي علمي سفر کي جاري رکيو ۽ ۲۰۰۶ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان زولاجي پئراسائيٽولاجيءَ ۾ پي.ايڇ.ڊي مڪمل ڪئي. اها ڳالهه پاڻ ۾ هڪ وڏو پيغام آهي ته حقيقي عالم ڪڏهن به سکڻ جو سفر ختم نٿا ڪن.

سڄي عمر پڙھڻ پڙھائڻ:

ڊاڪٽر ڌاريجي جي سنڌ يونيورسٽيءَ سان سُٻند تقريباً چاليهن سالن تي پکڙيل رهيو. هن اپريل ۱۹۷۴ع ۾ زولاجي شعبي ۾ ليڪچرار طور پنهنجي تدريسي زندگيءَ جي شروعات ڪئي. تدريسي ميدان ۾ سندس ترقي علمي قابليت، تحقيقي ڪم ۽ شاگردن سان فڪري وابستگيءَ جو اعتراف هئي. هو ۱۹۸۰ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر، ۱۹۹۱ع ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر ۽ ۱۹۹۶ع ۾ مڪمل پروفيسر بڻيا. سيپٽمبر ۲۰۱۰ع تائين، جڏهن هو رٽائر ٿيا، تڏهن تائين هو سنڌ يونيورسٽيءَ جي سڃاڻپ بڻجي چڪا هئا.

رٽائرمنٽ کانپوءِ به سندن تعلق علم سان ختم نه ٿيو. سيپٽمبر ۲۰۱۳ع کان وٺي هو ٻيهر ريسرچ اسڪالر طور يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل رهيا.

ڊاڪٽر ڌاريجو اهڙا استاد هئا، جيڪي ڳُوڙھن علمي موضوعن کي به انتهائي سادي ۽ دلچسپ انداز ۾ بيان ڪندا هئا. هو شاگردن کي ڪتابي علم سان گڏ ماحول، سماج ۽ انساني صحت جي حقيقي مسئلن سان جوڙيندا هئا.

عالمي علمي سڃاڻپ:

ڊاڪٽر ڌاريجي جي علمي صلاحيتن کي جلد ئي عالمي سطح تي به مڃتا ملي. ۱۹۷۶ع ۾ کيس يونيسڪو، يو اين ڊي پي، آءِ سي آر او ۽ هنگريئن اڪيڊمي آف سائنسز جي گڏيل سهڪار سان هڪ اهم بين الاقوامي فيلوشپ ملي. ان فيلوشپ تحت هن هنگريءَ جي شهر سيگيڊ ۾ تقريباً يارهن مهينا تحقيق ڪئي، جتي هن نيوروٽرانسميٽرز ۽ بائيوفلاوونائيڊز جي حياتياتي اثرن تي ڪم ڪيو.

ان کانپوءِ کيس جپان حڪومت جي انتهائي معتبر “مونبوشو” اسڪالرشپ ملي، جيڪا دنيا جي چونڊيل محققن کي ڏني ويندي آهي. ۱۹۸۴ع کان ۱۹۸۶ع تائين هن جپان جي هما ماتسو يونيورسٽي اسڪول آف ميڊيسن ۾ پئراسائيٽڪ هيلمنٿس جي ڪيموٿراپيءَ تي اعليٰ سطح جي تحقيق ڪئي. ان عرصي دوران هن پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ “ٽراپيڪل پئراسائيٽوسس” بابت جپاني سائنسدانن سان گڏيل تحقيقي منصوبي ۾ ڪو-پرنسپل انويسٽيگيٽر طور پڻ ڪم ڪيو.

هيءَ ڳالهه وڏي اهميت رکي ٿي ته ڊاڪٽر ڌاريجو انهن ٿورڙن پاڪستاني سائنسدانن مان هئا، جن پنهنجي تحقيقي ڪم ذريعي پاڪستان جي مقامي ماحولياتي ۽ حياتياتي مسئلن کي عالمي سائنسي برادريءَ تائين پهچايو.

پئراسائيٽولاجي، ماحوليات ۽ حياتياتي تحقيق:

ڊاڪٽر ڌاريجو خاص طور پئراسائيٽولاجي ۽ هيلمنٿولاجيءَ جي شعبي جا ماهر هئا. اڏامندڙ پکين جي پئراسائيٽس، آبي جيوت ۽ ماحولياتي نظامن بابت سندس تحقيق پاڪستان ۾ بنيادي اهميت رکي ٿي. منڇر، ڪينجهر ۽ ٻين آبي علائقن جي جيوت تي سندس ڪم رڳو حياتياتي مطالعي تائين محدود نه هو، پر ان ۾ ماحولياتي تبديلي، پاڻيءَ جي گدلاڻ ۽ جيوت جي توازن جا سوال به شامل هئا.

سندس تحقيقي ڪم جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ ڪيترين ئي نين پئراسائيٽڪ جنسن جي سڃاڻپ ٿي. سندن تحقيقي مقالا معتبر عالمي رسالن ۾ شايع ٿيا؛ علمي سرمايي ۾ ۳۰ کان وڌيڪ اعليٰ تحقيقي مقالا ۽ ۴۵ کان وڌيڪ عالمي ڪانفرنس پيپر شامل آهن. پر ڊاڪٽر ڌاريجي ھميشہ سائنس کي سماج سان ڳنڍيل ڏٺو. هو سمجهندا هئا ته ماحولياتي تباهي، گدلو پاڻي، آبي جيوت جي تبديلي ۽ انساني بيماريون پاڻ ۾ ڳنڍيل مسئلا آهن.

سنڌي ٻوليءَ ۾ سائنس جي ترجمي جو تاريخي ڪم

ڊاڪٽر ڌاريجي جو سڀ کان وڏو ڪارنامو شايد اهو هو ته هن سنڌي ٻوليءَ ۾ سائنسي ادب جي هڪ مضبوط روايت قائم ڪئي. جيڪڏهن سائنس ماڻهن جي مادري ٻوليءَ ۾ موجود نه هوندي ته اها سماجي شعور جو حصو نه بڻجي سگهندي. سندس ڪتاب “جت ويڄ نه طبيب” رڳو ترجمو نه، پر سنڌي سماج لاءِ هڪ علمي خدمت هئي. دنيا جي مشهور صحت بابت ڪتاب Where There Is No Doctor کي سنڌيءَ ۾ منتقل ڪري هزارين ماڻهن تائين بنيادي صحت جي ڄاڻ پهچائي. اهو ڪتاب سنڌ جي ڳوٺاڻن علائقن، استادن، صحت ڪارڪنن ۽ عام پڙهندڙن لاءِ علم جو ذخيرو ثابت ٿيو.

سندس ڪتاب “تپندڙ ڌرتي ۽ مٽجندڙ مندون” ان وقت لکيو ويو جڏهن موسمياتي تبديلي اڃا عام بحث جو حصو نه بڻي هئي. هن ڪتاب ۾ ماحولياتي تبديلي، گرميءَ جي واڌ، پاڻيءَ جي بحران ۽ انساني بقا بابت جيڪي سوال اٿاريا ويا، اهي اڄ وڌيڪ شدت سان سامهون اچي رهيا آهن. ھن دنيا جي نظام کي قائم رکڻ ۾ بنيادي حيثيت رکندڙ ماڪروبز تي سندن ڪتاب ڪمال جو آھي۔

انوکا گرهه”، “سرير جي آتم ڪهاڻي”، “جنس جي سائنسي ڄاڻ” ۽ فرسٽ ايڊ بابت ڪتابن ذريعي هن سنڌي ٻوليءَ ۾ سائنسي ڄاڻ جي هڪ نئين روايت کي هٿي ڏني. هن يو ايس ايڊ جي سهڪار سان “هيلٿ ٽيڪنيشنز ٽريننگ گائيڊ بوڪ” جا ٽي حصا ترجمو ڪيا، جڏهن ته هيپاٽائيٽس، سروسِس ۽ سيلئيڪ جهڙين بيمارين بابت ڪيترائي ڪتابڙا پڻ سنڌيءَ ۾ تيار ڪيا.

سندس اڻڇپيل ڪم به انتهائي اهم هو، خاص طور “ڊڪشنري آف انوائرنمينٽل سائنس” ۽ “ڊڪشنري آف سائنس”، جيڪي سنڌيءَ ۾ سائنسي اصطلاحن جي معياري بنياد رکڻ جي ڪوشش آھن.

سائنسي صحافت ۽ عوامي شعور:

ڊاڪٽر ڌاريجو صرف ڪتابي عالم نه هئا. هو عوامي سطح تي سائنس ۽ ماحوليات بابت شعور پيدا ڪرڻ لاءِ به سرگرم رهيا. “سائنس” ۽ “ماحول” رسالن جي ايڊيٽر طور هن سنڌ ۾ سائنسي صحافت جي بنيادن کي مضبوط ڪيو۔ رسالو “سائنس” نوجوان ٽھي لاءِ سائنسي لاڙن ۽ اتساھ جو اھم سبب بڻيو۔

هن ڊبليو ڊبليو ايف ۽ ٻين ادارن سان گڏجي اوزون جي تهه جي خاتمي، انڊس ڊيلٽا جي تباهي، سامونڊي جيوت، مڇي مارڻ جي صنعت جي مسئلن ۽ ماحولياتي بحرانن بابت سوين ليڪچر ڏنا. اڄ جڏهن سنڌ پاڻيءَ جي کوٽ، ڊيلٽا جي تباهي، سامونڊي چاڙهه ۽ موسمياتي بحرانن کي منهن ڏئي رهي آهي، تڏهن ڊاڪٽر ڌاريجي جي فڪري بصيرت وڌيڪ اهم محسوس ٿئي ٿي.

انتظامي قيادت ۽ ادارتي ڪردار:

ڊاڪٽر ڌاريجو هڪ انتهائي فعال ۽ اصولي منتظم پڻ هئا. ۲۰۰۲ع کان ۲۰۱۰ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جي بيورو آف ٽرانسليشن اينڊ پبليڪيشن جي ڊائريڪٽر طور هن علمي اشاعت ۽ ترجمي جي شعبي ۾ نوان معيار قائم ڪيا. ۲۰۰۱ع کان ۲۰۰۲ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جا ڪنٽرولر امتحانات پڻ رهيا. ان کان اڳ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ڄامشوري جا سيڪريٽري، فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي انفارميشن سينٽر جا ڊائريڪٽر انچارج ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس جا ميمبر پڻ رهيا. تعليم واري وزارت جي نيشنل ڪرڪيولم ريويو ڪميٽيءَ ۾ سندس شموليت ان ڳالهه جو اعتراف هئي ته هو رڳو يونيورسٽي سطح جا استاد نه، پر قومي سطح تي سائنسي تعليم بابت فڪر رکندڙ محقق هئا.

اعزاز ۽ مڃتا:

ڊاڪٽر ڌاريجي کي ڪيترائي علمي، ادبي ۽ صحافتي اعزاز مليا. ۲۰۱۰ع ۾ نيشنل بوڪ فائونڊيشن پاران انعام، ۱۹۹۷ع ۾ “گرين جرنلسٽ ايوارڊ”، ۱۹۹۳ع ۾ آباديءَ بابت رپورٽنگ تي “ايڪسيلينس ايوارڊ”، ۽ لطيف گولڊ ميڊل جهڙا اعزاز سندن خدمتن جو اعتراف هئا. پر حقيقت ۾ سندن سڀ کان وڏو اعزاز اهو علمي ۽ سماجي شعور آهي، جيڪو هن هزارين شاگردن، پڙهندڙن ۽ عام ماڻهن ۾ پيدا ڪيو.

هڪ خاموش وڇوڙو ۽ اسان جي اجتماعي ناڪامي:

ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجي جهڙي شخصيت جو خاموشيءَ سان هليو وڃڻ اسان جي سماج جي هڪ تمام گهري بيماريءَ کي ظاهر ڪري ٿو. اهو ان ڪڙي حقيقت کي سامهون آڻي ٿو ته اسان وٽ علم، تحقيق، سائنسي شعور ۽ فڪري خدمت لاءِ ايتري ادارتي عزت موجود ناهي، جيتري هجڻ گهرجي.

جڏهن هڪ اهڙو سائنسدان، جنهن پنهنجي زندگي اڏامندڙ پکين جي پئراسائيٽس جي تحقيق، ماحولياتي شعور، هزارين شاگردن جي تربيت ۽ سنڌيءَ ۾ سائنسي علم کي وڌائڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏي، بغير قومي اعتراف جي خاموشيءَ سان هليو وڃي، ته اهو رڳو هڪ فرد سان ناانصافي ناهي، پر هڪ فڪري سماج جي ناڪامي آهي.

اسان جو سماج سياسي شور، عارضي شهرت ۽ ميڊيا جي سنسنيءَ کي ته وڏي اهميت ڏئي ٿو، پر اهي ماڻهو جيڪي قومن جي فڪري بنيادن کي مضبوط ڪن ٿا، اڪثر گمناميءَ ۾ رهجي وڃن ٿا.

اڄ جڏهن پاڪستان ۽ خاص طور سنڌ ماحولياتي ۽ سماجي بحرانن جي گهيري ۾ آهي، تڏهن اها ڳالهه وڌيڪ پڌري ٿئي ٿي ته قومون رڳو اڻ معياري روڊن، عمارتن ۽ سياسي منصوبن سان ترقي نٿيون ڪن، پر انهن ذهنن سان ترقي ڪن ٿيون جيڪي علم، تحقيق ۽ فڪر جي روشني پيدا ڪن ٿا.

ڊاڪٽر ڌاريجي جي زندگي اسان کي اهو سبق ڏئي ٿي ته سائنس کي عوام کان ڌار نٿو ڪري سگهجي، ۽ نه ئي علمي ادارن کي سماج کان الڳ رکي سگهجي ٿو. جيڪڏهن اسان واقعي هڪ روشن خيال، مهذب ۽ مستقبل ڏانهن وڌندڙ سماج بڻجڻ چاهيون ٿا ته پوءِ اسان کي پنهنجي علمي شخصيتن جو قدر ڪرڻي پوندو ، سندن ڪم کي محفوظ ڪرڻو پوندو ۽ ايندڙ نسلن کي اهو سيکارڻو پوندو ته ليبارٽريءَ ۾ ٿيندڙ هڪ سائنسي دريافت به قومي اهميت رکي ٿي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۲ مئي ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)


 

ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجو

سائنسي آڪاش جو هڪ روشن ستارو

لطيف گاد

سنڌ جي علمي، ادبي ۽ سائنسي آڪاش تي ڪي شخصيتون اهڙيون بہ جنم وٺنديون آهن، جيڪي رڳو پنهنجي دور تائين محدود ناهن رهنديون، پر پنهنجي فڪر، ڪردار ۽ علم جي روشنيءَ سان ايندڙ نسلن جي راهن کي بہ روشن ڪري وينديون آهن. پروفيسر ڊاڪٽر علي مرتضى ڌاريجو بہ اهڙين ئي ناياب هستين مان هڪ هو، جنهن جي وڇوڙي سان سنڌ جي سائنسي دنيا جو هڪ روشن ڏيئو اجامي ويو آهي. سندس وڃڻ سان ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ ڪنهن پراڻي علمي دور جي آخري خوشبو به هوا ۾ تحليل ٿي وئي هجي.

ڊاڪٽر علي مرتضى ڌاريجو لڳ ڀڳ ۱۹۵۰ع ڌاري لاڙڪاڻي جي علم دوست ڌرتيءَ تي جنم ورتو. ننڍپڻ کان ئي سندس طبيعت ۾ جاکوڙ، جستجو ۽ علم سان عشق شامل هو. هو انهن ماڻهن مان هو، جن لاءِ علم رڳو ڪتابن تائين محدود نه هوندو آهي، پر زندگيءَ جي هر ساهه سان جڙيل هوندو آهي. پنهنجي والد علي حسن ڌاريجي سان گڏ حڪمت ۽ پرنٽنگ پريس جي ڪم ۾ هٿ ونڊائيندي هن زندگيءَ جي محنتن، ماڻهن جي مزاجن ۽ وقت جي تلخ حقيقتن کي تمام ويجهو ڏٺو.

اهي ڏينهن ڪيڏا نه خوبصورت هوندا، جڏهن لاڙڪاڻي جي ايمپائر ۽ نگار سينيما تي انٽرويل (بريڪ) ٿيندي ئي ننڍڙو علي مرتضى هٿن ۾ ڪتابن جون چوپڙيون کڻي ماڻهن تائين علم پهچائڻ لاءِ بيهي رهندو هو. شايد کيس تڏهن به خبر هئي ته هن جو اصل رستو ڪتابن، علم ۽ شعور جي واٽ آهي. هو رڳو ڪتاب نه وڪڻندو هو، پر ڄڻ ماڻهن جي ذهنن ۾ روشني ورهائيندو هو.

سندس والد سان گڏ سائيڪل تي سموري سنڌ جا سفر ڪرڻ به سندس شخصيت جو هڪ انتهائي خوبصورت باب آهي. اڄ جي دور ۾ جتي ماڻهو ذاتي مفادن جي قيد ۾ جڪڙيل آهن، اتي اهو تصور ئي حيران ڪري ٿو ته ڪي ماڻهو پنهنجي خرچ، پنهنجي وقت ۽ پنهنجي جوانيءَ کي رڳو ان لاءِ وقف ڪندا هئا ته سنڌ جي اسڪولن ۽ ڳوٺن تائين مفت ڪتاب پهچي سگهن. اهي سفر رڳو رستن جا سفر نه هئا، پر شعور جي ڦهلاءَ جا سفر هئا.

ڊاڪٽر علي مرتضى ڌاريجي جي شخصيت جو سڀ کان نمايان رنگ سندس کرو سچ ۽ بيباڪي هئي. هو انهن ماڻهن مان هو، جيڪي دل ۾ ڪجهه ۽ زبان تي ڪجهه ٻيو نه رکندا آهن. جيڪو سچ سمجهندو هو، سو بي ڌڙڪ چئي ڏيندو هو. سندس لفظن ۾ چاپلوسيءَ جي مٺاس نه، پر سچائيءَ جي کُرائپ هوندي هئي. اڄ جڏهن سماج مفادن، منافقتن ۽ مصلحتن جي دز ۾ پنهنجا چهرا وڃائي ويٺو آهي، تڏهن ڌاريجو صاحب جهڙا ماڻهو ڪنهن پراڻي ۽ سچي زماني جي آخري نشاني محسوس ٿيندا هئا. لڳي ٿو ڄڻ هو سچن ۽ صاف دل ماڻهن جي آخري پيڙهيءَ مان هو، جيڪي ناراض ضرور ٿيندا هئا، پر دل ۾ ڪدورت نه رکندا هئا.

مشهور محقق ۽ منهنجي والد گل محمد گاد سان سندس دوستي به هڪ خوبصورت علمي باب هئي. جڏهن به بابا سائين ڄامشوري ايندو هو ته ڌاريجي صاحب کي اچڻ جو اطلاع ڏيندو هو، ۽ پوءِ ٻنهي يارن جون ڪچهريون شروع ٿينديون هيون. اهي ڪچهريون رڳو ملاقاتون نه هونديون هيون، پر ڄڻ علم، ادب، سياست، تاريخ ۽ زندگيءَ جا در کلي پوندا هئا. ڪلاڪن جا ڪلاڪ گذري ويندا هئا، پر سندن ڳالهين جا سلسلا نه کٽندا هئا. انهن ڪچهرين ۾ ماضيءَ جون يادون، حال جون تلخيون ۽ مستقبل جون فڪري راهون گڏجي هڪ عجيب روحاني فضا پيدا ڪنديون هيون.

ڊاڪٽر علي مرتضى ڌاريجو اصل ۾ سنڌي ٻوليءَ جو اهو عاشق سائنسدان هو، جنهن سائنس جهڙي ڏکي مضمون کي سنڌي ٻوليءَ جي سادن لفظن ۾ آڻي عام ماڻهن تائين پهچايو. هن سٺ کان وڌيڪ سائنسي ڪتاب لکيا ۽ ترجما ڪيا. سندس خواهش هئي ته سنڌي ماڻهو سائنس کان ڊڄڻ بدران ان سان دوستي ڪن. کيس اها ڳالهه سخت ڏک ڏيندي هئي ته اسان جو سماج جديد علم ۽ سائنسي سوچ کان پري آهي. ان ڪري هن پنهنجي قلم کي مشعل بڻائي، علم جي ان اونداهيءَ ۾ روشني ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪئي.

هو سنڌ يونيورسٽيءَ جو ڪنٽرولر امتحانات به رهيو، پر وڏي عهدي تي پهچي به سندس اندر جو اصول پرست ماڻهو نه مئو. هو ڪم ۾ سخت ضرور هو، پر ايمانداريءَ ۾ بي مثال هو. ڪيترائي ماڻهو سندس سختيءَ کان ناراض به رهندا هئا، پر سندس ديانتداريءَ ۽ ڪردار تي ڪنهن کي به آڱر کڻڻ جي همت نه ٿيندي هئي. اهڙا ماڻهو عهدن کي عزت ڏيندا آهن، عهدا انهن کي نه.

زندگيءَ جي آخري ٽن سالن ۾ گردن جي بيماريءَ کيس جسماني طور ڪمزور ضرور ڪيو، پر سندس ذهن ۽ سندس قلم آخري ساهه تائين زنده رهيا. ڊائلاسز جي اذيتن باوجود هو لکندو رهيو، پڙهندو رهيو، سوچيندو رهيو. ڄڻ علم ئي سندس ساهه هو.

اها آخري ملاقات اڄ به اکين اڳيان تازي آهي، جڏهن مان پنهنجي والد گل محمد گاد کي دفنائي ڄامشوري واپس اچڻ کانپوءِ ساڻس ملڻ ويس. هو پنهنجي ڪمري ۾ ڪمپيوٽر اڳيان ويٺو ڪم ڪري رهيو هو. جسم انتهائي ڪمزور، چهري تي بيماريءَ جا نشان، پر ذهن اڃا به روشن. مونکي ڏسي ڏکاري لهجي ۾ چيائين:

ابا ڏي حوال، اسان جي يار گل کي هميشه لاءِ مٽيءَ حوالي ڪري آئين؟

اهو جملو ٻڌندي اسان ٻنهي جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا هئا، ۽ اڄ جڏهن کيس به مٽيءَ ماءُ حوالي ڪري موٽيا آهيون ته اهي ئي ڳوڙها وري اکين ۾ ڀرجي آيا آهن. محسوس ايئن ٿئي ٿو ڄڻ وقت هڪ ئي ساهيءَ ۾ ٻن سچن يارن کي اسان کان جدا ڪري ڇڏيو هجي.

ڊاڪٽر علي مرتضى ڌاريجو رڳو هڪ استاد، ليکڪ يا سائنسدان نه هو، پر هڪ دور هو، سچائيءَ جو دور، علم دوستيءَ جو دور، اصولن ۽ بيباڪيءَ جو دور. اهڙا ماڻهو جڏهن هليا ويندا آهن ته رڳو گهرن جا در نه ويران ٿيندا آهن، پر سماج جي روح ۾ به هڪ خال پيدا ٿي ويندو آهي.

سنڌ جي علمي خاص ڪري سائنسي تاريخ جڏهن به لکبي ته ڊاڪٽر علي مرتضى ڌاريجو جو نالو احترام، محبت ۽ فخر سان لکيو ويندو، ڇو ته هن پنهنجي زندگي ڪتابن، علم، سچائي ۽ شعور جي نالي ڪري ڇڏي. سندس ياد هميشه سنڌ جي سائنسي آڪاش تي هڪ روشن ستاري وانگر جرڪندي رهندي.


 

علي مرتضيٰ ڌاريجو

سنڌ مان سائنس جو ھڪ وڏو ماڻھو ھليو ويو

انور ابڙو

۲۰مئي ۲۰۲۶ ع تي سنڌ مان سائنس جو ھڪ وڏو ماڻھو اٿيو، ۽ ھڪ اڻ سونھين سفر تي ھميشہ جي لاءِ ھليو ويو. اسان سڀ کيس ”سائين علي مرتضيٰ ڌاريجو“ جي نالي سان سڃاڻون ٿا. ھُن سنڌ ۾ سائنسي علم ۽ سائنسي ڄاڻ ورھائڻ ۾ پنھنجي وَس آھر ڪوششون ڪيون. ھو سائنس جو ليکڪ ھو، ۽ سائنس جي اھم موضوعن تي لکندو، سنڌ جي ماڻھن کي جديد دور ۽ ان ۾ ايندڙ تبديلين بابت آگاھ ڪندو رھيو.

اسان سڀ مڃون ٿا تہ، ھيءُ سائنس جو دور آھي، ۽ ٽيڪنالوجي ان جو ھڪ حصو آھي. اھڙي دور ۾، ان شخص جي وڌيڪ اھميت ٿيڻ گھرجي، جيڪو اُن دور سان گڏ ھلندڙ هجي، پر اسان وٽ ائين ناھي ٿيو. سائين علي مرتضيٰ ڌاريجو بہ اوتري اھميت ۽ پذيرائي حاصل نہ ڪري سگھيو، جيتري ھو لھڻي پيو.

ھو نرم گفتگو ڪندڙ (soft spoken) ھو. جڏھن کان مان ادبي ميڊيا ۾ آيس، ۽ رسالن ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيم، تہ ساڻس واسطو رھيو. ھو پنھنجا سائنسي ليک موڪليندو ھو، ۽ چاھيندو ھو تہ سندس گھڻي کان گھڻا ليک شايع ٿين، تہ جيئن سنڌ جا ماڻھو پاڻ کي نئين دور کان تڪڙو تڪڙو واقف ڪري سگهن. سندس اھا قومي خدمت ھئي، جا ھُو بنا معاوضي جي ڪندو ھو.

اھڙن ماڻھن کي اصل ۾ پنھنجي قوم، ۽ ھن دنيا سان پيار ھوندو آھي، تڏھن تہ ھو ان کي پنھنجي پاران ڪجھ نہ ڪجھ ڏيئي وڃڻ چاھيندا آھن. وٺندا ڪجھ بہ ناھن. نہ ئي ڪنھن ٻي شئي جو مطالبو ڪندا آھن، پر سندن اھا خواھش ضرور ھوندي آھي تہ سندس ويچار شايع ٿين، تہ جيئن سندن زندگيءَ جي مقصد جو پورائو ٿيندو رھي.

۲سيپٽمبر ۱۹۵۰ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتل ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجو سنڌ يونيورسٽيءَ جي زولاجي ڊپارٽمينٽ جو پروفيسر ھو. ھن ڪيترائي ريسرچ پيپر پڻ لکيا. پر ھن رڳو سنڌ يونيورسٽيءَ جي اندر پڙھائڻ وارو ڪم نہ ڪيو، ھن اُن کان ٻاھر غير روايتي تعليم بہ ڏني، جا اخبارن ۽ رسالن جي ذريعي ڏيندو رھيو.

سنڌ سلامت“ ويب سائٽ تان مليل ڄاڻ مطابق، ”سائين علي مرتضيٰ ڌاريجي ’سائنس پبليڪشن‘ بہ قائم ڪئي هئي، جنھن جي بنياد تان مختلف سائنسي ڪتاب شايع ڪرايائين. ھيءُ سنڌ يونيورسٽي مان شايع ٿيندڙ رسالن؛ ماھوار ’سائنس‘ ۽ ٽماھي ’ماحول‘ جو ايڊيٽر ۽ ان کانسواءِ ٻين ڪيترن سائنسي رسالن جو ايڊيٽر بہ رهيو. ھن جا ۱۷ کان مٿي ڪتاب پڻ شايع ٿيا.“

سائين علي مرتضيٰ ڌاريجي جو وڇوڙو سنڌ جي علمي هلچل، خاص طور تي سائنسي تحريڪ جو ھڪ وڏو نقصان آھي.

 

(ڪاوش دنيا، آچر ۲۴ مئي ۲۰۲۶)


 

ڊاڪٽر پروفيسر علي مرتضى ڌاريجو

سندس وڇوڙي تي

پروفيسر اعجاز احمد قريشي

ڪالهه صبح سان اها افسوسناڪ خبر پئي ته سنڌ جو هڪ بهترين انسان ۽ سائنسدان ڊاڪٽر پروفيسر علي مرتضى ڌاريجو گذر ڪري ويو آهي، وڌيڪ معلومات ڪرڻ تي خبر پئي ته هو ڪجهه عرصي کان عليل هو ۽ علاج ڪرائي رهيو هو. ڊاڪٽر علي مرتضى ڌاريجو سنڌ يونيورسٽي ۾ منهنجو هڪ سٺو دوست هو. ڪجهه استاد يونيورسٽي ۾ جواني کان وٺي سرگرم ۽ چست متحرڪ هئا انهن ۾ ڌاريجو صاحب پڻ هڪ هو. مان يونيورسٽي ۾ ۱۹۶۵ع ۾ داخلا ورتي ۷۰-۱۹۶۹ع ۾ ايم اي اڪانامڪس پاس ڪري ۱۹۷۰ع ۾ ئي يونيورسٽي ۾ نوڪري ۾ گهڙيس. هي دؤر هو جڏهن سنڌ يونيورسٽي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش قاضي، محترم محمد الياس ابڙو، ڊاڪٽر ايم اي قاضي، محترم نبي بخش دائودپوٽو، محترم شفيع محمد ميمڻ، غلام حسين خاصخيلي، محمد ورياماڻيءَ ٻيا ڪيترائي اعلى قسم جا استاد موجود هئا. هي استاد علامه آءِ آءِ قاضي جي دؤر جا استاد هئا، اڳيان هلي ڊاڪٽر محمد صالح قريشي ۽ سيد غلام مصطفى شاهه صاحب جي دؤر ۾ ٻيا به قابل استاد پڻ آيا جن ۾ ڊاڪٽر الله ڏنو ميمڻ، ڊاڪٽر منير قريشي، پروفيسر آصف قاضي ۽ ٻيا شامل هئا، ٿوروئي اڳ ٻيا ناليوارا استاد جن ۾ ڊاڪٽر ايس ايم قريشي، ڊاڪٽر عبدالقادر انصاري، ڊاڪٽر ليلا بانا، پروفيسر خيرالنساء جعفري، ڊاڪٽر رفيعه احمد، ڊاڪٽر مرزا امجد علي بيگ، ڊاڪٽر بشير احمد، ڊاڪٽر مبارڪ علي، ڊاڪٽر فريدالدين شيخ جهڙا اعلى پائي جا استاد شامل ٿيا.

هن ئي دور ۾ آئون پروفيسرڌاريجي ۽ پروفيسر مشتاق ميراڻي، استاد طور يونيورسٽي ۾ شامل ٿياسين، وائيس چانسلر جي حيثيت سان پنهنجي ٻنهي دؤرن ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ سٺا استاد ڀرتي ٿيا. سيد غلام مصطفى شاهه هڪ علم دوست ۽ بهترين منتظم هو هن گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه استادن کي اسڪالرشپون ڏئي ٻاهرين ملڪن ۾ موڪليو جيڪي وري ڊگريون ڪري موٽي آيا. مرتضى ڌاريجو هڪ سٺو، برجستو استاد هو، ٻاهران پڙهي آيو سخت محنت ڪيائين. هو هڪ اورچ انسان هو، هو هڪ محنتي استاد پڻ. ۱۹۷۰ع جي ڏهاڪي جي وچ ڌاري ڪيمسٽري جي استاد سائين ممتاز قاضي جي محنت سان سنڌ سائنس سوسائٽي ٺهي جنهن ۾، ڊاڪٽر ممتاز قاضي، ڊاڪٽر وَڏل شاهه، لعل بخش بوزدار، ڊاڪٽر الهڏنو ميمڻ، ڊاڪٽر منير قريشي، محمد علي مهيسر، پروفيسر مرتضي ڌاريجو اچي گڏ ٿيا ۽ نوجوانن کي سائنس جي تربيت ڏني سنڌ سائنس مئگزين ڪڍيو.

علي مرتضى ڌاريجو ان ڪم ۾ اڳيان هو. ان ڪم لاءِ هن تمام گهڻي تحقيق ڪئي ڪيترائي ڪتاب ۽ سوين مضمون لکيائين نوجوان کي تربيت ڏنائين هو ڪڏهن به ماٺ ڪري نه ويٺو سدائين تحقيق جو ڪم جاري رکيائين. ڊاڪٽر محمد علي مهيسر، ڊاڪٽر ڌاريجي ۽ پروفيسر وڏل شاهه گڏجي سنڌ ۾ سائنس کي مقبول ڪرڻ لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو، ڪيتريون ئي سائنس ڪانفرنسون ڪرايائون، سائنس جي مضمون کي هٿي ڏيارڻ لاءِ وڏو ڪم ڪيائون. هن سڄي ڪم ۾ ڊاڪٽر منير قريشي، ڊاڪٽر محمد علي مهيسر ۽ ڊاڪٽر عيسى دائودپوٽي (ڊاڪٽر دائودپوٽي ۽ آپا خديجه دائوپوٽي جو ننڍو پٽ) پيش پيش هئا. ڊاڪٽر عبدالقادر انصاري جيڪو سنڌ يونيورسٽيءَ جو وي سي رهي چڪو هو گذريل هفتي گذاري ويو کيس به وساري نٿو سگهجي.

علي مرتضى ڌاريجو پاڻ ارپيندڙ انسان ۽ استاد هو. اڄ ۲۰ مئي ۲۰۲۶ع ۾ صبح جو اٿڻ مهل مرتضى ڌريجي صاحب جي وڇوڙي جي ڏک ڀري خبر ملي الله تعالى جي در دعاڳو آهيون ته ڌڻي کيس پنهنجي جواهر رحمت ۾ وٺي ۽ جنت ۾ جايون ڏئيس، آئون سنڌ يونيورسٽيءَ جي هڪ عاليشان استاد، مدبر، محقق ۽ جوان سال وائيس چانسلر جناب ڊاڪٽر فتح مري کي عرض ڪندس ته علي مرتضى ڌارجي جي نالي پويان سندس ئي شعبي ۾ هڪ چيئر قائم ڪري.  مان سائين جن کي هڪ ٻيو به عرض ڪندس ته سنڌ سائنس سوسائٽي کي ٻيهر فعال ڪري ته جيئن سنڌ ۾ سائنس جي ڪم کي وڌائي سگهجي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۱ مئي ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)


 

ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجو

جنھن سنڌي سائنسي علم جي واڌ ويجھ کي حياتي ارپي ڇڏي

حميد منگي

ڪي ماڻهو اهڙا هوندا آهن، جن جو ڪوبه نه ته ثاني هوندو آهي ۽ نه ئي ڪو ملهه۔ اهڙا ماڻهو پنهنجي زندگيء ۾ به ۽ فاني جهان ڇڏڻ کانپوء به انمول ئي رهندا آهن۔ ڇو ته انهن جهڙو ٻيو ماڻهو صدين کانپوء ئي پيدا ٿيندو آهي، جيسيتائين انهن جهڙو ڪو ٻيو پيدا ٿئي، تيسيتائين دنيا ڄڻ ته ٻسي ٻسي ۽ هيڪل وياڪل لڳندي آهي۔ اهڙا ماڻهو انهيء ڪري به اَمُلھ هوندا آهن جو، هو رڳو خيالن ۽ سوچن تي پير پختا ڪري بيٺل ناهن هوندا پر، عملي طور تي به جيڪو سوچيندا آهن، انهن تي پنهنجي پوري ايمانداريء سان عمل به ڪري ويندا آهن۔ ڊاڪٽر علي مرتضي ڌاريجو اهڙن ئي انمول ماڻهن منجهان هڪ هئو، جنهن نه رڳو آخري دم تائين سائنس تي لکيو پر، عملي طور تي سنڌ سائنس سوسائٽي جي سرگرم ڪارڪن جي حيثيت ۾ لکڻيون لکندو ۽ رسالا ڪڍڻ سان گڏ، سنڌ سائنس سوسائٽيء جو مرڪز جوڙايو ۽ ان تي قبضي کانپوء سالن جا سال جدوجهد ڪري اهو قبضو به ڇڏرايو هو۔

ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجو سنڌ جي اهم سائنسي ليکڪن، مترجمن ۽ تعليمي ماهرن مان هڪ سمجهيو وڃي ٿو۔ هن سنڌي ٻوليءَ ۾ سائنس، صحت، ماحوليات ۽ حياتيات بابت عام فهم ۽ علمي انداز ۾ لکڻ جو وڏو ڪم ڪيو، جنهن ڪري کيس سنڌي سائنسي علم جي واڌ ويجهه ۾ اهم حيثيت حاصل رهي۔  ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجو ۲ سيپٽمبر ۱۹۵۰ع تي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو۔ هن شروعاتي تعليم لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي، پوءِ سنڌ يونيورسٽيء مان زولاجي (حياتيات) ۾ ايم ايس سي ڪئي، بعد ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري پڻ حاصل ڪئي۔ هو سنڌ يونيورسٽيءَ جي زولاجي شعبي جو چيئرمين به رهيو۔ ڊاڪٽر علي مرتضي ڌاريجي جي هڪ خاص خوبي اها به رهي ته، هن سائنس جهڙي ڏکئي موضوع کي سنڌي ٻوليءَ ۾ سادي ۽ سمجهه واري انداز سان پيش ڪيو، اهو به ان وقت جڏهن سنڌيءَ ۾ سائنسي علم اٽي ۾ لوڻ کان به گهٽ هئو، تڏهن هن ڪيترائي اهم ڪتاب لکيا ۽ مضمون ترجما ڪيا۔ سندس ڪجهه مشهور ڪتاب هي آهن، چارلس ڊارون جي آتم ڪٿا، ڪينسر، فرسٽ ايڊ، جنس جي سائنسي ڄاڻ، انسان جون اکيون، ڇاتين جي سائنسي ڄاڻ، صحت جي سائنسي ڄاڻ، موسمي تبديلي ڇاهي؟ جهڙا قيمتي ڪتاب سماج ۾ خاموشي ٽوڙڻ جي اهم ڪوشش سمجهيا وڃن ٿا، ڇاڪاڻ تہ ان جي لکڻين کان اڳ اهڙن موضوعن تي سنڌيءَ ۾ گهڻو مواد موجود نه هئو۔ ڊاڪٽر ڌاريجو سائنسي رسالي “سائنس” سان به لاڳاپيل رهيو ۽ ڪيترائي تحقيقي مقالا لکيا۔ هن جو وڏو ڪارنامو اهو به آهي تہ، هن سنڌي ٻوليءَ ۾ سائنسي شعور پيدا ڪرڻ، دليل ۽ تحقيق جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ ۽ نوجوانن کي سائنس ڏانهن راغب ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو پر افسوس جو ڪنهن به سرڪار ۽ غير سرڪاري اداري ان جو ساٿ نه ڏنو۔

مان جڏهن روزاني خبرون، سوڀ ۽ مقدمو اخبارن ۾ ايڊيٽوريل انچارج هوس ته، خبرون اخبار دوران هڪ دوست جنهن جو نالو مونکي ياد نٿو پوي، ان جي توسط سان هن سان ملاقات ٿي، جيتوڻيڪ اها ملاقات گهڻي ڊگهي نه هئي پر ان ملاقات ۾ سائينءَ مونکي ان ڳالهه تي قائل ڪري ورتو هو ته پنهنجي ايڊيٽوريل صفحي تي سائنس کي به ٿوري جاء ڏجي۔ پوءِ اهو طئہ ٿيو هو ته، هُو هفتي ۾ هڪ آرٽيڪل ڏيندو ۽ مان اهو لازمي ڇاپيندس ۽ مون اهو سلسلو ڪيتري ئي عرصي تائين جاري رکيو، مان سندس مضمون ڇاپي کيس فون ذريعي آگاهه ڪندو هيس، موٽ ۾ سائين شڪريو ادا ڪرڻ لاء فون ضرور ڪندو هئو، انهيء دوران اخبار جا ايڊيٽر ڪجهه طاقتور هئا، اهي مون کان پڇاڻو ڪندا هئا ته ايڊيٽوريل صفحي تي سائنسي، ماحولياتي ۽ حياتياتي مضمونن جي ڪهڙي اهميت آهي پر مان ڪو نه ڪو بهانو ڪري، سندس مضمون ڇاپيندو رهيس۔ اتفاق سان هڪ ايڊيٽر سان ايم ڪيو ايم وارن تي هلڪو هٿ رکڻ واري مامري تي تڪرار سبب مون اها اخبار ڇڏي ٻن ٽن مهينن تائين گهر ويٺو رهيس ۽ اتفاق سان هلندڙ گاڏيءَ مان موبائل به گن پوائنٽ تي کسجي وئي ته پوءِ سائينءَ سان تمام گهڻين ڪوششن باوجود رابطو نه ٿي سگهيو۔

بهرحال مٿئين سڄي پٽاڙ جو ڊاڪٽر علي مرتضي ڌاريجو سان سنئون سڌو واسطو ته نه هئو پر ان سبب ان کان جيڪو وڇوڙو ٿيو اهو مون لاء المئي کان گهٽ نه هئو۔ ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن اها خبر پئي ته، ڊاڪٽر علي مرتضي ڌاريجي جهڙي شخصيت اسان کان وڇڙي وئي آهي ته سچ پچ اهو محسوس پيو ٿئي، ڄڻ اسان کان اها سائنسي ڄاڻ جيڪا علي مرتضي جي سادن لفظن سان سمجهايل هوندي هئي اها پنهنجو هٿ ڇڏائي وئي آهي، جيتوڻيڪ موجوده دئور سائنس کان هڪ وک اڳتي وڌي ويو آهي ۽ ٽيڪنالاجي سبب کوڙ سارن شعبن ۾ اٿل پٿل اچي پئي، ڪاش ڊاڪٽر علي مرتضي ڌاريجو ڪجهه عرصو وڌيڪ جيئرو هجي ها ته، پنهنجي تجربي جي بنياد تي انهيء اٿل پٿل مان نوجوانن کي نوان گس ضرور ڏئي وڃي ها۔

مان هتي اهو اعتراف به ڪيان ٿو، منهنجو ماضيءَ ۾ سائنس، ماحوليات يا حياتيات تي لکڻ جو ڪو خاص تجربو نه هئو، مون هڪ عام سياسي ڪارڪن کانپوء صحافتي شعبو اختيار ڪيو هو پر جڏهن ڊاڪٽر علي مرتضي ڌاريجي سان ننڍڙي ملاقات ٿي ۽ ان جون لکڻيون پڙهيون ۽ ڇاپيون ته مون ۾ فطرت ۽ انسان جي مختلف روين تي لکڻ جو شوق جاڳيو، نتيجي ۾ مون وقت به وقت فطرت ۽ انسانيت بابت مضمون لکڻ شروع ڪيا، جيڪي سالن کان اڌورا هئا، جن کي هاڻي سهيڙڻ جي ڪوشش ڪيان پيو، انهيءَ سلسلي ۾ فطرت ۽ انسانيت بابت هڪ ڪتاب جيترو مواد لکي مختلف صحافتي ادارن ۾ ڇپائي به چڪو آهيان، انهيء ڊيگهه جو به مقصد رڳو ۽ رڳو اهو آهي ته، علي مرتضي ڌاريجي جي شخصيت جا اهي اثر بيان ڪيان، جيڪي مون مٿان پيا ۽ مان پنهنجي سمجهه آهر لکان پيو۔

هاڻي پاڻ اچون پيا ڊاڪٽر علي مرتضي ڌاريجي جي سائنسي، فطري، حياتياتي ۽ ماحولياتي علمي پورهئي تي، جنهن تحت مون کي جيڪي ان جا لکيل يا ترجمو ڪيل ڪتاب ملي سگهيا آهن اهي پڙهي جيڪو مون پرايو آهي اهو به پڙهندڙن سان شيئر ڪرڻ چاهيان ٿو ۽ پڻ انهن ڪتابن مان جيڪي عڪس ڪڍي سگهيو آهيان اهي جيتوڻيڪ تفصيل سان بيان ڪيل ناهن پر ان مان پڙهندڙ اهو اندازو ضرور لڳائي سگهندا ته ڊاڪٽر علي مرتضي ڌاريجو جي ذهني ۽ علمي سمجهه ڪيتري هئي۔ منهنجي نظر مان جيڪي سندس ۵ ڪتاب گذريا آهن انهن جو هڪ ننڍڙو تعارف پيش ڪيان ٿو۔

۱. “ڪائنات جو مڪمل نظريو”، هي ڪتاب اسٽيفن هاڪنگ جي ستن (۷) ليڪچرن تي مشتمل ترجمو آهي، جنهن ۾ ڪائنات جي جنم کان وٺي انت جي سببن تائين ۽ پڻ بئنگ بينگ ۽ بليڪ هولن تائين جي اڪثر ڪائناتي اسرارن تي، اندازن تي مبني ڪارائتي ڄاڻ ڏنل آهي، هن ڪتاب ۾ فطرت جي انهن ڪنڊن پاسن کي به ڦلهوريو ويو آهي، جن تي اڳ ڪابه طبع آزمائي ناهي ٿيل۔ بهرحال هن ڪتاب ۾ ڪائنات کي سمجهڻ بابت ڪافي مواد آهي۔ جيڪي ماڻهو فطرت بابت حقيقت جي ويجهي ڄاڻ حاصل ڪرڻ چاهين ٿا، انهن لاء هي ڪتاب انتهائي ڪارائتو آهي۔

۲. ڪتاب “مائڪروب”، جنهن جي اردوءَ ۾ معني ”جراثيم“ ۽ سنڌي ۾ ”جيوڙا“ نڪري ٿي، هن ڪتاب ۾ انتهائي خوبصورت انداز ۾ انهن جيوڙن جو ذڪر به ٿيل آهي، جيڪي انسان دوست جيوڙا سمجهيا ويندا آهن ۽ اهي جيوڙا انسان کي آخري حد تائين بچائڻ جون ڪوششون پڻ ڪندا آهن۔ عام طور تي ماڻهن جي ذهنن ۾ اهو تصور رهيو آهي ته، جراثيم معني نظر نه ايندڙ انسان دشمن مخلوق آهي پر، سائين علي مرتضي ڌاريجو پهريون ڀيرو ڪتابي صورت ۾ پڙهندڙن کي ٻڌايو آهي ته، جيوڙا صرف انسان دشمن ناهن ٿيندا پر انسان دوست به ٿين ٿا ۽ انهن جو تعداد انسان دشمن جيوڙن کان وڌيڪ آهي۔ هي ڪتاب به ترجمو ٿيل آهي۔

۳. ڪتاب “جنس جي سائنسي ڄاڻ” ۾ انسان جي خاص جنسي عضوون کان وٺي، انهن جي ڪمن ۽ بيمارين تائين جي تفصيلي ڄاڻ ڏنل آهي، جنسي ڄاڻ جنهن کي پاڻ وٽ هروڀرو اگهاڙپ جو نالو ڏئي، لکڻ تي ڄڻ ته هٿراڌو پابندي لڳائي وئي آهي پر حقيقت ۾ اهو علم ترقي يافته ملڪن ۾ اسڪولن اندر اسرندڙ عمر جي ٻارن کي انڪري پڙهايو ويندو آهي، جيئن ننڍي عمر وارا ٻار ۽ ٻارڙيون ان مان فائدن ۽ نقصانن جي ڄاڻ حاصل ڪري سگهن، جيتوڻيڪ جنسي عمل جي ضرورت هر انسان کي ۴۰ کان ۵۰ سالن تائين شدت سان محسوس ٿيندي آهي ۽ اهو عمل کاڌ خوراڪ جيان هر انسان جي پهرين ضرورتن مان هڪ آهي پر اسان جهڙن معاشرن ۾ ان جي علمي بحث کي به برو فعل سمجهي شٽ اپ ڪال ڏني ويندي آهي۔

۴. زناني ڇاتي جتان هر ٻار ٿڃ، يا پنهنجي ابتدائي خوراڪ حاصل ڪري وڏو ٿئي ٿو، ان علم تي مبني ڊاڪٽر علي مرتضي ڌاريجو جو ڪتاب “ڇاتين جي سائنسي ڄاڻ”، اٽڪل يارنهن بابن تي مشتمل ڪتاب آهي، جنهن ۾ زناني ڇاتيءَ جي مختلف حوالن سان ڪارائتي ڄاڻ ڏنل آهي ۽ پڻ ان ۾ ارهن جي بيمارين جي ذڪر سان گڏ مرداڻي ارهه جو به هڪ باب شامل آهي، جڏهن ته عورتون جيڪي انگيون پائن ٿيون، ان بابت به صلاحون شامل آهن۔ هي ڪتاب به ترجمو ٿيل آهي پر ڪنهن هڪ ليکڪ جي نالي نه هجڻ ڪري هتان هتان جي کنيل مضموعن جو ڳٽڪو لڳي ٿو۔ بهرحال هي ڪتاب به سائنسي ڄاڻ جو وڏو خزانو آهي۔

۵. “صحت جي سائنسي ڄاڻ”، ٽن بابن تي مشتمل ڪتاب آهي، جنهن جي پهرين باب ۾ قدرتي ۽ زميني اپت ڏيندڙ کاڌخوراڪ وارين شين جي فائدن بابت ڄاڻ ڏنل آهي، مثال طور ساوا ڌاڻا، ڪمال پت، بصر، ڀينڊي، هنداڻي جا پنج ڪامياب نسخا، ناريل جو پاڻي، زيتون، گريپ فروٽ، ڏاڙهون، ليمو ۽ ليمي جي کل، ڪڪڙ جي آني سميت ٻين ڪيترين ئي کاڌي پيتي جي شين تي حيران ڪندڙ فائدن تي مفصل آرٽيڪل لکيل آهن، جڏهن ته هن ئي ڪتاب ۾ ڪجهه شين جي واڌو واپرائڻ سان جيڪو انساني صحت جو نقصان ٿئي ٿو ان جو به تفصيلي ذڪر ٿيل آهي۔ هن ڪتاب جي ٻي باب ۾ هٿراڌو ٺهيل شين جنهن ۾ ڪولا، پيزا سميت ميڪ اپ جي سامان وغيره وغيره مان ٿيندڙ نقصانن کان آگاهي ڏني وئي آهي ۽ ٽئين باب ۾ پاڪستان ۾ اڪثر ڦهلجندڙ وبائي بيمارين بابت آگاهي ۽ بچاء جون تدبيرون ڏنل آهن۔ هي ڪتاب به ڄاڻ جو هڪ وڏو خزانو آهي

 

(ڏھاڙي دي ايشيان ڪراچيءَ ۾ ۳۰ مئي ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)



ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجو

ھليا ھنگلور ڏانھن، آديسي اڄوڪي ڏينهن

نوراحمد جنجهي

سائنس سان محبت ڪندڙ، تحقيق کي زندگيءَ جو اوڍ پھر بڻائڻ وارا سنڌي سماج ۾ ٿورا ماڻھو آھن. ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجو پڻ انھن مان ھڪ ھو.

ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجو سائنس سوسائٽي جو سنڌ ۾ نہ رڳو بنياد وجھندڙ پر ان سلسلي ۾ تحقيق ڪري ، مئگزين ڇاپڻ جو ڪم پڻ ڪيائين. سائنس بابت ڪتاب پڻ لکيائين. ھن لغاتن تي پڻ ڪم ڪيو.

اسان ڪافي موقعن تي گڏجي پڻ ڪم ڪيو جنھن ۾ ماحول بابت ھڪڙو تمام سٺو ڪم ھو جنھن جي سلسلي ۾ اسين اسلام آباد پڻ وياسين جتي ماحول بابت وزارت جي عملدارن ۽ وزير ماحوليات سان ملاقات ٿي. مشاھداللہ خان وٽ ان وقت  ماحوليات جو  قلمدان ھو. ڌاريجو صاحب جملي ھڻڻ جو بہ ڪاريگر ھو. موقعي مھل سان اھڙو فقرو ھڻندو ھو جو صفا محفل زعفران زار ٿي ويندي ھئي.

سدائين تحقيق جي ڪم کي لڳو پيو ھوندو ھو. ڪڏھن ڪا رپورٽ پيو لکندو ھو تہ تہ ڪڏھن وري ڪنھن ڊڪشنريءَ تي ڪم ۾ مصروف ھوندو ھو. ھو سدائين   سائنس ۽ تحقيق  جي ڪم کي اڳتي وڌائڻ ۾ مصروف رھيو ۽ اڄ سندس پراڻن جو پکي پرواز ڪري ان ڏورانھين ڏيھ ھليو ويو جتان ڪوئي موٽيو ناھي... شال سندس روح ابدي آرام ماڻي ۽ سنڌي سماج وري ڪو سندس شاگرد ھمٿ ڪري اٿي پوي ۽ ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌآريجي جي شروع ڪيل سفر کي جاري رکي .. آمين.


 

ڊاڪٽر علي مرتضي ڌاريجو

ڏات، ڏاھپ ۽ سائنس جو سھڻو سنگم

اظھر آزاد مغل, شڪارپور

سماج ۾ ڪي فرد پنهنجي پيار جي پورهئي ۽ غيرمعمولي ڪمن سبب اھڙا قدآور ۽ ڪمال جا ڪردار بڻجي ويندا آهن جن کي تاريخ سدائين عزتون ۽ اعزاز بخشيندي آهي، انھن عظيم ۽ شاندار شخصيتن مان ڊاڪٽر علي مرتضي ڌاريجو به ھڪ ھو، جنھن نور نچوئي ڏات جا ڏيئا ٻاري سنڌ جي سينڌ کي سرھائيءَ سان سنوارڻ ۾ اڻمٽ نقش ڇڏيا.

تعليم ۽ تحقيق جي دنيا جو ھڪ عظيم ۽ نامور سائنسي ليکڪ ڊاڪٽر علي مرتضي ڌاريجو ۲۰ مئي ۲۰۲۶ تي ھميشہ ھميشہ جي لاءِ ھن فاني دنيا کي الوداع ڪري ۷۶ سالن جي عمر ۾ راھ رباني وٺي مالڪ حقيقي سان وڃي مليو. ھن شخص جي وڇوڙي تعليم، تحقيق، سنڌي ادب ۽ سائنسي تحرير جي ميدان ۾ ھڪ گهرو خال ڇڏيو آهي، جيڪو جلدي ڀرجڻ ايترو آسان ۽ ممڪن نه آهي.

ڊاڪٽر علي مرتضي ڌاريجو ۲ سيپٽمبر ۱۹۵۰ ۾ لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. ھن پنھنجي ابتدائي تعليم لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي ۽ زولاجي ۾ ماسٽرس جي ڊگري ۱۹۷۳ ۾ يونيورسٽي آف سنڌ مان ڪئي. پنهنجي علمي سفر کي جاري رکندي ھن اڳتي ھلي ايل ايل بي ۽ اديب فاضل جون ڊگريون پڻ حاصل ڪيون، ۽ بعد ۾ ۲۰۹۶ ۾ يونيورسٽي آف سنڌ مان پي ايڇ ڊي جي تعليم مڪمل ڪئي.

ڊاڪٽر علي مرتضي ڌاريجو پنهنجي پيشوراڻي ڪيريئر جو آغاز ۱۹۷۴ ۾ يونيورسٽي آف سنڌ مان ڪيو. پنهنجي علمي سفر دوران، ھن ۱۹۷۶ ۾ ھنگري ۽ ۱۹۸۴ ۾ جاپان مان وڌيڪ تربيت حاصل ڪئي جنهن سبب ھن کي عالمي طور مڃتا ملي. ھن ڪيترن ئي باوقار ۽ اعلي عھدن تي پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون جنھن ۾ يونيورسٽي آف سنڌ ۾ زولاجي شعبي جي چيئرمين، بيورو آف ٽرانسليشن جو ڊائريڪٽر، سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جو سيڪريٽري، فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو ڊائريڪٽر انچارج شامل آهن.

ڊاڪٽر علي مرتضي ڌاريجو سنڌي ٻوليءَ ۾ سائنسي ادب متعارف ڪرائڻ جي حوالي سان باني وارو انتھائي اھم ڪردار ادا ڪري پاڻ ملھايو.

علي مرتضي ڌاريجو سنڌي ادب جي افق جو روشن ستارو، ترجمي، تحقيق ۽ سائنسي تحريرن جو بي تاج بادشاھ، محقق، عالم ۽ ڏاھو ھو جنھن پنھنجي لکڻين ذريعي نه رڳو شعور ۽ سجاڳي جا سبق ڏنا پر اتساھ جو پڻ سبب بڻيو.

انھيءَ چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه آهي ته ڊاڪٽر علي مرتضي ڌاريجو رڳو ھڪ تعليم دان ۽ سائنسدان نه ھو پر ھن ساڳي وقت سنڌ ۾ سائنسي سجاڳي ۽ شعور، ماحولياتي آگاھي ۽ عام فھم علم کي اجاگر ڪرڻ ۾ نھايت ئي اھم ۽ غيرمعمولي ڪردار ادا ڪري پاڻ ملھايو.ھن پنهنجي سموري حياتي ڪتابن، تحقيق، ترجمن، شاگردن جي وسيع تر مفادن کي مدنظر رکندي سندن جي تربيت ۽ سماج جي بھتري ۽ ڀلائي جي لاءِ علم جي لاٽ پکيڙي پنهنجو قومي فرض فخر سان نڀايو.

ڊاڪٽر علي مرتضي ڌاريجو کي معاشري ۾ خاص مڃتا قدرتي ماحول سان بيپناھ محبت ۽ سائنسي ميدان ۾ قابل قدر ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪري ملي. ھن ماحولياتي تعليم جي سلسلي کي عوامي سطح تائين متعارف ۽ فروغ ڏيڻ جي حوالي سان انتهائي اھم خدمتون سرانجام ڏيندي سرھائي محسوس ڪئي. جڏهن ماحولياتي مسئلا اڃا عوامي سطح تائين زير بحث نه ھئا، تڏهن پاڻ پرنٽ ميڊيا ۽ ليڪچرن جي اڻکٽ تسلسل جي ذريعي عوام کي موسمي تبديلي، آلودگي، اوزون، پاڻي جي کوٽ جيوتياتي تنوع ۽ قدرتي وسيلن جي تحفظ بابت آگاهي جي سلسلي ۾ ڪيترن ئي ڏيھي توڙي پرڏيهي ادارن سان مسلسل رابطي ۾ رھيو. ھو IUCN, WWW-Pakistan ۽ ٻين ڪيترن ئي ادارن جي سھڪار سان ماحولياتي تعليم ۽ تحفظ جي باري ۾ بيشمار سيمينار، پروگرام ۽ ورڪشاپ منعقد ڪرائڻ ۾ قابل ساراھ ڪردار ادا ڪيائين. سنڌ جي سامونڊي پٽي، انڊس ڊيلٽا، پکين، جهنگلي جيوت ۽ ماحولياتي خطرن متعلق بابت سگهارو آواز پڙاڏو بڻجي گونجندو رھيو.

ڊاڪٽر صاحب مترجم جي حيثيت ۾ صحت، ماحوليات ۽ انساني جسم جي باري ۾ ڪيترائي انتھائي اھم ڪتاب پنهنجي سولي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري نه رڳو سنڌي ادب کي شاھوڪار بڻايو پر ساڳي وقت عام سنڌي ماڻهوءَ کي پيچيده ۽ مشڪل سائنسي موضوع سولائي سان سمجهڻ جي صلاحيت ۽ سگھ عطا ڪئي. ڊاڪٽر صاحب سنڌي ٻوليءَ ۾ سائنسي ادب جي اھميت کي اجاگر ڪري جيڪو فروغ ۽ ھٿي ڏني، سا ٻاٽ ۾ لاٽ برابر آهي. ھن لاڙڪاڻي ۾ سائنس پبليڪيشن جو بنياد وڌو ۽ ڪيترن ئي مختلف سائنسي جرنلس جي ايڊيٽر طور ڪم ڪيو. ۳۰ کان وڌيڪ ھن جا تحقيقي مقالا بين الاقوامي طور تي شايع ٿيا.  ھن جي مشهور ڪتابن ۾ "انوکا گڙھ", "تپندڙ ڌرتي ۽ مٽجندڙ مندون" "ڪينسر"، "فرسٽ ايڊ"، "اسان جون اکيون"، "بدن ۽ ان جو ڪم", "قرآن ۽ سائنس" ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب شامل آهن جيڪي سنڌي سائنسي ادب ۾ سنگ ميل جي حيثيت طور سمجهيا وڃن ٿا ۽ سندس جي ڪيل پيار واري پورھئي جي گواھي ڏين پيا، ھو ھڪ اھڙو لازوال، امر ڪردار ۽ عظمت جو اھڃاڻ آهي جيڪو سدائين اسان جي ايندڙ نسلن جي ذھنن جي آبياري ڪندو رھندو ۽ انهن کي اتساھيندو ۽ ھمٿائيندو رھندو.

ھن جي عالماڻا ۽ ادبي خدمتن جي مڃتا ۾ ھن کي نيشنل بوڪ فائونڊيش، سنڌي لينگويج اٿارٽي ۽ ٻين ڪيترن ئي ادارن پاران ڪيترائي ايوارڊ مليا.

انھيءَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته ڊاڪٽر جو وڇوڙو فقط سندس ڪٽنب جو نه، پر سنڌ جي سموري علمي، ادبي، تدريسي ۽ سائنسي جڳ جو ناقابل تلافي نقصان آهي. ھو نھايت ئي قابل ۽ ڪارائتو ڪردار ھو جنھن پنھنجي ڏات ۽ ذات وطن جي راھن کي روشن رکڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏي. ھن جو جلدي خال ڀرجڻ  ايترو آسان نه ھوندو. ھو پنهنجي پورهئي ۽ قابل قدر ڪم جي ڪري تاريخ جي صفحن ۾ سدائين ياد رکيو ويندو.

ڪي فرد وڇڙي به ڪڏهن نه وسرندا آهي ۽ علي مرتضي ڌاريجو به انهن مان ھڪ آھي. پنهنجي غيرمعمولي ۽ نمايان ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪري سدائين ياد رھندو.

 

(ڏھاڙي پنهنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۳ جون ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)


 

ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجو

---### حياتي ۽ علمي خدمتون

سنڌ جو ناميارو ليکڪ، مترجم، اديب ۽ سنڌ يونيورسٽي جي زولاجي شعبي جو اڳوڻو چيئرمين، ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجو اڄ ۷۶ ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجو ۲ سيپٽمبر ۱۹۵۰ع تي لاڙڪاڻي ۾ علي حسن ڌاريجي جي گهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم ديني مدرسي لاڙڪاڻي مان حاصل ڪيائين، جڏهن ته مئٽرڪ گورنمينٽ پائلٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان پاس ڪيائين. بي. ايس. سي ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪرڻ بعد، ۱۹۷۳ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ايم. ايس. سي (زولاجي) جي ڊگري حاصل ڪيائين. ان کان علاوه اديب فاضل ۽ ايل. ايل. بي جون ڊگريون به حاصل ڪيائين، جڏهن ته ۲۰۰۶ع ۾ ساڳي يونيورسٽي مان پي. ايڇ. ڊي مڪمل ڪيائين.

---### پيشورانه خدمتون

ڊاڪٽر ڌاريجو ۱۹۷۴ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ نيشنل ڊيولپمينٽ والنٽيئر پروگرام تحت استاد مقرر ٿيو. بعد ۾ زولاجي شعبي ۾ ميوزيم ڪيوريٽر ۽ پوءِ ليڪچرار طور خدمتون سرانجام ڏنائين.

۱۹۷۶ع ۾ کيس يونيسڪو، يو اين ڊي پي، آءِ سي آر او ۽ هنگيرين اڪيڊمي آف سائنس جي گڏيل فيلوشپ تحت هنگري جي شهر سيگيڊ ۾ جديد حياتيات ۽ اميونو جينيٽڪس تي تربيتي ڪورس لاءِ موڪليو ويو. ۱۹۸۴ع ۾ جپان سرڪار جي مونبوشو اسڪالرشپ تحت هما ماتسو يونيورسٽي اسڪول آف ميڊيسن ۾ تربيت حاصل ڪيائين.

۱۹۸۶ع کان ۱۹۸۷ع تائين جپاني سائنسدانن سان گڏجي ايئر سائيٽالاجي جي ميدان ۾ پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ تحقيقاتي خدمتون سرانجام ڏنائين، جتي هو ڪو-پرنسپل انويسٽيگيٽر طور ڪم ڪندو رهيو.

---### تدريسي ۽ ادبي ڪردار

ڊاڪٽر ڌاريجي جي رهنمائيءَ هيٺ ڪيترن ئي شاگردن پي ايڇ ڊي ۽ ايم فل جون ڊگريون حاصل ڪيون. هو ۲۰۱۰ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان رٽائر ٿيو.

هن ڪيترن اهم انتظامي عهدن تي به خدمتون سرانجام ڏنيون، جن ۾:

* ڊائريڪٽر، بيورو آف ٽرانسليشن اينڊ پبليڪيشن

* ڪنٽرولر آف ايگزامينيشن

* ڊائريڪٽر انچارج، فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن

* سيڪريٽري، سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ

* ميمبر، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي بورڊ آف گورنرز

---### سائنسي ادب لاءِ خدمتون

ڊاڪٽر ڌاريجو سنڌي ٻولي ۾ سائنسي ادب جي واڌاري لاءِ ’سائنس پبليڪيشن‘ لاڙڪاڻي جو بنياد وڌو. هن ماحول، صحت ۽ سائنس بابت ڪيترائي ورڪشاپس پڻ منعقد ڪرايا.

هو ماهوار "سائنس" ۽ ٽماهي "ماحول" رسالن جو ايڊيٽر رهيو ۽ ٻين ڪيترن سائنسي جرنلن سان به لاڳاپيل رهيو. هن سوين سائنسي ۽ طبي مضمون لکيا ۽ لڳ ڀڳ ۳۰ تحقيقي مقالا ملڪي ۽ بين الاقوامي جرنلن ۾ شايع ٿيا.

---### اهم ڪتاب

سندس مشهور ڪتابن ۾ شامل آهن:

* انوکا گرهه (۱۹۸۲ع)

* ڪينسر (۱۹۸۲ع)

* فرسٽ ايڊ (۱۹۸۳ع)

* هيلٿ ٽيڪنيشن ٽريننگ گائيڊ بڪ (۱۹۹۰ع)

* جنس جي سائنسي ڄاڻ (۱۹۹۱ع)

* اسانجون اکيون (۱۹۹۲ع)

* ڇاتين جي سائنسي ڄاڻ (۱۹۹۴ع)

* ڪينسري بيماريون (۱۹۹۵ع)

* سريـر جي آتم ڪهاڻي (۱۹۹۶ع)

* قرآن ۽ سائنس (۲۰۰۶ع)

* تحفظ ماحول ۽ اسلام (۲۰۰۹ع)

* موسمي تبديلي ڇا آهي؟ (۲۰۱۰ع)

* جت ويڄ نه طبيب (۲۰۱۱ع)

* تپندڙ ڌرتي ۽ مٽجندڙ مندون (۲۰۱۱ع)

---### اعزاز ۽ مڃتا

ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجو کي سندس علمي ۽ ادبي خدمتن عيوض ڪيترن ادارن پاران اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا، جن ۾:

نيشنل بوڪ فائونڊيشن اسلام آباد، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، سنڌ گريجوئيشن ايسوسيئيشن، رائيٽرس گلڊ آف پاڪستان ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي شامل آهن.

 

(انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا تان)

No comments:

راءِ ڏيندا