فقير غلام حيدر نظاماڻي
فقير حاجن نظاماڻي
بابا
سائين فقير غلام حيدر نظاماڻي جو جنم ۰۱-۰۸-۱۹۳۳ ڌاري،
فقير شير محمد نظاماڻي جي گھر ۾ ڳوٺ حيات خان نظاماڻي ۾ ٿيو. جيڪو ڀٽ شاھ کان اتر
طرف ڇھن ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي آھي. قليل زندگي جو انسان مسافر آھي، جنھن کي
پنھنجي ايندڙ پَل جي ڪابه خبر ناھي ته ساڻس ڇا ٿيڻ وارو آھي؟ بابا فقير غلام حيدر
نظاماڻي جھڙا انمول ھيرن کان وڌيڪ قيمتي انسان به ھوندا آھن، جن جي زندگي تمام گھڻي
قيمتي ھوندي آھي، اھڙن انسانن مان منھنجو بابا سائين فقير غلام حيدر نظاماڻي به ھڪ
ھو، اولاد لاءِ، والدين قيمتي ھوندا آھن، پر بابا سائين پوري انسانيت جي خدمت ڪندڙ
ھئا، ھر انسان جي عزت ڪرڻ وارو انداز بابا سائين جن جو ھڪ انوکو انداز ھو. ھر
انسان لاءِ سٺو سوچڻ غريبن جي مدد ڪرڻ، ڪو بابا کان سکي ھا. فطرت ته اسان کي
سيکاريو آھي ته ھڪ انسان جي مدد ڪرڻ پوري انسانيت جي خدمت ڪرڻ جي برابر آھي.
ڪي اوڏا ئي ڏُور، ڪي ڏُور به اوڏا سپرين
اِھا
منھنجي خوش نصيبي آھي ته آئون انھيءَ فقير جي گھر ۾ پيدا ٿيس، منھنجا ڀاڳ ڀلا. ھر
انسان کي زندگي جي ڪنھن نه ڪنھن حصي ۾ عشق ٿيندو آھي، بابا سائين فقير غلام حيدر
نظاماڻي جو عشق لطيف سائين سان ھو، نه صرف سڄي حياتي پنھنجي مرشد لطيف سائين جو راڳ
ڳايو، پر لطيف سائين جي فقيرن جي خدمت ڪندي گذاري، لطيف سائين جي فقيرن سان ھميشه
گڏ رھيا، درگاھ جون رسمون ھجن يا فقيرن جا ڪي ٻيا دنياوي مسئلا، پر انھن جي ھر حال
۾ بابا مدد ڪندا ھئا، پوءِ ان سببان بابا کي ڪيتريون ئي تڪليفون پڻ ڏسڻيون پيون،
پر پنھنجي عزم کان ھرگز نه ھٽيا، انھي راھ تي گامزن رھيا.
سوکو ھوندو سو، جنھن جو عشق الله سين
لطيف
سائين جي فقيرن، پنھنجي مرشد جي طريقت سان عشق جي انتھا ڪري، لطيف سائين جي طريقت
سان خوب نڀايو آھي. لطيفي فقير ان کي چئبو آھي جنھن جو عمل لطيفي طريقت وارو ھجي،
باقي بيتن کي ياد ڪرڻ ۽ لسانيات، لغت، الفاظ جي لفظي معنى، لاءِ تحقيقدان ته کوڙ
سارا آھن، جيڪي پنھنجي ڪم کي سرانجام ڏيئي رھيا آھن، انھن کي به جَس ھجي، پر جيڪي
لطيف سائين جي فڪر سان نڀائڻ لاءِ لطيفي طريقت سان سلھاڙيل آھن، اصل لطيفي طريقت
وارا ماڻھو اُھي آھن، اصل عاشق جو ڪم اِھو آھي ته عاشق پاڻ کي پنھنجي محبوب جي
حوالي ڪري ڇڏي، اھڙي ريت مرشد لطيف سائين جي فقيرن پنھنجون حياتيون مرشد جي عشق ۾
خود کي لطيفي طريقت جي حوالي ڪري ڇڏيون، پر انھن جو مقصد خود کي مشھور ڪرڻ نُه
ھوندو آھي، لِڪل حياتي گذارين ٿا، پنھنجي ڪم سان ڪم رکي، نينھن جو ناتو نڀائي ھن
دنيا مان ھليا ويندا آھن.
نيست گھوڙو نينھن جو، ڌريائين ڌاريائون
سُک نه سُتا ڪڏھن، گھر نه گھاريائون
موت کي ماريائون، موت نه ماريا ڪاپڙي
لطيف
سائين جا فقير، لطيفي فڪر ۽ طريقت جي رنگ ۾ رَتل آھن، جن پنھنجي حياتي جو مقصد
لطيف سائين جي طريقت جي ڪري ۽ پنھنجي زندگي جو مقصد به لطيف سائين جي رستي ڏانھن
موڙي ڇڏيو ھجي، انھن ڪردارن مان بابا سائين فقير غلام حيدر نظاماڻي به ھڪ ھئا.
بابا سائين جي لاءِ مون وٽ لفظ ناھن جيڪي بابا سائين جي لطيفي طريقت لاءِ ڪيل
خدمتن کي بيان ڪري سگھان. بابا سائين ننڍي عمر ۾ لطيف سائين جو رسالو ياد ڪرڻ شروع
ڪيو، ان کانپوءِ لطيف سائين جي راڳ بابا جي دل ۾ دائمي عشق جنم ورتو. بابا سائين
جن ھر اربع جي رات لطيفي راڳ جي شروعات پنھنجي اوطاق تي ڪئي، شاھ جي راڳ کان علاوه
بابا سائين ھر ھفتي جمعي جي رات لوڪ ادب سگھڙن جي ڪچھري ڪرائڻ شروع ڪئي، جيڪا ھاڻي
ماھوار پندرھين تاريخ، ھجري چنڊ جي تاريخ تي ٿيندي آھي ۽ بابا سائين جن حڪمت سان پڻ
وابسته رھيا، انسانيت جي خدمت ئي فقيرن جو مقصد ھوندو آھي، حڪمت سان تعلق وڏن کان
ورثي ۾ بابا سائين جن کي مليو ھو، ھاڻي ڀاءُ وڏو ادا، علي ڏنو نظاماڻي حڪمت جو ڪم ڪندو
آھي، منھنجو به جھڙو حال سندس ساٿ ڏيندو آھيان ۽ ان کان علاوه ادا علي اڪبر جو
فرزند ۽ منھنجو فرزند غلام حيدر ساٿ ڏيندا آھن، حڪمت جي ڪن خاص مرضن جو علاج اسان
جي فقيري آستاني تي ٿيندو آھي تن ۾ عرق النساء ۽ ان کان علاوه ٻين موذي مرضن جو
علاج بھترين ڪندا آھن.
تون حبيب، تون طبيب، تون درد جو دارون
بابا
سائين غلام حيدر نظاماڻي جي شخصيت کي، ھڪ ننڍڙي آرٽيڪل ۾ سمائڻ اھو ممڪن ناھي، ھي
ھڪ مختصر ليک ورسي جي مناسبت سان يادگار طور خراج عقيدت طور پيش ڪريان ٿو. بابا
سائين جن ھيمشه انسانيت جي خدمت ڪندي حياتي گذاري، بابا جا ساٿي راڳائي فقير ئي
ھئا، جن سان پنھنجي اوطاق تي شاھ جو راڳ ڪندا ھئا، بابا جو استاد فقير خان محمد
نظاماڻي ۽ سندس ساٿي ۽ ڪڏھن ڪڏھن بابا جا دوست درگاھ لطيف جا راڳائي فقير به اچي
اوطاق تي اربع جي رات شاھ جي راڳ ۾ شامل ٿيندا ھئا جن ۾ فقير ابراھيم خاصخيلي به
بابا وٽ اوطاق تي ايندو ھو، ميرو لنجواڻي، سائين غلام شاھ لطيفي، سيد غلام حيدر
شاھ ۽ ٻيا راڳائي فقير دوست به بابا وٽ اوطاق تي ڪھي ايندا ھئا. درگاھ لطيف سائين
تي خميس جي رات خالي ھئي، خميس جي رات بابا درگاھ لطيف سائين تي ۱۹۵۷ع واري ڏھاڪي ۾ راڳ ڳائڻ شروع ڪيو. بابا سائين فقير غلام حيدر نظاماڻي جا
ساٿي درگاھ شريف وارا شاھ جا راڳائي فقير ئي ھئا، جن ۾ اربع رات وارا ساڳيا ساٿي ۽
فقير الھڏنو نظاماڻي، فقير فضل ڇڄڙو، فقير گل محمد پھوڙ ۽ ڪڏھن ڪڏھن غلام حيدر شاھ
لطيفي به ڪجهه عرصي تائين بابا سائين سان گڏ خميس جي رات لطيفي راڳ ڳايو ھو. بابا
سائين جن جي عمر جي آخري دور ۾ جيڪي فقير راڳائي ساٿي ھئا، انھن ۾ فقير الھڏنو
نظاماڻي، فقير غلام محمد نظاماڻي، فقير شير محمد لاکو، فقير شفيع محمد ڪنڀار ۽ مون
ناچيز به بابا سائين فقير غلام حيدر نظاماڻي سان گڏ ٻه سال مرشد سائين جو راڳ
درگاھ تي گڏ ڳايو، ھو. مون کي اھا گھڙي ياد رھندي جنھن مھل بابا سائين جن مون کي
راڳ جي باري ۾ جيڪا نصحيت ڪئي ھئي، پھرين رات جڏھن مون شاھ جي راڳ جو پھريون بيت ڪلياڻ
جو درگاھ تي ڳايو ھو ته بابا سائين جن مٺائي ورھائي ڪارو سڳو پڻ مونکي ٻڌو ھو،
منھنجي راڳ جي حاضري خميس رات اڃان تائين ھلندڙ آھي.
تن تسبيح من مڻيو، دل دنبورو جن
تندون جي طلب جون، وحدت سُر وڄن
وحده لا شريڪ له، اھو راڳ رڳن
سي ستائي سونھن، ننڊ عبادت تن جي
بابا
سائين جن فقير لائق ڏنو تمراڻي جي ھٿ تي بيعيت ڪئي، ان کان علاوه لطيفي ڌاڳا يعني
فقير رنگ واري پڳ به فقير لائق ڏني تمراڻي ٻڌرائي ھئي. وڏي اوطاق يعني لطيف سائين
جي حويلي جي (مرمت) لِپائي جو ڪم به بابا سائين جي ذمي ھو، جيڪو بابا سائين نڀائيندا
رھيا، ھاڻي اسان لطيف سائين جي وڏي اوطاق جي خدمت ڪندا آھيون، لطيفي طريقت جا نسلن
کان سلسلا بغير لالچ جي لطيفي فقير خوب نڀائي رھيا آھن، انھن ۾ بابا سائين فقير
غلام حيدر نظاماڻي به ھڪ ھئا. بابا سائين جن لطيف سائين جي راڳ سان گڏ لوڪ ادب جي
به ساڳئي عرصي تائين خدمت ڪئي. جيڪا ھاڻي به ھلندڙ آھي، (جھڙو حال حبيبان)، سندس
لوڪ ادب جي دوستن ۾سائين صالح محمد شاھ، متارو واڍو، پير بخش چانڊيو، سومر چانڊيو،
يار محمد ٻگھيو، بخشيو شر، حسين بخش شر، بيرو شر، ستابو خاصخيلي، فيض محمد پڃارو،
جمعون ڪنڀر، سارنگ ڪاڪو، ميھار سولنگي، محمد حسن چھواڻ، گنھور ڏيٿو، نبي بخش رند،
ھدايت علي رڏ، ننگر مھر، ھارون جاگيراڻي، لعل بخش ٻرڙو، عبدالرحمان مھيسر، ٻيڙو ڪنڀر،
سارنگ ڪاڪو، خدا ڏنو راڄڙ، سخيرو ڀاڻو، محمد خان سنجراڻي، ملوڪ عباسي، مورڻ جلالاڻي،
الھرکيو مغيري، امام بخش سنجراڻي، مقيم وساڻ، ميھار لغاري، چاچا عيسو خان نظاماڻي،
چاچا حاجي محمد خان نظاماڻي، قادر بخش جھلڻ، شاعر سائل لاکو ۽ ٻيا اڻ ڳڻيا سگھڙ ۽
ساٿي رھيا. لوڪ ادب جي خدمت ڪندي اڌ صدي جي ساٿ ۾ ڪيترائي بابا جا ڪيترائي سگھڙ،
دوست ۽ ساٿي رھيا ھئا، سڀني سگھڙن جا نالا ھتي لکڻ نا ممڪن آھن. لوڪ ادب جي ڪچھرين
جا پروگرام بابا سائين پي ٽي وي ڪراچي سينٽر تي ڪيترائي ڪچھري پروگرام ۾ڪيا ھئا.
ادبي طور مخدوم طالب المولى سان پڻ ويجھڙائپ هئن. بابا سائين جن سڀني انسانن سان
درگذر واري ماحول ۾ رھندا ھئا، ڪو ماڻھو غلطي ڪندو ھو ۽ وري معافي وٺندو ھو ته بنا
ڪنھن رڪاوٽ جي بابا سائين جن ان کي معاف ڪري ڇڏيندا ھئا. سھپ ۽ پيار جا بابا وٽ اڻکٽ
خزانا ھئا. بابا جيڪا مون سان محبت ڪئي ان لاءِ مون وٽ الفاظ ڪونه آھن، ھر والد
پنھنجي اولاد لاءِ شفيق ھوندو آھي، پر بابا سائين جي پيار جو انداز ڪجھه نرالو
ھوندو ھو، جنھن ماڻھو سان بابا ھڪ دفعو ملاقات ڪئي، ان کي بابا سائين جو پيار سڄي
زندگي نه وسرندو آھي ۽ پاڻ جنهن سان ھڪ دفعو مليا ته ان جو نالو ۽ چهرو به کين نه
وسرندو ھو . بابا، خميس جي رات درگاھ تي شاھ جو راڳ ڳايو ۽ جمع جي رات سگھڙن دوستن
سان روح رھاڻ ڪئي، جمعي جي ڏينھن، جمعي جي نماز جماعت کي پڙھائي پوءِ اچي پنھنجي
آستاني تي ويٺا، ۲۹ مارچ ۲۰۰۲ع تي ۲:۱۵ بمطابق چوڏھن محرم جمعي جي ڏينھن امامن سڳورن جي شھادت جي ڪچھري ڪندي،
لطيف سائين جا بيت پڙھندي سندن وصال ٿيو. بابا جي ڪچھري ڪندي موڪلاڻي واري ڪفيت
مان منھنجو نڪرڻ، منھنجي وس جي ڳالھه نه آھي. بابا سائين کي لطيف سائين جي گودڙي
اوڍائي ويئي، لطيفي ذڪر (احديت) وارو فقيرن ذڪر ڪيو، جنازي نماز لطيف سائين جي
درگاھ تي ٿي، حُجري شريف ۾ بابا جي آخري آرام گاھ آھي، بابا جا سئوٽ فقير عيسى خان
نظاماڻي، فقير محمد خان نظاماڻي جون مزارون اولھه ۽ اوڀر کان به ساڻن گڏ آھن، ھميشه
پنھنجي سئوٽن سان دنيا ۾ بابا سائين گڏ رھيا، پر آخري آرامگاھ به سندن سئوٽن جي وچ
آھي، ھڪٻئي کي مخاطب ٿيڻ لاءِ بابا چوندا ھئا ۽ ڪنھن کي خبر نه ھئي ته ڀائر هئا يا
سئوٽ. ڪلهه بابا سائين جي چوويھين ورسي هئي. بابا سائين فقير غلام حيدر نظاماڻي جي
مزار تي ۽ چاچا فقير عيسى ۽ حاجي محمد خان جي مزار تي گُلن جي چادر چاڙھي دعا گھري
وئي. ورسي ھر سال جيان ملھائي وئي، شاھ جو راڳ فقرائي آستاني تي ڳوٺ فقير غلام
حيدر نظاماڻي ۾ لڳ ڀٽ شاھ ۾ ڪيو ويو، جيڪو ھر سال جيان فقير راڳائي ڳائيندا آھن ۽
ان رات سگھڙ، ساٿي، دوست محفل ۾ اچي شامل ٿيندا آھن. بابا سائين جن جي محبت شفقت
جو سايو ھميشه رھيو ۽ سندن ھدايتون اسان جي زندگي لاءِ آساني پيدا ڪندڙ آھن.
روحاني طور بابا سائين فقير غلام حيدر نظاماڻي ھميشه مون سان گڏ آھن، جنھن جو
اظھار ڪرڻ ممڪن ناھي.
جن اُجھيو تن نه ٻُجھيو، ويٺي گڏين وير
ڏوري ڏٺائون ڏک سين، پان منجھانئين پير
لٿو تن لطيف چئي، جُسي جو زنجير
ڪين ڏٺو ڪاپڙيين، ڪابل ۽ ڪشمير
سچ جنين جو سير، تن گرو ويٺي گڏيو.
(ڏھاڙي ھمسري حيدرآباد آن لائن ۾ ۱ جولاءِ ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا