; سنڌي شخصيتون: July 2018

27 July, 2018

اڪبر جسڪاڻي


اڪبر جسڪاڻي
ادبي بورڊ ۽ بِندريون ديوارون
ضراب حيدر
ڄامشوري جون ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن!؟
ڄامشورو جيڪو دلرُبا ئي آهي، هُن جيڪي زخم جيڪي گهاءَ ڏنا آهن سي ڇُٽا ئي ڪٿي آهن، اڄ به اُهي سمورا ڦٽ تازا آهن جهڙا ورهيه اڳ هئا. سنڌوءَ جي اولهاوين ڪڙ تي هي پٿريلو قصبو خبرناهي ڪيڏن قصن ڪهاڻين سان ڀريو پيو آهي.

26 July, 2018

منگهارام اوجها


منگهارام اوجها
پراڻي پارڪر جو ليکڪ
ڀارومل امراڻي
ملير جي مٽيءَ پاران ڏنل ڏُٿ جي ڏات کي صحيح ڪارج عمل ۾ آڻي ڌرتيءَ جو قرض لاهيندڙ ۾ منگها رام اوجها جو نالو “صف اول” ۾ شامل آهي.
هن جي قلمي پورهئي جي طفيل پارڪر جو پٽ، موهن جي دڙي ۽ اروڙ جي اتهاس سان گڏ جرڪيو. هن تاريخ ۽ ثقافت جي سنگم کي لفظن جي روپ ۾ آڻي پوري برصغير جي تهذيبي ادب تي “پاري نگر” جي بندرگاهه، “ڪارونجهر” جي ڪهاڻين ۽ ڀالوا جي ڀوپت (وڻندڙ) رنگن جا ترورا ڦهلايا.

ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو


ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو
علمي ۽ ادبي خدمتون
 جامي چانڊيو
سنڌ ۾ ڪجهه ماڻهو اهڙا آهن، جن جي دانش ۽ ڪم جي پوريءَ طرح مڃتا نه ٿي آهي. سنڌ ۾ شين جي پرک، عقلي (Rational) ۽ علمي ڇنڊڇاڻ ۽ سندن جائز حيثيت جي تعين جي روايت اڃان پختي ناهي. تاريخ جو ڊگهو عرصو غلام، محڪوم، محروم ۽ ويڳاڻپ جو شڪار رهڻ ڪري عام طور جيڪي سماجي ۽ نفسياتي ڪمزورين اهڙن معاشرن ۾ پيدا ٿينديون آهن، اُنهن جو شڪار اسين به ٿيا آهيون ۽ پنهنجن املهه ماڻڪن جو گهربل قدر نه ڪرڻ به اهڙين ڪمزورين مان هڪ آهي. ڊاڪٽر ٻوهيو جنهن سطح جو عالم، مفڪر ۽ اديب هو ۽ هن سڄي زندگي جن وڏن ۽ بنيادي موضوعن تي نهايت علميت ۽ گهرائيءَ سان سوچيو ۽ لکيو، جي اُهي اڄ به اسان جي سماجي، فڪري ۽ ادبي ايجنڊا تي گهربل اهميت سان سامهون اچن ته مان پنهنجي پوريءَ سنجيدگيءَ سان چوان ٿو ته سنڌي ادب ۽ سماج صحيح معنيٰ ۾ هڪ نئين دؤر ۾ داخل ٿي سگهي ٿو.

محمد علي پٺاڻ

محمد علي پٺاڻ
هڪ سچيت تخليقڪار
نصير ڪنڀر
اڄ ۳ فيبروريءَ جي ڏينهن هن جي پنجونجاهين سالگرهه آهي. انهي عرصي دوران هن پنهنجي زندگي جون ڪجھه ڪڙيون ڪجهھ مٺيون حقيقتون ڏٺيون. انهي جي بدلي هن هرڪنهن سان پيار ڪندي پنهنجي قلمي پورهي کي ٽائيم ڏنو. پاڻ هن جي ادبي پورهيئ تي نظر وجھون ٿا. محمد علي پٺاڻ سان منهنجي روبرو ملاقات ته ٿر ڏڪار ڪانفرنس ۾ ٿي. پرهن جي ڪهاڻي ”ستون نمبر“ مون وٽ هن جو تعارف پهرين ڪرايو. سنڌ جي اتر واري علائقي ۾ ناسور بڻيل ڏوهه ”ڪارو ڪاري“ جي پسمنظر ۾ لکيل هي ڪهاڻي تمام جاندار ۽ ذهن کي جنجھوڙيندڙ آهي. جنهن ۾هڪ همراهه ٻئي جودڪان ڦٻائڻ لاءِ جتي وٺڻ جي بهاني دڪان ۾ وڃي ٿو. دڪاندار کي چوي ٿو “ يار ليڊيز جتي کپي نمبر ياد ڪونهي.” دڪاندار چوي ٿو“ عام طور ليڊيز نمبر ست هوندو آهي. اوهان هي ست نمبر وارو چپل وٺي وڃو جي نه ته صبحاڻي بدلائي وٺجو.” همراهه چپل ڏسي چوي ٿو “ ها هي بهتر رهندو.” ٻئي ڏينهن اهو ماڻهو اچي ٿو ۽ دڪاندار سان اچي جهيڙو ڪري ٿو ته منهنجي زال جي پير جي نمبر جي توکي خبر ڪيئن پئي. ضرور تون منهنجي زال سان ڦٽل آهين. دڪاندار ڀڄي جان بچائي ٿو. نيٺ فيصلو سردار وٽ وڃي ٿو. زندگي جي بخش ۾ ڏنڊ طور رقم لاءِ همراهه کي دڪان جو سامان، گهر سڀ وڪڻڻا پون ٿا. الزام هڻندڙ انهي رقم مان ٻني وٺي ٿو. محمد علي پٺاڻ جي هن ڪهاڻي  “ڪارو ڪاري” جهڙي ڪڌي رسم جا بکيا جيئن اڊيڙيا آهن ائين تمام گهٽ ڪهاڻين ۾ نظر آيو آهي. اسين ٿر ڏڪار ڪانفرنس ۾ ملياسين، تڏهن به هي ڪهاڻي اسان جي ڪچهري جو موضوع هئي. اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن محمد علي دوستي جو ڀرم رکندي اهو رشتو نڀايو اچي. پاڻ منهنجي ڪا به تحرير پڙهيائين ته ضرور فون ڪري نه صرف انهي تحرير تي  حال احوال ڪندو، پر ڪمين ڪوتائين تي به ڳالهائيندو.

امداد سهتو


امداد سهتو
ساهتي جو سهڻو شاعر
منظور سولنگي
امداد سهتو ۽ منهنجو تعلق ساهتي پرڳڻي جي انهيءَ شهر سان آهي جنهن سان پهرين سنڌي اخبار جي ايڊيٽر عبدالرحمان قاضي جو هئو. ڳائڻ ۾ منفرد اسلوب رکندڙ ماسٽر چندر جو تعلق به هن شهر سان هو ته وري سنڌي ادبي سنگت جي چئن بانيڪارن مان هڪ گوبند مالهي به هن شهر ۾ جنم ورتو. پاڪستان کان اڳ مزاح جي وڏي نالي نوري مشڪري جو به تعلق هن شهر سان هئو. شايد اهو ئي سبب ۽ اثر هو جو اڳتي هلي سائين غلام قادر سومري سنڌي ادب ۾ طنز و مزاح جي عنوان تي پي ايڇ ڊي ڪئي ۽ مون (منظور سولنگي) شعوري ۽ طنزيه ڪالم ”سچ وڏو ڏوهاري آهي“ لکيو.