امداد سهتو
ساهتي جو سهڻو شاعر
منظور سولنگي
امداد
سهتو ۽ منهنجو تعلق ساهتي پرڳڻي جي انهيءَ شهر سان آهي جنهن سان پهرين سنڌي اخبار
جي ايڊيٽر عبدالرحمان قاضي جو هئو. ڳائڻ ۾ منفرد اسلوب رکندڙ ماسٽر چندر جو تعلق
به هن شهر سان هو ته وري سنڌي ادبي سنگت جي چئن بانيڪارن مان هڪ گوبند مالهي به هن
شهر ۾ جنم ورتو. پاڪستان کان اڳ مزاح جي وڏي نالي نوري مشڪري جو به تعلق هن شهر
سان هئو. شايد اهو ئي سبب ۽ اثر هو جو اڳتي هلي سائين غلام قادر سومري سنڌي ادب ۾
طنز و مزاح جي عنوان تي پي ايڇ ڊي ڪئي ۽ مون (منظور سولنگي) شعوري ۽ طنزيه ڪالم
”سچ وڏو ڏوهاري آهي“ لکيو.
امداد
سهتو ۽ آءٌ ان وقت جا دوست آهيون، جڏهن اسان کي خبر به نه هئي ته دوستي ڇا ٿيندي
آهي. اسان جسماني راندين کان وڌيڪ ذهن کي متحرڪ رکندڙ رانديون کيڏندا هئاسين. مثال
طور اسلم دايو ۽ امداد جو ڀاءُ سليم سهتو، فلمي ڊئلاگ هڻندا هئا ۽ سچ مچ اهي اصلي
اداڪارن کان وڌيڪ سٺا لڳندا هئا. عابد راجپوت اسانکي جنن ڀوتن جون ڪهاڻيون ۽ ليليٰ
مجنون، سهڻي ميهار جا قصا ٻڌائيندو هو. رياض ۽ ذوالفقار راجپوت سان گڏجي اسان
بادشاهي درٻار لڳائيندا هئاسين. پوءِ ان ۾ ڪو وزير، ڪو سپهه سالار، ڪو درٻاري ڪو
سپاهي جو ڪردار ادا ڪندو هئو. محمد خان سولنگي هٿان سياسي خبرون ۽ قصا ٻڌا ۽ ان
ذريعي اسان ۾ سياسي شعور جا سلا ڦٽي نڪتا. جڏهن ميٽرڪ ۾ پهتاسين ته سائين غلام
قادر سومرو جي سرپرستي ۾ نوجوان سنگت ٺاهيسين. جنهن جو صدر امداد سهتو ۽ جنرل سيڪريٽرِي
نور احمد سولنگي ٿيا. امداد سهتو، نور احمد سولنگي، ذاڪر ٻٻر ۽ محرم جانوري سميت
اسين سڀ دوست ڪنهن نه ڪنهن محاذ تي متحرڪ هوندا هئاسين، ڪڏهن اسڪولي ٻارن ۾ تقريري
مقابلا ڪرائڻ، ڪڏهن ماسٽر چندر جي ورسي ملهائڻ، ڪڏهن ٿر جي ڏڪار لئه امدادي ڪيمپ لڳائڻ
ته وري ڪڏهن اسڪول ۾ ڊراما ڪرائڻ جا شوق شغل ڪرائيندا رهياسين. جڏهن سماج جي چرپر
جي انهن سڀني چمنين مان ڪڙهي، ٻري، ٺري، آٺرجي پياسين ته پوءِ شاعر ۽ ليکڪ ٿي
پياسين. امداد سهتو ان حساب سان مونکي ساهتي جي انهن سڀني ڪردارن، شاعرن، ليکڪن،
مزاح نگارن، صحافين ۽ سماج سڌارڪن جو گلدستو لڳندو آهي. مون کي هن جي شاعريءَ ۾
ساهتي ۽ سنڌ جا سڀيئي لقما توڙي ذائقا نظر ايندا آھن ۽ جيڪي مون چکيي محسوس ٿيندا
آهن.
شال
امداد جو اهو تسلسل سندس پونئيرن ۽ پاڙيسرن ۾ به قائم رهي.
No comments:
راءِ ڏيندا