; سنڌي شخصيتون: محمد علي پٺاڻ

26 July, 2018

محمد علي پٺاڻ

محمد علي پٺاڻ
هڪ سچيت تخليقڪار
نصير ڪنڀر
اڄ ۳ فيبروريءَ جي ڏينهن هن جي پنجونجاهين سالگرهه آهي. انهي عرصي دوران هن پنهنجي زندگي جون ڪجھه ڪڙيون ڪجهھ مٺيون حقيقتون ڏٺيون. انهي جي بدلي هن هرڪنهن سان پيار ڪندي پنهنجي قلمي پورهي کي ٽائيم ڏنو. پاڻ هن جي ادبي پورهيئ تي نظر وجھون ٿا. محمد علي پٺاڻ سان منهنجي روبرو ملاقات ته ٿر ڏڪار ڪانفرنس ۾ ٿي. پرهن جي ڪهاڻي ”ستون نمبر“ مون وٽ هن جو تعارف پهرين ڪرايو. سنڌ جي اتر واري علائقي ۾ ناسور بڻيل ڏوهه ”ڪارو ڪاري“ جي پسمنظر ۾ لکيل هي ڪهاڻي تمام جاندار ۽ ذهن کي جنجھوڙيندڙ آهي. جنهن ۾هڪ همراهه ٻئي جودڪان ڦٻائڻ لاءِ جتي وٺڻ جي بهاني دڪان ۾ وڃي ٿو. دڪاندار کي چوي ٿو “ يار ليڊيز جتي کپي نمبر ياد ڪونهي.” دڪاندار چوي ٿو“ عام طور ليڊيز نمبر ست هوندو آهي. اوهان هي ست نمبر وارو چپل وٺي وڃو جي نه ته صبحاڻي بدلائي وٺجو.” همراهه چپل ڏسي چوي ٿو “ ها هي بهتر رهندو.” ٻئي ڏينهن اهو ماڻهو اچي ٿو ۽ دڪاندار سان اچي جهيڙو ڪري ٿو ته منهنجي زال جي پير جي نمبر جي توکي خبر ڪيئن پئي. ضرور تون منهنجي زال سان ڦٽل آهين. دڪاندار ڀڄي جان بچائي ٿو. نيٺ فيصلو سردار وٽ وڃي ٿو. زندگي جي بخش ۾ ڏنڊ طور رقم لاءِ همراهه کي دڪان جو سامان، گهر سڀ وڪڻڻا پون ٿا. الزام هڻندڙ انهي رقم مان ٻني وٺي ٿو. محمد علي پٺاڻ جي هن ڪهاڻي  “ڪارو ڪاري” جهڙي ڪڌي رسم جا بکيا جيئن اڊيڙيا آهن ائين تمام گهٽ ڪهاڻين ۾ نظر آيو آهي. اسين ٿر ڏڪار ڪانفرنس ۾ ملياسين، تڏهن به هي ڪهاڻي اسان جي ڪچهري جو موضوع هئي. اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن محمد علي دوستي جو ڀرم رکندي اهو رشتو نڀايو اچي. پاڻ منهنجي ڪا به تحرير پڙهيائين ته ضرور فون ڪري نه صرف انهي تحرير تي  حال احوال ڪندو، پر ڪمين ڪوتائين تي به ڳالهائيندو.


محمد علي پٺاڻ ادب جو هڪ پورهيت ليکڪ آهي. جيڪو پنهنجي وس آهر محنت ڪندورهي ٿو. هي هڪ سٺو ڪهاڻيڪار، شاعر ،ناول نگار، ڊراما نگار،ايڊيٽر رهيو آهي. هن پاڻ کي ادب جي هڪ يا ٻن صنفن تائين محدود ناهي رکيو. بلڪه نظم ۽ نثر ٻنهي ۾ پنهنجي پورهيي کي سموهيو آهي. هن صنف کان وڌيڪ پنهنجي اظهار کي اهميت ڏني آهي ته هو پنهنجي جذبن کي جنهن به ميڊيم ۾ سٺي نموني پيش ڪري سگھيو آهي، انهي کي ئي اپنايو آهي. هن پنهنجو پاڻ وڻائڻ يا پاڻ پڏائڻ بجاءِ پنهنجي پورهيي تي جيڪو به مان مرتبو مليو انهي تي شڪر ۽ صبر ڪيوآهي.
۱۹۷۴ ۾ ٻاراڻي ادب لاءَ ڪهاڻيون ۽ شاعري کان پنهنجو تخليقي سفر شروع ڪندڙ محمد علي پٺاڻ جا هيستائين ۵ شاعري جا ڪتاب اچي چڪا آهن. انهن ۾ (۱) اکيون آلا چنڊ (۲)عاشورا آهين (۳) اگھيا اوجاڳا (۴) ڀڳوآرس اکڙين (۵)مونکي آهه اٿاريو شامل آهن.جڏهن ته چونڊ شاعريءَ جوانگريزي ترجمو ڄام جماليءَ ڪيو آهي. سنڌي ادب ۾ ڪوتا ناول نه لکيو ويو آهي. جڏهن ته اياز جا لکيل اوپيرا دودي سومري جو موت۽ ڀڳت سنگھه کي ڦاسي اوپيرائون آهن. جن ۾ مختلف ايڪٽ آهن.پر سمورو ناول ڪوتا جي صورت ۾ لکڻ جو سنڌي ۾ پهريون تجربو محمد علي پٺاڻ ڪيو آهي، انهي ناول جي مهاڳ ۾ ڊاڪٽر ادل سومرو لکي ٿو“ محمد علي پٺاڻ نهايت عام فهم انداز ۾ داخلي توڙي خارجي مسئلن کي هن “ ڪوتاناول ” ۾ نهايت ڪاميابي سان بيان ڪيو آهي .جنهن۾فرد جي ذاتي درد کان وٺي مجموعي سماجي ڪيفيتن تائين، هن زندگي جا ڪيترائي پهلو، ان ۾ سمائي ڇڏيا آهن. ” ائين “ ڪوتا ناول ”، “سئو لفظن جي ڪهاڻي ” اهي سڀ نثر جا متعارف ٿيندڙ ميڊيم آهن. اسان جي ليکڪن کي انهي ۾ به طبع آزمائي ڪرڻ گھرجي. ادب اهو شعبو آهي جنهن ۾ مسلسل لکڻ جو عمل هڪ ته نوان ٽرينڊ متعارف ڪرائيندو آهي. ٻيوته هي عمل ڪنهن سٺي تحرير جو جواز بڻجندو آهي. سائين محمد علي ڪوتا ناول جو تجربو ڪيو. جيڪو ڪامياب رهيو. تازو اهو ناول اردو ۾ به “ مسافتين ياد ڪي ” نالي سان ترجموٿي چڪو آهي.
محمد علي پٺاڻ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي افاديت کان به واقف آهي. انهي ڪري هن ميڊيم سان به سلهاڙيل رهيو آهي ۽ مختلف چئنلن تي سيريز، لانگ پلي، فائيو ڊيز سيريلس ۽ ڊراما لکندو رهيو آهي. انهن سيريز ۽ ڊرامن جو ڪتاب”اڇي رات ڪارو چنڊ “ جي نالي سان پڻ شايع ٿي چڪو آهي. انهي ڪتاب جي مهاڳ ۾ محترمه مهتاب اڪبر راشدي لکي ٿي ته، “ ڪاروڪاري جي نالي ۾ هاڻي جيڪو ڪاروبار ٿي رهيو آهي “ اڇي رات ڪارو چنڊ ” جا هڙئي ڊراما ان جي ڀرپور عڪاسي ڪن ٿا. سيريز جو عنوان“ اڇي رات ڪارو چنڊ ” پڻ انهن سڀني تضادن جي عڪاسي ٿو ڪري، جيڪي انهن ڊرامن جي ڪردارن جي عمل ۾ موجود  آهن. انهن ڊرامن ۾ جيڪي هڪجهڙائيون موجود آهن تن ۾ بيوس عورتون ، نالائق ۽جاهل مرد، عيار، مڪار۽ لالچي وڏيرا ۽ پئسي تي وڪاميل لوڀي۽ نااهل پوليس عملدار شامل آهن. مجموعي ۾ شامل ڊرامن جيترا ڊراما محمد علي پٺاڻ وٽ پيل آهن جيڪي موضوع ۽ فن جي حوالي سان منفرد آهن. ائين سنڌي ادب ۾ ڊائيلاگ بنا ڊرامو (وهڪرو) جهڙا تجربا به هن ڪيا آهن.
سائين محمد علي پنهنجي تخليقي پورهيي سان گڏ ماهوار “ڪونج” “ڏات” ۽ “مرڪ” رسالن جي ايڊيٽرشپ به ڪئي آهي. ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي ۽ بيگم اشرف عباسي جي جيون ڪٿائن کي به مرتب ڪيو آهي. انهي کان علاوه ڪجهه اڻ ڇپيل مواد به آهي. جيڪوڪهاڻين، ناول، سفرنامه، اخباري ڪالم، يادگيريون، ورتل انٽريوز، تبصرا، فيچر، مهاڳ، ۽اسٽيج ڊرامن تي مشتمل آهي. اهو ترتيب ڏنل مواد ڪتابي صورت ۾ آهي پر ڇپجي ناهي سگهيو. سائين محمد علي جي ڪهاڻين جا چار ڪتاب تيار آهن. انهن مان هڪ ڪتاب “ميندي لهڻ کان اڳ ۾” تازو ماءِ پبليڪيشن پاران ڇپجي سگهيو آهي. اهو ڪتاب سائين جي بهترين ڪهاڻين جو ڪتاب آهي. جڏهن ته محمد علي پٺاڻ جي علمي ادبي پورهيي ۾ ڪهاڻيون تمام جاندار ۽ تاثر ڏيندڙ آهن. انهي ڪري هاڻ هن کي جيڪو به موقعو ملي ته ڪهاڻين کي ڇپائي، انهي کي پڙهندڙن تائين پهچائي.
محمد علي پٺاڻ جوجنم لاڙڪاڻي جي زرخيز مٽيءَ ۾ ۱۹۶۲ع ۾ هڪ غريب گهراڻي ۾ ٿيو. پاڻ محنت ڪندي هن عهدي تي پهتو آهي، انهي لاءِ هن جو علمي ادبي پورهيو ئي هن جو ساٿ ڏيندو رهيو آهي. پاڻ پڏائڻ کان پرتي رهندڙ هن فقيرمنش ماڻهوءَ بيماري دوران به پنهنجي همٿ پاڻ تحت منهن ڏنو. منهنجون روبرو يا ٽيليفون تي جيتريون به ساڻس ڪچهريون ٿيون انهن ۾ هي جونيئر سينيئر جي فرق کان بالاتر ٿي ادب ۽ آرٽ جي قبيلي جي ڳالهه ڪندو رهيو آهي. انهي ڪري هن کي سنڌي ٻولي ۽ انهي جي ڏات ڌڻين لاءِ دل ۾ اڪنڍ رهي آهي.


محمد علي پٺاڻ
شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار - کيس جنم ڏڻ جو واڌايون
احسان دانش
محمد علي پٺاڻ، بحيثيت شاعر ۽ ڪالم نگار ڪافي مشهور آهي. پر ماضيءَ ۾ هن نهايت پختيون ڪهاڻيون پڻ لکيون آهن ۽ هن وقت تائين ان سلسلي کي منقطع نه ڪيو اٿس. سندس اڪثر ڪهاڻيون، سماج جي اهڙن ڳنڀير مسئلن تي لکيل آهن، جن کي بار بار ڇهڻ جي ضرورت محسوس ٿيندي آهي. سندس اڪثر ڪهاڻين جو موضوع سماجي نابرابري ۽ ڏاڍائي آهي.
محمد علي ٣- فيبروري ١٩٦٢ع تي دڙي محله لاڙڪاڻو ۾ جنم ورتو.
هن لکڻ جي شروعات ١٩٧٥ع ۾ ڪئي. شاعري ۽ ڪهاڻيون گڏوگڏ لکندو رهيو ۽ جلدئي هن لاڪم طرف لاڙو رکيو ۽ مختلف عنوانن تحت مختلف اخبارن ۾ هفتيوار ڪالم لکڻ شروع ڪيائين. سندس جاندار ڪالمن تي کيس ڀرپور موٽ ملي ۽ هن اهو سلسلو وقفي وقفي سان جاري رکيو، جيڪو اڄ تائين جاري آهي.
محمد علي پٺاڻ جي شاعري جو پهريون ڪتاب ”اکيون آلا چنڊ“ ١٩٨٨ع ۾ ٻيو ڪتاب ”عاشورا آهن“ جيڪو پڻ شاعري تي مشتمل آهي، ١٩٩٥ع ۾ شايع ٿيو. تازو سندس واين تي مشتمل ڪتاب ”اگهيا اوجاڳا“ منظر عام تي آيو آهي. ڪهاڻي سان رغبت جي ڪري هن هڪ ناول ”ڌوٻي گهاٽ“ جي نالي سان پڻ لکيو آهي، جيڪو اڻ ڇپيل حالت ۾ وٽس موجود آهي. جڏهن ته ٽي ٻيا ڪتاب ١- کاهي جي وچ ۾ (ڪهاڻيون)، ٢- پسي بازاريون (ڪالم)، ٣- مونکي آه اٿاريو (شاعري) ۽ هڪ ڊگهن نثري نظمن جو ڪتاب پڻ ڇپائي جي انتظار ۾ آهن. محمد علي وقت گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ۾ سنڌي جو استاد آهي. سندس مشھور ڪهاڻي ٽيون وڳو آھي.


محمد علي پٺاڻ
شخصيت ۽ فن تي ٻه اکر
نور گهلو
انسان جڏهن پنهنجي احساسن، جذبن، خواهشن، حاصلاتن، محرومين جي ڀوڳنائن مان گذرندي سماج ۾ ٿيندڙ وارداتن کي ڏسي ٿو ته هن کي پنهنجي ذاتي ۽ اجتماعي تلخ ۽ شرين تجربن ۽ مشاهدن آڌار هڪ نئون شعور ۽ ادارڪ پئدا  ٿئي ٿو، جيڪو  هن جي اندر ۾ ستل صلاحيتن ۽ تخليقي قوتن کي بيدار ڪري ٿو. جيڪڏهن هن ۾ اظهار جو ڏانءُ آهي ته پوءِ اهڙو اظهار تخليق جو روپ ڌاري ٿو. زندگي جي ان سچي پراسيس ۾، انسان پنهنجي داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن کي لفظن، جملن، تشبيهن، استعارن ذريعي ڪو روپ ڏئي ٻين سان شيئر ڪري ٿو.  ته اُها ادب جي ڪانه ڪا صنف ٺهي ٿي، جيڪا انسان جي چيچ پڪڙي، اهڙي دنيا ۾ وٺي وڃي ٿي. جتي پيار جا پيچرا روحاني راهن تي پهچن ٿا. روح به ان شيءِ وانگر نازڪ ۽ شفاف ٿئي ٿو، جنهن کي بظاهر ته ڏسي ڪو نه ٿو سگهجي، پر حساس دل ۽ دماغ رکندڙ انسان ان کي پنهنجي اندر ۾ محسوس ڪري، ان کي نه رڳو، ادب جي مختلف صنفن سان ريجهائيندو رهي ٿو، پر انهن کي  ٻين تائين پهچائي کين سوچڻ ۽ سمجهڻ جو نئون انداز به ڏئي ٿو.
محمد علي پٺاڻ به اهڙي ئي حساس ۽ نازڪ جذبن وارو، انسان آهي. جيڪو پنهنجي تخليقن ذريعي عام پڙهندڙ کي عشق ۽ مزاحمت جو سبق پڙهائي واھ واهه ڪرائي ٿو. اهو هن جو ادب سان عشق ئي ته آهي جيڪو ڏسي پڙهندڙن کي ائين چوڻو پئجي ويو ته
هر ڳلي، ڳوٺ ۽ شعر ۾ هُل هو،
عشق جو همالياه تي بل هو
(مونکي آھ اٿاريو)
محمد علي پٺاڻ سان ملاقات ڪئي. 40-45 سال گذري ويا آهن، اسان جڏهن ادبي دنيا ۾ حادثاتي طور ئي سهي پير پاتو ته پهرين سلام و دعا لارڪاڻي جي دوستن، رزاق مهر، ڪيهر شوڪت، واجد ناز، ملڪ آگاڻي، افضل قادري، زيب سنڌي ۽ محمد علي پٺاڻ سان ٿي هئي. مان ۽ اطهر منگي لاڙڪاڻي ويندا هئاسين ۽ هو دادو ايندا هئا ته اسانجي وچ ۾ ڀوڳ چرچي سان گڏ ادبي حوالي سان به بامقصد ڳالهيون ٿينديون هيون ۽ هڪ ٻئي سان پنهنجون تخليقون شيئر ڪندا هئاسين ۽ منافقي کان هٽي ڪري، دوستاڻي انداز ۾ هڪ ٻئي جي اصلاح به ڪندا هئاسين. پوءِ حالتن اهڙو رخ اختيار ڪيو جو، ڪو ڪاڏي ويو، ڪو ڪاڏي ويو. وچ ۾ رابطي جو ذريعو اُهي تحريرون ئي هيون جيڪي ڪنهن اخبار يا مئگزين ۾ ڇپجنديون هيون. ان دور ۾ ئي محمد علي پٺاڻ جي ادبي جوش ۽ گفتگو جي انداز مان ائين لڳندو هو ڄڻ، هن جي اندر جي تڙپ هن کي ڪنهن نه ڪنهن  مقام تي ضرور پهچائيندي جنهن جي هن ڪڏهن به دعويٰ نه ڪئي. پر ان نه ڪيل دعويٰ جو اظهار ائين ٿيڻ لڳو ته،
پير پڌرا ٿيا جو ڪنهن اک ۾،
ساري سنسار ۾ هُلي وياسين
(مونکي آھ اٿاريو)
غريب گهراڻي سان تعلق هئڻ باوجود، هن جيڪو عزت ڀريو مقام ماڻيون آهي، اهو گهڻن کان برداشت نه ٿيندو هوندو، جنهن جو احساسن محمد عليءَ کي به هوندو.
خيال ويو دوستن جي ويسهه ڏي،
بوٽ ۾ نانگ ستل چرڪيو هيو.
(مون کي آھ اٿاريو)
پر هو انهن کان بي پرواھ، پنهنجي اندر جي آھ جي اڏام کي اوچو ڪندي وڇڙي ويل دوستن جي جدائيءَ کي محسوس ڪندو رهي ٿو ۽ پاڻ کي ڄڻ اڪيلو اڪيلو ٿو ڀانئين.
اڪيلائيءَ جي دوزخ ۾ پيو پڄران، سڙان ٿو مان،
نه انور آ، نه واجد آ، ملڪ، ڪيهر مهر ڪونهي
ويو روشن تنيو ڪاڏي ۽ افضل قادري ڪاڏي،
حياتي مختصر آهي، ڊگهو ان جو سفر ڪونهي
(مونکي آھ اٿاريو)
ان جي باوجود هو انهن دوستن جي سچائيءَ کي ياد ڪندي ڄڻ اهو وچن ورجائيندو ٿو رهي ته
امر، امداد، انور ۽ ملڪ، افضل ۽ واجد جيان
کڻي ڪر مان سچائيءَ سان، نوان سورج  اڀاريان ٿو
(مونکي آھ اٿاريو)
ڪونج پبليڪشن طرفان، محمد علي پٺاڻ جو غزلن تي مشتمل ڪتاب ”مون کي آھ اٿاريو“ ڇپيو آهي، جنهن تي دوستن، پروفيسر ماجد سومري، سنڌي شعبو، شاھ لطيف يونيورسٽي خيرپور، عزيز سولنگي، امر پيرزادي ۽ بيڪ تي انور ابڙي محمد علي جي شخصيت ۽ فن جي حوالي سان جيڪو ڪجهه لکيو آهي، محمد علي ان جو مستحق  آهي ڇاڪاڻ ته محمد علي، ذاتي، اجتماعي ۽ قومي حوالي سان جيڪو ڪجهه ڀوڳيو آهي، ان ڀوڳنائن کي هڪ ذميوار ليکڪ جي حيثيت سان اڀاريو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سندس شاعريءَ ۾ جمالياتي ۽ مزاحمتي انداز ملي ٿو. هتي هن ڪتاب جي شاعري ۾ چٽيل عڪسن ۽ تشبيهن جي حوالي سان ڪجهه شعر رکڻ ان لاءِ ضروري ٿو لڳي ته هن جي ٻولي تي گرفت ۽ مشاهدي ۽ تخليقي ائپروچ کي ظاهر ڪجي.
سونهن ۾ سرسُ سڀ کان چئي ڇا چوان،
ڄڻ ته وسڪاري کانپوءِ سڄو ٿر هئي.

ڪنهن ڪهاڙي ۽ تلوار جي وار کان،
ميڇ سان موهي مارڻ جي ماهر هئي.

ٻاجهه وارا خيال تنهنجا اڄ
مال جي ٿي پري ويا آهن

جاءِ ڏي دل ۾ ڪوئل جي ڪو ڪوکي تون
ڇا وڃي تنهنجو چپرن جي چرڙاٽ سان

ڏسي پريان ٿيس گم هن ۾،
يا مون ۾ آرسي گم ٿي.

اهڙيءَ طرح ٻيا ڪيترا ئي عڪس ۽ خوبصورت خيال هن جي ڪتاب ۾ موجود آهن جيڪي پڙهڻ وٽان آهن ان جي باوجود هن جي تاس اڃا لٿي ناهي جو نوان سورج اڀارڻ جي ڳالهه به ڪري ٿو.



محمد علي پٺاڻ
سندس ادب دوست پهلو
زرار پيرزادو
اڄ سنڌ جي ناليواري ڪهاڻيڪار، شاعر، ڊراما نگار، ڪالم نگار، ناول نگار ۽ ڀٽائي جي عاشق محمد علي پٺاڻ جي جنم ڏينهن جي تاريخ آهي.
محمد علي پٺاڻ انهن مٿي ڄاڻايل سمورين ادبي ۽ صحافتي صنفن ۾ پاڻ ملهائي برابر پنهنجي ادبي تاريخ ٺاهي چُڪو آهي پر اڄ پاڻ سندس ”ادب دوستي“ واري پهلوءَ کي ڀيٽا پيش ڪنداسين.
جيئن امداد حسيني صاحب شاعري کي سر جيندو، ڇپجندو ۽ پڙهندو ڏسڻ  چاهيندو آهي تيئن محمد علي پٺاڻ به ادب کي سرجيندو، ڇپجندو ۽ پڙهندو ڏسڻ کي پنهنجي زندگيءَ جو نصب العين بڻائي ڇڏيو آهي.
هن پنهنجي زندگيءَ جا سڀ ساهه ادب کي منسوب ڪري ڇڏيا آهن. ادب ئي سندس زندگيءَ جي آڪسيجن آهي. ادب ناهي ته هو به ناهي اِهو جنون سندس ذات تائين محدود ناهي پر هو ٻين ماڻهن جي به ادب لکڻ، ادب ڇپجڻ ۽ ادب پڙهڻ ۾غير معمولي دلچسپي رکندو آهي.
ڪنهن نوجوان ۾ ڪو ادبي جراثيم ڏٺائين ڪنهن ڪا سٺي تخليق  ڪئي، ڪو ليک پڙهيو، ڪنهن جو ڪو ڪتاب آهي ته روبرو  يا فون ڪري لازمي طور کيس راءِ ڏيڻ ۽ مبارڪ باد ڏيڻ کي محمد علي پٺاڻ پنهنجو فرض سمجهندو آهي.
الائي ڪيترا اسان جا اديب ۽ صحافي آهن جن کان محمد علي پٺاڻ لکايو آهي. شاعري ڪرائي آهي، ڪهاڻيون لکرايون آهن ۽ ڪتاب لکرايا آهن.
ڪامريڊ سوڀي جي زباني ادب کي محمد علي پٺاڻ ئي پنن تي اتاري انهن کي قلمبند ڪندو رهيو.
بادل جماليءَ ڪهاڻي لکڻ کان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو ته محمد علي پٺاڻ ئي آهي جنهن پهل ڪندي آخرڪار ٽيهن سالن کانپوءِ کانس رٽائرمينٽ واپس وٺرائي ڪهاڻي لکرائي ۽ پوءِ ڪهاڻي کي پڙهائڻ لاءِ سنڌي ادبي سنگت جي خاص گڏجاڻي جو انتظام ڪرائي ان جي آجيان به ڪرائي.
اهي ڪم محمد علي پٺاڻ ائين ڪندو آهي ڄڻ ان ۾ سندس ڪو عرض هجي، مفاد هجي، ڪا پروموشن ملندي هجيس پر نه هو صرف ۽ صرف ادب جي عظيم مفاد ۾ اهي ڪم ڪرائيندو آهي.
ائين انور پيرزادو هجي يا انور ابڙو يا ٻيا سينئر توڙي جونيئر اديب هو مٿن زور ڏئي کانئن لکرائيندو هو ۽ آهي. کيس لکرائڻ ۽ لکرائي همٿ افزائي ڪرڻ جو ڪمال جو آرٽ آهي.
عارضي طور تي ته ماڻهو کانس خفي به ٿيندا آهن، پر جڏهن ڪم ٿي ويندو آهي ته پوءِ اهي ماڻهو مڃڻ تي مجبور ٿي ويندا آهن ته اهو سڄو ڪم محمد علي پٺاڻ ئي ڪرايو.
مثال طور قربان پيرزادي کي چيائين ته توهان تي ڪو ڪتاب اچڻ گهرجي. قربان ناممڪنات جي ڳالهه سمجهي ٽاري ڇڏيو پر محمد علي پٺاڻ اهو ناممڪن ڪم به ڪجهه ئي مهينن اندر کيس ڪري به ڏيکاريو.
هُن ڇا ڪيو جو ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت ڏوڪري کان قربان پيرزادي جي جنم ڏينهن تي پروگرام ڪرايو ته قربان جي شخصيت تي مقالا لکجي ويا ۽ دوستن سندس سمورن شخصي پهلوئن تي ڳالهايو ته ڪتاب جو مواد ٺهي ويو.
ائين هن الائي ڪيترن ماڻهن کي ليکڪ، صحافي ۽ ڪالم نگار بڻايو. ڪيترن ڪتابن جا هن خواب ڏٺا ۽ انهن جي ساڀيان لاءِ به جاکوڙ ڪيائين.
هي اُهي ڪم آهن جيڪي اصولي طور تي ادبي ادارن ۽ سنڌي ادبي سنگت کي ڪرڻ گهرجي.
هيءُ ماڻهو جيڪو هونئن ئي فل ٽائيم ادبي جهان ۾ آهي ۽ سيڪريٽري وارا ڪم ڪري رهيو آهي سو جيڪڏهن سنڌي ادبي سنگت جو باضابطه مرڪزي سيڪريٽري ٿي ڪم ڪري ته اندازو لڳايو ته هو سنڌي ادبي سنگت کي ڪٿي پهچائيندو.
پر نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته اِها سنڌي ادبي سنگت جي ڪيڏي نه بدقسمتي آهي ته اهڙي ادب دوست ۽ فل ٽائيم ڪميٽڊ ماڻهوءَ کي سنڌي ادبي سنگت جي واڳ سنڀالڻ نٿي ڏني وڃي باوجود ان جي ته سنگت جو ڪم رضا ڪاراڻو آهي.


محمد علي پٺاڻ
ناليواري شاعر، ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار، ڊرامه نگار جون بي تڪلف ڳالهيون

ڳالهه ٻولهه: ساجد سنڌي/ رضوان گل

• ادبي سڃاڻپ؟
شاعر، ڪهاڻيڪا، ڪالم نگار، ڊرامه نگار
• ڇپيل ڪتاب ڪيترا ۽ ڪهڙا آهن؟
شاعريءَ جا پنج مجموعا: اکيون آلا چنڊ، آشورا آهن، اگھيا اوجاڳا، ڀڳو آرس اکڙين، fluttering feelings انگريزي ۾ شاعريءَ جو مجموعو. (ترجمو: ڄام جمالي)
• اڻ ڇپيل ڪتابن جو تعداد ڪيترو ٿيندو؟
ويهارو کن، نثر ۽ نظم ٻنهين ۾
• مڃتا ايوارڊ/ سرٽيفڪيٽ ڪهڙا ۽ ڪنهنجي طرفان مليا؟
عباسي ڪلهوڙا تنظيم سنڌ پاران سال 2000 ۾ تنوير عباسي ايوارڊ،
۽ ساڳي تنظيم پاران لائيف اچيومينٽ ايوارڊ
• لکڻ جي شروعات ڪڏهن ڪئي ۽ پهرين تخليق ڪٿي شايع ٿي؟
1975 ڌارا، هفتيوار ”گلن جھڙا ٻارڙا“ روزاني هلال پاڪستان ۾
• لکڻ جا محرڪ ڪهڙا هئا؟
ننڍي لاءِ امڙ جي واتان ڪيترائي قصا ۽ ڪهاڻيون ٻڌيون جنهن ڪري پاڻ کي به شوق پئدا ٿيو ۽ ڪهاڻين لکڻ جي شروعات ڪئي
• مزاجن توهان ڪهڙي قسم جا ماڻهو آهيو؟
ڪڏهن ميڻ جيان نرم، ڪڏهن رُڪَ وانگر سخت
• پهرين ملاقات ۾ ماڻهوءَ جي ڪهڙي ڳالهه جو جائزو وٺندا آهيو؟
ته منجھس انسان دوستي ۽ خير خواهي ڪيتري آهي
• اوهان جي وڏي ۾ وڏي ڪمزوري؟
بهترين ڪتاب، سهڻو چهرو ۽ حسين نظارو
• توهانجو قابل فخر ڪم؟
ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ کان ڪالم، مضمون، مهاڳ ۽ خاڪا وغيره لکرائڻ (جيڪي هو چوندو ويندو آهي ۽ مان لکندو ويندو آهيان)
• دولت، شهرت ۽ محبت مان چونڊ ڪرڻي پوي ته ڇا چونڊيندئو؟
محبت
• زندگي اوهانجي نظر ۾؟
اَملهه تحفو
• ڏک توهان جي نظر ۾؟
قبر ڪنڌيءَ تائين نڀائڻ وارو وفادار ۽ بي مثال دوست
• خوشي توهان جي نظر ۾؟
اهڙي محبوبا وانگر جيڪا نيڻ ملائي، پيرن هيٺام ڌرتي کسڪائي پوءِ ڪنهن ٻئي جي ٿي ويندي آهي.
• پيار توهان جي نظر ۾؟
ايترو ضروري جيترو زندگيءَ جو هر پل ۽ پساهه
• ڪنهن کان نفرت آهي؟
ڪوڙي، منافق ۽ سانڊي جھڙي فطرت رکندڙ کان
• اداس لمحن ۾ ڇا ڪندا آهيو؟
شاهه جو رسالو کولي ”سر مارئي“ پڙهندو آهيان يا اکيون پير ڪري ”ڀٽ شاهه“ لاءِ نڪري پوندو آهيان.
• زندگيءَ جي وڏي کان وڏي حاصلات؟
شاعر، اديب ۽ استاد ٿيڻ
• ڪا رهجي ويل خواهش؟
هڪ هجي ته ٻڌائجي. هزارين آهن. ڪنهن ڪنهن جو ذڪر ڪجي
• ڪهڙين شخصيتن کان متاثر آهيو؟
سوڀي گيانچنداڻي ۽ انور پيرزادي کان جيڪي ”ڪڏهن ڪوسا نه ٿيا، ڏوراپو ڏيئي...“
• زندگيءَ جي ڪا سڀ کان پياري شيءِ؟
سچائي
• جيون جي ڪا کل جهڙي ڳالهه؟
وِڇُن کي هٿ تريءَ تي کڻي درياهه پار ڪرائڻ ۽ پوءِ انهن هٿان ڏنگجڻ. (اهو عمل باربار ٿيندو ٿو رهي؛ نه چاهڻ جي باوجود)
• ڪنهن سفر جي تمنا؟
هندستان وڃڻ جي ۽ اتي پنهنجي پسند جي اديبن ۽ شاعرن سان ملڻ
• ڪا شخصيت جنهن جي جدائيءَ جو احساس ٿيندو هجي؟
انور پيرزادو ۽ رزاق مهر
• اهي ماڻهو جن تي اوهان کي رشڪ آيو؟
دوستو وسڪي، وفا ناٿن شاهي، روشن علي تنيو، واجد، ملڪ آگاڻي، ڪيهر شوڪت، رزاق مهر، اياز قادري، انور پريزادو ۽ انور ابڙو
• ٻيهر زندگي مليوَ ته؟
ساڳي ئي نموني سنڌي ادب جي فروغ لاءِ پاڻ پتوڙيان.
• ظلم ڏسندي ڇا محسوس ٿيندو آهي؟
باهه جي وڏي آڙاهه ۾ جسم جو هر حصو سڙندو محسوس ٿيندو آهي.
• مستقبل ۾ اوهان دنيا کي ڪيئن ٿا ڏسڻ چاهيو؟
بمن ۽ بارودن کان پاڪ، امن آشتي ۽ انسانن جي رهڻ لائق دنيا
• اهو خواب جيڪو هن وقت تائين پورو نه ٿيو هجي؟
شاهه جي ٻوليءَ تي پي ايڇ ڊي ڪرڻ
• سماج ۾ تبديلي ڪيئن ايندي ؟
ماڻهپي جو گس وٺڻ ۽ هڪ ٻئي جو هڏ ڏوکي ٿيڻ. سماجي تبديلي ان کانسواءِ ممڪن ئي ناهي.
• زندگيءَ جي هائيڊ پارڪ لاءِ ڪو ڪڙو سچ؟
اهي جيڪي قانون کي پٺي ڏئي جرڳا ڪوٺائن ٿا ۽ انهن جي آڙ ۾ اربين رپيا ڪمائن ٿا، انهن کي چيلهه ۾ رسو وجھي سخت سزائون ڏنيون وڃن.
• جيڪڏهن توهان کي پنهنجي دل جي ڳالهه ڪنهن شعر ۾ ٻڌائڻ لاءِ چئجي ته ڪهڙو شعر ٻڌائيندؤ؟
باضمير آهيون کڻي آهيون غريب،
بي ضميرن کان سُٺا آهيون وفا ! (وفا ناٿن شاهي)
• وڻندڙ موضوع؟
ادب ۽ شاعري
• اهڙو ڪتاب جيڪو هن وقت تائين ذهن تي ڇانيل آهي؟
دوستو وسڪي جو ”ڏوهه ۽ سزا“
• ڪلا جي دنيا ۾ پسند جي شخصيت؟
شفيع محمد شاهه
• موسيقيءَ ۾ ڪنهن کي ٻڌندا آهيو؟
استاد منظور علي خان
• پسند جا نثر نگار؟
دوستو وسڪي، شرت چندر چئٿرجي، چيخوف، خواجه احمد عباس،
• پسند جا شاعر؟
شاهه لطيف، شيخ اياز، ساحر لڌيانوي، وفا ناٿن شاهي، انور پيرزادو ۽ اياز گل
• وڻندڙ لباس؟
شلوار قميص
• وڻندڙ خوشبو؟
رابيل جي
• آٽو گراف؟
تون ماٺ هي سڄو سنسار ماٺ،
وقت جي پيرن ۾ پيل پَيَڪَڙا،
شهر بدر ٿي ويل ڏکڻ جي هيرَ،
ڳالهاءِ، جيئن سڄي سنسار کي چر پر ملي،
هُر کُر ملي، تو تائين پهچڻ جي،
اي منهنجي خوابن جي شهزادي آزادي...


محمد علي پٺاڻ
سنڌي ادب جو سگهارو سرجڻهار
ادل سولنگي
محمد علي پٺاڻ ۳ فيبروري ۱۹۶۲ع ۾ چاچي حبيب الله پٺاڻ جي گهر لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو، پرائمري تعليم، غوثپور محلي جي گورنمنٽ پرائمري اسڪول مان ۽ سيڪنڊري تعليم گورنمنٽ پائلٽ اسڪول مان ۽ انٽر گورنمينٽ ڪامرس ڪاليج لاڪاڻي مان حاصل ڪئي. محمد علي پٺاڻ بي اي ۽ ايم اي سنڌي ادب ۾ سنڌ يونيورسٽي پاس ڪئي، جنهن ادبي دنيا ۾ ۱۹۴۷ع ۾ پير پاتو، ”گلن جهڙا ٻارڙا ۾ ٻارڙن لاءِ شاعري ۽ ڪهاڻيون لکي اڳتي قدم وڌايو ۽ ادب جي دنيا ۾ پنهنجي لکڻين ذريعي مهانتا ماڻي آهي. سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻو، مُهين جو  دڙو شاخن ۾ رهندي ضلعي لاڙڪاڻي جي ادبي سنگت جو  رابطا سيڪريٽري به رهيو آهي،  محمد علي پٺاڻ انور پيرزادي کان متاثر ٿي شاعري تخليق ڪئي ۽ انور پيرزادي، محمد علي پٺاڻ جي هڪ شاعر جي حيثيت سان ادبي دنيا ۾ سڃاڻپ ڪرائي ۽ ان سڃاڻپ کي قائم رکڻ لاءِ محمد علي پٺاڻ جنهن ڪتاب سنڌي ادب کي ڏنا آهن. جنهن ۾ ٽي ناول، مسافتون ياد جون، ڪوتا (ناول)، واٽ وڃائي جن (ناول) ڌوٻي گهاٽ (ناول) ڀٽائي ۽ بلهي شاهه جي ديس ۾ (سفر نامو)، پسي بازاريون ۽ ڌڪ دنگي هل ناکئا (ڪالم) نانگ (فائيو ڊيز ڊراما سيريل) وهڪرو (انفرادي ڊراما) انصاف (ٽي وي ڊرامه سيريل) يادگيريون سنڀال (خاڪا) ڏکي ۽ ڏونگر (ڪالم) ڌرتي (ٽي وي سيريل) اوڌر جي ماءُ (اسٽيج ڊرامو) ٻاروچو ڀنڀور جو (انٽرويوز) مون کي وٺي هلو (ڪهاڻيون) اُڀي اُڀاريام (تبصرا، مضمون) اخباري فيچر ۽ مهاڳ) کاهي جي وچ ۾ (ناوليٽ) ٽي ڊرامه ٽي ڪهاڻيون، سئو لفظ ٻه سئو ڪهاڻيون ۽ شاعريءَ جا ڇهه ڪتاب به شامل آهن.
محمد علي پٺاڻ جي ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل لکڻين جو مختصر وچور آهي، جڏهن ته هن جو ادبي ڪم انتهائي گهڻو آهي، جنهن کي سهيڙڻ جي ضرورت آهي ۽ اهوڪم ادارن کي ڪرڻ گهرجي. محمد علي پٺاڻ جيڪو شاعر آهي، ڪهاڻيڪار آهي، ناول نگار آهي، جيڪو سيلاني آهي، ڪالمسٽ آهي، جيڪو علم، ادب، ڪلچر ۽ تاريخ جو گهڻ گهريو، عيوضي ۽ سفير پڻ آهي. محمد علي پٺاڻ هاڻي هڪ شخص جو نالو ۽ حوالو ناهي رهيو، هي اسان جو يار گهڻي رخي شخصيت، گهڻ پاسائون ادبي ڪم ڪندڙ اديب آهي، جنهن کي اسان سنڌي ادب جو مثالي ڪردار سمجهون ٿا. هن پنهنجي ليکي اڪيلي سر جيڪا ادب جي تخليقي طور تي آبياري ڪئي آهي، ان کان ڏهوڻ تي هن ادبي تخليقڪارن کي ادب جي تخيلق جو اتساهه ڏياريو آهي. هن نه رڳو ڪامريڊ  سوڀي گيانچنداڻي کان ڪتاب لکرايا پر هن انور پيرزادي ۽ هدايت منگيءَ جي ادبي ورثي کي محفوظ رکڻ ۽ کين ڪتابي شڪل ڏيڻ واري بنيادي عمل ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. زرار پيرزادي ۽ عزيز منگيءَ کي انور پيرزادي ۽ هدايت منگيءَ جي ادبي ورثي کي ڪتابي شڪل ڏيارڻ وارو اهم ڪردار به ادا ڪيو آهي. هن يار جو فطري طور تي سنڌي ادب ۽ ٻولي جي بهتري ۽ ڀلائيءَ لاءِ ڪيل جاکوڙ ۽ پاڻ پتوڙڻ وارو عمل نهايت ئي اُتساهيندڙ رهيو آهي. انور ابڙي جي تخيلقي وهنوار ۾ جيڪا رفتار نواڻ، سنجيدگي ۽ مسلسل پاڻ ارپڻ  وارو جذبو ڏيکارجي ٿو، ان جي پس منظر ۾ محمد علي پٺاڻ جون نيڪ خواهشون ۽ صلاحون نظر اچن ٿيون. هڪ استاد جي حيثيت ۾ محمد علي پٺاڻ نهايت ئي ذميوار ڪردار ادا ڪندڙ علم دوست انسان آهي، جيڪو پنهنجي ايندڙ نسلن کي تعليم جي ميدان ۾ سوڀارو ڪرڻ ۾ پنهنجي مٿان پيل ذميوارين کي خوب کان خوب تر نڀائيندي اسان کي فخر لائق بڻايو آهي ۽ ها اسان کي سرهائي ٿيندي آهي، جڏهن هو پنهنجي علم ورهائڻ واري ڪرت ۾ پنهنجي مهارت ۽ جذباتي وابستگيءَ سان نظر ايندو آهي. سندس شاعراڻو قد ڪاٺ ڪنهن به ريت ۽ ڪنهن به حوالي سان اڄ هڪ قد آور ليکڪ جهڙو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ڇاڪاڻ جو ادب جي تخليق ئي هن جي مٿڀرائپ جو محرڪ رهي آهي، ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ هن جون طويل توڙي مختصر ڪهاڻيون، جنهن جي سماج جون چٽيون پٽيون تصويرون آهن، جن مان ڪردارن جي ڪيفيت مزاج، سماجي توڙي، نفسياتي ۽ معاشي بيهڪ ڀروڙي سگهجي ٿي، زندگيءَ سان لاڳاپيل مسئلا، مامرا، سماج ۾ ٿيندڙ بي واجبيون، اڳڀرايون، ناانصافيون، سازشون، منافقتون، نفرتون، ڪدورتون، پيڙائون، الميا، اوسيئڙا، اُلڪا، انتظار، مرڪون، محبتون، روايتون، رنج، رساما، رسڻ، پرچڻ جا بهانا، ميل ميلاپ جا موقعا، مهلون، منظر روئاريندڙ ۽ کلائيندڙ ڪهاڻيون، ڌڪاريل ۽ وساريل ماڻهن جون ڪهاڻيون، خوبصورت  خواب ڏسندڙ نيئن مان محرومين جا وهندڙ ڳوڙها، مستقبل جي رٿابندي ۽ حاصلات لاءِ جاکوڙ، روين جون نيٽهڻون ۽ ٻاجهه جا ڇانورا، هن جي لکڻين جا خاص موضوع ۽ ڪهاڻين جا پلاٽ آهن، جيڪي سماج ۾ پلجندڙ سمورين سچائين ۽ ڪوڙائين. محبتن ۽ نفرتن، محنتن، حاصلاتن جو هڪ پوتا ميل آهن، هڪ سنگم آهن، هڪ حوالو آهي، ڇاڪاڻ جو محمد علي پٺاڻ سماج جي روڳ جو اکين ڏٺو شاهد آهي، هن زندگيءَ جي هر موڙ تي زندگيءَ جي ذلالتن ۽ محرومين جو ذائقو نه رڳو چکيو آهي پر ان ماحول ۾ مسلسل ڀوڳيو آهي، هن جي زندگيءَ هي انفرادي محرومين ۽ ڀوڳنائن جو اجتماعي اظهار، هن جي شاعري ۽ هن جون ڪهاڻيون به آهن، جنهن ۾ سماج جي سمورن هاڪاري ۽ ناڪاري ڪردارن جا پينافليڪس، هن جون ڪهاڻيون آهن، محمد علي پٺاڻ سادي ٻولي ۽ سادن موضوعن کي اعليٰ نموني بيان ڪري ڪهاڻين کي پنهنجي فطري ڪلائيمڪس/ پڇاڻي ڏانهن وٺي ويندڙ ليکڪ/ ڪهاڻيڪار آهي، جيڪو هن جي پنهنجي نرالي سڃاڻپ آهي، هن جو ادبي دوستيءَ جو حلقو انتهائي وڏو ۽ ويڪرو رهيو آهي پر هن جي تخليق جو پنڌ هن جي پنهنجي پيرن جو پنڌ آهي، سريش کان محمد علي پٺاڻ تائين پنڌ ڪندي هن ادب جي دنيا جا ڪيترا ئي لاها ۽ چاڙها ڏٺا آهن، ڪٿي دوستين جي نالي ۾ دشمنيون ته ڪٿي وري دشمنين جي نالي ۾ هن کي دوستيون به پلئه پيون آهن، پر هن يار ڪنهن سان به ٻاڙو نه ٻوليو آهي ۽ پنهنجي ادبي ڪرت/ تخيلقي وهنوار سان پنهنجي محبتن جو اظهار ڪندو رهيو آهي.
محمد علي پٺاڻ، هڪ شاعر جي حيثيت ۾ نهايت ئي خوبصورت ۽ سگهاري شاعري تخيلق ڪئي آهي، غزل، نظم، وائي، بيت، نثري نظم، نظم توڙي آزاد نظم، سانيٽ، تراڻيل يا ڪا به ٻي صنف هن لاءِ ڏکي ناهي رهي، ڇاڪاڻ جو شاعريءَ کي هن سدائين عبادت جي حد تائين اهم سمجهيو آهي، هن لفظن جي ڇنڊ ڦوڪ ڪري کين اڇو اجرو ڪري، سهڻو ۽ سيبتو ڪري، بامعنيٰ ۽ با مقصد بنائي شاعريءَ جو تخليقي اظهار ذريعي، ماضيءَ جو پس منظر ڏياري پنهنجي ادبي روايتن کي اڳتي وڌائڻ، جدت /نواڻ کي کڻي اچڻ وارو عمل بهتري عمل رهيو آهي، جنهن جي لاءِ هن جو تخليقي پورهيو نهايت ئي ساراهه لائق آهي، هن ئي شخص ٽيهن سالن جي وڇوٽيءَ کانپوءِ بادل جمالي جهڙي سينيئر ڪهاڻيڪار کان ٻيهر ڪهاڻيون لکرايون، هن ئي روشن تنيي جي ٽن ناوليٽن کي پڙهندڙن تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيوآ هي.
ذوالفقار راشدي، انيس انصاري، ملڪ آگاڻي، اخلاق انصاري، ڪيهر شوڪت، سعيد ميمڻ، افضل قادري، قادربخش بروهي، اسحاق انصاري، رزاق مهر، واجد ناز منگي، سرڪش سنڌي، انعام شيخ، هدايت منگي، امان الله شيخ، منظور ڪوهيار، قادري قلم قبيلو، هن جي اُتساهه جو ذريعو رهيا آهن. محمد علي پٺاڻ اڄ جي زماني جو انتهائي سچيتو ۽ گهڻ-پاسائون لکندڙ ليکڪ رهيو آهي، جنهن جي ادبي تخليقن تي گهڻو لکي ۽ ڳالهائي سگهجي ٿو. جڏهن به هن جي لکڻين جو اَڀياس ٿيندو ته هن جي ادبي حيثيت اڃا به چٽي ۽ مٿانهين ٿي سامهون ايندي، جيڪا سندس اصلوڪي ۽ نج سڃاڻپ هوندي ۽ سندس ادبي ورثو هوندو.
محمد علي پٺاڻ پنهنجي ادبي سڃاڻپ سان ئي اڳي وڌيو آهي، پنهنجي ان حيثيت کي برقرار رکڻ لاءِ هن شاعريءَ کان ويندي، ناول، ڪهاڻي، ڊرامي، ڪالم، خاڪن کان سفرنامن تائين پنهنجي تخليق جا ڪيترا ئي رنگ روپ ڏيکاريا آهن، محمد علي پٺاڻ، اکيون آلاچنڊ کان ويندي، اگهيا اوجاڳا تائين، يادن جون مسافتون کان بلي شاهه جي ديس جون ڪٿائون بيان ڪندي، اڇي رات، ڪارو چنڊ، ميندي لهڻ کان اڳ ۾، کان مون کي آهه اٿاريو تائين. تخيلقي سفر جاري رکيو آهي، جنهن جي اوجاڳن جو اگهامجڻ ئي سندس حاصلات جي ميراث آهي، هن نه رڳو ادب تخيلق ڪيو آهي پر پنهنجي سموري ادبي حلقي ۾ ادب جي تخليق جو اتساهه به پيدا ڪيو آهي. لکڻ کان ڇپجڻ وارن مرحلن تائين، هن جو دوستن کي مليل سهڪار مثالي رهيو آهي، هن جو اهو به ڪمال آهي ته هي يار رات ڏينهن پنهنجي ادبي ڪرت سان لڳل رهيو آهي، اهڙي ڪرت جيڪا پنهنجي ليکي انتهائي سڀاويڪ آهي، (جنهن جو وقتائتو اڀياس ڪري سندس ادبي تخليقن جو تنقيدي جائزو ورتو وڃي) سنڌي ادب ۾ پڙهڻ جو ريشو گهٽ هجڻ ڪري به تنقيدي عمل متاثر رهيو آهي ۽ تنقيدي  نگاهه رکڻ کان سواءِ ڪو به عمل، هنر، آرٽ، وهنوار، جيئن جو تئين قبولي نٿو سگهجي.
تنقيد جو تخليقي وهنوار يا تخيلق جو تنقيدي وهنوار ادب جي گهرج آهي، جنهن جو پورائو ڪرڻ به انتهائي ضروري عمل آهي. محمد علي پٺاڻ جون، ڏات، ڪونج ۽ مُرڪ، رسالن جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ پڻ ادبي خدمتون آهن. هن ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جي آتم ڪهاڻي، روشنيءَ جي پنڌ ۾ ۽ ڊاڪٽر اشرف عباسي جي آتم ڪهاڻي، جيڪي ھلن هيکليون، سهيڙيون آهن.
محمد علي پٺاڻ جيڪو گورنمنيٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر به آهي، جيڪو علم ورهائڻ واري ڪرت ڪندي زندگيءَ جي سفر ۾ پنهنجي تخيلقن خاص ڪري پنهنجي نياڻي “روحي بانو پٺاڻ” جي مُرڪن ۾ ساهه کڻندي محسوس ٿئي ٿو. اڄ سندس جنم ڏينهن آهي، آئون پنهنجي هن ادب جا کي کيڙيندڙ جاکوڙي انسان ۽ پنهنجي دوست کي جنم ڏينهن جون واڌايون ڏيان ٿو ۽ دعا ڪيان ٿو ته هو پنهنجي تخليق جي مُرڪن ۾ سدائين سکيو ستابو سُرهو رهي.


محمد علي پٺاڻ

(جنهن پنهنجي حياتيءَ جا سڀ ساهه ادب کي منسوب ڪري ڇڏيا آهن)

زرار پيرزادو

¨ اڄ (۲ فيبروري ۲۰۲۲ع) سنڌ جي ناليواري ڪهاڻيڪار، شاعر، ڊراما نگار، ڪالم نگار، ناول نگار، ڀٽائي جي پارکو ۽ نقاد محمد علي پٺاڻ جو جنم ڏينهن آهي.

¨ محمد علي پٺاڻ انهن مٿي ڄاڻايل مڙني ادبي ۽ صحافتي صنفن ۾ پاڻ ملهائي برابر پنهنجي ادبي تاريخ ٺاهي چُڪو آهي ۽ ڏسي به رهيو آهي، پر اڄ پاڻ سندس ”ادب دوستي“ واري پهلوءَ کي ڀيٽا پيش ڪنداسين.

¨ جيئن امداد حسيني صاحب شاعري کي سر جيندي، ڇپجندي ۽ پڙهندي ڏسڻ  چاهيندو آهي تيئن محمد علي پٺاڻ به ادب کي سرجيندي، ڇپجندي ۽ پڙهندي ڏسڻ کي پنهنجي زندگيءَ جو نصب العين بڻائي ڇڏيو آهي.

¨ هن پنهنجي حياتيءَ جا سڀ ساهه ادب کي منسوب ڪري ڇڏيا آهن. ادب ئي سندس زندگيءَ جي آڪسيجن آهي. ادب ناهي ته هو به ناهي اِهو جنون سندس ذات تائين محدود ناهي پر هو ٻين ماڻهن جي به لکڻ، ڇپجڻ ۽ ادب پڙهڻ ۾غير معمولي دلچسپي رکندو آهي.

¨ ڪنهن نوجوان ۾ ڪو ادبي جراثيم ڏٺائين. ڪنهن ڪا سٺي تخليق  ڪئي، ڪو ليک پڙهيو، ڪنهن جو ڪو ڪتاب آيو ته روبرو  يا فون ڪري لازمي طور کيس راءِ ڏيڻ ۽ مبارڪ باد ڏيڻ کي محمد علي پٺاڻ پنهنجو اولين فرض سمجهندو آهي.

¨ الائي ڪيترا اسان جا اديب ۽ صحافي آهن جن کان محمد علي پٺاڻ لکايو آهي. شاعري ڪرائي آهي، ڪهاڻيون لکرايون آهن ۽ ڪتاب لکرايا آهن.

¨ ڪامريڊ سوڀي جي زباني مواد کي محمد علي پٺاڻ ئي پنن تي اتاري انهن کي قلمبند ڪندو رهيو. ۽ ايئن اهو مواد ڪتابي شڪل ماڻيندو ويو.

¨ بادل جماليءَ، ڪهاڻي لکڻ کان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو ته محمد علي پٺاڻ ئي آهي جنهن پهل ڪندي آخرڪار ٽيهن سالن کانپوءِ کائنس ادبي رٽائرمينٽ واپس وٺرائي، ڪهاڻي لکرائي ورتي ۽ پوءِ ڪهاڻي کي پڙهائڻ لاءِ سنڌي ادبي سنگت جي خاص گڏجاڻي جو انتظام ڪرائي ان جي آجيان به ڪرائي.

¨ اهي ڪم محمد علي پٺاڻ ائين ڪندو آهي ڄڻ ان ۾ سندس ڪو غرض هجي، مفاد هجي، ڪا پروموشن ملندي هجيس پر نه هو صرف ۽ صرف ادب جي عظيم مفاد ۾ اهي ڪم ڪرائيندو آهي.

¨ ايئن انور پيرزادو هجي يا ٻيا سينئر توڙي جونيئر اديب هو مٿن زور ڏئي کانئن لکرائيندو هو . کيس لکرائڻ ۽ لکرائي همت افزائي ڪرڻ جو ڪمال جو آرٽ آهي.

¨ عارضي طور تي ته ماڻهو کائنس خفي به ٿيندا آهن، پر جڏهن ڪم ٿي ويندو آهي ته پوءِ اهي ماڻهو مڃڻ تي مجبور ٿي ويندا آهن ته اهو سڄو ڪم محمد علي پٺاڻ ئي ڪرايو.

¨ مثال طور قربان پيرزادي کي چيائين ته توهان تي ڪو ڪتاب اچڻ گهرجي. قربان ناممڪنات جي ڳالهه سمجهي ٽاري ڇڏيو پر محمد علي پٺاڻ اهو ناممڪن ڪم به ڪجهه ئي مهينن اندر کيس ڪري به ڏيکاريو.

¨ هُن ڇا ڪيو جو ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت ڏوڪري کان قربان پيرزادي جي جنم ڏينهن تي پروگرام ڪرايو ته قربان جي شخصيت تي مقالا لکجي ويا ۽ دوستن سندس سمورن شخصي پهلوئن تي ڳالهايو ته ڪتاب جو مواد ٺهي ويو.

¨ محمد علي پٺاڻ اڄ ڪلهه وارهه جي ذهين شخصيت ۽ اڳوڻي ناظم منظور مافاڻي کان لکرائي رهيو آهي ۽ انتهائي قيمتي مواد سنڌ جي تاريخ ۾ درج ڪرائي رهيو آهي.منظور مارفاڻي صاحب پاڻ اعتراف ڪيو آهي ته هو ڳالهائيندو آهي ۽ محمد علي ان کي موبائيل تي ريڪارڊ ڪري پوءِ پني تي اتاري ڇڏيندو آهي ۽ ايئن سندس لکڻيون ڇپجن ٿيون.

¨ زيد پيرزادي کي به ڪالم نگار بڻائڻ ۾ محمد علي پٺاڻ جو ئي وڏو حصو آهي جنهن کيس اخبارن ۽ ميگزينن ۾ لکڻ لاءِ زور ڀريو ۽ انجي مخصوص  انداز ۾ همت افزائي به پئي ڪئي آهي.

¨ ائين هن الائي ڪيترن ماڻهن کي ليکڪ، صحافي ۽ ڪالم نگار بڻايو. ٻيو ته ڇڏيو هن ٻين جي ڪتابن جا به  خواب ڏٺا ۽ انهن جي ساڀيان لاءِ به جاکوڙ ڪيائين.هي اُهي ڪم آهن جيڪي اصولي طور تي ادبي ادارن ۽ سنڌي ادبي سنگت کي ڪرڻ گهرجي.

¨ هيءُ ماڻهو جيڪو هونئن ئي فل ٽائيم ادبي جهان ۾ آهي ۽ اڻ اعلانيل ادبي سيڪريٽري وارا ڪم ڪري رهيو آهي سو جيڪڏهن سنڌي ادبي سنگت جو باضابطه مرڪزي سيڪريٽري ٿي ڪم ڪري ته اندازو لڳايو ته هو سنڌي ادبي سنگت کي ڪٿي پهچائيندو.

¨ اِها سنڌي ادبي سنگت جي ڪيڏي نه بدقسمتي آهي ته اهڙي ادب دوست ۽ فل ٽائيم ڪميٽڊ ماڻهوءَ کي سنڌي ادبي سنگت جي واڳ سنڀالڻ جو موقعو نه ملي سگهيو آهي باوجود ان جي ته سنگت جو ڪم رضا ڪاراڻو آهي.پر محمد علي پٺاڻ ڪنهن ادبي اداري جو سربراهه نه هجڻ باوجود پنهنجي ذات ۾ هڪ ادارو آهي ۽ هڪ  اداري وانگر ڪم ڪري رهيو آهي.

¨ اڄڪلهه هو انتهائي سنجيدگي ۽ برق رفتاري سان پنهنجاڪتاب ڇپائي رهيو آهي، سندس خيال آهي ته سندس پڄاڻان سندس قلمي پورهيو ضايع ٿي ويندو .

¨ محمد علي پٺاڻ جون گذريل ڏهن سالن کان ادبي سطح تي سالگراهون ملهائجڻ شروع ٿيون آهن جيڪو تمام سٺو عمل آهي.

¨ هن انور پيرزادي وانگر ڀٽ شاهه تي پڻ پنهنجيون سالگراهون ملهايون ۽  ڀٽائي صاحب کان هر سال نئين سر ادبي آشيرواد وٺندو رهيو ۽ ثمر ماڻيندو رهيو.

¨ هن سال يعني ۲۰۲۲ واري سندس سالگرهه هڪ عجيب موڙ تي ملهائجي رهي آهي. هن سالگرهه جي موقعي تي سندس جيون ساٿياڻي دنيا ۾ ناهي رهي جيڪا کيس ڀٽ شاهه کان واپسي تي گهر اچڻ تي هٿ سان ڪيڪ ڪٽي کارائيندي هئي.

¨ اڄ جي موقعي جي ٻي خاص ڳالهه سندس تدريسي شعبي مان رٽائرمينٽ آهي. هو اڄوڪي سالگرهه کان هڪ ڏينهن اڳ رٽائر ٿي چڪو آهي.

¨ جيون ساٿياڻي جي لاڏاڻي ۽ رٽائرمينٽ وارن ٻن واقعن کي هو ڪيئن ٿو ڏسي، هو هاڻي معمول جي زندگي ڪيئن گذاريندو تنهن حوالي ۾ محمد علي پٺاڻ يقيني طور تي منجهيل ناهي. هن کي پنهنجي اڪيلي ڌيءَ ”روحي“ ۽ پنهنجي نصب العين ”ادب“ لاءِ جيئڻو آهي.

¨ اُهو محمد علي پٺاڻ جيڪو هميشه ٻين اديبن جو ڀرجهلو بڻيو، ادبي برادري  ۾ خوشي ۽ غمي ۾ اٿندو ويهندو رهيو آهي تنهن سان اڄ زندگي جي هن نئين موڙ تي ادبي برادريءَ سندس ڀرجهلو بڻجڻ کي پنهنجو فرض سمجهيو آهي.

¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته انور پيرزادو اڪيڊميءَ اڄ هو جي سالگرهه ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان موقعي تي سندس اديب دوستن کي گڏ ڪري اهو وچن ڪيو آهي ته محمد علي پٺاڻ کي ادبي برادري ڪنهن به موڙ تي اڪيلو نه ڇڏيندي پر هر پل ساڻس گڏ هوندي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۳ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


محمد علي پٺاڻ

(سائين کي جنم ڏينهن مبارڪ)

انور ابڙو

پنڌ هِن ماڻهوءَ جي پيرن جو گهاٽو يار آهي. جيڪڏهن هي پنڌ ناهي ڪندو، ته سندس پيرَ ڏُکندا آهن. ائين جيڪڏهن هي، ڪنهن به صنف: شاعري، ڪهاڻي، ڪالم يا ڊرامي ۾ ناهي لکندو ته، بي چين ۽ بي مزي رهندو آهي. واقعا کيس سڪون سان ويهڻ ناهن ڏيندا.

گهمڻ ڦرڻ، يارن دوستن سان ملڻ - ۽ پڙهڻ ۽ لکڻ سندس زندگيءَ جون اڪيليون ۽ عظيم تر سرگرميون آهن.

هن سماج ۾رهندڙ انهن سڀني ماڻهن جا معامرا هن جي تخليقي تحريرن جا موضوع بڻجندا آهن، جيڪي اسان اڳيان گهمندا ڦرندا رهندا آهن، پر انهن جي اکين جي درديلي لکت اسان پڙهي نه سگهندا آهيون، انهن جي لهجي سان چنبڙيل پيڙا جو اسان احساس ناهيون ڪري سگهندا، اسان بي خبر ۽ بي سمجهه هوندا آهيون، سمجهي ناهيون سگهندا انهن ماڻهن جي ڏکن جي شدت کي، جيڪي اسان سان گڏ هوندي به، پنهنجي غمن ۾ غرق ٿيل هوندا آهن، پر هن جي غمگين ڪري ويندڙ لکت اسان جون اکيون کولي ڇڏيندي آهي. محمد علي پٺاڻ صاحب، هر ماڻهوءَ کي پڙهي وٺندو آهي، تڏهن ئي ته هن وٽ لکڻ لاءِ موضوعن جي کوٽ ناهي هوندي.

شاندار حافظي وارو هيءُ اسان جو بهترين شاعر دوست، ڀٽائي سائينءَ جي شاعريءَ کي جيترو سمجهي ٿو، ۽ جيتري اها کيس ياد آهي، اهڙا هِن وقت تمام گهٽ ماڻهو حال حيات آهن.

محمد علي پٺاڻ صاحب ڪلهه، ۲ فيبروريءَ تي، ايمانداريءَ سان پنهنجي ملازمت جا مقرر سال پورا ڪري رٽائر ٿيو ۽ اڄ، ۳ فيبروريءَ تي سندس جنم ڏينهن آهي، اسان کيس جنم ڏينهن جون تمام گهڻيون مبارڪون ڏيون ٿا.

 

(انور ابڙو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۳ فيبروري ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)


محمد علي پٺاڻ

سنڌي ٻولي ۽ ادب جو ورسٽائل قلمڪار

بادل جمالي

اُھو شايد ۱۹۷۴ع وارو زمانو هو، جڏهن آئون پي ٽي وي ۾ ملازم ڀرتي ٿيو ھئس. فلم، ريڊيو ۽ ٽي وي سان منھنجي دلچسپي ننڍي ھوندي کان ئي ھئي. اُھي فنڪار جن کي آئون خوابن ۾ ڏسندو ھئس، ٽي وي ۾ انهن کي روبرو ڏسي، ساڻن گفتگو ڪري پاڻ کي وڏو خوش قسمت سمجهندو ھئس. انهن ئي ڏينهن ۾ مون ڪھاڻي به لکڻ شروع ڪئي ھئي. ٽيليويزن تي ڊراما لکڻ وارن اديبن ۽ فنڪارن سان واسطا وڌڻ لڳا. ڊراما ليکڪ رزاق مھر سان به ملاقات ٿي هئي. رزاق سان ھڪ سنھڙو سانورڙو نوجوان پاڇي وانگر گڏ گڏ ھوندو ھو. جنھن جو تعارف محمد علي پٺاڻ جي نالي سان ڪرايو ھئائين. رزاق پاڻ ٿڌي مزاج جو ماڻهو هو. پر سندس دوست محمد علي پٺاڻ کي ٿري ڍڳي وارا پاڻي ھئا. ھو ھر ڳالهه ۾ رزاق کان وڌيڪ گرمجوشي ڏيکاريندو ھو. پوءِ ڊرامي لکڻ جو معاملو ھجي يا ٽي وي تي مباحثي جي ڳالهه ھجي. رزاق ڪجهه لنوائيندو به ھو ته محمد علي ھن تي ھلان ڪري چڙهي ويندو هو. نيٺ هن کان “ھا” ڪرائي ڇڏيندو هو. ٻي ڪمال جي ڳالهه اھا ھئي جو محمد عليءَ ڪڏهن به پنھنجي ڳالهه نه ڪئي ھئي ته مونکي به مباحثي ۾ شامل ڪريو يا مونکان به ڊرامو لکرايو.

رزاق سان دوستيءَ جو نتيجو اهو نڪتو جو اڳتي هلي جڏهن مونکي ڊراما سيريل ڪرڻ لاءِ چيو ويو هو، ته مون رزاق مھر کان ئي اسڪرپٽ لکرايو ھو. اسڪرپٽ ۾ ڦيرڦار ڪرڻ لاءِ مون جڏهن به ڪا ڳالهه ڪئي، ته وقت جي ڪميءَ جو عذر ڄاڻائي رزاق مھر ڪجهه لنوائڻ جي ڪوشش ڪئي، ته محمد عليءَ فورن حامي ڀري ورتي. پوءِ رزاق چوندو ويندو هو ۽ محمد علي اھو لکندو رھندو ھو. اھڙيءَ طرح رزاق جي لکيل سيريل “وڇوٽيون” مون ڪري ورتي هئي. جنھن جي لکڻ ۾ محمد عليءَ جو به وڏو ڪردار ھو.

اڳتي هلي رزاق مھر ته راھَ رباني وٺي ويو ھليو پر محمد عليءَ ٽي وي اسٽيشن تي اچ وڃ جاري رکي. مون کان علاوه ھن ٻين پروڊيوسرن سان به واسطا وڌائي ورتا هئا. ھو لاڙڪاڻي مان جڏهن به ايندو هو ته ته پاڻ سان ڊرامن، ڪھاڻين جا بيشمار آئيڊياز به کڻي ايندو هو. پر ھن ڪڏهن به ڊرامي لکڻ جي خواھش نه ڪئي ھئي. ھو شاعري ڪندو هو. ھر ڀيري پنھنجي شاعريءَ جا اسڪرپٽ مونکي ڏيئي ويندو هو. جيڪي وقتن فوقتن آئون سٺن فنڪارن کان رڪارڊ ڪرائي وٺندو ھئس. خاص ڪري “روشن تارا” پروگرام ۾ ته مون ھن جا ڪيترائي ٻاراڻا گيت ھلايا ھئا. ان کان علاوه ھو مشاعرن ۾ به حصو وٺندو هو. ادبي ڪچھرين ۾ به شامل ٿيندو هو. مون اڄ تائين ھن جي جوش ۾ ڪا ڪمي ڪا نه ڏٺي آهي. اڳتي هلي شاعريءَ سان گڏ محمد عليءَ ڪھاڻيءَ ڏانھن به ڌيان ڏنو. ان سان گڏ ٽي وي ڊرامن تي به قلم کنيائين ۽ ڪيترائي ڊراما سنڌي چئنلن لاءِ لکيائين.

محمد علي پٺاڻ لاڙڪاڻي جي گورنمينٽ ڪاليج ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ھو. پر سندس ذهن ھميشہ ڪراچيءَ ۾ ھوندو ھو. نيٺ ڪوشش ڪري ھن پنھنجي بدلي ڪراچيءَ ۾ ڪرائي ورتي. ڪراچيءَ اچڻ جو اصل سبب ته سندس گهرواريءَ جي بيماري ھئي. جنھن جو علاج ڪراچيءَ جي وڏين اسپتالن ۾ ئي ممڪن ھو. ان سان گڏ پاڻ به بيمار ٿي اسپتالن ۾ رھيو. سال ڏيڍ ته ڪراچيءَ ۾ سک سان رھيا. نيٺ سندس گھرواريءَ پنھنجا پَساھَ پورا ڪيا... ان صدمي محمد عليءَ کي ڀڃي رکيو. پياري شريڪ سفر جي ڏک ۾ ھن الميه شاعري شروع ڪئي، جنھن جو ڪتاب “وڇوڙي وايون” نالي سان ڇپرايائين. اھو غالبن سنڌي شاعريءَ ۾ پھريون مثال آهي، جو ڪنھن شاعر، پنھنجي گهرواريءَ جي وفات کي موضوع بڻائي پورو ڪتاب لکيو ھجي.

محمد علي پٺاڻ ادب ۽ شاعريءَ جي سڀني صنفن تي لکيو آهي ۽ خوب لکيو آهي. ھن طويل ڪھاڻيون به لکيون آهن ته مختصر ڪھاڻيون به. ايتري قدر جو سئو لفظن جي ڪھاڻي به لکي اٿس. نثري نظم به لکيائين، ته نثري نظم ۾ “مسافتون ياد جون” ناول به لکيائين. غزل، گيت، بيت ۽ ٽيڙوءَ جو به بادشاھ شاعر آهي. ھو ھڪ سٺو ايڊيٽر به آهي. لاڙڪاڻي مان ڪيترائي مئگزين ڪڍندو رهيو. هن وقت ھن جي شاعريءَ ۽ ڪھاڻين جا ڇَويهھَ ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن، سَتاويھون ڪتاب پريس ۾ ڇپجڻ جي آخري مرحلن ۾ اٿس. ۽ تقريبن ايترائي ٻيا ڪتاب ڇپجڻ جي انتظار ۾ اٿس. مشھور اداري پيڪاڪ پبلشرس سان سندس سھڻي سيٽنگ ٿي وئي. انڪري باقائدگيءَ سان سندس ھر ٽئين مھيني ڪو نه ڪو ڪتاب مارڪيٽ ۾ پھچي ٿو.

محمد علي پٺاڻ جي ملڻ جو انداز، ايڏو ته موھيندڙ ۽ پرخلوص آهي، جو ھڪ دفعي ھو جنھن سان ملي ٿو، ان کي ھميشه لاءِ پنھنجو ڪري ٿو ڇڏي. سندس نياز ۽ نوڙت جو ته مثال ئي نٿو ملي. اسان پنھنجي ڪنھن پياري دوست سان ھن کي ملايون ٿا، سو اڳتي هلي اسان بدران ھن جو ئي دوست ٿي ٿو وڃي.

محمد علي نوجوان اديبن، ڪھاڻيڪارن ۽ شاعرن کي اتساهه ڏئي ٿو. کين لکڻ لاءِ ھمٿائي ٿو. خود آئون ان جو سڀ کان وڏو مثال آھيان. پنھنجي ڪھاڻين جي مجموعي “سنگرام” کان پوءِ، مون ڪھاڻي نه لکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو هو. مون سوچيو هو ته اڳتي مضمون لکندس يا پنھنجي سوانح لکندس. پر ڪھاڻي نه لکندس. اھو ھن شخص جو ڪمال آهي، جو منٿون، حيلا ڪري، ٽيھن سالن کان پوءِ، وري مونکي ڪھاڻيءَ طرف ڇڪي آيو. “اَويلو مسافر”، “نفيس خواب ريشمي خواھشون” ۽ ٽيون ڪتاب، جيڪو ڇپجڻ وارو آهي، محمد عليءَ جي ڪوششن جي ڪري ئي لکي سگهيو آهيان.

ھو ھڪ بيباڪ ۽ پرخلوص قسم جو ماڻهو آهي. جيڪو منافقيءَ مان ڪو نه ڄاڻي. اسان جي تقريبن ٻئي ٽئين ڏينھن موبائل تي ڪچھري ٿيندي آهي. پنھنجيون تازيون لکيل شيون ھڪٻئي سان شيئر ڪندا آھيون. ھڪٻئي سان اختلاف ڪندي، ڪڏهن ڪڏهن چڙي به پوندا آهيون. چئن پنجن ڏينھنِ تائين ڳالهائيندا به ناھيون. وري ڪو نه ڪو فون ڪري ٿو وٺي، وري نئين سِرِ ٿا ھلون.

محمد علي اڃا تائين پنھنجي گهرواريءَ جي صدمي مان پوريءَ طرح نڪري نه سگهيو آهي. حالانڪ سندس گهر ۾ قدرت طرفان کيس خوشيءَ جا تحفا به ڏنا ويا آهن. سندس ڏوھِٽي روشني پٺاڻ کي مُعِزُ پٺاڻ جي صورت ۾ گلن جھڙو پيارو ۽ معصوم ڀاءُ مليو آهي. ان کان پوءِ انهن کي ننڍڙي ڀيڻ ناني شھربانو به ملي آهي. روحي بانو پٺاڻ ۽ وحيد علي پٺاڻ جو گهر، ھينئر خوشين جو مرڪز ٿي پيو آهي. انهن سڀني جي وچ ۾ محمد علي پٺاڻ خوشيءَ ۾ ڪپڙن ۾ نه پيو ماپي...!!!

خدا کان دعا آهي ته ھن ننڍڙي خاندان جي خوشين ۾ اڃا به اضافو ڪري. آمين

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۳ فيبروري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا