; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو

26 July, 2018

ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو


ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو
علمي ۽ ادبي خدمتون
 جامي چانڊيو
سنڌ ۾ ڪجهه ماڻهو اهڙا آهن، جن جي دانش ۽ ڪم جي پوريءَ طرح مڃتا نه ٿي آهي. سنڌ ۾ شين جي پرک، عقلي (Rational) ۽ علمي ڇنڊڇاڻ ۽ سندن جائز حيثيت جي تعين جي روايت اڃان پختي ناهي. تاريخ جو ڊگهو عرصو غلام، محڪوم، محروم ۽ ويڳاڻپ جو شڪار رهڻ ڪري عام طور جيڪي سماجي ۽ نفسياتي ڪمزورين اهڙن معاشرن ۾ پيدا ٿينديون آهن، اُنهن جو شڪار اسين به ٿيا آهيون ۽ پنهنجن املهه ماڻڪن جو گهربل قدر نه ڪرڻ به اهڙين ڪمزورين مان هڪ آهي. ڊاڪٽر ٻوهيو جنهن سطح جو عالم، مفڪر ۽ اديب هو ۽ هن سڄي زندگي جن وڏن ۽ بنيادي موضوعن تي نهايت علميت ۽ گهرائيءَ سان سوچيو ۽ لکيو، جي اُهي اڄ به اسان جي سماجي، فڪري ۽ ادبي ايجنڊا تي گهربل اهميت سان سامهون اچن ته مان پنهنجي پوريءَ سنجيدگيءَ سان چوان ٿو ته سنڌي ادب ۽ سماج صحيح معنيٰ ۾ هڪ نئين دؤر ۾ داخل ٿي سگهي ٿو.


اڄوڪو جديد ۽ سائنسي طور زندگيءَ جي هر شعبي ۾ بلندين کي ڇُهندڙ يورپ رڳو اڄ کان ڪي پنج- ڇَههَ صديون اڳ ڌرتيءَ جو هڪڙو اڻ سُڌريل، پست حال ۽ سماجي طور مذهبي تسلط سبب هڪڙو ٻوساٽيل خِطو تصور ڪيو يندو هو ۽ اڄ ساڳيو يورپ سڄيءَ دنيا لاءِ ترقيءَ ۽ تحقيق جي حوالي سان هڪڙو مثالي خِطو تصور ڪيو وڃي ٿو. جي يورپ جي ان پستيءَ کان اڄوڪي اؤج جا بنيادي سبب معلوم ڪبا ته واضح ٿيندو ته اهي يورپ جا غير معمولي علم ۽ دانش جا اڪابر ئي هئا، جن سمجهي ورتو هو ته جيستائين ڪو سماج اعليٰ ادراڪ ۽ سائنسي شعور سان نٿو سلهاڙجي، تيسين اهو زندگيءَ جي ڪنهن به شعبي ۾ اُسري نٿو سگهي. قومون، ملڪ ۽ معاشرا عوام سان ٺهندا ۽ سندن ئي جسماني ۽ ذهني پورهيي سان وڌندا ۽ سڌرندا آهن، ان ڪري جيستائين عوام کي تبديليءَ ۽ تغير جو شعور نٿو ڏجي، تيسين تبدليين جا سپنا ساڀيائن کي پُڄي نه سگهندا. سنڌ ۾ ادبي نشاط الثانيه (Renaissance) جي شعور جو جيڪو ٻج هن صيءَ جي شروعات ۾ مرزا قليچ بيگ پوکيو هو، تنهن جي آبياري عقلي استدلال ۽ شعور سان پنجاهه ۽ سَٺِ جي ڏهاڪن ۾ حيدر بخش جتوئي، جي. ايم. سيد، محمد ابراهيم جويي، رسول بخش پليجي، شيخ اياز، مولانا گراميءَ، ڏيپلائيءَ ۽ ٻين ڪئي. آبياري ڇا ڪئي، بلڪه مان ته چوندس ته سنڌ ۾ فڪري طور نئين ۽ سائنسي سجاڳيءَ جا بنياد ئي هنن وڌا. هنن جي خوابن ۾ جيڪا سنڌ هئي، اها غلام، جاگيرداري ۽ وڏيرڪي سرشتي جي سنگهرن ۾ ڦاٿل ۽ عملي پسماندگيءَ جي شڪار نه پر هڪ آزاد، باوقار، دنيا جي سڀ کان اڳتي وڌيل سماجي، سياسي ۽ سائنسي شعور سان سلهاڙيل هڪ جديد سنڌ هئي. هڪ اهڙي سنڌ، جنهن کي هڪ دفعو وري انسان جي تهذيبي اِتهاس جي ارتقا جي سفر ۾ سيبتو ۽ سُونهون ڪردار ادا ڪرڻو هو. سنڌ ۾ علم ادب جي ميدان ۾ جنهن ”نئين سجاڳيءَ“ يعني Renaissance جا بنياد اُنهن ڏاهن وڌا ان کي اڳتي هلي جن مڻيادار مڙسن ۽ ڏاهن علم ادب جي ميدان تي بلوغت تي رسايو، اُنهن ۾ سنڌ جو قابلِ فخر فرزند ۽ ڏاهو انسان ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو به هو.
منهنجي خوشبختي چئجي جو مون کي زندگيءَ ۾ ڊاڪٽر ٻوهيي جهڙي ڏاهي ۽ صاحبِ علم و ادراڪ انسان سان ويجهو رهڻ جو گهڻو موقعو مليو. ڊاڪٽر ٻوهيو هونئن ته اسان جي ارد گرد لکين ۽ ڪروڙين انسانن جهڙو انسان هو ۽ يقينن انسان هئڻ جي ناتي منجهس ڪمزوريون به رهيون هونديون، پر جيڪي ماڻهو کيس زندگيءَ ۾ ويجها رهيا، اُنهن کي خبر آهي ته هو ڪا ٻي شيءِ هو. منهنجي خيال ۾ سنڌ  ويجهي ماضيءَ ۾ علم ادب جي دنيا ۾ جيڪي چند وڏا ذهين ۽ ڏاها انسان پيدا ڪيا، ڊاڪٽر ٻوهيو اُنهن ۾ به پنهنجي هڪ خاص حيثيت رکي ٿو. هو مزاجن پس منظر ۾ رهڻ وارو شخص هو، ان ڪري هن جون انيڪ صلاحيتون ۽ ڏاهپ سماجي سطح تي گهڻو اُڀري نه سگهيون. ان هوندي به هن جو علمي ۽ فڪري پورهيو زمانن تائين اسان جي رهبري ڪندو رهندو. ماڻهن علم سان عشق جي ڳالهه ٻُڌي هوندي، ڪتابن ۾ پڙهي هوندي پر مون علم سان عشق، ڊاڪٽر ٻوهيي جي صورت ۾ اکين سان ڏٺو. هو علم جي حوالي سان سراپا عشق هو ۽ اُهو جنون ئي هو، جيڪو کيس ايترو اڳتي وٺي آيو، جو هڪ هاريءَ جي غريب، بي پهچ ۽ نڌڻڪي ٻار مان هو ڊاڪٽر ٻوهيو ٿي ويو.
مان بنيادي طور سائنس ۽ فلسفي جو شاگرد آهيان ۽ سائنس جي پنهنجي هڪ اخلاقيات ٿئي ٿي، جنهن جو هڪ بنيادي اُصول ۽ ضابطو اِهو آهي ته ڪنهن به ڳالهه جي ڇنڊڇاڻ ۽ تَڪَ تور وقت اجائي وڌاءَ کان ڪم نه وٺجي، ٻيءَ صورت ۾ حاصل ڪيل نتيجن جي ڪابه وقعت ۽ وَرٿ نه ٿي رهي. ان تناظر ۾ جڏهن لاڙڪاڻي ضلعي جي پيچُوهن جي ڳوٺ ۾، محمد علي ٻوهيي نالي هڪ غريب هاريءَ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ، غربت، محرومين ۽ اهنجن ۾ ٻالڪپڻ گذاريندڙ، وڏن وڏن تعليمي ادارن تائين پهچڻ جو تصور به نه ڪري سگهندڙ، هڪڙو ڳوٺاڻو ٻار- جڏهن اڳتي هلي پنهنجي دؤر جو وڏو سوشل سائنٽسٽ، اعليٰ پايي جو دانشور ۽ اديب يعني ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو ٿي پوي ته پوءِ سندس وڏائي ايئن ثابت ٿي پوي ٿي جيئن سج پنهنجي اُڀرڻ سان پنهنجين ثابتين جو سامان پاڻ سان کڻي ايندو آهي. جيتوڻيڪ ڊاڪٽر ٻوهيي جا ڪتاب هن جي عميق علميت جي پوريءَ طرح اِحاطو نه ٿا ڪري سگهن، جو اُهي موضوع ته صرف هن جي اوليت هئا، جن کي هن سنڌ جي ماڻهن تائين رسائڻ بنهه ضروري ٿي سمجهيو پر هن جي موضوعن جي چونڊ مان ئي پتو پئجي ويندو ته هو علمي خيال کان ڪيتري نه وسيع ذهن ۽ سوچ جو ڌڻي هو.
غلام ۽ پسمانده معاشرن جي هڪ ڪمزوري اها به آهي ته اُهي پنهنجن غير معمولي انسانن جي صلاحيتن جو لاڀُ پوريءَ طرح حاصل نه ڪري سگهندا آهن. ٻوهيي صاحب سان به ايئن ٿيو ۽ اسين هن جهڙي مفڪر ۽ دانشور جي علميت ۽ تخليقي صلاحيتن مان پوريءَ طرح فائدو حاصل نه ڪري سگهياسين. ٻوهيو صاحب جيتوڻيڪ هڪ اديب ۽ قلمڪار هو پر منهنجيءَ نظر ۾ بنيادي طور هو هڪ وڏو سماجي سائنسدان ۽ عمرانيات جو ماهر (Social Anthropologist) هو. اها ڳالهه مان اڪثر کيس روبرو به چوندو هئس ۽ هو بي اختيار کِلي پوندو هو ۽ چوندو هو: ”جيستائين ڪوبه اديب پنهنجي سوچ، فڪر ۽ روين ۾ سوشل سائنٽسٽ ناهي، تيسين هو ڪو وڏو ادب تخليق نه ٿو ڪري سگهي. ظاهر آهي ته اديب سماج لاءِ لکي ٿو، سماج اديب جو آڊينس آهي ۽ جيڪڏهن اديب کي سماج جو گِهرو شعور ۽ ادراڪ نه هوندو، تيسين هو ڪابه غير معمولي ڳالهه چئي ۽ لکي نه ٿو سگهي. ان ڪري اديب لاءِ عمرانيات جو شعور لازمي آهي.“ ٻوهيي صاحب جو سماجي سائنسن جو مطالعو به نهايت وسيع هو. سماجيات، تاريخ، سياسي-معاشيات، فلسفو ۽ علمِ تنقيد هن جا خاص موضوع هئا. اهو ئي سبب آهي جو هو جڏهن سماج بابت لکندو يا ڳالهائيندو هو ته وڏيءَ گِهرائيءَ، ڏور رس نگاهه ۽ Vision سان ڳالهائيندو هو.
هو پهريون ماڻهو هو جنهن سنڌي ادب ۾ ٻوليءَ جي سوال تي خالص سائنسي ۽ سمجاياتي لحاظ کان قلم کنيو. نه رڳو ايترو پر ٻوليءَ سان گڏ ادب توڙي فڪر کي به عمرانيات جي تناظر ۾ سمجهڻ ۽ پرکڻ تي زور ڏنو. هن ڄاتو ٿي ته سنڌ علمي پسماندگين ۽ جهالتن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ۽ انيڪ دائرن ۾ قيد سماج آهي. اديب، دانشور ۽ قلمڪار جيڪي سماج ۾ قدرن، تصورن ۽ تفڪر جا سُونهان هوندا آهن، جي اُهي به گِهري سماجياتي شعور کان وانجهيل هوندا، ته پوءِ اها تبديلي محض هڪ خواب بڻجي ويندي ۽ ساڀيان جي اُن سطح تائين هرگز رَسي ڪين سگهندي، جيڪا قومن ۽ معاشرن جون تقديرون بدلائي ڇڏيندي آهي.
۷۰-۱۹۶۰ع جي ڏهاڪي ۾ سنڌي ادب ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد بابت گهڻا بحث ڇڙيا، جنهن ۾ خاص طور ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ سراج الحق ميمڻ صاحب حصو پتي ورتو پر اهو بحث سائنسيت سان اڳتي وڌي ڪنهن نتيجي تي نه پهتو. اُن زماني ۾ جنهن شخص ٻوليءَ جي سوال کي تخليقي انداز سان سماجياتي پس منظر ۾ وڏيءَ گِهرائيءَ ۽ علميت سان کنيو ۽ ان کي ڪنهن نتيجه خيز هنڌ تائين پهچايو ته اهو ڊاڪٽر ٻوهيو هو. هن ”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج“ جي عنوان سان ان وضوع تي هڪ ٿيسز لکي، جنهن کي سنڌ يونيورسٽيءَ پاران ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ڏني وئي. ٻوليءَ جي سماجي ڪردار ۽ ڪارج جي سوال تي سائنسيت سان ايڏو تخليقي ڪم نه رڳو سنڌ ۽ سنڌي پر اردو ادب ۾ به مون کي نظر نه آيو آهي. پنهنجي ان ٿيسز ۾ ڊاڪٽر ٻوهيي سماج، ٻوليءَ ۽ ڪلچر جي پاڻ ۾ تعلق کي عمرانيات جي لحاظ کان واضح ڪري، سنڌي ٻولي، ادب ۽ ان جي سماجي افاديت توڙي ڪارج بابت پنهنجا عالماڻا ويچار پيش ڪيا. پنهنجي ٿيسز بابت هو پاڻ لکي ٿو ته:
”اسان سڀ سنڌي ٻوليءَ جي انهيءَ دنيا يعني سماج ۾ رهون ٿا، جيڪو ٻوليءَ سان گڏ ۽ ان جي ئي حدن اندر لڳاتار بدلجندو رهي ٿو ۽ ترقي ڪندو رهي ٿو. هونئن به انساني بنيادن جي تخليقي تهذيب (Creative Civilization) ۾ ٻولي بدلجندڙ ۽ هميشه تيار ۽ مستعد طاقت جيان ڪم ڪندي آهي. ٻوليءَ جو هيءُ ارتقائي ۽ حياتياتي پهلو (Biological Aspect) ٻوليءَ جي ڪارج کي سماج جي ارتقا ۽ حياتيات سان لاڳاپي ۾ آڻي ٿو.“
هنن خاص ڳالهين مان معلوم ٿئي ٿو ته ٻوليءَ جو اڀياس هاڻي سماجيات (Sociology)، حياتيات (Biology)، نفسيات (Psychology)، سماجي نفسيات (Social Psychology) ۽  انسانيات (Anthropology) جهڙن علمن جي اُصولن پٽاندر ڪرڻو پوندو. ايئن علمِ ڪلچر (Culturology) به ٻوليءَ جي مامرن سان واسطو رکي ٿو. اهڙيءَ ريت ٻوليءَ جي علم جي حيثيت هڪ اهڙي علم جهڙي ثابت ٿئي ٿي، جيڪو سڀني عمراني علمن سان تعلق رکي ٿو ۽ جنهن ۾ هنن سڀني علمن جي اُصولن جو استعمال ٿي سگهي ٿو.
ٻوليءَ جو اڀياس هاڻي سماجي نفسيات جو هڪ اهم موضوع بڻجي ويو آهي. هارس گنز برگ لکي ٿو ته: ”سماجي نفسيات جو ڪم آهي سماج جي سچيءَ زندگيءَ جو هڪ تجزيو ڪرڻ، ۽ اهو علمي تجزيو ٻوليءَ، آرٽ، مذهب ۽ گڏيل ڪارڪردگيءَ جي مدد سان ئي ڪري ٿو سگهجي.“ (The Psychology of Society P.IX) اهڙيءَ ريت ”وليهيم ونٽ“ جنهن کي جرمنيءَ ۾ سماجي نفسيات جو پرچارڪ مڃيو ويندو آهي، تنهن جو چوڻ آهي ته، ”سماجي نفسيات جو تعلق سماج ۾ رهندڙ ماڻهن جي انهيءَ دماغي پيدواار سان آهي، جنهن کي اسان ٻوليءَ، مِٿ (Myth) ۽ رواج ۾ ڏسي ٿا سگهون. ٻوليءَ جي سماجي حيثيت جو تعلق وڃي ٿو ”هيگل“ جي انهيءَ تحريڪ سان قائم ٿئي، جنهن کي لوڪ روح (Volkgeist of Folk Soul) جو تصور ڪوٺيو ويو آهي، هن تصور مان بعد ۾ ڪُلياتي روح (World Soul) جو تصور پيدا ٿيو. ”هيگل جي هيءَ تحريڪ اسان لاءِ ڏاڍي اهمآهي، ڇو ته ان مان اسان کي قوم جو اهو روحاني تصور ملي ٿو، جنهن کي اسان ادب، آرٽ، قانون، ٻوليءَ، مِٿ ۽ رواج ۾ ڳولي سگهون ٿا. هيگل جي انهيءَ تصور تي مشهور عالم ليوڪ سيوغنيءَ Luc Sevigny پنهنجي انهيءَ اُصول جو بنياد رکيو، جنهن کي بعد ۾ ”قانون جو تاريخي اُصول“ چيو ويو آهي. ("The Psychology of Society" PP 8-9)
ان مان خبر پوي ٿي ته گهٽ ۾ گهٽ هيگل کان وٺي اڄ تائين علمي دنيا ۾ اهو تصور قائم رهندو آيو آهي ته ٻوليءَ جو مامرو، هڪڙو سماجي مامرو آهي ۽ ٻوليءَ جو اڀياس سماجي نفسيات ۽ ٻين سماجي علمن جي مدد سان ئي ڪرڻ گهرجي.
۳- اهي ئي ڳالهيون آهن جن مان معلوم ٿئي ٿو ته ٻوليءَ جي باري ۾ اسان جي ڪيل تحقيق جيڪا گهڻو ڪري صوتيات (Phonetics)، علم لغت (Lexicography) ۽ تاريخي علم زبان (Comparative Linguistics) جي ميدانن تي ٿي آهي، سا ڪافي نه آهي. بيشڪ هڪڙو دؤر ٻوليءَ جي تحقيق جي انهن مقصدن جو متقاضي به هو. ان دؤر ۾ ٻوليءَ جي باري ۾ ڪي بنيادي ڳالهيون معلوم ڪرڻيون هيون. وري ان وقت علم جي ترقيءَ جي خيال کان رڳو علمي تجسس به وڏي ۽ اهم ڳالهه هئي، پر اهو دؤر اسان جي ڏسندي ڏسندي گذري ويو. خود ان دؤر ۾ به مئڪس ميولر (Max Muller) جهڙي عالم جي قلم مان اسان کي خبر پوي ٿي ته ”جڏهن آئون چوان ٿو ته ڪي ماڻهو آريا آهن تڏهن آئون رڳو ايترو ٿو مڃان ته ڪي ماڻهو آريائي ٻوليون ڳالهائين ٿا.“ اهڙيءَ ريت اسان جي ٻولي به اسان کي اسان جو سماجي تشخص (Social Personality) بخشي ٿي. اسان جي ٻولي اسان جي گڏيل منٿ (Collective Mind) جي ڪهاڻي آهي. اها ڪهاڻي اسان ماڻهن جي، اسان جي سماجي ادارن جي، ۽ اسان جي گڏيل ڪلچري ڪارڪردگيءَ جي هڪ تاريخ آهي. اهڙيءَ ريت، جهڙيءَ ريت ٻولي اسان جي تاريخ آهي، اسان جي ٻولي:
(۱) اسان کي پنهنجا ڏئي ٿي،
(۲) اسان جو ماحول ۽ دائرو مقرر ڪري ٿي،
(۳) اسان کي پنهنجو ماضي ۽ حال سمجهائي ٿي،
(۴) اسان جي فهم ۽ ”وهم“ جو دائرو مقرر ڪري ٿي ۽
(۵) اسان کي اسان جي بنيادي نظرين ۽ خيالن، رسمن ۽ رواجن جو هڪ رڪارڊ پيش ڪري رهي آهي.
۴- هن قسم جون حقيقتون هاڻي اها تقاضا ڪري رهيون آهن ته ٻوليءَ جي باري ۾ تحقيق جي مقصدن کي نئينءَ طرح مرتب ڪجي ۽ هاڻي ٻوليءَ جي وڌيڪ تحقيق ٻوليءَ جي باري ۾ حاصل ٿيندڙ نئين معلومات جي روشنيءَ ۾ ڪجي ۽ اهڙيءَ ريت ۽ انهيءَ مقصد سان ڪجي ته ٻوليءَ کي انسان جي بهتريءَ، سماجن جي ترقيءَ، فردن جي افرادي قوت، ۽ قومن جي آسودگيءَ جي مقصدن جي لاءِ ڪم آڻي سگهجي.)
۵- هن تحقيق جو موضوع- ”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج“- سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ ته هڪ نئين مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ نئين تحقيق جو بنياد رکي رهيو آهي پر عام طور تي ٻوليءَ جي باري ۾ هيءُ موضوع اسان کي ڪو نئون نظريو ڪونه ٿو ڏئي. بنيادي طور تي بحث هيٺ ايندڙ ڳالهه اها نه آهي ته ٻوليءَ جو ڪو سماجي ڪارج ٿيندو آهي يا نه. اها ڳالهه هاڻي دنيا جي سڀني عالمن وٽ مڃيل آهي ته ٻولين جو هرڪو ڪارج هڪ سماجي ڪارج آهي، پر جدا جدا سماجن جون تقاضائون، اخلاقي قدر، معيار، سياسي ۽ سماجي رجحان ۽ ادبي مقصد ۽ لاڙا جدا جدا ٿين ٿا. ان ڪري هر سماج جي ٻوليءَ جو ڪردار به نرالو ۽ جدا جدا ٿئي ٿو. ان ڪري اسان جي سامهون به سوال رڳو اهو آهي ته سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج ڪهڙو آهي. ٻين لفظن ۾ هيءَ تحقيق انهيءَ مقصد تحت ٿي رهي اهي ته اسان معلوم ڪريون ته سنڌي ٻوليءَ جي اڀياس مان اسان پنهنجي سماج جي نفسيات، معاش، اقتصاد، سياست، تاريخ، حياتيات، مذهبي عقيدي ۽ ڏاهپ جي باري ۾ ڪهڙو رايو قائم ڪري ٿا سگهون. سماجي لسانيات جي مڃيل اُصولن مطابق هن قسم جو اڀياس اهو آهي جنهن کي بياني سماجي لسانيات (Descriptive Socio-linguistics) ٿو چئجي.“
۸- هن طرح هيءَ تحقيق انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي هڪ ڪوشش آهي ته:
(۱) سنڌي سماج جي اڀياس ڪرڻ ۾ هڪ طريقو ڳولي لهجي.
(۲) اهو معلوم ڪجي ته سنڌي سماج، سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ڪلچر جو پاڻ ۾ ڪهڙو سٻنڌ آهي.
(۳) اهو معلوم ڪجي ته سنڌي ٻولي، پنهنجي ادب جي معرفت اهڙو ڪهڙو سماجي ڪردار ادا ڪري رهي آهي، (۴) جنهن مان خود سنڌي سماج جي مزاج ۽ مسئلن جو اڀياس ڪري ٿو سگهجي.
(۵) عام رواجي سنڌي ٻوليءَ جو اهو ڪهڙو طريقو آهي، جنهن مان اسان جي سماج جي ڪن اهم اظهارن جي (۶) پورائي ٿئي ٿي، ۽ ٻولي اها ضرورت ڪهڙيءَ ريت پوري ڪري رهي آهي؟
(۶) ٻوليءَ جي وڏي مفهوم جي خيال کان سنڌي سماج ۾ اشارن جي ٻوليائي حيثيت ڪهڙي آهي ۽ انهن جو سماجي ڪردار ۽ ڪارج ڪهڙو آهي.
(۷) ”علم معنيٰ“ ۽ ”علم علامت“ جي خيال کان سنڌي ٻوليءَ جي اڀياس ڪرڻ مان اسان کي ڇا ٿو معلوم ٿئي، ۽ ان اڀياس مان اسان جي سماج جا ڪهڙا پهلو روشن ٿين ٿا، ۽
سنڌي  ٻوليءَ ۾ معنيٰ جون ابتدائي صورتون ڪهڙيون آهن.“
هاڻي اندازو لڳائي سگهجي ته ٿو ته ڊاڪٽر ٻوهيي جيڪو ”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج“ جي موضوع تي تحقيقي ڪم هٿ ۾ کنيو هو، ان جو فڪري تناظر ڪيڏو نه وسيع هو ۽ هن ٻوليءَ جي سماجي ڪردار ۽ ڪارج کي اُجاگر ڪري دراصل ڇا ٿي واضح ۽ ثابت ڪرڻ گهريو. سڀ کان وڏي اهم ڳالهه ته هن وٽ تحقيق جو تصور ڪيڏو نه وسيع، سنجيده ۽ تخليق هو. نه رڳو اهو پر تحقيق جي ميدان ۾ به هو اڪيلو شخص آهي، جنهن جديد سائنسي معيارن موجب تحقيق جي علم ۽ طريقه ڪار (Methodology) کي واضح ڪيو ۽ ”علمِ تحقيق“ نالي هڪ الڳ ڪتاب لکيو. ڊاڪٽر ٻوهيي جي اها خوبي هئي جو هو جنهن به موضوع جي بنيادي اهميت کي سمجهندو هو يا ان تي لکندو هو ته سڀ کان پهرين ان جي علمي بنيادن کي واضح ڪندو هو ۽ اهو ئي هڪ سچي اسڪالر جو ڪم آهي ته اهو جنهن به شعبي ۾ مهارت رکي ۽ ان کي سماج لاءِ ڪارائتو سمجهي. اُن حوالي سان پنهنجي ٻوليءَ، ادب توڙي سماج کي هڪڙا بنياد به فراهم ڪري.
ڊاڪٽر ٻوهيي پنهنجي هڪ انٽرويوءَ ۾ پاڻ بابت چيو هو ته: ”مان هڪ مشڪل پسند ماڻهو رهيو آهيان.“ منهنجي يال ۾ هن جي علمي ڪاميابين جو سڄو راز ان هڪ جملي ۾ اچي وڃي ٿو. دنيا جي وڏن ماڻهن جون آتم ڪٿائون پڙهڻ منهنجو من پسند موضوع رهيو آهي ۽ مون ڄاتو آهي ته زندگيءَ جي سمورن شعبن ۾ وڏا ڪارناما اُنهن ماڻهن پئي سرانجام ڏنا آهن، جيڪي هميشه مشڪل پسند رهيا آهن، سهل پسند ماڻهو ذهني طور ڪمزور هوندا آهن. سهل پسنديءَ مان منهنجي مُراد جسماني نه پر ذهني ۽ روحاني سهل پسندي آهي. مشڪل پسند ماڻهو بهادر هوندا آهن ۽ ذهني طرح بهادر ماڻهو ئي وڏا ۽ غير معمولي ڪم ڪري سگهندا آهن. ڊاڪٽر ٻوهيو به ذهني طرح هڪ بهادر ۽ مشڪل پسند ماڻهو هو. علم جي اخلاقيات ۽ قدرن جي نظام (System of Values) ۾ بهادريءَ جا تصور اُهي ناهن جيڪي اسان جي مروج سطحي ۽ پست سماجي نظام جا مقرر ۽ متعين ڪيل آهن. سنڌي سماج ۾ وڏن ماڻهن جي پرک جي باري ۾ به اسان کي پنهنجا روايتي قدر ۽ ماپا تبديل ڪرڻا پوندا. ٻوهيو صاحب ڇاڪاڻ ته طبعن هڪ مشڪل پسند ۽ ذهني طرح بيحد پختو ۽ وڏو ماڻهو هو، اُن ڪري هن ادب جي ميدان ۾ به پنهنجو بنيادي موضوع تحقيق ۽ تنقيد کي بڻايو. اها ٻي ڳالهه آهي ته هو نه رڳو هڪ تخليقڪار هو پر تنقيد ۽ تحقيقي ۾ به هو هڪ تخليقي نقاد ۽ محقق رهيو. تلخيقيت جا معيار ۽ تصور اسان وٽ ڏاڍا سطحي ۽ پس مانده رهيا آهن. اسان وٽ عام طور تخليقيت کي ادب جي مخصوص صنفن سان مشروط ڪيو ويندو آهي. جڏهن ته حقيقت ۾ تخليقيت فقط صنف ۽ فارم جو نه پر Content جو سوال آهي. انسان جي تهذيبي ۽ ذهني اؤسر جي تاريخ ۾ قدرن، تصورن ۽ تفڪر جي تخليق کي سڀ کان اُتم ۽ مٿانهون درجو ڏنو ويندو آهي، پوءِ چاهي ان جو اظهار ڪهڙي به صنف ۽ فارم ۾ ٿئي. ادب ۾ به گِهرائي،وُسعت ۽ حُسناڪي تڏهن ٿي اچي، جڏهن ان جا ڪي علمي، فڪري ۽ گِهرا احساساتي بنياد هوندا. ڊاڪٽر ٻوهيو ڇاڪاڻ ته هڪ سوشل سائنٽسٽ ۽ دانشور اديب هو، ان ڪري هن سمجهيو ٿي ته جيسين دنيا جي سمورن فڪري ڌارائن کي سنڌي ادب ۾ In-roads (اچڻ جا لنگهه) نه ڏبا ۽ سنڌي ادب کي  فڪري طرح دنيا جو سجاڳ ۽ فلسفياڻو شعور رکندڙ ادب نه بڻائبو، تيسين سان جو ادب پنهنجي سماج لاءِ ڪنهن به وڏي تبديليءَ ۽ رهبريءَ جو سببر نه بڻبو. ”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج“ جي موضوع تي هن جي ريسرچ جو مُحرڪ به اِهو هو. تنقيد جي ميدان ۾ به هن جي ڪم جو مُحرڪ ساڳيو هو. ا ڄوڪي اُسريل دنيا ۾ علم جي هر شعبي جي درجه بندي بنيادي طور ٻن شعبن ۾ ڪئي ويندي آهي، يعني هڪ ان جو خالص نظرياتي يا علمي پاسو (Theoretical) ۽ ٻيو ان جو اطلاقي يا عملي (Applied) پاسو. اهڙيءَ طرح تنقيد کي به هاڻي ٻين Disciplines وانگر ساڳين ٻن حصن ۾ ورهايو وڃي ٿو ۽ اُهي آهن:
۱. علمِ تنقيد
۲. فن تنقيد
اهڙيءَ طرح پهرين موضوع جو تعلق تنقيد جي علمي يا نظرياتي پاسي سان آهي، جنهن جو ڪم تنقيد ڪرڻ جي علم، ان جي نظام ۽ اُصولن کي واضح ڪرڻ آهي. جڏهن ته ٻئي موضوع جو تعلق تنقيد جي اطلاقي پاسي سان آهي، جنهن جو مطلب آهي ته علمِ تنقيد جي اُصول جي بنياد تي تنقيد ڪرڻ جي فن کي واضح ڪرڻ يا خود، تنقيد ڪرڻ. ڊاڪٽر ٻوهيي گهڻو ڌيان تنقيد جي علمي ۽ نظرياتي پاسي تي ڏنو. ان جو سبب هيءُ به ٿي سگهي ٿو، جو هن کان اڳ جيتوڻيڪ تنقيد ڪئي ته ويندي هئي ۽ سٺ جي ڏهاڪي ۾ ”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رُجحانات“ (مولانا گرامي) توڙي ”انڌا اونڌا ويڄ“) رسول بخش پليجو) جهڙا شاهڪار تنقيدي مقالا لکجي چڪا هئا پر ادب ۾ تنقيد جو ڊسيپلين پوريءَ طرح واضح نه هو ته ان جا ڪهڙا اُصول آهن ۽ دنيا ۾ تنقيد بابت گهڻا نظريا- سامهون اچي چڪا آهن؟ تنقيد جي علم ۽ فن ۾ ڪهڙو فرق آهي ۽ اهي ٻئي شعبا هڪ ئي شعبي جون ڌارائون هئڻ باوجود الڳ الڳ شعبا ڪيئن آهن؟ ڇاڪاڻ ته قبلِ مسيح جي يوناني مفڪر ارسطوءَ کان وٺي ويندي ٽين صدي عيسويءَ جي لانجائينس تائين ۽ طلپ سڊنيءَ کان وٺي ويندي ڊرائيڊن ۽ ڊاڪٽر جانسن تائين، ورڊس ورٿ، ڪولرج، ڪارل مارڪس، ميٿيو آرنالڊ، ارزاپائونڊ ۽ آءِ اي رچرڊس کان وٺي ويندي ويهين صديءَ جي ٽي ايس ايليٽ ۽ ولاديمير ايلچ لينن تائين تنقيد جي علم ۽ فن، ادب ۽ فلسفي جي دنيائن ۾ وڏو سفر طئي ڪيو آهي.
ڊاڪٽر ٻوهيي جو اهو پختو خيال هو ته جيستائين علم، فن ۽ فڪر جي ان سڄي سفر کي سنڌ ۾ متعارف نه ٿو ڪرايو وڃي، تيسين سنڌي ادب ۾ ا ُها وسعت نه ايندي، جيڪا نه رڳو اسان جي عوام جي رهبري ڪري پر سنڌ کي ايندڙ زمانن ڏانهن به چيچ کان وٺي جهلي اڳتي وٺي وڃي سگهي. اِهي ئي آدرش هئا، جيڪي ساڻ کڻي ڊاڪٽر ٻوهيي سنڌي ادب ۾ تنقيد کي هڪ علمي شعبي طور اڳتي آندو ۽ اُن ۾ وڏو ڪم ڪيو. هن جو ڪتاب ”تنقيدون“ (انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي طرفان شايع ٿيل) ان حوالي سان هڪ اهم ڪتاب آهي، جنهن ۾ هن نه رڳو تنقيد جي علم ۽ فن جي تاريخ تي لکيو آهي پر ادب جي نظرياتي، اخلاقياتي، مذهبي، نفسياتي، جمالياتي، سماجياتي، افادياتي، عملي، داخلي ۽ ”نئين تنقيد“ جهڙن موضوعن تي ڌار ڌار ۽ تقابلي انداز سان لکي ”علمِ تنقيد“ جي لڳ ڀڳ سمورين ڌارائن کي واضح ڪيو ته ادب جو تنقيدي اڀياس ايترن گهڻن رُخن کان به ڪري سگهجي ٿو، جنهن مان اِها ڳالهه به ثابت ٿئي ٿي ته ادب تي ايترن گهڻن رُخن کان تڏهن ئي تنقيد ٿي سگهجي ٿي، جڏهن ان جي موضوعن جو دائرو به ايترو وسيع ۽ همه گير هجي.
افسوس جو اڃا تائين اسان جي ڪنهن به اديب ۽ نقاد ”علمِ تنقيد“ جي انهن سمورن نظرين کي سامهون رکي سنڌي ادب جو وسيع مطالعو پيش نه ڪيو آهي. ٻيو ته ٺهيو پر سنڌي ادب جي ڪا معياري تاريخ اڄ تائين لکي نه وئي آهي، جي ڪا مختصر تاريخ لکي به وئي آهي ته اُها به محض نصابي سطح جي. ان جو سبب به منهنجي خيال ۾ اهو آهي ته ڪابه تاريخ لکڻ اڄوڪي دؤر ۾ خود هڪ ”نظامِ علم“ آهي، جنهن کي غلمِ تاريخ“ به چئجي ٿو، يعني تاريخ لکڻ جو علم ۽ اُن جا اُصول. جڏهن ادبي تاريخ لکڻ جا بنيادي اُصول ئي واضح نه هوندا ته ڪا معياري تاريخ ڪيئن لکبي؟ ڊاڪٽر ٻوهيو پهريون عالم ۽ اديب هو، جنهن ”سنڌي ادبي تاريخ لکڻ جا اُصول“، ”سنڌي ادب جي تاريخ ۽ ان جا مسئلا“ ۽ ”تاريخي واقعيت جو نظريو“ جهڙا مضمون ۽ مقالا لکي واضح ڪيو ته ڪا معياري ادبي تاريخ لکڻ جا اُصول ۽ معيار ڪهڙا آهن؟ اهڙيءَ طرح اسان وٽ ادب ۾ خاص طور شاعريءَ جي پرک جا معيار به واضح نه رهيا آهن ۽ اهو ڪم به سنڌي ادب ۾ ڊاڪٽر ٻوهيي ڪيو. هن ”شعر جي اڀياس جا نوان طريقا“ جي عنوان سان هڪ شاهڪار مقالو لکي واضح ڪيو ته عظيم شاعري توڙي عمومي شاعريءَ جو اڀياس ڪيئن ڪجي؟ عمرانياتي، تاريخي، فطري ۽ فڪري پس منظر، ڪرداريت، قدرن، تصورن ۽ ٻوليءَ جي نسبت سان لکيل اهو عالماڻو مقالو شعر ۽ ادب جي اڀياس لاءِ نوان گَسَ ۽ اُصول متعين ڪري ٿو. ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو لکيل ڪتاب ”شاهه لطيف جي شاعري“ دراصل انهن ئي Outlines تي لکيل اڀياسي ڪتاب آهي ۽ ايئن ئي ڪو اديب يا نقاد شيخ اياز بابت لکي ته اياز جي شاعريءَ جي صحيح ۽ معياري ڇنڊ ڇاڻ ۽ مطالعو سامهون اچي سگهي ٿو. ان ڏس ۾ ابتدائي قدم مرحوم امير علي چانڊيو کڻي چڪو آهي.
ڪنهن زماني ۾ ادب کي به علم سمجهيو ويندو هو ۽ اهڙيءَ طرح علم کي به ادب جي زمري ۾ آندو ويندو هو، جيئن عام طور ”علم ادب“ جو اصطلاح استعمال ڪيو ويندو آهي پر ڇاڪاڻ ته هيءُ درجه بنديءَ جو دؤر آهي، اُن ڪري هر شعبي کي پنهنجي مزاج جي حساب سان الڳ الڳ درجابنديءَ ۾ ورهايو وڃي ٿو. اڄ دنيا جا سمورا عالم، علم ۽ ادب کي ٻه ڌار ڌار شعبا تسليم ڪن ٿا، پر هڪڙي ڳالهه تي سڀ متفق آهن، ته علم ۽ ادب جو پاڻ ۾ تعلق ايئن آهي جيئن دماغ جو ڏاهپ سان. فلسفي ۾ نظريه علم (Epistemology – Theory of  Knowledge) جا شاگرد ڄاڻن ٿا ته پهرين تصور وجود ۾ اچن ٿا ۽ اُهي بلوغت تي پهچي ڪنهن فڪر يا نظريي جو روپ وٺن ٿا ۽ جڏهن خود اهو فڪر اُسري ڪو نظامِ فڪر (System of Thought) بڻجي ٿو ته اهو علم بڻجيو پوي ۽ جيڪڏهن ان علم جا بنياد خالص عقلي ۽ تجرباتي آهن ته ان کي ”سائنسي علم“ چيو وڃي ٿو. ان ڪري نه رڳو ادب، شاعري ۽ ٻيا فائن آرٽس پر خود سائنس، فلسفي بلڪه سموري انساني تهذيب جو بنياد اِهي تصور، فڪر ۽ علم آهن. سماجيات جي خيال کان اها ڳالهه پرکبي تڏهن به معلوم ٿيندو ته ڪوبه سماج تيسين سُڌري ۽ اُسري نه ٿو سگهي، جيسين اُتي غير معمولي تصورن، تفڪر ۽ علم جو ظهور نه ٿو ٿئي ۽ اها ئي ڳالهه ادب سان به لاڳو آهي. عظيم ادب جي بنيادن ۾ عظيم تصور ۽ فڪر ئي هجي ٿو. يورپ ۾ سورهين صديءَ ۾ مذهبي ميدان ۾ فڪري اصلاحات (Reformation) جو آغاز نه ٿئي ها ۽ لڳاتار ٽي صديون نئين سجاڳيءَ جون تحريڪون نه اُڀرن ها ۽ گڏوگڏ علم جي مختلف ميدانن ۾ ترقي نه ٿيندي رهي ها ته يورپي سماج ”اونداهي دؤر“ (Dark Age) مان نه نڪري سگهي ها ۽ اڄ ادب، فن، توڙي سائنسي علم جي ميدانن ۾ هن اؤج کي رسيل نه هجي ها، پر ان سڄي لقاءَ تي نظر وجهبي ته معلوم ٿيندو ته اتي پهرين تفڪر ۽ علم آيو ۽ پوءِ ئي ادب ۾ اُها سگهه پيدا ٿي، جو اهو تاريخ جون ڌارائون تبديل ڪري سگهيو. سنڌ ۾  اِها گهرج محمد ابراهيم جويي، رسول بخش پليجي ۽ ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي جهڙن ماڻهن شدت سان محسوس ڪئي. ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي جو ڪتاب ”ادب جا فڪري مُحرڪ“ ان ئي سلسلي جي هڪ اهم وِکَ آهي. جنهن جو مقصد به اهو ئي هو ته سنڌي ادب ۽ سنڌي سماج کي روايتي محدود دائري ۽ ذهني ويڳاڻپ (Intellectual Isolation) مان ڪڍي علم ۽ تفڪر جي عالمي ميدان تي وٺي اچجي. هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر ٻوهيي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ادب- سماج يا ان جي سمورن شعبن جي فڪري ڌارائن کان ڪٽيل يا ڪو بنهه الڳ وجود نه ٿو رکي پر اهو به پنهنجي ڪُليت (Totality) ۾ انسان جي سمورن ذهني وسيلن سان وابسته ۽ سلهاڙيل آهي ۽ ان جا اثر به لازمي طور قبول ڪري ٿو. اها ڳالهه سمجهائڻ لاءِ هو اسان کي ادب ۽ تفڪر جي سموري تاريخ جي گهِٽين ۾ وٺي ويو آهي ۽ مثالن سان ثابت ڪري ڏيکاريو اٿس ته سنجيده ۽ معياري ادب جا فڪري محرڪ هوندا آهن. جيئن وِل ڊيورانٽ چيو هو ته:
"Without Science Philosophy is Impotent"
(سائنس کانسواءِ فلسفو خصي آهي).
تيئن ٻوهيي صحب جي هن ڪتاب جي نتيجي طور به چئي سگهجي ٿو ته:
"Without Intellectual dynamics, Literature is Impotent" 
(فڪري محرڪن کانسواءِ ادب خصي آهي).
هن ڪتاب ۾ ٻوهيي صاحب ٻُڌايو آهي ته يوناني شاعر هومر، آڪسلائيلس، سوفوڪلس، يورپيڊس ۽ سافو کان وٺي ويندي برهمڻن جي ويدن، گوتم ٻُڌ جي مذهبي صحيفن، ڪنفيوشس، ذرتشت، قرآن شريف، روم ۽ مشرق جي عظيم ادبي شاهڪارن تائين، دنيا جو اصلوڪو عظيم ادب دراصل پنهنجي پنهنجي دؤر جي اعليٰ شعور ۽ فڪر جي پيداوار هو. ويندي جديد دؤر ۾ ڊارون ۽ ميڪڊوگل جي حياتياتي فڪر کان وٺي هيگل جي عقلِ سليم ۽ حقيقت پسندي، روسو جي ”سماجي عهدنامي“ ۽ مارڪس جي جدلياتي ۽ تاريخي ماديت ۽ سارتر جي وجوديت جي فلسفي، ادب تي غير معمولي اثر مرتب ڪيا آهن ۽ دنيا جو ڪوبه ادب پنهنجي هم عصر فڪري نظامن ۽ محرڪن کان لاتعلق رهي نٿو سگهي.
هاڻي  ٻوهيي صاحب جي ان سڄي پورهيي جو تخليقي نتيجو تڏهن نڪرندو، جڏهن ادب جي فڪري محرڪن جي تاريخ ۽ روشنيءَ ۾ ڪلاسيڪي توڙي جديد سنڌي ادب جو مطالعو ڪيو ويندو. جيتوڻيڪ اهو هڪ وڏو ڪم اهي، پر ان کانسواءِ نه ته اسان پنهنجي ادب جو صحيح اڀياس ڪري سگهنداسون ۽ نه ئي وري سنڌي ادب کي مستقبل جي حوالي سان نوان تخليقي گَسَ ۽ بنياد ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿينداسون.

(۸ آڪٽوبر ۱۹۹۷ع تي سنڌ ايجوڪيشن ٽرسٽ (SET) طرفان ڊاڪٽر ٻوهيي متعلق سائين محمد ابراهيم جويي جي صدارت ۾ ڪوٺايل ريفرنس ۾ ڏنل ليڪچر، جيڪو ماهوار سالار، نومبر – ڊسمبر ۱۹۹۸ع ۾ شايع ٿيو.)



ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو
 رحيم منگي
ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو مشهور دانشور، محقق، عالم ٻوليءَ جو ماهر، نقاد، ڪهاڻيڪار، شاعر، ماهر عمرانيات، تعليمي ماهر ۽ تعليم کاتي جو آفيسر ٿي گذريو آهي. ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو ۸ آگسٽ ۱۹۳۴ع تي تعلقي قمبر جي ڳوٺ گهاگهري ۾ ڄائو سندس والد جو نالو محمد علي ٻوهيو هو جيڪو هارپو ڪندو هو. سندس ماءُ ننڍپڻ ۾ گذاري وئي هئي، کيس ڏاڏي پاليو. ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو پرائمري تعليم ڳوٺ ”پيچوهن“ ۾ پرائي. مئٽرڪ ۱۹۵۳ع ۾ لاڙڪاڻي مان پاس ڪئي ۽ انٽر سروري ڪاليج هالا مان ڪئي. هن انگلش ۾ ايم اي ڪئي ۽ ايل ايل بي به ڪيائين. لاهور بورڊ آف ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن لائلپور ڪاليج مان (پي ٽي سي) برابر امتحان پاس ڪيو، جڏهن ته پي ايڇ ڊي ۱۹۷۷ع ۾ ڄامشورو مان سنڌي ٻولي جي سماجي ڪارج جي موضوع تي ڪئي. اهو موضوع سڄي ايشيا ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون ڪم هو.
۱۹۷۷ع تائين ايشيا کنڊ جي ڪنهن به ٻولي بابت ان حوالي سان تحقيقي ڪم نه ٿيو هو. ڊاڪٽر ٻوهئي نوڪري ۱۹۵۷ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي کان شروع ڪئي. هن نوڪري به ڪئي ۽ تعليم به جاري رکيائين ۽ بعد ۾ ڊائريڪٽر اسڪولس لاڙڪاڻو به ٿيو. ڊاڪٽر ٻوهئي لکڻ جي شروعات ۱۹۵۰ع ڌاري ڪئي.
سندس پهريون نظم هاري حقدار اخبار ۾ ڇپيو. کيس تقرير جو به شوق هيو.
هن ڊراما به لکيا، جيڪي لاڙڪاڻي جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پيش ڪيا ويا. سندس ڪجهه ڊرامن جا نالا هي آهن؛ نوري ڄام تماچي، امرتا، ڳورهين جو قرض ۽ صبح نه ٿي سگهندو.
هن ڪهاڻيون به لکيون جن ۾؛ اسان جا روح ڪٿي آهن، منهنجو قلم مري ويو آهي ۽ ميراثين جي گهرن کي باهه لڳي، مشهور ٿيون.
هن لوڪ ڪهاڻيون به لکيون جن ۾؛ ڪينجهر ڪيئن ٿي ڳالهائي، مصنف شاهه ۽ وڪيل ۽ جواني جو موت نمايان آهن.
هن ڪيترا ئي مضمون به لکيا جن ۾؛ شعر جي اڀياس جا نوان طريقا، سنڌ ۾ ڏوهن جو سماجي پسمنظر ۽ جمهوريت جي وات ۾، مشهور آهن.
ڊاڪٽر ٻوهيو سنڌ ريسرچ ڪائونسل جو سيڪريٽري پڻ ٿيو. هن جا ڪجهه ڪتاب ڇپيل آهن. سنڌي ٻولي جو سماجي ڪارج ۱۹۷۸ع، تنقيدون۱۹۸۰ع، ادب جا فڪري محرڪ ۱۹۸۴، علم تحقيق ۱۹۹۰ع، ٻوهئي جون تحريرون (۱۹۹۴ع مرتب ناز سنائي) ٻوهئي صاحب جو هڪ ڪتاب ٽيلس ري ٽولڊ ۱۹۹۰ع ۾ انگريزي ۾ ڇپيو. هن املهه ماڻهو جي وفات دل جي دؤري سبب ۱۹۹۴ع ۾ ٿي.



ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو
سنڌي ادب جي ڄاڻو، محقق، تخليقار ۽ نقاد جي ۱۶ جولاءِ تي ورسي.
قدير شيخ
ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو مشهور اديب، نقاد، دانشور، تعليمدان ۽ ماهر لسانيات هو. تنقيد ۽ لسانيات جي ميدان ۾ مثالي خدمتن جي حوالي سان سڃاتو وڃي ٿو. سندس شخصيت ۾ سنجيدگي ۽ وقار نمايان نظر ايندو هو. تعليم کاتي ۾ مختلف عهدن تي رهي، آخر ڊائريڪٽر ايڄوڪيشن جي عهدي تي پهتو. پنهنجي پوري ڄمار علم ادب جي واڌاري لاءِ وقف ڪيائين. ”تحقيق“ سندس پسنديده موضوع رهيو. ۱۹۷۷ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ورتائين، سندس گائيڊ ڊاڪٽر غلام علي الانا هو. پي. ايڇ. ڊيءَ لاءِ سندس مقالي جو عنوان هو ”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج“ هيءُ مقالو سنڌالاجيءَ طرفان سال ۱۹۸۷ع ۾ ڇپرايو ويو آهي. سنڌ ۾ سماجي لسانيات جي موضوع تي هي پهريون پي ايڇ. ڊي هو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ’-تنقيدون-‘ (۱۹۸۰ع)، ’ادب جا فڪري محرڪ‘ (۱۹۸۴ع) ۽ ’علم تحقيق‘ (۱۹۹۰ع) اهم آهن. جڏهن ته سندس اڪيچار مضمون، مقالا ۽ ڪالم مشهور رسالن ٽه ماهي ’مهراڻ‘، ’نئين زندگي‘، ’ساڃاهه‘، ’پارس‘، ’باک‘ ۽ اخبارن ۾ ڇپيل آهن. سندس تحريرن تي مشتمل هڪ ڪتاب ”ٻوهيي جون تحريرون“ سنڌي ساهت گهر حيدرآباد پاران ڇپايو ويو آهي. تازو ٻوليءَ تي سندس مقالن جو ڪتاب سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران ۲۰۰۸ع ۾ ڇپايو ويو آهي، جيڪو آزاد انور ڪانڌڙي ترتيب ڏنو آهي. پاڻ ۱۶ جولاءِ ۱۹۹۴ع تي ٽنڊي آدم ۾ هڪ تعليمي سيمينار ۾ خطاب ڪندي، دل جي دوري پوڻ سبب وفات ڪري ويو..







ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو
ڊاڪٽر فيض جوڻيجو
سنڌي ادب ۾، خاص ڪري تنقيدي ۽ فڪري ادب ۾ محترم الهداد ٻوهيي جو مقام الڳ ۽ نرالو آهي ٻوهيي صاحب جيڪو ادب ٻولي جي سماجي ڪارج ۽ تنقيد جي حوالي سان لکيو آهي ان جي اهميت ۽ ماهيت پنهنجي جاءِ تي مٿانهين آهي پر هتي ان متعلق بحث نه ڪيو ويندو ڇاڪاڻ ته اهو موضوع جي حوالي سان اسان جي موضع کان ڪٽيل آهي نتيجي طور هتي اسين سندس ان خيالن طرف اچئون ٿا، جيڪي اسان جي موضع سان وابسطه آهن حقيقت اها آهي ته ٻوهيو صاحب جون تحريرون ڪافي پيچيدهه آهن ۽ هو انهن ۾ پنهنجي نظريئي کي/راءِ کي شامل ڪندو رهي ٿو. هي شخص ادب کي فڪشن جي قيد ۾ نه ٿو ڏسي پر هو ادب جي سرجڻ جي سماجي ڪار تي گهري نظر وجهي ٿو بقول سندس ته ’’ادب هڪ سوچيندڙسماج جي سوچ جي بنيادن تي قائم ٿئي ٿو ۽ اديب ان سوچيندڙ سماج جي زبان جيان سماج جي سوچ جو اظهار ڪري ٿو، ادب ان اظهار جو نالو آهي جيڪو هڪ سوچيندڙ سماج جي سوچ جي پئداوار آهي‘‘ (۱) اهڙي طرح ٻوهيو صاحب، مارڪسي فڪر / طبقاتي فڪر لاءِ جيڪا راءِ قائم ڪري ٿو يا پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري ٿو ان ۾ لفظن جي هير ڦير ڪرڻ بجاءِ چٽي ۽ کري راءِ ڏئي ٿوجنهن مان اهو پڻ ظاهر ٿئي ٿو ته هن شخص، مارڪس، اينگلس ۽ لينن جو سٺو مطالعو ڪيل آهي. ٻوهيو صاحب جيڪا مارڪس لاءِ راءِ قائم ڪري ٿو ان جو اظهار هن ريت ڪري ٿو ’’مارڪس کي انسان ذات جو اهو پهريون فرد سمجهيو ويو جنهن نه پاڻ کي خدا سڏايو ۽ نه رسول پر هو انساني معاملات ۾ تمام وڏن رهبرن ۽ سڌارڪن جيان شريڪ ٿي ويو ۽ پنهنجي ننڍڙي گروهه جي مدد سان وڏيون وڏيون ۽ طاقتور حڪومتون قائم ڪري سگهيو هيءَ ڳالهه مارڪس کان اڳ ۾ ڪنهن به پيغمبر يا سڌارڪ ڏانهن منسوب ٿي نه سگهي هئي‘‘(۲)
ٻوهيو صاحب جو خيال آهي ته سماجي ۽ معاشي تحريڪن جي بدولت جيڪي خيال سرجن ٿا ادب انهن کان نه صرف متاثر ٿئي ٿو بلڪ نون خيالن جي ڪري ادب ۾ ارتقا ٿئي ٿي جيئن ته مارڪس جو فڪر سوشل سائنس ۽ سياسي معاشيات تي ٻڌل هو ساڳي وقت هي فڪر هڪ تحريڪ جي صورت ۾ پوري دنيا جي ادب، فن ۽ فڪر کي متاثر ڪندو رهيو مارڪس ۽ اينگلس جي لکتن لاءِ ٻوهي صاحب جي راءِ آهي ته ’’هو نه ولي ها ۽ نه شيطان، هنن جون تحريرون نه خدائي پيغامن جهڙيون آهن ۽ نه شيطاني هدايتن جهڙيون. انهن جي تحريرن ۾ اهو اقتصادي علم آهي جنهن انسان ذات جي اقتصادي لاڳاپن ۽ اقتصادي حالتن کي بهتر طريقي سان سمجهايو ويو آهي‘‘.(۳)
ٻوهيو صاحب طبقاتي فڪر کان متاثر ٿي ان لاءِ تمام سٺي راءِ جو اظهار ڪيو آهي ۽ اهو به ان دؤر ۾ (۱۹۸۴) جڏهن سنڌ ۽ سنڌي ادب تي ڪڙي نظر رکي ويندي هئي پر هتي جيڪا اسان ڳالهه محسوس ڪئي آهي سا اها ته ٻوهيو صاحب تفصيل ۾ وڃڻ کان ڪيٻائي ٿو ۽ مارڪسي فڪر کي/طبقاتي فڪر کي عوامي انداز ۾ سمجهائڻ بجاءِ دانشورانه راءِ جو اظهار ڪري ٿو جنهن ۾ تعريف جو عنصر وڌيڪ آهي ٻوهيي صاحب جو خيال آهي ته ’’هيگل جي فڪر جو روح اهو ئي آهي جيڪو مارڪس وٽ محض مادو آهي پر تضادم جي حد تائين هيگل ۽ مارڪس ۾ ڪو وڏو فرق ڪونهي ان ڪري مارڪس جي اڀياس ڪرڻ وارن جي لاءِ هيگل جو اڀياس ضروري ڪرڻ گهرجي ٻنهي جي وچ ۾ اختلاف اهو آهي ته مارڪس جدليات کي مستقبل جي لاءِ ضروري ٿو سمجهي ۽ سائنسي طور اڳ ڪٿي به ڪري ٿو سگهي پر هيگل اها ڳالهه جيڪر قبول نه ڪري ها ته خيال کان سواءِ ٻئي به ڪا متحرڪ قوت تبديل جو سبب بڻجي ٿي سگهي‘‘. (۴) الهداد صاحب جو خيال پنهنجي جاءِ تي اهميت رکي ٿو پر اسين ساڻس اختلاف رکون ٿا ڇاڪاڻ ته هيگل ۽ مارڪس جي فڪر ۾ جيڪو تمام ٿورو فرق ٻوهيو صاحب محسوس ڪري ٿو اهو پنهنجي جوهر ۾ تمام وسيع آهي. هيگل جو فڪر خيال کان شروع ٿئي ٿو ۽ ’’حقيقي روح‘‘ ۾ پناهه وٺي ٿو جڏهن ته مارڪس جو فڪر وجود (مادو) ۽ جدليات جي ڳالهه ڪري ٿو بهرحال ٻوهيو صاحب کي اهو حق حاصل آهي ته هو پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري .
طبقاتي فڪر جو ادب ۽ ادبي تنقيد لاءِ مخصوص نظريو آهي ٻوهيو صاحب سوشلسٽ فڪر جي ان ادبي تنقيد واري نظرئي کي پڻ سنڌي ادب جي تنقيد واري حصي ۾ پيش ڪيو جن اديبن سوشلسٽ فڪر واري ادبي تنقيد جي واکاڻ ڪئي آهي ٻوهيو صاحب پڻ انهن ۾ شامل آهي ٻوهيو صاحب طبقاتي فڪر متعلق گهڻو ته نه لکيو آهي پر جيڪو لکيو آهي ان مان ظاهر آهي ته هي نه صرف متاثر آهي بلڪ طبقاتي فڪر کي سمجهندي، ان لاءِ پنهنجا وچور رکي ٿو سنڌي ادب ۾ جيڪو طبقاتي ادب سرجيو آهي ان ۾ ٻوهيي صاحب جو سٺو مقام آهي.
حوالا
نمبر مصنف جو نالو ڪتاب جو نالو ادارو جنهن ڇپرايو سن صفحو
۱ ٻوهيو الهداد ڊاڪٽر ادب جا فڪري محرڪ سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت حيدر آباد ۱۹۸۴ ۲۵
۲ ٻوهيو الهداد ڊاڪٽر ادب جا فڪري محرڪ سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت حيدر آباد ۱۹۸۴ ۲۵۰
۳ ٻوهيو الهداد ڊاڪٽر ادب جا فڪري محرڪ سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت حيدر آباد ۱۹۸۴ ۲۳۹
۴ ٻوهيو الهداد ڊاڪٽر ادب جا فڪري محرڪ سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت حيدر آباد ۱۹۸۴ ۲۷۵

ڪتاب جو نالو: طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر




ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو

لياقت راڄپر
لاڙڪاڻي جي سرزمين کي الله تعاليٰ ايڏو ته نوازيو آهي جو ان جي ڪُک مان هزارين اهڙين شخصيتن جنم ورتو آهي، جن جا جنم ڏينهن ۽ ورسيون جيڪڏهن روز به ملهايون وڃن ته سالن جا سال لڳي ويندا، پر اسان ته ايترا احسان فراموش ۽ بي حس ٿي ويا آهيون جو انهن جي جدوجهد ۽ خدمتن کي بلڪل وساري ڇڏيو آهي. اهو عمل ايڏو ته جرم وارو آهي جو اسان کي تاريخ ڪڏهن به معاف نه ڪندي، ڇو جو اسان پنهنجن هيروز کي گمناميءَ ۾ ڌڪي تاريخ جي ورقن کي گم ڪرڻ ٿا چاهيون. دنيا ۾ ماڻهو اهڙين شخصيتن جا ڏينهن ملهائي، انهن تي مضمون لکي پنهنجن موجود ۽ ايندڙ نسلن کي ٻڌائين ٿا ته هنن جا علمي، ادبي، تاريخي ۽ ثقافتي وارث ڪيڏا نه ڪم ڪري ويا ته جيئن انهن جي پويان ايندڙ ان ڪم کي مِشن ٺاهي سنڌ ۽ انهن جي ماڻهن جي رهنمائي ڪن ۽ ڇڏيل ڪمن کي پورو ڪن.
مون کي افسوس آهي جو مان ادب ۽ صحافت جي دنيا ۾ ڏاڍي دير سان پير پاتو ۽ منهنجي ذهن جي پختگي کي گهڻو وقت لڳو پر پوءِ به مان الله جو شڪر گذار آهيان ته مون ۾ همٿ ۽ جذبو پيدا ٿيو آهي ته مان پنهنجن سنڌ جي دانشورن، اسڪارلز، تعليمدانن، سياسي اڳواڻن، ادبي ۽ علمي، محققن ۽ ٻوليءَ جي ماهرن تي ڪجهه لفظ لکي خراج عقيدت ۽ تحسين پيش ڪريان ته جيئن اسان جي نئين ٽهي جا نوجوان ان مان ڪجهه حاصل ڪري ڇڏيل مشن کي اڳتي وڌائين. اهڙي سلسلي ۾ اڄ مان سنڌ جي برک ٻولي جي ماهر ۽ ڪهاڻي نويس ڊاڪٽر الهداد ٻوهئي جي باري ۾ دوستن کي ٻڌايان ۽ ان کي ياد ڪري هن جي روح کي ٻڌايان ته هن جو ڪيل ڪم، محنت ۽ خدمت رائيگان نه وئي آهي، پر اڄ به اسان هن کي ياد ڪريون ٿا، پر اها الڳ ڳالهه آهي ته ان ۾ ڪافي دير ٿي ويئي آهي، پر “It is never too late”.
توهان ٿوري دير لاءِ اهو سوچو ته هڪ ننڍڙو ڳوٺ گوگهارو جيڪو سڳداسي چانورن جي پيداوار ۾ مشهور هيو، جيڪو لاڙڪاڻي ضلعي ۾ آهي، جيڪو هڪ هاريءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو ۽ هر مشڪل سان مقابلو ڪندو ڊائريڪٽر ايجوڪيشن جي عهدي تي پهتو ۽ ان کان وڌ ته هن علم، ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪئي ۽ ان ۾ نواڻ پيدا ڪئي ۽ سائنسي طريقي سان ڪم ڪندي ان کي دنيا جي ترقي يافته ملڪن جي مقابلي ۾ آڻڻ لاءِ ڪم ڪيو.
الهداد ڪنهن وڏيري يا روپئي پئسي واري جي پيداوار نه هيو، هو پنهنجي والد سان گڏ ٻني ٻاري ۾ ڪم ڪندي هن جو هٿ ونڊايو ۽ ان سان گڏ تعليم به جاري رکي، ان دور ۾ جڏهن ڳوٺن ۾ ۽ شهرن ۾ بجلي ڪانه هوندي هئي ۽ هن شخص صبح جو ٻني جي ڪمن ۾ ۽ اسڪول وڃي وقت ڪاٽيو ۽ وري رات جي لالٽين تي ويهي ڪيئي پهر پڙهي علم جي روشنيءَ کي حاصل ڪيو. هن ڪنهن يورپ يا ٻئي ڪنهن ترقي يافته ملڪ يا شهر ۾ تعليم حاصل نه ڪئي، پر ٻاهريون ادب ضرور پڙهيو ته جيئن هن ۾ پختگي پيدا ٿئي. هو ان ڳالهه تي فخر ڪندو هيو ته هو Self-made هيو، ڪنهن جي اڳيان ڪڏهن به هٿ نه ڊگهو ڪيو ته هن جي مالي مدد ڪئي وڃي، پر محنت ڪري سرڪاري اسڪالرشپ جيڪا ان وقت ۱۲ آنا هئي، اها حاصل ڪئي، جنهن منجهان هو پنهنجي پڙهائي به ڪندو هيو ۽ سال ۾ ڪپڙن جا ٻه جوڙا خريد ڪري سڄو سال اهي هلائيندو هيو. هن جو اهو خيال خودداري وارو هيو ته هن جيڪڏهن ڪنهن کان به مالي امداد ورتي ته هو ان جو غلام ٿي ويندو هو ۽ هن کي غلاميءَ کان سخت نفرت هئي.
ٻوهيو صاحب پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ دوران به مال چاريندو هيو ۽ ان لاءِ گاهه پٺو به ڪندو هيو ۽ وقت سر والد سان ٻنيءَ جو ڪم به ڪري وٺندو هيو. هن زندگيءَ جو سڀ تڪليفون سَٺيون، جنهن هن ۾ محنت ۽ جستجو جو جذبو پيدا ڪيو ۽ هن جي شخصيت ۾ مستقل مزاجي ۽ اڳتي وڌڻ جو جذبو پيدا ٿيو، جنهن هن کي منزل جي ويجهو آندو ۽ هن ۾ صبر ۽ دانشمندي پيدا ٿي. سڀني مشڪلاتن ۽ چئلينجن کي منهن ڏيندي اهو سڀ ڪجهه حاصل ڪري ورتو، جنهن سان هن جو ضمير مطمئن ٿيو ۽ هو شاگردن ۽ ماڻهن لاءِ علم ۽ ادب جي دنيا ۾ ترقي ڪرڻ جا رستا ۽ گس ڇڏي ويو. غربت ۽ احساس محرومي هن کي دنيا کان پاسيرو ڪري ڇڏيو ۽ هو تنهائي ۾ ويهي علمي، تحقيقاتي ۽ ادبي ڪم ڪندو هيو. هن ڪڏهن به اهي خدمتون پئسي يا نالي ڪمائڻ لاءِ نه ڪيون، پر اهو ڪري ڏيکاريو ته محنت، جذبو ۽ ڪوشش ڪرڻ سان سڀ ڪجهه حاصل ڪري سگهجي ٿو، ڀلي پئسو نه هجي. محنت اهڙي شئي آهي، جيڪا وقت کي به پنهنجو غلام ٺاهي ڇڏي ٿي.
هن ۸ آگسٽ ۱۹۳۴ع تي ڳوٺ گوگهارو ۾ جنم ورتو ۽ اتان ابتدائي تعليم حاصل ڪئي. مئٽرڪ جو امتحان ۱۹۵۳ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان پاس ڪيو، انٽر جو امتحان هالا ڪاليج مان ڪليئر ڪيو. جڏهن هو پرائمري ٽيچر ٿيو ته هن باقي پنهنجي تعليم پرائيويٽ طور جاري رکي، بي اي ڪئي ۽ پوءِ ايم اي انگريزيءَ ۾ ڪري ايل ايل بي جو امتحان پاس ڪيو ۽ پوءِ پي ايڇ ڊي جي ڊگري سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي. هو هميشه ان ڳالهه تي فخر ڪندو هيو ته هو هاري ۽ هڪ مزدور جو پٽ آهي ۽ هن جي والد جو اهو خواب هيو ته ٻوهيو صاحب پڙهي لکي هڪ وڏو آفيسر ٿئي، پر اهو خواب پورو ٿيڻ کان اڳ ئي هو هي جهان ڇڏي ويو. غريب جو ٻار هيو، ان ڪري هن ۾ ڪڏهن به غرور نه آيو ۽ هو سڀني سان احترام ۽ ادب سان ملندو هيو. هن پنهنجي نوڪريءَ کي مشن طور سمجهيو ۽ نوجوانن ۾ تعليم، ريسرچ ۽ ڪتابن سان محبت وارو شوق پيدا ڪرڻ لاءِ ڪم ڪيو. علم ۽ ادب سان محبت جي ڪري هن جي دوستي ۽ ڪچهريون به اهڙن ماڻهن سان هيون، جيڪي پڻ اهڙن خيالن جا هئا. خاص ڪري عبدالڪريم تراب سان گهڻي اُٿ ويهه هئي، جيڪو انگريزي ٻوليءَ ۾ وڏي ڄاڻ رکندو هيو ۽ هو انگريزيءَ ۾ شاعري ڪندو هيو. ان جي هڪ ٻي خوبي اها هئي ته هو خوش خطي ۾ نمبر ون هيو. سوشل ڪمن ۾ اڳتي اڳتي رهيو. هو هڪ فرض شناس استاد هيو. ٻوهيو جي تراب سان دوستي ڪري هن ۾ به انگريزيءَ سان چاهه وڌيو. ان کان علاوه هن جي دوستي قاضي عبدالغفار سان هئي، جنهن جي ڪري هن ۾ به شاعري ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيو. هن جو پهريون نظم هاري حقدار اخبار ۾ ۵۰-۱۹۴۹ع ۾ پهريون ڀيرو ڇپيو. هي اخبار ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ڪڍندو هيو. ٻوهيو شاعري ۾ پنهنجو تخلص عاصم رکيو هيو. شاعري ڪرڻ وقت هو ۶هين جماعت پڙهندو هو.
هن ڪيتريون ئي ڪهاڻيون سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ لکيون، جنهن ۾ هڪ ڳالهه ٻين کان مختلف اها هوندي هئي ته هو لفظن جي چونڊ ۽ استعمال مختلف ۽ ماحول مطابق هوندو هيو. ڪهاڻين ۾ اها ڳالهه ظاهر ٿيندي هئي ته ان وقت سوسائٽي ڪهڙن مسئلن ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهي آهي. جڏهن ته انگريزي ۾ لکيل ڪهاڻين جي ڪتاب Tales Retold ۾ هن فوڪ ۽ ماڊرن شين کي ملائي هڪ نواڻ پيدا ڪئي. ڪهاڻين ۾ ڪردار ائين هئا ڄڻ ته اهي جيئرا پڙهندڙن جي اکين اڳيان گهمندا ڦرندا نظر ايندا هئا. هن جي لکيل ڪهاڻين هن کي هڪ منفرد رائيٽر ڪري اڳتي آندو. ڪهاڻين جي پلاٽ ۽ ڪردارن ۾ هن سچائيءَ کان ڪم ورتو ۽ ان ۾ خاص ڪري ٻوليءَ جو استعمال سهڻو ۽ اصلي هيو. تحقيقات جي دنيا ۾ جڏهن پير پاتائين ته انگريزي، اردو ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپيل لٽريچر جو مطالعو تمام گهڻو ڪيو، جنهن جي ڪري هو هڪ سٺو نقاد ٿي ڪري اڀريو ۽ هن جيڪا به تنقيد ڪئي، ان جو مقصد اصلاح هئي. لٽريچر پڙهڻ سان هن جي ذهني وسعت تمام وسيع ٿي وئي ۽ هن کي ڪجهه به لکڻ وقت هن ۾ وڏي رواني پيدا ٿي چڪي هئي.
الهداد پنهنجي چوڌاري پڙهيل لکيل ماڻهن جو هڪ اهڙو گروپ پيدا ڪيو، جيڪو تعليم کي عام ڪرڻ، ٻوليءَ جو صحيح استعمال ڪرڻ، ڪتاب پڙهڻ جو رجحان وڌائڻ، صحيح تدريس جو ڪم اڳتي ڪرڻ ۽ پڙهيل لکيل معاشرو قائم ڪرڻ هيو. هن چاهيو ته جيڪڏهن علم جي روشني هوندي ته جهالت جي اونداهه گم ٿي ويندي آهي ۽ پڙهيل لکيل معاشرو علائقي جي ترقيءَ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري سگهندو آهي. هن جي قول ۽ فعل ۾ ڪو به فرق نه هيو ۽ هو جيڪو چوندو هيو، ان تي پهريائين پاڻ عمل ڪندو هيو. هن پنهنجي سڄي زندگي، وقت، ٽيلينٽ، طاقت علم ۽ ادب جي خدمت ڪندي گذاري ڇڏي ۽ ڪڏهن به دولت ۽ اقتدار جو پاسو نه ورتو. هن چيو هو ته ”ناليج از پاور“ جنهن سان توهان ماڻهن جي ذهن ۽ دل تي راڄ ڪري سگهو ٿا ۽ دولت جو نشو ته توهان کي ماڻهن جي محبت کان پري ڪري ڇڏيندو. ان لاءِ سنڌ جي هر ٻار جي هٿ ۾ ڪتاب ۽ قلم هجي، جنهن جي طاقت ان ۾ خدمت جو جذبو پيدا ڪندي.
هن جي زندگيءَ ۾ هڪ وڏو خلا اهو هيو ته ننڍي هوندي ئي هن جي والده جو انتقال ٿي ويو هيو، جنهن ماءُ جي پيار کان هو محروم ٿي ويو، ان وڇوڙي هن جي طبيعت ۾ اڪيلائپ پيدا ڪري ڇڏي. شاگردي واري دور ۾ جيڪڏهن ڪو استاد ڪا غلطي ڪندو هيو ته هو ان جي نشاندهي ڪري ڇڏيندو هيو ۽ ڪڏهن ته ڪي ٽيچر هن کي لڪڻ سان مار به ڏيندا هئا، پر پوءِ به هو پنهنجي ان عادت کان نه مڙيو ۽ چوندو هيو ته جيڪڏهن پڙهائيندڙ غلطيون ڪندو ته شاگرد جاهل پيدا ٿيندا. هن ڪڏهن به ڪنهن کان هڪ پئسو به اوڌر نه ورتي، بک ڪاٽي وقت گذاريو، پر پنهنجي اصولن جو سودو نه ڪيو ۽ پنهنجي حاصل ڪيل محنت واري آمدنيءَ تي ان مقام تي پهتو. هو ان ڳالهه تي فخر ڪندو هيو ته الله هن کي همٿ ڏني، هن محنت ڪئي ۽ ڪڏهن ته هن وٽ پيرن ۾ پائڻ لاءِ جُتي به نه هوندي هئي ۽ هو پيرين اگهاڙو به گهمندو هيو. جڏهن سوسائٽيءَ ۾ ناانصافي ۽ معاشرتي گهٽ وڌائي ڏٺي ته هن فيصلو ڪيو ته هو سماجي ناانصافي تي پي ايڇ ڊي ڪندو ۽ پوءِ ۱۹۷۷ع ۾ هن ڏٺو ته سنڌي ٻوليءَ ڏينهون ڏينهن وڃي پئي پوئتي ٿيندي، ان لاءِ هن پنهنجو موضوع تبديل ڪيو ۽ اهو هيو. “Socio- cultural effect of language” جنهن ۾ هن پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي، جيڪا ان وقت پوري ايشيا ۾ پهريون ڀيرو ان موضوع تي ڪئي وئي هئي . اهو هڪ سٺو اسڪالر ۽ مدبر دانشور هيو، جنهن پنهنجي علمي ۽ تحقيقاتي عمل سان معاشري اندر وڏي تبديلي آڻڻ ٿي چاهي، جيڪا سماجي ڪرپٽ ماحول جي ڪري نه ٿي سگهي. هن جو لکيل ڪتاب Criticism کي ادب ۽ علم جي دنيا ۾ وڏي موٽ ملي ۽ هن هڪ منفرد مقام حاصل ڪيو. هن جيڪي مقالا ۽ مضمون مختلف ٽاپڪس تي لکيا هئا، اهي ڪيترن ئي اهم اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندا رهيا هئا، جن مان هن جي تجربن، مشاهدن ۽ مطالعي جي جهلڪ ظاهر ٿي رهي آهي ته هن جي سوچ جو محور ۽ ڪينواس ڪيڏو نه وسيع ۽ طاقتور هيو. هن جي لکڻين ۾ ظاهر ٿيو آهي ته هو ايندڙ وقت لاءِ پهريائين سوچ رکندو هيو ۽ مستقبل ۾ ايندڙ خدشن کي عام پڙهندڙن تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي، انهن لکڻين ذريعي هن چاهيو ته ماڻهن جي سوچ ۾ انقلاب آڻجي ۽ هو ترقيءَ جي راهه تي اچن ۽ قومي سياست ۾ پنهنجو اهم رول ادا ڪري سنڌ کي خوشحال بڻائڻ ۾ حصو وٺن.
مان ته هميشه حڪومت، ادبي ۽ علمي تنظيمن کي عرض ڪندو رهندو آهيان ته خدارا اسان جون جيڪي شخصيتون هن دنيا ۾ نه رهيون آهن ۽ هو پنهنجو ادبي پورهيو ڪتابن جي صورت ۾ نه آڻي سگهيا آهن، انهن کي سهيڙي ڪتاب ڇپرايا وڃن، انهن کي ياد ڪرڻ ۽ خراج تحسين ڪرڻ لاءِ پروگرام ڪرائين. ماڻهن کي علم ۽ ادب ڏانهن راغب ڪرڻ لاءِ خاص ڪري حڪومت پنهنجو ڪردار ادا ڪري. ٻوهيو صاحب جي ۱۶ جولاءِ تي ورسيءَ تي کيس ضرور ياد ڪيو وڃي.


ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو
محقق، نقاد ۽ تعليمدان، شاعر ۽ ماهرِ لسانيات
رضوان گُل
تحقيق ۽ تنقيد ادب جا ٻه انتهائي اهم شعبا آهن، جن کان سواءِ ڪنهن به ٻوليءَ جو ادب اڌورو هوندو آهي. انهيءَ حوالي سان جڏهن سنڌي ادب جو ذڪر ڪبو ته انهن ٻنهي اهم شعبن ۾ خاطر خواه ۽ ذاتيات کان مٿاهون ٿي ڪم ڪرڻ جي اڃا به تمام گهڻي ضرورت محسوس ٿئي ٿي. تحقيق ۽ تنقيد وارن شعبن ۾ سنڌي ادب ۾ جن اديبن قابلِ ذڪر ڪم ڪيو آهي، تن ۾ گهڻ پڙهيي ۽ گهڻ رُخي ليکڪ ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي جو نالو نهايت اهميت وارو آهي.
ڊاڪٽر الهداد ولد محمد علي ٻوهيو ۸ آگسٽ ۱۹۳۴ تي ڳوٺ گهوگهاري، تعلقي قنبر ۾ جنم ورتو. سنڌي تعليم ڳوٺ، ابتدائي انگريزي تعليم وڳڻ ۽ مئٽرڪ پائليٽ اسڪول لاڙڪاڻي مان ۱۹۵۳ ۾ ڪيائين. ۱۹۵۷ ۾ گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻي مان بي اي ۽ ايم اي (انگريزي ادب) ۾ ۱۹۶۶ ۾ پاس ڪيائين، جنهن کان پوءِ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي سربراهيءَ هيٺ پي ايڇ ڊي ڊگري لاءِ مقالو ”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج“ لکي ۱۹۷۷ ۾ مڪمل ڪيائين. جيتوڻيڪ ٻوهيي صاحب کي هڪ سٺي ليکڪ طور اڳ به سڃاڻپ هئي پر سندس پي ايڇ ڊي واري مقالي کيس سنڌي ادب ۾ هڪ دانشور ۽ محقق واري نئين سڃاڻپ ڏني. سندس پي ايڇ ڊي جي ٿيسز ۱۹۷۸ ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي پاران ڪتابي صورت ۾ ڇپائي وئي. جيتوڻيڪ ڊاڪٽر ٻوهيي ادب ۾ پهريون پير بحيثيت شاعر رکيو هو ۽ سندس تخلص ”عاصم“ هو، پر اڳتي هلي سندس سڃاڻپ جو حوالو ٻولي، تحقيق ۽ تنقيد بڻيو. ڊاڪٽر صاحب سائنسي بنيادن ۽ نوَن اصولن کي متعارف ڪرائي تحقيق جي علم کي جديد انداز ۾ پيش ڪيو. سندس مزاج پاڻ پڏائڻ بجاءِ خاموشيءَ سان پنهنجي مُنهن ڪم ڪرڻ وارو هو. هن ڪڏهن به ڪي وڏيون دعوائون نه ڪيون پر سندس ڪيل تحقيقي پورهيو ڪيترن ئي نام نهاد اديبن جي ڪم کان اڄ به مٿاهون آهي.
ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو پهرين آگسٽ ۱۹۵۸ ۾ انگريزي استاد طور گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ مقرر ٿيو. ۱۹۶۷ ۾ ڪمپريهينسوِ هاءِ اسڪول جو پرنسيپل ۽ پوءِ گريڊ سترهين ۾ ريجنل ايڊيوڪيشن سينٽر خيرپور ۾ چيف انسٽريڪٽر مقرر ٿيو. جنهن بعد ۱۹۷۹ ۾ ڊائريڪٽر اسڪولس لاڙڪاڻو ڊويزن ۽ ڊائريڪٽر اسڪولس ميرپور خاص ڊويزن مقرر ٿيو، جتي آخري عمر تائين فرائض انجام ڏنائين. ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي ڪيترائي ڪارائتا ڪتاب لکيا جن ۾ ”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج“، ”تنقيدون“، ”ڇند وِديا“، ”آئين“ (تاريخ ۽ پبلڪ پاليسي)، ”علم تحقيق“، ”ادب جا فڪري محرڪ“، ”دي ٽيلس ري ٽولڊ“ (انگريزي)، ”ڪتب خانو“، ”سماجي تبديليءَ جي رٿابندي“، ”سنئون سڌو رستو“(ناول)، ”ٻولي ۽ ٻوليءَ جي تعليم“، ”چونڊي ڪڻو ڪڻو“ (شاعري)، ”تحريرون“ (مضمون)، ”ارسطوءَ کان روسو تائين“، ”تعليم اور معاشرتي تقاضي“ (اردو) شامل آهن.
ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي سماجي مسئلن تي سنجيدگيءَ سان ويچاري انهن جي حل لاءِ پُر مغز مقالا لکيا. سياست، تاريخ ۽ تعليمي مسئلا سندس مَن پسند موضوع هئا، جن تي پاڻ ڪيترائي مضمون، مقالا لکيائين ۽ ليڪچر ڏنائين. هن جي گفتگو مدلل ۽ معلومات سان ڀرپور هجڻ کان علاوه انهيءَ حوالي سان به دلچسپ هوندي هئي جو سندس ڳالهائڻ جو انداز وڻندڙ هو. لسانيات جهڙي ڳوڙهي موضوع تي هن تمام گھڻي محنت ۽ دلچسپيءَ سان ڪم ڪيو. کيس سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو تمام گھڻو اونو هو، جنهن سبب مختلف شهرن ۾ ”تعليمي تباهيءَ جا ڪارڻ“ جي عنوان تحت سيمينار ۽ گڏجاڻيون به منعقد ڪرايائين. هن تعليمي ڪامورن جيان روايتي انداز اپنائڻ بجاءِ عملي طرح اهڙا ڪم ڪيا جن سان تعليمي ادارن ۾ بهتر تبديلين جي شروعات ٿي.
ڊاڪٽر ٻوهيي ادب جي مختلف صنفن تي جديد ۽ سائنسي انداز ۾ ڪيترا ئي اهڙا تحقيقي مقالا لکيا جن سمورن کي جيڪڏهن گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ آندو وڃي ته سنڌي ادب جي شاگردن لاءِ اهو ڪتاب پڻ انتهائي ڪارائتو ۽ لاڀائتو ثابت ٿيندو. ڪتاب ”علم تحقيق“ پڻ سنڌي ادب جي شاگردن لاءِ هڪ بنيادي ۽ اهم ڄاڻ جي کاڻ آهي، جيڪو ٻوهيي صاحب جي قلم جي ئي ڪاوش آهي. هن شخص پنهنجي منهن جيڪو علمي، ادبي ۽ تحقيقي ڪم ڪيو سو يقيناً ڪنهن اداري جهڙي ڪم کان گهٽ نه هو. پاڻ صحت متاثر ٿيڻ باوجود به مسلسل علم و ادب جي واڌاري ۽ سنڌي سماج ۾ جاڳرتا آڻڻ لاءِ لکندو رهيو ۽ آخر تائين ان مورچي تان جدوجهد ڪندو رهيو.
سنڌي ٻولي ۽ ادب جو هي گهڻ گُهرو اديب، محقق، نقاد، شاعر، ڪهاڻيڪار، مقرر ۽ استاد ۱۶ جولاءِ ۱۹۹۴ تي ٽنڊو آدم ۾ شام جو هڪ تعليمي سيمينار ۾ خطاب ڪندي، جذبات ۾ اچي جڏهن اهي لفظ ڳالهايا ته (مون هن قوم کي هٿيار نه پر ڪتاب ڏنا آهن ۽ هن قوم لا آئون دعا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔) ٺيڪ ان ئي وقت دل جو دورو پئجي ويو ۽ ڪنهن مسيحا ڊاڪٽر جي اچڻ کان اڳ ئي وفات ڪري ويا ڪندي دل جو دورو پوڻ سبب وفات ڪري ويا سندن آخري آرام گاه وڳڻ شهر جي ڀر ۾ يارو ديرو جي اباڻي قبرستان ۾ آهي.



ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو

عظيم مُحقق، مُفڪر ۽ ليکڪ

ڪامران رند

سنڌ ڌرتي ھونئن ته پنهنجي ڪُک مان ڪيترائي عظيم شاعر ۽ ليکڪ، مُحقق ۽ نقاد، اديب ۽ دانشور پيدا ڪيا آھن، جن پنهنجي فن ۽ فڪر، ڏاھپ ۽ دانش، علم ۽ عمل ذريعي سنڌ جي پنڊپھڻ بڻجي ويل ۽ خسته حال ذھنن جي آبياري پئي ڪئي آھي، پر اھڙن گھڻ رُخي عالمن ۽ مَڻيادار ڏاھن جي جُھرمٽي قطار ۾ سنڌ جي مَھا قلمڪار، عظيم محقق، گھڻ پڙھي ۽ گھڻ سکيي عالم ڊاڪٽر الهداد ٻوھيي جو علمي ۽ قلمي ستارو نکٽن جِئَن نروار ٿيل ڏسجي ٿو.

ڊاڪٽر الهداد جي قلم جي نوڪ ۾ ايتري ته گهرائي ۽ سنجيدگي آھي جو اگر ھن جي قلمي پورھئي جي نظرياتي وجود کي لاڳو يا عملي ويس اوڍائجي ته سنڌ ڌرتيءَ جي ڪنڌ ۾ پيل صدين پراڻي طوق مان وجود ورتل بک ۽ افلاس، ويچارپ ۽ ويڳاڻپ، قند ذھنيت ۽ دقيانوسيءَ جي بيٺل پاڻيءَ ۾ عمل ۽ ادراڪ جو اھڙو پٿر اچي ڪري جو ھوند درد وندي ديس جا سمورا ڏک ۽ ڏاکڙا، درد ۽ دانھون، آھون ۽ اَھنجون، ڪِيس ۽ ڪلُور، ظلم ۽ جبر جا سمورا ڪوٽ اچي پَٽَ پون ۽ خوشين ۽ شوخين، کِل ۽ کيڪارين، مُرڪ ۽ مُسڪان، آزاديءَ ۽ برابريءَ، فڪر ۽ فن جي ھِڪَ نَئين، پُروقار ۽ عظمتُن ڀريي جيون جو خواب عملن ساڀيان ماڻي.

ڊاڪٽر ٻوهيو پنهنجي فن ۽ فڪر ۾ ته ڪمال قلمي پورھيو ڪيو ئي پر تنهن سان گڏ پنهنجي شخصيت ۾ پڻ اَمُلھ ماڻِڪ بڻيو رھيو. ھڪَ اڻپڙھيل ھاريءَ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ الهداد ٻوھيي پنهنجي چؤگرد موجود مظلومين، محڪومين ۽ محرومين مان پار پئي عظمتن جي معراج کي وڃي پُڳو ۽ پنهنجي نالي ۾ ”ڊاڪٽر“ لفظ جو واڌارو آندو.

ڊاڪٽر الهداد ۰۸ آگسٽ ۱۹۳۴ تي ڳوٺ گهوگهاري، تعلقي قنبر ۾ محمد علي ٻوھيو جي گهر ۾ جنم ورتو. سنڌي تعليم ڳوٺ، ابتدائي انگريزي تعليم وڳڻ ۽ مئٽرڪ پائليٽ اسڪول لاڙڪاڻي مان ۱۹۵۳ ۾ حاصل ڪيائين. ۱۹۵۷ ۾ گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻي مان بي اي ۽ ايم اي (انگريزي ادب) ۾ ۱۹۶۶ ۾ پاس ڪيائين.

ڊاڪٽر ٻوهيي پنهنجي تخليقي صلاحيتن جو پهريتي اظهار بحيثيت شاعر جي ڪيو ۽ شاعريءَ ۾ تخلص ”عاصِم“ استعمال ڪيائين. سندس شاعريءَ جو مجموعو ”چونڊي ڪڻو ڪڻو“ ڇپيو. پر تنهن گهڻ پڙھي اڪابر کي ڪِٿَي ٿي شاعراڻو مزاج ڀانءَ پيو. ھي پنهنجي فڪري ۽ علمي اُڃ اُجهائڻ لاءِ تحقيق ۽ تنقيد جي پيچيده، گِهري ۽ بيحد سنجيده موضوعن طرف راغِب ٿيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي تحقيق، تنقيد ۽ لِسانيات جي ماھرن ۾ ڳاڻيٽو ٿيڻ لڳُس. تنقيد رواجي طرح ته ڪنهن به ليک، ڪلام يا تخليق ۾ موجود جھول طرف نشاندھي ڪرڻ ھُجي ٿو، پر تنقيد جي جنهن علمي معِراج کي الهداد ٻوھيي ڇُهيو تنهن جو مثال ماضي، حال، ويندي ويجھي مستقبل ۾ ملڻ به محال ٿو نظر اچي. ھن جي فِڪر جي گهرائي، سوچ جي وسعت، ۽ ڏاھپ جي عظمت ايتري ته جامع ۽ گهڻ پاسائين ڏسجي ٿي جو انساني عقل اچرج کائي ٿو.

ڊاڪٽر الهداد تنقيد جي ڳوڙھي علم جو موضوعاتي مطالعو ڪرڻ بعد نه صرف ان جي بنيادي محرڪن تي ڪم ڪيو، بلڪه ”تنقيدون“ جي نالي سان تنهن موضوع تي ھڪَ جامع ۽ مدلل ڪتاب لکي ڪري پنهنجي همعصر ۽ ايندڙ نسلن لاءِ پڻ رھنمائي ڪري ويو. ھن تنقيد کي علم جي ڌارا سان گڏ بحيثيت الڳ مضمون طور پڻ مڃرايو. جو پڻ پنهنجي جوهر ۾ ھڪَ عظيم ڪم آھي. سندس ڪتاب ”تنقيدون“ تنقيدي علم بابت پيرائتي ڄاڻ به ڏئي ٿو ته تنقيد جي عِلمي مُحرڪن تي پڻ روشني وجهي ٿو. ڊاڪٽر الهداد تنقيد ڪرڻ بجاءِ تنقيد آھي ڇا؟ تنقيد ڪجي ڪيئن؟ ۽ تنقيد جا مُحرڪ ڪهڙا ھجڻ گھرجن؟ جهڙن فهم ۽ فراست سان ڀريل ڳوڙھن موضوعن تي قلم آزمائي ڪئي ۽ سنڌ جي ادبي، تحقيقي، علمي ۽ فڪري کيتر ۾ جديد فڪري لاڙن جا نوان ٻج ڇٽيا ۽ تنهن جي آبياري پڻ ڪندو رھيو.

الهداد ٻوھيي نه صرف تنقيد جهڙي ڳوڙھي ۽ بظاھر ڳنڀير موضوع تي لکيو ۽ تحقيق ڪئي پر تنهن کان علاوه تحقيق ڇا آھي؟ تحقيق ڪيئن ڪجي؟ تحقيق ڇو ڪجي؟ تحقيق ڪرڻ جا علمي بنياد ڪهڙا ھجڻ گهرجن؟ جهڙن اھم، سنجيده ۽ گهڻي قدر نظرانداز ڪيل پاسن تي پڻ سيبتو ۽ سونهون ڪردار ادا ڪيو. سندس ڪتاب ”علم تحقيق“ پڻ تنهن ئي عميق علميت جي ڪڙي آھي، جنهن ذريعي ڊاڪٽر الهداد تحقيق جي بُڻ ۽ بُنياد تائين پُڳو ۽ روشن سج جي اُڀرڻ جِئَن پنهنجي دانش ۽ ڏاھپ جي ثابتيءَ جو سامان پنهنجي قلمي ۽ فڪري پورھئي جي چمڪ دمڪ سان ظاهر ڪيُس. علم ۽ ڏاھپ جي تقاضا به اها ئي آھي ته جنهن به موضوع ۽ مضمون تي قلم کڻجي ته ان جي ھر پاسي جي جاچ لهجي، تحقيق ڪجي ۽ ان جي سماج جي ھر پرتئين ۽ پاسي تي جاذب اثرن کي نه صرف ظاھر ڪجي، بلڪه عام لوڪ جي مزاج ۽ مسئلن جي مطابقت سان تن جو حل به ڳولجي ته نئين دڳ به لائجي.

سنڌي سماج جي سا ستم ظريفي ئي چئجي جو پاڻ وٽ ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو جهڙي مُفڪرن ۽ مُحققن جي عِلمي قد ڪاٺ ۽ فڪري اڏام جانچڻ جو نه ڪو معيار ۽ ماپو رھيو آھي ۽ نه ئي اصولي طور مڃيل ڪو سماجي پئمانو. ويتر پاڻ وٽ ذھني ويڳاڻپ ان قدر شديد آھي جو معاشرتي، علمي، سماجي، نظرياتي ۽ اخلاقياتي مورچن تي ايڏو ته خسته حالي جو شڪار آھيون جو پاڻ ڪنهن به محقق ۽ دانشور جي حال حيات ھوندي رقعت ۽ وَرٿ سمجهي ڪونه پيا سگهون. سنڌ جو سو شايد الميو ئي چئجي جو سنڌي قوم سماجي قدرن، اصولن ۽ تفڪر جي تمام گهٽ سونهين رھي آھي. سو جيڪو ڪجھ ئي ڊاڪٽر الهداد سان وھيو واپريو. ھي پسمنظر ۾ رھڻ وارو ماڻهو ھو، ھن تنهن ئي موضوع تي قلم کنيو، جنهن کي ھن تمام خاص، اھم ۽ وقت جي ضرورت سمجهيو. نه ته اھڙن ڳَنڀير ۽ عُميق موضوعن تي لکڻ ايترو آسان ڪين آھي. تنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته الهداد ٻوھيي ڪيتري گهرائيءَ تائين عمل جي سمنڊَ ۾ تار ھنئي ۽ ڪيتري اوچائيءَ تائين علم جي فڪري آسمان ۾ اُڏامون ڀريندو رھيو.

الهداد ٻوھيو علم سان چاھ جي سفر ۾ مسلسل ھلندو رھيو ۽ ساھ جي تندُ ٽُٽَڻ تائين سنڌ جي گُهٽ ۽ ٻوسٽ واري گِهري فڪري غار ۾ پنهنجي حصي جو تحقيقي ۽ عقلي ڏيئو جلائيندو رھيو. تان جو ۱۶ جولاءِ ۱۹۹۴ع وارو اڀاڳو ڏينهن مٿان چڙھي آيو ۽ سنڌ جو ھي گهڻ گُهرو، گَهڻ پڙھيو ۽ گَهڻ ڪڙھيو عظيم مُحقق، مُدبر، مُفڪر ۽ مُقرر ٽنڊوآدم ۾ ھڪَ سيمينار کي خطاب ڪندي دل جو دورو پوڻ سبب وڃي ڌڻيءَ حُضور حاضر ٿيو. سندس ڪم ايترو اھم ۽ عمدو آھي جو ايندڙ ڪيترن ئي نسلن تائين علم جي پانڌيئڙن لاءِ راھ ھموار ڪندو رھندو. ٺوس عقلي، سائنسي ۽ تحقيقي بنيادن تي اڪيلي سر ڪيل سندس ڪم ڪنهن به ادارتي ڪم کان ڪنهن به صورت گهٽ نه آھي.

ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو خالص سائنسي بنيادن تي علم جي جا شمع ٻاري ويو آھي اُن مان ڏيئي ڏيئي لاٽ مثل ڪيتريون ئي نيون شمع روشن ٿينديون ۽ نيٺ سنڌ ھڪَ خوشحال ۽ خودمختيار، وِھمن ۽ وِسوسن کان پاڪ، عقليت پسند، جديد فني ۽ فڪري تقاضائن سان ٺهڪي ھلندڙ خِطو ضرور بڻجندي. حقيقتن ڊاڪٽر الهداد ٻوھيو ھڪَ سماجي سائنسدان ھُو، جنهن سموري سماج جو تاڃي پيٽو ڪري علم ۽ عقل جا نوان آبشار ڳولهي لڌا، جي اڄ سُوڌو ھر سوچيندڙ، لوچيندڙ ۽ متحرڪ ذھن جي آبياري ڪندا رھن ٿا.


2 comments:

  1. انهن سڀني اديب مان ڪنهن به ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي تي ڪو تحقيقي معيار مطابق ڪم ڪيو آهي جنهن ۾ حولا شامل ڪيل هجن؟

    ReplyDelete