منگهارام اوجها
پراڻي پارڪر جو ليکڪ
ڀارومل امراڻي
ملير
جي مٽيءَ پاران ڏنل ڏُٿ جي ڏات کي صحيح ڪارج عمل ۾ آڻي ڌرتيءَ جو قرض لاهيندڙ ۾
منگها رام اوجها جو نالو “صف اول” ۾ شامل آهي.
هن جي
قلمي پورهئي جي طفيل پارڪر جو پٽ، موهن جي دڙي ۽ اروڙ جي اتهاس سان گڏ جرڪيو. هن
تاريخ ۽ ثقافت جي سنگم کي لفظن جي روپ ۾ آڻي پوري برصغير جي تهذيبي ادب تي “پاري
نگر” جي بندرگاهه، “ڪارونجهر” جي ڪهاڻين ۽ ڀالوا جي ڀوپت (وڻندڙ) رنگن جا ترورا ڦهلايا.
جڏهن
به ڪنهن کي ٿرپارڪر متعلق ڪا به چاڻ وٺڻي پئي آهي ته اُن “شاهه جو رسالو”، “تاريخ
ريگستان” ۽ “پراڻو پارڪر” نالي وارن ڪتابن ڏانهن ئي رجوع ڪيو آهي. “پراڻي پارڪر” ۾
منگهارام اوجها پنهنجي تخليقي صلاحيت سان ڪلاسيڪيت ۽ جدت جي ميلاپ جو بهترين نمونو
پيش ڪيو آهي. اُهي ڪردار ۽ ڪهاڻيون جيڪي ڏند ڪٿائن جي ڍير ۾ شامل ٿي رهيا هئا، تن
کي هن صاحب سوناري وانگر اُجاري ۽ اڇو ڪري هڪ نئين ڇاپ ڏني. نامياري نقاد ۽ اديب
تاج جويي جي بقول؛ سائين منگهارام تاريخ کي روايتن ۽ لوڪ شاعريءَ جي پسمنظر ۾ لکي
نرالو ڪم ڪيو.
سنڌي
ادب جو انقلاب جيڪو “بيوس” (ڪشچند) جي شاعري ۽ قليچ جي نثر سان شروع ٿي چڪو هو.
منگهارام اوجها انهن جو ئي اثر وٺندي، تعصب ۽ مُنافقت پرستي واري تاريخ نويسي کي
رد ڪيو. هن گندي ٿانوَ جهڙن تاريخ جي ڪتابن، جن ۾ سوين جيوڙا ٻُر ٻُر ڪندي نظر
ايندا هئا، انهن مان ڪو به حوالو کڻڻ جي بدران صدري علم جي ذريعي سينا به سينا
ملندڙ روايتن ۽ لوڪ شاعري کي ماخذ بڻائي لکيو.
جديد
تاريخ نويسي جون گهرجون توڙي جو اڃان ٻيون آهن پر سچائي ۽ وابستگي جي انتها ۽ پيار
سان پُر پورهئي جي ڪري هن جو ڪم سدائين لاءِ ساراهڻ جوڳو آهي.
تصور ڪريو
ته؛ ٿرپارڪر جو ڳوٺ چيلهار جتي برهمڻن جو مکيه ڪم ٽپڻا نهارڻ ۽ مرڻي پرڻي جون
رسمون ادا ڪرڻ آهي. انهن مان هڪڙو نوجوان ماستر ٿئي ٿو، ننگرپارڪر جهڙي پوئتي پيل
علائقي ۾ علم جي شمع ٻاريندي قلم کڻي ٿو ۽ لِکي ٿو وٺي “پراڻي پارڪر” جهڙو سدا
سائو ڪتاب، جنهن جي ٻولي ڏسي پسٽرنڪ جي ناول “ڊاڪٽر زواگو” مان سٽ ورجائڻي پوي ٿي
ته:
“ٻولي سونهن
۽ سمجهه جو گهر آهي، نديءَ جي وهڪري جيان وڻندڙ لڳي ٿي.”
پراڻو
پارڪر لکجڻ سان ٿرپارڪر جا اعليٰ انساني قدر گم نامي جي گوشي ۾ گم ٿيڻ کان بچي
هميشه لاءِ لکت ۾ محفوظ ٿيا. واڙي ڦل جيان وڌندڙ ثقافت زمانن جي هٿان بي پاڙي ول ۾
بدلجڻ کان بچي ويئي. چنديرام ڀاٽ ۽ ڪرشن جي چارڻ جهڙن شاعرن جي شاعري متعارف ٿي.
گجراتي رس مالا ۾ شامل سنڌ جا دوها، ماموئي فقيرن جا بيت، ۽ ڀيرئي جوڳي جي رام ڪهاڻي
نمودار ٿي. سڏونت ۽ سارنگا هوٿل پَري ۽ اوڍي جا عشق جي اُڀن ڪاون تي هليل ڪردار
قلمبند ٿيا. اهڙي طرح منگهارام اوجها مٽيءَ جي محبوب ڪردارن ۽ سر گهوريندڙ سُورمن
سينڌل سوڍي کان وٺي راڻي ڪَلجي ۽ رُوپلي ڪولهي تائين سڀني جي ڪارنامن تي لکيو آهي.
تنهن سواءِ چندن گڍ جي چاووي جو تفصيلي ذڪر پڻ شامل آهي. جنهن سان هر پڙهندڙ جي
اندر ۾ قومي شعور ۽ ايڪتا جو احساس اُڀري ٿو اچي.
“پارڪر جا
پهاڙ” کان وٺي آخري باب “آدمشماري” تائين سموري ڪتاب ۾ ڪٿي ڪنهن هڪڙي سٽ م به ڌرتيءَ
جي غدار کي مانائتو بُت نه بڻايو ويو آهي. هن تاريخ جي ديڳ ۾ حرام خورن جي هڏي هڏي
کي رڌو آهي.
سنڌ جي
هن سيبائتي ليکڪ جي سوانح عُمري تي اڄ ڏينهن تائين هڪڙو به مضمون نه لکجي سگهيو آهي.
عبدالغفار
تبسم جي شعر جيان:
الائي ڪنهن
ڪنهن جو اڻيوسين جيون،
پر
پنهنجي چولي تي ڪو ڀَرت نه هو.
ناميارو
تاريخدان رائچند هريجن ۽ منگهارام ڳوٺائي هُئا. منگهارام چيلهار جي برهمڻن جي
شريمالي شاخ ۾ اَمرچند اوجها جي پُٽ لالچند اوجها جي گهر ۾ ۲۸ جنوري ۱۹۲۸ع تي جنم ورتو.
هن کي
ننڍپڻ ۾ ئي يتيمي واري زندگي نصيب ٿي. سندس پيءُ لالچند ۽ چاچو پونم چند کيس ماءُ
جي گود ۾ ڇڏي پر لوڪ پڌاري ويا. منگها رام سامي جي آدرش هيٺ “غريبي گلزار” ۾ پلجي
وڏو ٿيو. هن پرائمري تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ چيلهار ۾ ورتي. چيلهار جو ناميارو
استاد آسنگر هن جو هم ڪِلاسي هو.
پرائمري
کان پوءِ مٺيءَ مان فائنل جو امتحان پاس ڪرڻ بعد کيس ماستريءَ جو آرڊر مليو. ان
دور ۾ مال کي لال سمجهندڙ ۽ جهنگل ۾ جهڻ پيئندڙ جهانگي ماڻهو به استاد کي اعليٰ
پايي جي عزت ڏيندا هئا. استادن جي ڀرتي اڄ جي ڪوٽا ۽ سفارش ڪلچر جيان نه ٿيندي
هئي. استاد اهليت وارو هوندو هو.
منگهارام
اوجها هڪ بهترين استاد جو ڪردار ادا ڪيو. ڪجهه عرصو چيلهار ۾ رهڻ کان پوءِ نوڪري
جي سانگي ننگر پارڪر جا وڻ وسايا. ڏونگري نالي ڳوٺ ۾ هن شادي ڪئي ۽ پوءِ اُتي ماڳ
مڪان ٺاهي ويهي رهيو. ننگرپارڪر ۾ هن جا ڪيترائي شاگرد آهن.
سائين
رائچند “تاريخ ريگستان” جي ڪچي مواد لاءِ ننگرپارڪر ويندو هو ته منگهارام اوجها وٽ
ئي “رات ڪٽا” ڪندو هو:
رهي
اچجي راتڙي تِنَ آديسين وٽان(شاهه)
سائين
آسن گر مطابق منگهارام کي ننڍپڻ کان ئي ادبي ڪتابن سان دلچسپي هوندي هئي. ڪلاس ۾
هندي ۽ گجراتي جون ٻاراڻيون ڪهاڻيون بار بار پڙهي ٻڌائيندو هو. ننگر پارڪر وڃڻ سان
هن پراڻي پارڪر جو مواد سهيڙڻ شروع ڪيو. چندرام ڀاٽ هن جو خاص صحبتي هو. چنديرام
جي هن شعر کيس ڏاڍو متاثر ڪيو.
ڪارونجهر
ري ڪور، مرئين تو ميلئي نهين،
ماٿي ٽهوڪي
مور، ڏونگر لاگي ڏيپتو.
انهي
اتساهه کيس اديب بڻائي ڇڏيو. ۱۹۵۴ع ڌاري،
جڏهن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ .لوڪ ادب جي رٿا” کڻي ننگرپارڪر پهتو ته اُتي
منگهارام اوجها مليو. ڊاڪٽر بلوچ ننگرپارڪر تعلقي جو مواد ڪٺو ڪرڻ جو ڪم هن جي
حوالي ڪيو. ان سلسلي ۾ اوجها صاحب ڊاڪٽر بلوچ کي پارڪر جي پٽن جون ڪيتريون ئي لوڪ ڪهاڻيون،
قصا، داستان ۽ لوڪ گيت لکي موڪليا. انهي رٿا جي ڪم ڪار دوران توڙي پوءِ ڊاڪٽر بلوچ
سان عرصي تائين خط و ڪتابت جاري رهي. چيو وڃي ٿو ته منگهارام اوجها کي “پراڻو پارڪر”
لکڻ ۾ سروپي مڱڻهار وڏي مدد ڪئي. پر منگهارام اوجها هُن جو ڪٿي ذڪر نه ڪيو آهي، جڏهن
ته منگها رام “پراڻو پارڪر” لکڻ جي لاءِ اُتساهيندڙ علي محمد سمي جو ذڪر ڪيو آهي.
اوجها
کي مخدوم طالب الموليٰ جي شخصيت ڏاڍو متاثر ڪيو. مخدوم سان محبت ۽ عقيدت ان ڳالهه
مان پڻ پڌري آهي ته هن پنهنجي ادبي شاهڪاري جي ارپنا “مخدوم سائين” جي نالي ڪئي
آهي.
“مهراڻ” ۽
“نئين زندگي” رسالن ۾ اوجها صاحب جا مختلف مضمون ۽ مقالا شايع ٿيل آهن، جن کي سهيڙي
ڇپرائڻ سان سنڌي لوڪ ادب ۾ هڪ ٻئي اهم ڪتاب جو اضافو ٿي پوندو.
منگهارام
ننگرپارڪر ۾ رهندي هڪ ٻيو ڪتاب “شريمالي اتهاس” نالي سان لکيو، جنهن ۾ شريمالي
برهمڻن جي تاريخ جو تذڪرو آهي جنهن کي چيلهار جي نوجوان شاعر ۽ صحافي ڪشور گهايل ڇپائي
پڌرو ڪيو آهي. شريمالي اتهاس لاءِ “ٻه اکر” لکندي منگهارام پڇاڙي ۾ تاريخ ۲۷ آڪٽوبر ۱۹۷۱ع درج ڪَئي آهي. “شريمالي
اَتهاس” ۲۰۰۰ع ڌاري شايع ٿيو.
۵ جولاءِ ۲۰۰۰ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جو هي ساهه
سيبائتو ليکڪ ۽ تاريخ نويس لاڏاڻو ڪري ويو منگهارام اوجها انهن ڪتابن کانسواءِ
پنهنجي قلمڪاري سان ضرور پاڻ پتوڙيو هوندو. هن جون اُهي لکڻيون سندس پونئرن کان
ملي سگهن ٿيون. سنڌي ٻوليءَ جي گهڻگهرن کي گهُرجي ته هو اُهي ليک هٿ ڪري شايع ڪن.
لطيف سائين چيو آهي ته:
سي پوڄارا
پُر ٿيا، سمونڊ سيويو جن.
منگهارام
اوجها جي پنهنجي تاريخي ۽ ثقافتي ورثي جي انفراديت ۽ عظمت ۾ ايمان هو. هن جرمني جي
عظيم شاعر شيلي جُون اهي سٽون شايد روح ۾ رَچيون هيون ته:
”پنهنجي مادر وطن کي پوري عقيدت سان چنبڙي پوءِ ان کي هٿان نه ڇڏ، ڇو ته
انهي ڌرتيءَ ۾ سگهه جُون جَڙُون آهن.“
No comments:
راءِ ڏيندا