اڪبر جسڪاڻي
ادبي بورڊ ۽ بِندريون
ديوارون
ضراب حيدر
ڄامشوري جون ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن!؟
ڄامشورو جيڪو دلرُبا ئي آهي،
هُن جيڪي زخم جيڪي گهاءَ ڏنا آهن سي ڇُٽا ئي ڪٿي آهن، اڄ به اُهي سمورا ڦٽ تازا
آهن جهڙا ورهيه اڳ هئا. سنڌوءَ جي اولهاوين ڪڙ تي هي پٿريلو قصبو خبرناهي ڪيڏن قصن
ڪهاڻين سان ڀريو پيو آهي.
لياقت ميڊيڪل يونيورسٽيءَ ۽
مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ جي سينڊوِچ ۾ شاميءَ جيان پيل سنڌ يونيورسٽي سلاد ۽
مايونيز جهڙي ذائقي سان اڄ به تازي آهي. ٽيڙو ورسِٽيز جي ٽنهي بندن ۾ وزن ۽ قافيا ڪيڏا
به مِلندڙ جُلندڙ ڇو نه هجن پر سنڌ يونيورسٽي جون سموريون ماترائون ماٿي
(پيشانيءَ) تي محبتن ۽ وڇوڙن جون پَڻيون (محراب) بڻيل آهن. ڄامشوري ۾ جيتوڻيڪ
چاهيندي به ڪو سجدو ڏئي ڪو قيام ڪري نه سگهياسين پوءِ به الائي ڇو اڄ سوڌو پنهنجو
پاڻ کي سجدن توڙي قيام وارين ڪيفيتن ۾ محسوس ڪندا رهيا آهيون. ڄامشوري ڦاٽڪ جي
دلفريب ڦنڌن ۽ ننڍڙي مختصر اسٽيشن جي اُداس پليٽ فارم کان وٺي ويندي زيرو پوائنٽ
تائين هڪ درد هڪ لمحو اڃا جامِد ۽ ساڪِت بڻيل آهي جيڪو ماٺيڻي اوٺي جي ٻولن ۾
پنهنجا پَدَ بدلائيندو رهي ٿو. سينٽرل لائيبرري جي اُچي ۽ چؤڪُندي عمارت جي درن ۽
درين مان اڄ به حليم بروهي جون خاموش طنزون ليئا پائي رهيون آهن ته ٻي طرف جاگرافي
ڊپارٽمينٽ جي مختصر ايوان مان ظفرحسن سيد جون سنجيدگيون سنڌ لاءِ سوچيندي محسوس ٿي
رهيون آهن، ٽيون وري سنڌي ادبي بورڊ جون بِندريون ديوارون هڪ اهڙي شخص جي ياد ڏياري
رهيون آهن جيڪو خبرناهي ڪهڙي ڏوھ ۾ هميشه لاءِ ڀسم ٿي ويو. هُن جو موت جيڪو اڃا به
پُرسرار بڻيل آهي تنهن کي زماني جي ستم ظريفي چوان يا خود اڪبر جسڪاڻيءَ جي ٻاراڻي
چوان، ڪجھ به سمجھ ۾ نٿو اچي.
يونيورسٽيون ۽ ادارا جتي پهچڻ
کانپوءِ ماڻهوءَ کان نصاب ۽ سبق وسري ويندا آهن اُتي هڪ اهڙو شخص به هو جنهن کي
جوهي بُوبڪ ۽ دانستر واھ جا نقشا ۽ نظارا سدائين ياد هئا. آئون، فارميسي ۽ سُپر
هاءِ وي لڳ اُهي پيليون ديوارون اڄ به اها گواهي ڏينديون ته فارميسيءَ کان هڪ ڳڀرو
ورسٽي ڪالونيءَ جا جهونا ڪوارٽر نهاريندو وڃي اُن شخص جي ٽيبل سامهون ويهندو هو
جنهن جون اکيون ڏاڍيون چمڪيليون هونديون هيون، اُهو ڳڀرو نه صرف اُن شخص سان بي
انت محبتون ڪندو هو پر ڄامشوري جي هر ماڻهو هر قلم ڌڻي کي پنهنجو مُرشد سمجهندو
هو. ڄامشوري جي ڪا ڪهاڻي ڀل اُن ڳڀرو جي ڳالھ نه ٻُڌائي پر اي سي ٽو جا دفتر ۽
فائيل اِها ثابتي ضرور ڏيندا ته ڪيترا ئي چريا ۽ مٿي ڦِريا ماڻهو پنهنجا ڪيريئر وڏن
وڏن ليجرن ۾ اُڇلائي اڌورا ڇڏي هميشه لاءِ گُم ۽ گُمنام ٿي ويا، صرف اُن درد جا
ساکي بڻجي ويا جيڪو هڪ ٽائٽينِڪ لمحي جيان اڄ به ڄامشوري ۾ اوجهل آهي.
ڀل ڪنهن به اهڙي ديو پري يا راڪاس
جو پاڇو نه ڏٺو نه پروڙيو هجي پر ڄامشوري جا ديوداس اڄ به پنهنجن دنيائن ۾ اُنهن
پرين، ديون، ۽ راڪاسن لاءِ اُداس آهن. ماٺيڻي جي ماٺ، عرفان مهدي جي عهد کان وٺي اڪبر
جسڪاڻيءَ جي جلڻ کامڻ تائين جون سموريون ڪهاڻيون پُرسرار ۽ نراليون آهن جيڪي بس ڄامشوري
جيان ڳجهارت بڻيل آهن.
يونيورسٽي جي زماني ۾ جڏهن
واهوندا پٿريلين پهاڙين تان دُپٽن (رَوَن) جيان لهرائيندا ايندا هئا ته زمانو
محبوبائن جي نزاڪتن جهڙو لڳندو هو، هاسٽل جي ڇِت تي ويهي جڏهن دور دور ڏسائن ۾
نِهاربو هو ته دل جو ايوان پري پري تائين ڦهليل نظارن جيان وسيع ۽ سُهڻو لڳندو هو.
اُها دل جيڪا ڄامشوري جهڙي ڄام ۽ درد جي جام سان لبريز هوندي هئي سا المنظر جي شام
جيان پُرسڪون بڻجي پوندي هئي، من ۾ سؤ درد هوندي به عاشق عارباڻي جي ڳايل ٻولن،
”تو وِڇوڙيا سوين اي زمانا،
هاءِ زمانا
تو لُٽيا سڀ خوشيءَ جا خزانا،
هاءِ زمانا. ”
ٻُڌڻ سان دل کي پئي راحت ايندي
هئي، جيتوڻيڪ اندر ۾ مِٺو مِٺو درد پيو سُري جيان سُرندو هو پوءِ به زمانو ايڏو بي
مُروت ڪٿي هو جيڏو هاڻي ٿي ويو آهي.
هاڻي زمانو به ريل ڪار وانگي
تِکو ٿي ويو آهي جڏهن زمانو مُهين جي دڙي واري بيل گاڏي (ڏاند گاڏي) تي سفر ڪندو
هو ته احساس جا لوڏا سرس هوندا هئا، جڏهن ماڻهو ديسي ڏاند هو اڃا ولايتي لومڙ نه بڻيو
هو ته منجهس مڻيا هئي، رفتار ۽ تيزيءَ ماڻهن توڙي زماني کي مُردو بڻائي ڇڏيو. ويتر
اسانجو اديب لڏو ته حد درجي جو خوشامدڙيو بڻجي پيو. ايوارڊن توڙي اعزازن ۾ ميرٽ ۽
حق بدران خوشامد دوستي ۽ ذاتي پسند ناپسند ڪاهي پئي.
زماني جو لفظ جڏهن به اُچاربو
هو ته دل جوان ٿي پوندي هئي، ٻيو نه ته مِٺي مِٺي درد سان ڀرجي اوتجي ايندي هئي
جنهن ۾ امرت جهڙو سُرور ۽ خُمار هوندو هو. هاءِ زماناٰ! چوڻ ۾ به لطف ايندو هو، شڪايت
سان گڏ داد به هوندو هو.
هاڻي هي زماني کي ڇا ٿي ويو آهي
ساڳئي تلفظ واري زماني جا لفظ ايڏا ڪسارا ڇو بڻجي پيا آهن جو اُچارجن ٿا ته ڪِرڀ ٿي
اچي اوڪارا ٿا اچن.
گلزار جي هڪڙي سٽ آهي ته
” آنکين پهچانتي هين آنکون ڪو،
درد بڙا چهرا شناس هوتا هي.“
ها بلڪل درد سُڃاڻپ جي هڪ وڏي
وِٿ، ڪسوٽي آهي. درد شايد ڪڏهن به دوکو ناهي ڏيندو آسڪر وائيلڊ چواڻيءَ ته “خوشيون
ئي ٻهروپيون هونديون آهن جيڪي مصنوعيت جا ويس پائي اينديون ۽ ماڻهو کي دوکن ۾ ويڙهي
ڇڏينديون آهن.”
ها بلڪل درد سدائين چِٽو ۽ واضع
هوندو آهي اُهو ڪو به خول يا ماسڪ پائي نه ايندو آهي. ڇو ته درد منهنجي نظر ۾ هڪ ڏات،
هڪ ڏيا آهي، جيڪا چهرن يا نگاهن مان نه پر روح جي ايوانن مان ڇلڪندي آهي، درد کي
سُڃاڻڻ لاءِ اکيون يا نگاهون ڪافي ڪونهن، پر روح جي رياضت به ضروري آهي. روح جي
رياضت بس ڪن روح وارن ماڻهن ۾ هوندي آهي جن جي شخصيت يا ڪردار مان درد ڇَلڪندو آهي
۽ اُن جي محسوسات بلڪل ائين هوندي آهي، جيئن چپن مان هلڪي مُرڪ کي محسوس ڪري
سگھجي.
اِنڪري ئي هُن شخص تي حيرت هئم،
جيڪو سالن ۾ نه بدليو هو، جهڙو ورهيه اڳ هو، تهڙو ئي ڪالھ هو، منجھس رتيءَ جو به
فرق نه آيو هو. الائي ڇو اُهو شخص مون کي صدين جو تسلسل لڳندو هو، درد جو هڪ اڻ کٽ
سلسلو لڳندو هو.
هو شخص، جيڪو بنهه ڪونه بدليو
هو، سو سدائين ساڳيو انڪري به ساڳيو هو جو سندس اندر ۾ هڪ اڻ لکو درد جوان هو، هُن
پنهنجي پاڻ ۽ پنهنجي بُنيادن کان اکيون ڦيري مُنهن نه مِٽايو هو. هُن جي فطرت ۾ هڪڙي
ننڍڙي ڪائنات وسيل هئي، هو شهرن جي آلودگين ۾ پنهنجو ننڍڙو ڳوٺ وساري نه سگهيو هو،
آئون جڏهن به ساڻس مِلندو هوس ته سندس چمڪيلين اکين ۾ مشعلون ٻرندي نظر اينديون
هُيون، هو پنهنجو ننڍپڻ جيڪو ڪاڇي جي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ ۾ ڇڏي آيو هو سو “ گُل ڦُل” ۾
وسائيندو هو.
ها هاڻي پڪ سان اوهين به هُن ماڻهوءَ
کي سُڃاڻي ويا هوندا جنهن کي بي درد زماني وساري ڇڏيو، منهنجو پيارو منهنجو دلبر اڪبر
جسڪاڻي.
هو جيڪو پنهنجي پِتڪڙي معصوم دل
۾ هڪ ننڍڙي دنيا وسائي جڏهن شاهي شهر ۾ پنهنجي جواني کڻي نڪتو هو ته سندس سپنن ۾ ڪا
به ڪنوار ڪونه هئي. هن جنهن ڪنوار کي پنهنجي سپنن ۾ سجائي پنهنجي پريميڪا بڻايو هو
اُها به سندس پِتڪڙي دل جيان جوهي جي پِتڪري شهر جيتري مختصر “ڪهاڻي/آکاڻي” هئي.
جنهن جا اُچار پڙهندي هر پِتڪڙو ذهن ڄڻ البيلو بڻجي پوندو هو، سانبر ۾ جڏهن اڪبر
جون اُهي ڪهاڻيون مون پڙهيون هُيون ته منهنجو من ڪو بتيلو بڻجي جوهيءَ جي ڏکڻ اوڀراوين
ڪُنڊ تي ڦهليل منڇُر جهڙو من_چِلو بڻجي پيو هو، سال ۱۹۸۷ ۾ جڏهن آئون فارميسي ۾ داخل ٿيو هوس ۽ هوشو هاسٽل تي پنهنجو هنڌُ پٿاري
سُتو هوس ته منهنجي دل رڳو اڪبر سان مِلڻ لاءِ سَٽون کاڌيون هيون، صبح جو پهريون ڪِلاس
اٽينڊ ڪري سنڌ يونيورسٽي ڪالوني جا ڪوارٽر نِهاريندو وڃي ادبي بورڊ پهتو هوس ۽ اڪبر
توڙي طارق عالم سان مِليو هوس.
مون جڏهن به اڪبر جسڪاڻي جي
اکين ۾ نهاريو هو ته سندس اکيون هڪڙي اهڙيِ مامتا جو اولڙو نظر آيون هو جيڪا ڪاڇي
لاڙ سري توڙي وچولي جو اوسيئڙو بڻيل هيون. هو سدائين هڪڙو ٿڌو ساھُ ڀري چوندو هو
“ يار، امان لاءِ ئي ته جيئان
پيو نه ته جيئڻ ڪهڙي ڪافر کي ٿو اچي!؟”
سندس انهن جُملن ۾ اڪبر جي
شخصيت ۽ زندگيءَ جو اهو حصو لڪل هو جيڪو شايد ڪنهن به نه پسيوهو.
اڪبر جي ٽيبل سامهون ويهي مونکي
ايئن محسوس ٿيندو هو ڄڻ ته آئون به اُن سٿ ۾ شامل ٿي چُڪو آهيان جيڪو آکاڻي جي آکاڙي
۾ صدين کان پنهنجا ڪرتب ڏيکاريندڙ آهي.
ها بلڪل ڄامشورو جيڪو اڄ سوڌو
منهنجي روح ۾ هڪڙي ڪهاڻي/آکاڻي بڻيل آهي، جنهن جو ڪلائيميڪس ۽ اينٽي ڪلائيميڪس لهي
نه سگهيو آهيان، تنهن جي ابتدا واري سِٽ ۾ ظفرحسن، طارق عالم ۽ اڪبر جسڪاڻي جا
نالا مُنڍ جو جڙاءُ بڻيل آهن. ظفرحسن جيڪو جاگرافي ڊپارٽمينٽ ۾ پروفيسر هو سو سنڌ
جي، سنڌي ماڻهن جي، سنڌي ٻوليءَ جي ۽ سنڌي ادب جي سموري جاگرافي پنهنجي روح ۾ ايئن
سهيڙي ۽ کيڙي ويٺو هو جو وري نه ڪو ٻج هو پنهنجي اندر ۾ پوکي سگهيو نه وري لُڻي
سگهيو. ظفرحسن ئي ته جوهي مان سپنا کڻي آيل اڪبر جسڪاڻي کي سنڌي ادبي بورڊ جي
لائيبرري ۾ رکرايو جيڪو ڏسندي ڏسندي پنهنجي اندر ۾ ڪيئي لائيبرريون سمائي ويو. هن
غلام رباني آگري، شوڪت حيسن شوري ۽ انور هالائي وارو منسب ڪيڏي ايمانداري ۽ سچائي
سان سنڀاليو اُن جو گواھ خود اُهو دؤر آهي جنهن ۾ هُن چاھ ۽ چاهت وچان سنڌي ٻالڪن
کي “ گُلَ ڦُلَ” نون رنگن سان سهيڙي ۽ ميڙي ڏنو،
ڪاش! ڪجھ ساعتون ڪجھ لمحا هو
پُرسرار موت جي، نفسياتي ڏاڍ جي ۽ انتظامي پريشر جو شِڪار نه ٿيئي ها ته جيڪر
اسانجي هاڻوڪي تيار ٿيندڙ ٽهي “گُلَ ڦُلَ” ضرور هجي ها. مونکي جهڙو ظفرحسن اُجرو لڳو
هو تهڙو ئي اڪبر به نِرالو هو، هُن پنهنجو پاڻ نه شهر جي آلودگيءَ ۾ وڃايو هو نه
وري هن پنهنجو پاڻ زماني جي فريب ۾ گُم ڪيو هو. شايد اُن جو ڪارڻ اُها معصوميت ۽ ٻالڪ
پِڻو ئي هو جنهن جي چيچ پڪڙي هو پنهنجي دل ۽ ضمير ۾ لهندو ويو. اڪبر جي ٽيبل تي جڏهن
پٽيوالو چانھ جو ڪوپ رکي هليو ويندو هو ته مان ڪوپ مان نڪرندڙ ٻاڦ پويان اڪبر کي
خوشبوئن ۾ تحليل ٿيندي محسوس ڪندو هوس، شايد اُهي خوشبوئون کيس امڙ جي آغوش ۾ کڻي
وينديون هيون جنهن ۾ ڪنڌ رکي کيس سمهڻ جي وڏي آس هئي.
ڪڏهن ڪڏهن جڏهن کيس چوندو هوس ته
، ”شادي ڇو نٿو ڪرين ؟“
ته صرف ايترو جواب ٻُڌڻ لاءِ
ملندو هو ته “آئون ته اڃا ننڍڙو ٻار آهيان، ٻاراڻيون ڪهاڻيون ٿو لِکان ۽ ٻاراڻو
رسالو ٿو ڪڍان.....”
۽ پوءِ هڪڙو وڏو ٽهڪ سندس پارٽيشن
واري ڪئبِن ۾ گونجي گُم ٿي ويندو هو، سندس ٽهڪ ۽ جواب ۾ کٽمِٺڙي جهڙي کٽاڻ مِٺان
هوندي هئي جيڪا ويرم ۾ سمورا مفهوم سمجهائي ڇڏيندي هئي ۽ اُن ازم جو انت سَرو به ٻُڌائي
ڇڏيندي هئي جيڪو اڪبر پنهنجو پاڻ سان ڪري ڇڏيو هو.
ننڍپڻ ۾ پيءُ جي گذاري وڃڻ
کانپوءِ هُن لاوارث بڻجي جيڪي به ڏک ۽ تڪليفون ڏٺيون ۽ سَٺيون هُيون اُهي کيس دنيا
جي ڪنهن ٻار لاءِ هرگز قبول نه هيون. هُن هر ٻالڪ کي مُرڪندي، کِلندي ۽ کيڏندي ڏسڻ
چاهيو هو، هن پنهنجي ٻالڪن لاءِ ٻاراڻين ڪهاڻين ۽ ناوليٽ جا سڄا سارا چار ڪتاب ڏنا،
جن ۾ “رَمو پيٽي” “خيرو حجم” بايوگرافيڪل ناوليٽ “ بتين واري ناني” جيڪي سائين
نثار حُسينيءَ ڇپرايا ۽ هڪ مجموعو هالا جي دوستن ”گلڙن جا گهاءُ“ جي نالي سان ڇپرايو.
جيڪي وري نئين سر ٻيهر سندس جگري يار محمد علي ماجد ڪاڇو پبليڪيشن جي پليٽ فارم
تان ۲۰۰۳ کان ۲۰۰۵ جي دوران ڇپرايا. جن جا اسڪيچ يارڙي منور ابڙي ٺاهيا هئا.
اڪبر پنهنجا سمورا لڙڪ خبرناهي ڪٿي
لِڪائي ڇڏيا هئا، جڏهن به ساڻس مِلبو کيس ڏسبو هو ته هو مُرڪندو رهندو هو. اڪيلائين
۾ روئيندڙ منهنجي يار جنهن جي بي درد زماني سار نه لڌي لاءِ ڪهڙا عُضر ويهي پيش ڪريان.
جوهيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت جي شاخ جو بُنياد وجهڻ واري اڪبر جسڪاڻيءَ کي سنڌي ادبي
سنگت به ڪڏهن ياد نه ڪيو نه وري ادبي بورڊ جي اُنهن بِندرين ديوارن ۾ ڪم ڪندڙ سندس
ساٿين کيس ساريو جن کي هُن پنهنجي اندر جا سمورا درد سور لِڪائي ٽهڪ ارپيا هئا.
اڪبر جسڪاڻي
وسري ويل شخص
ماجد سمون
ڪڏهن ڪڏهن ڪي ماڻهو مختلف حوالن
سان سڃاتا ويندا آهن، سندن ڪردار، فن، فڪر انهن جي اهڙي ته سڃاڻپ بڻجي وڃي ٿو جو
ان جو نالو وٺڻ بنا ان جو تصور اکين آڏو اچي ويندو آهي، مون کي ان وقت اڪبر جسڪاڻي
ياد اچي ويندو آهي جڏهن ڪنهن ڪچهريءَ ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي ماهوار نڪرندڙ رسالي “گل
ڦل” جو ذڪر ٿيندو آهي، ڪنهن محفل ۾ جڏهن جوهيءَ جو ذڪر ڪندا آهيون تڏهن به منهنجي
تصور ۾ ان اڪبر جي تصوير ئي ڦرندي آهي جنهن کي سنڌ“ بتين واري نانيءَ” جي عنوان
سان ناول جي تخليقار طور سڃاڻي ٿي، مون کي ته ان وقت به اڪبر جسڪاڻي ياد ايندو آهي
جڏهن ڪنهن محفل يا تقريب ۾ ٻارن جي ادب جو ذڪر ٿئي ٿو، ان جو وڏو ڪارڻ اهو به آهي
ته هو هڪ اڪيڊمي هو ٻارن جي ادب جي، هو سنڌي ادب جي پيڙهه هو، گل ڦل هن جي سڃاڻپ
هو ۽ هو گل ڦل جي سڃاڻپ هو. هن جي ادارت ۾ جڏهن گل ڦل نڪرندو هو تڏهن هن جو سنڌ جي
هزارين ٻارڙن سان واسطو هوندو هو. ان گل ڦل سنڌي ادب جي پيڙهه وڌي، ان گل ڦل اديب
پيدا ڪيا، ان گل ڦل ٻولي لاءِ ڪم ڪيو، اهو گل ڦل جنهن ۾ ٻارڙا جڏهن پنهنجيون ڪچيون
ڦڪيون لکڻيون موڪليندا هئا ته انهن جي ايڊيٽنگ ڪري اڪبر جسڪاڻي وڏي خوبصورتي سان
شايع ڪندو هو، جنهن کان پوءِ انهن ٻارن جي حوصلا افزائي ٿيندي هئي، اڄ جيڪڏهن
اوهان ڪيترن ئي اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن کان پڇندئو ته انهن جي شروعات اهو گل ڦل ئي
هو جنهن جي پٺيان اڪبر جسڪاڻي جو ڪردار هو.
No comments:
راءِ ڏيندا