مختيار مغل
(يادگيريون)
منظور ڪوھيار
البم ۾
ھن پراڻي فوٽو کي ڏسي مير عبدالحسين سانگي جو شعر ياد اچي ويو:
ياد ڪيو
ياد ڪيو، ياد ڪيو سي
وسري
جي وڃن دل تان لهي دوست پراڻا
هن فوٽو
جي وچ تي سفيد پينٽ شرٽ سان مختيار احمد مغل بيٺو آهي، جيڪو ڪيترا سال اڳ اسان کان
اوچتو وڇڙي ويو. پر ان يار جون ڳالهيون ۽ طرز بيان اڃا تائين نه وسريو آھي. پيشي
جي لحاظ کان استاد، ۽ اعلى درجي جي وضع قطع رکندڙ ۽ سليقي شعار شخصيت هيو. ڏسڻ سان
لڳندو هيو، ته ڄڻ کيس ڌوٻي کنڀ مان ڪڍي، تار تي سڪائي، ڪپڙن سوڌو استري ڪري موڪليو
هجي. هميشه صاف سٿرو، ۽ فضيلت ماب. ڪرسيءَ تي ويهڻ کان اڳ ڪرسي کي جاچيندو ته ميري
سيري ته ناهي. جي آهي، ته ويهڻ کان اڳ کيس چڱيءَ ريت اگھندو، ۽ پوءِ ويهندو. وري
ويهندو به اهڙي طرح جو مجال آ جو ڪپڙي کي ڪو گھنج اچي، ڀل کڻي ويٺي ورھ گذري وڃن.
پاڻ ڪوشش جي باوجود به مختيار وانگر ويهڻ نه سکياسي، ڪچهري ڪندي اڌڪلاڪ کانپوءِ ڏس،
ته آڳو گابي چٻاڙيل ۽ قميص جون ٻانهون گھنجيل.
وري ڳالهين
جو ڳهير به اهڙو، جي ڳالھ کڻي ته طلسم هوشربا، جي هڻي ته هزار داستان....
۱۹۷۹ جي ڳالھ آهي. ڪليم لاشاري لاڙڪاڻي آيو، ته پشاور جي هوائي اڏي بڊبير تان
آمريڪي جاسوس جھاز جو قصو ٻڌايائين، ته ڪيئن نه ان اڏام ڪري سويت يونين جي سرحدن ۾
حساس جاين جي فوٽوگرافي پئي ڪئي، جنهن کي روسين سام ميزائيل هڻي ڪيرائي وڌو، ۽
آمريڪا کي بدناموسي ملي. اهو قصو، هو ڪراچي مان ڪنهن ڪتاب تان پڙهي آيو هيو، شايد ڪتاب
جو نالو ”دي انوزيبل گورنمينٽ“ هيو، يا ٻيو ڪجھ.
خير، ڪليم
لاشاري جي ڪراچي وئي کانپوءِ جھڙي ريت شعيب عمراڻي ان قصي کي ٻه ڏينهن قسطن ۾
هلايو، سو به قابلِ رشڪ هيو. ڳالھ جو منڍ کڻڻ ڪو شعيب کان سکي. تجسس ۽ پراسراريت
سان ڀرپور، وچ به ٺيڪ ٺاڪ، پر پڇاڙي ڪو نه، ڄڻ ٻڌندڙ کي رڻ ۾ رلائي هليو ويندو
هيو، (ان جي شاهدي آفتاب مغل پڙهندو ته پاڻهي ڏيندو).
پر
مختيار مغل ڪمال جو ماڻهو هيو.
ياد
آهي، ته تماچي هوٽل (مهراڻ هوٽل جي ڀر ۾ هوندو هيو) تي، شام جو شهر جا نوجوان ڪٺا ٿيندا
هيا. جيالي شهيد ضيا الحق جو زمانو هيو، جنهن پنهنجي محسن شهيد ذوالفقار علي ڀٽي
کي نئون نئون شهادت جو جام پياريو هيو. توڙي جي هوٽلن تي وڏي چؤڪسي هوندي هئي، پر
اجھل نوجوان ڪٿي ٿا مڙن، سو به اهي جن سياسي ڪوٽا تي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ سيٽ
ورتي هجي. بحثا بحثي جو زمانو هيو، هر ڪو ڪجھ نه ڪجھ پڙهي ايندو هيو، ٻيو ڪجھ نه، ته
پمفليٽ ئي سهي۔ ھر ڪو پيو هڪ ٻئي تي روب جھاڙيندو هيو. عمومن ان دؤر جي حڪومت ۽
آمريڪا زيرِ بحث موضوع هوندا هيا. ڪي بي بي سي دانشور به هيا، جيڪي صبوح شام بي بي
سي جا حوالا ڏئي پيا بحث ڪندا هيا. جن ۾ ڪامريڊ روشن شيخ سر فهرست هيو. اسان جو
رانديگر ٽولو به بيگاني شادي ۾ عبدالله ديوانه لڳو پيو هوندو هيو. چار ڪتاب پڙهياسي،
ته مٿو جاءِ تي نه هيو. پر سياسي سپورنجن پاڻ کي پرتي ڪري بيهاريو، ته ڀلا ملھ ۽
راڳ جو ڪهڙو تعلق؟
هڪ ڏينهن
چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن جو ٽولو، هوٽل جي وڏي چؤنري (تماچي هوٽل ۾ چؤنرا ٺهيل
هوندا هيا) ۾ اسان جي سامهون اچي ويٺو. هڪڙي شاگرد اسان کان پڇيو؛ ”سائين، اوهان ڪهڙي
پارٽي ۾ آهيو؟“
اسان ڪو
جواب ڏيون، ان کان اڳ مختيار احمد مغل کانئن پڇيو؛ ”ڀائو! اوهان کي آمريڪي جاسوسي
جھاز يو ٽو جي خبر آهي؟“
هنن
وراڻيو، ”نه سائين!“
”هاڻي توهان
پڙهو گھٽ ٿا، ڳالهيون وڏيون ٿا ڪيو.“
”توهان
مهرباني ڪري ٻڌايو!“ انهن وراڻيو.
مختيار
مغل يو ٽو جو قصو شروع ڪيو؛ ”توهان دوستن کي اها به خبر ڪونهي، ته آمريڪا ڇا ٿو ڪري.
آمريڪا اهڙا جاسوسي طياره ٺاهيا آهن، جو هن وقت جيڪي اوهان تماچي هوٽل ۾ ويٺا
آهيو، اوهان جون ستر هزار فوٽ مٿا لنگھندي چٽيون پٽيون تصويرون ٺاهي سگھن ٿا“، ان ٻڌڻ
کانپوءِ ويٺل شاگردن جا لڱ ڪانڊارجي ويا.
”خير مان
توهان کي يو ٽو جو قصو ٿو ٻڌايان، جيڪو پهرين مئي ۱۹۶۰ تي، پشاور جي اڏي ’بڊ بير‘ تان اُڏيو هيو، ان مان اندازو ڪيو ته آمريڪا ڇا
ٿو ڪري. يو ٽو آمريڪا جو هڪ جاسوسي جھاز هيو، جنهن جي پائلٽ جو نالو گري پاورس
هيو“، ائين چئي مختيار احمد مغل، لفظن جي طاقت سان آمريڪي پائلٽ سان گڏ پاڻ به سيٽ
بيلٽ ٻڌي ڪاڪ پِٽ ۾ ويهي رهيو. ۽ ٻڌائيندو پئي هليو، ته افغانستان مٿان پهچندي،
جھاز جي رفتار ۽ اوچائي ڇا هئي، ۽ جڏهن سويت يونين جي رياست ازبڪستان مٿان هلڻ لڳو،
ته سندس اوچائي ۽ رفتار ڪيتري هئي. جڏهن روسين جي ريڊار ۾ اچي ويو، ته ڪيئن سويت
يونين جي جاسوسي اداري ’ڪي جي بي جي‘ دفتر ۾ هلچل مچي وئي. پر پائلٽ کي آڱوٺي جي
به پرواه نه هئي، جو هن کي خبر هئي، ته روسين جو مگ ۱۹ ايتري اوچائي تي نه ٿو اڏي سگھي. هو جڏهن قزاڪستان جي سرحدن ۾ داخل ٿيو،
ته اوچائي سٺ هزار فوٽن تي هيس. پر هو لاپرواه ٿيو پئي هليو، جو کيس اها ڄاڻ هئي،
ته روس جو ’ايس يو نائن جھاز به جي سندس سامهون آيو، ته سندس رفتار کي نه پڄي
سگھندو. هو بي فڪرو ٿي، جڏهن روسي رياست جي سرحد ۾ پهتو، ته هن اوچائي اڃا وڌائي اٺهٺ
هزار فوٽ ڪري ڇڏي. هاڻي هو روس جي شهر ’سوردلوسڪ‘ (يڪترينه برگ) مٿان آرام سان سئي
جھڙي سنهي شئي جي به فوٽوگرافي ڪري رهيو هيو، ته هيٺان زمين تي هينڊ گلوز پاتل هڪ
ريڊ آرمي جي ڪرنل جي اشهد آڱر ڳاڙهي بٽڻ تي لڳي، ۽ ميزائل زون! ڪري نڪتو، پر اهڙو
نڪتو جو پائلٽ کي تڏهن خبر پئي، جڏهن جھاز ڦرڻيءَ جيان ڦرندو هيٺ آءُ ڪئي. اتي پائليٽ
لاءِ ٻه آپشن هيا، ته هو ڳچيءَ ۾ ٻڌل چانديءَ جي سڪي ۾ لڳل زهريلي سئي کي جسم ۾ ٽنبي
يا زنده رهي. هن فيصلو ڪيو، ته پئراشوٽ ذريعي لهي ۽ پوءِ فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو.
اهو سوچي هن ايمرجنسي بٽڻ دٻايو، ته ازخود ڪاڪ پٽ کلي ويو، ۽ ھو پئراشوٽ سوڌو فضا
۾ ٻاهر نڪتو۔ پوءِ پئراشوٽ جي سهاري لڏندو لمندو هيٺ لهڻ لڳو. هڪ پاسي پئراشوٽ تي
ريڊار جي نظر هئي ۽ ٻي طرف هيٺان سوين اکيون کيس دوربين مان ڏسي رهيون هيون. جيئن
ئي زمين تي لٿو، ته کيس هڪ ريڊ گارڊ ائين ڳٿڙ کان جھلي ورتو، جيئن ميانوالي جو
جمعدار ملتاني بشني کي پڪڙيندو آهي.“
هن چانڊڪا
ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن کي تماچي هوٽل ۾ اهو قصو، ڪنهن روسي ناول جيان ٻڌايو. جنهن
جو منڍ مزيدار، وچ ڀرپور ۽ پڇاڙي شاندار هوندي آهي.
ٻڌڻ
کانپوءِ منهنجي دوست علي شير رونگھي چيو؛ ”منظور لڳي ائين ٿو، ته اصلي ڪتاب ته
مختيار مغل پڙهيو آهي، ڪليم لاشاري ته مڙئي حوالُ ڪٽيو هيو.“
No comments:
راءِ ڏيندا