; سنڌي شخصيتون: غلام انور سهتو - غلام حسين خاصخيلي

29 August, 2018

غلام انور سهتو - غلام حسين خاصخيلي


غلام انور سهتو
املهه ماڻڪ شخصيت
غلام حسين خاصخيلي
غلام انور سهتو روزاني ”عبرت“ ۾ ۱۴ آگسٽ ۱۹۵۸ع ۾ شروعات ڪئي ۽ سندس ساٿ زندگي جي آخري گهڙين تائين عبرت گروپ آف پبليڪيشن سان سلهاڙيل رهيو. غلام انور سهتو سموري زندگي روزاني ”عبرت“ ۽ عبرت گروپ آف پبليڪيشن جي ساٿ ۾ ساٿ نڀائيندي اخبار جي سرڪيوليشن کان وٺي اخبار جي سمورن معاملن ۾ سندس ساٿ وسارڻ جوڳو ناهي. غلام انور سهتو زندگيءَ جو سفر عبرت سان نڀائيندي پورو ڪيو. هِن دنيا مان هر ڪنهن کي اُن منزل ڏانهن راهي ٿيڻو آهي جنهن منزل ڏانهن انور سهتو روانو ٿي ويو آهي. اهڙيون املهه ماڻڪ شخصيتون پنهنجي زندگيءَ ۾ بهتر ڪم ڪرڻ جي ڪري کين زندگيءَ ۾ مڃتا ملي ٿي. عبرت گروپ آف پبليڪيشن ۾ روزاني ”عبرت“ جي شروعات وارن ڏهاڙن ۾ قاضي عبدالمجيد عابد طرفان جڏهن اخبار جي شروعات ڪئي وئي ته ان وقت انور سهتي عبرت اخبار ۾ ملازمت وٺندي عبرت سان ساٿ آخرين گهڙين تائين نڀايو. قاضي عبدالمجيد عابد کان وٺي قاضي اسد عابد تائين غلام انور سهتو عبرت گروپ آف پبليڪيشن سان ساٿ نڀائيندي اخبار جي لاءِ جيڪا محنت ڪئي اها تعريف جوڳي آهي. اهڙين املهه شخصيتن کي ڀيٽا پيش ڪندي سنڌ جي سدا حيات شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جو هي بيت کيس ارپيون ٿا.


ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنجھ،
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي.
اهڙا ماڻهو واقعي املهه ماڻڪ هوندا آهن. اهڙن ماڻهن لاءِ شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جون مٿئين بيت جون سٽون سندن مان لاءِ هڪ وڏو اعزاز ۽ ايوارڊ آهي. غلام انور سهتو ڪجهه عرصو پهرين روڊ حادثي دوران زخمي ٿي پيو هو، سندس علاج ٿيو ۽ خدا کيس زندگي ڏني. پنهنجي زندگيءَ جا ڏينهن گذاريندو رهيو ۽ هميشه عبرت سان پنهنجو ساٿ نڀائيندو رهيو، زندگيءَ جو سمورو سفر ان وقت تائين جاري رهندو آهي جنهن وقت تائين زندگي ساٿ ڏيندي آهي. انور سهتو به پنهنجي زندگيءَ جا ڏهاڙا گذاريندي اخبار جي دنيا ۾ ڪم کي جاري رکيو. سندس وڇوڙو عبرت گروپ آف پبليڪيشن جي سموري سٿ لاءِ ڏکائيندڙ آهي. سندس وڇوڙي تي پونيئرن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، غلام انور سهتو هاڻ اسان ۾ نه رهيو آهي. بس سندس يادون ئي هميشه ياد رهنديون. سندس ڪيل تاريخي ڪچهريون ۽ اخبار لاءِ ڪيل ڪم تاريخ ۾ هميشه ياد رکيو ويندو. غلام انور سهتي جي خدمتن بابت عبرت گروپ آف پبليڪيشن کي ۶۱ سال کان وڌيڪ عرصو ارپيندڙ استاد شمس الدين بلوچ سندس باري ۾ اهو چوي ٿو ته؛ ”غلام انور سهتو ملڻ ۾ بهترين انسان هو. سندس ڪيل ڪچهريون ۽ اخبار لاءِ ڪيل خدمتون هميشه يادگار بڻيل آهن.“ غلام انور سهتو جي وڇوڙي تي، سندس يادن کي ساريندي، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جون هي سٽون سندس ياد کي وڌيڪ ياد ڏيارين ٿيون.
اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين.
آديسي اُٿي ويا، مڙهيون مون مارين.
جي جيءُ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.
هميشه زندگيءَ ۾ اهڙو ئي ڪم ڪجي جيڪو مرڻ کانپوءِ هميشه ياد رهي، هن دنيا ۾ ڄمڻ وقت کوڙ سارا انسان اچڻ کانپوءِ پنهنجي زندگيءَ ۾ اهڙو ڪو نه ڪو يادگار ڪم ڪري ويندا آهن جو سندن وڃڻ کانپوءِ سندن نالو تاريخ ۾ سنهري لفظن سان هميشه ياد رکيو ويندو آهي. غلام انور سهتو، اصل ٺاروشاهه ضلعي نوشهروفيروز جو رهواسي هو، پر پاڻ وڏي عرصي کان سنڌ جي ٻئين نمبر وڏي شهر حيدرآباد ۾ لڏي آيو ۽ ٿڌين هوائن جي حوالي سان مشهور شهر حيدرآباد ۾ پنهنجي زندگيءَ جو سمورو عرصو گذاريائين. سندس سمورو عرصو اخباري دنيا ۾ روزاني ”عبرت“ سان ئي لاڳاپو رهيو.
سندس وڇوڙي تي نه رڳو سندس دوست، مٽ مائٽ سوڳوار آهن پر عبرت گروپ آف پبليڪيشن جو سمورو سٿ به سوڳوار آهي.
سندس لاءِ اها دعا ڪجي ٿي ته الله تعاليٰ مرحوم غلام انور سهتي کي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي، آمين.

No comments:

راءِ ڏيندا