; سنڌي شخصيتون: مشتاق احمد راهو - مقبول راهو

17 September, 2018

مشتاق احمد راهو - مقبول راهو


مشتاق احمد راهو
ڀٽائي جي ڪردار ڄام راهوءَ جو تسلسل
مقبول راهو
هڪ اهڙي سخي مرد پنهنجي اندر ۾ زرخيز شخص مشتاق احمد راهوءَ جي آتم ڪٿا ڊگهي عرصي کان نيو سعيد آباد ويجهو ڳوٺ شهمير راهوءَ ۽ سندس پسگردائي سميت نوابشاهه، حيدرآباد ۽ ضلعي مٽياريءَ جي ماڻهن کي متاثر ڪندي رهي آهي، جنهن پنهنجي خوبصورت شخصيت جي بدولت، وت ۽ وس آهر، پنهنجي علائقي جي غريب، بي پهچ ۽ مسڪين ماڻهن کي پنهنجي وجود جو حصو سمجهندي، ساڻن محبت جي انتها ڪندي نه رڳو سندن مالي ۽ اخلاقي مدد پئي ڪئي آهي پر تعليمي ترقي لاءِ پڻ سندس ڪاوشون تاريخ جو حصور رهيون آهن. هن شعور جي اک کوليندي ئي ڄاڻي ورتو هو ته ترقي جو پهريون ڏاڪو تعليم آهي. تنهن ڪري هن تعليم لاءِ هر کڄندڙ نٻل وک ۾سگهه پيدا ڪئي ۽ ان کي مضبوط بڻايو ته جيئن تعليم لاءِ کڄندڙ قدم اونداهي سماج جي راڪاسن هٿان ڪٿي هار نه کائي ويهي رهي  پوءِ هن ڌڙا ڌڙ پنهنجي علائقي جي غريب ۽ بي پهچ نوجوانن کي تعليم کي اڳتي وڌائڻ لاءِ اتساهيو۽ پنهنجا دروازا هنن لاءِ هميشه کولي رکيا ته جيئن هو ڪٿي ڪمزور ٿي ڪري نه پون ۽ سندن تعليم اڌ ۾ نه رهجي وڃي. بنا لوڀ ۽ لالچ جي مشتاق احمد راهوءَ سعيد آباد ويجهو ڳوٺ شهمير راهوءَ ۾ پنهجو انقلابي ڪم جاري رکيو ۽ اڄ تائين جاري رکيو پيو اچي توڙي جو هو پنهنجي سماجي حوالي سان جاگيرداراڻي سماج جو حصو ته رهيو پر هن پنهنجي ذات جي حساسيت سبب اهو ليبل ڪڏهن به پنهنجي مٿاڻ چاڙهڻ نه ڏنو ۽ ان جي ابتڙ هن اهڙا عملي قدم کنيا جن روايتن جا بت ڊاهي ڇڏيا. هن سماج جي اٿندڙ هر آڱر کي ڪٽي ڇڏيو ۽ هن نه رڳو مظلوم عوام پر مظلوم عورتن جي حقن کي پڻ پنهنجي ايجنڊا جو حصو بڻايو ۽ پوءِ دنيا ڏٺو ۽ ڏسندي ئي رهجي وئي ته هن پنهنجي نياڻين کي پڻ اعليٰ تعليم ڏياري ۽ اڄ سندس اهي نياڻيون ڊاڪٽر آهن.


ڏتڙيل ماڻهن جي اخلاقي ۽ مالي مدد ڪرڻ ڪو آسان ڪم نه آهي هن لاءِ به ماڻهو کي ڪيترا ئي جتن ڪرڻا پون ٿا، پر تنهن جي باوجود به ماڻهو ان منزل کي ماڻي نه ٿو سگهي. ان لاءِ ماڻهو جو ذهني طور تي پنهنجي ڌرتي، ان جي ترقي ۽ تعليم جي حوالي سان ڪميٽيڊ هجڻ تمام ضروري هوندو آهي ۽ ڪميٽمينٽ اندران ايندي آهي يا ايئن به کڻي چئجي ته ورثي ۾ ملندي آهي سو ڪڏهن ڪڏهن لڳندو آهي ته مشتاق احمد راهوءَ جي ذات ۾ جيڪا سماجي خدمت جي ستي پيل آهي سا کيس پنهنجي خاندان کان ورثي ۾ ملي آهي جيڪا صدين جي سفر بعد اڄ به جاري ۽ ساري آهي.
شهمير راهوءَ ڳوٺ جي رهندڙ ڀٽائي جي ڪردار ڄام راهو جي هن جديد ڪردار جي ڪوششن سان ئي ڳوٺ شهمير راهوءَ ۾ هاءِ اسڪول جو بنياد پيو ۽ اڄ ڪيترا ئي ٻارڙا هر سال هاءِ اسڪول جي تعليم پوري ڪري اعليٰ تعليم پرائڻ لاءِ اڳتي سفر جاري رکن ٿا.
هونئن به ڏٺو وڃي ته راهو قبيلي جي پنهنجي هڪ سماجي تاريخ رهي آهي جنهن کي شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي سر بلاول ۾ ڳائي محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. مشتاق احمد راهو کي اسين پڻ ان تاريخ جو تسلسل ڪوٺي سگهون ٿا، جنهن تاريخ کي قلمبند ڪندي شاهه سر بلاول ۾ ڄام راهوءَ کي قلمبند ڪندي لکيو هو ته:
راهو تنهنجي ريت، پرکنڊين پڌري،
گهڻا گهوڙن چاڙهيئي، مسافر مسيت
پڇين ڪا نه وڏيت، جي آيا سي اگهي ويا.
هن جو ڏاڏو الهداد خان راهو پڻ سماجي حوالي سان انسان دوست ۽ پنهنجي ماڻهن سان پيار ڪندڙ رهيو، هن وٽ به جڳ ڍرندا هيا، هي به جڳ جهان جون خدمتون ڪندي نه ڍاپندو هيو، سندس خدمتن عيوض حڪومت پاڪستان کيس ستاره خدمت جو اعزاز ڏنو هو. جڏهن زندگي جي آخري ايامن ۾ هيو ته هڪ ڀيري سمورن ڳوٺ واسين ۽ چئن چڱن کي پاڻ وٽ گهرائي سڀني اڳيان وصيعت ڪئي هيائين ته منهنجي پڳ جو حقدار هي ننڍڙو مشتاق احمد راهو آهي جيڪو اڳتي هلي پنهنجي ماڻهن جي ڳلن تان ڳوڙها اگهندو سو منهنجي پڳ هن کي ٻڌي وڃي تنهن وقت اڃا مشتاق احمد راهو ڳڀرو نوجوان هيو. پر وقت کيس موقعو ڏنو ۽ هو اڄ به ان روايت کي نڀائي رهيو آهي.
انيڪ نوجوانن کي تعليم لاءِ اتساهيندو به رهيو آهي ۽ جڏهن به ڪوئي نوجوان پنهنجي تعليم نه جاري نه رکي سگهڻ جو مسئلو کڻي ويندو ته هو کين اتساهيندو رهندو آهي پر اها وڏي ڳالهه ته ان مالي سهائتا جي خبر رڳو کيس ۽ ان نوجوان کي ئي هوندي هئي ته هو سندن سهائتا ڪري رهيو آهي، ۽ وقت گذرڻ سان گڏ پتو پيو ته هو هزارين نوجوانن جي اهڙي مالي سهائتا ڪندو رهيو آهي جن سندس همدرديءَ سان تعليم جون منزلون ماڻيون ۽ اڄ پنهنجي مڇي مانيءَ وارا آهن.
هي توڙي جو ڊگها عرصي کان آمريڪا ۾ شفٽ ٿي ويو آهي، اتي به ڪيترا ئي سال اتي سڪون واري زندگي به گذاريائين پر پنهنجي مارن جي دردن کيس هڪ ڏينهن به اتي چين سان سمهڻ نه ڏنو ۽ هنن جي مسئلن جي حل لاءِ سوچيند رهيو، آمريڪي نيشنلٽي هجڻ جي باوجود هو واپس موٽي آيو ۽ اچڻ سان اچي پنهنجي بنياد پيل اسڪول جا دورا ڪيا والدين سان ميٽنگون ڪيائين، استادن ۽ شاگردن سان مليو ۽ ضلعي آفيسرن تائين پهتو ۽ اسڪول جا مسئلا پيش ڪري انهن جا حل ڳوليائين ۽ ڪم شروع ڪري ڏنو اٿائين. هي ڳوٺ شهمير راهو جو اتساهه ڏيندڙ شخص هن علائقي جو نه پر سنڌ لاءِ هڪ اعليٰ مثال جي حيثيت رکي ٿو.

No comments:

راءِ ڏيندا