; سنڌي شخصيتون: ڀارو مل امراڻي سوٽهڙ

27 September, 2018

ڀارو مل امراڻي سوٽهڙ

ڀارو مل امراڻي سوٽهڙ
منصوري صدا جهڙو شاعر
حفيظ چانڊيو

پوري قوم جون اکيون، شاعرن جي قلم واري اک مان نڪتل انهن لفظن منجهه کتل هونديون آهن، جيڪي سندن سجاڳي لاءِ لکيا ويندا آهن، شاعر ئي قومن جا اصل وارث بڻبا آهن، جيڪي سندن وارثي ڪندي ابن الوقت سان اکيون اکين ۾ ملائي قوم جي بقا جي جنگ وڙهندا آهن، شاعرن جي شاعري عظمت ڀري هوندي آهي، ڇو جو ان منجهه ماڻهن کي مسلسل جدوجهد لاءِ اتساهه ملندو آهي، شاعر وٽ پنهنجي ڪيفيتن، پيار ۽ پيڙائن، ڪومل جذبن،اندر ۾ ذهن ۽ ضمير جي جهيڙي ۾ اٿندڙ اڌمن ۽ اڻپورن احساسن جو اظهار سندس اها شهڪار شاعري ئي هوندي آهي، شاعر ته ٺهيل ئي ڪيفيتن جا هوندا آهن، اهو شاعر جيڪو مختلف ڪيفيتن مان نه ٿو گذري، سو سٺو شايد نه لکي سگهي، آءُ پنهنجي راءِ رکندي هيئن لکندس ته جيڪو شاعر ڪيفيتن جو يار آهي، سو ئي سگهارو نظم توڙي نثر سرجي سگهي ٿو، هونئن به ڪيفيتون، جن جا رنگ ۽ روپ ئي نرالا هجن ٿا، سي رنگ جڏهن تخليقار جي تخليق ۾ رچي وڃن ٿا ته اها تخليق اوج پسندي آهي، ڪيفيتن مان ڦٽي نڪتل نظم ۽ نثر جا ماڻهو، پنهنجي دور جا تمام وڏا ۽ سگهارا تخليقار بڻبا آهن، جيڪڏهن شاعر کان ڪيفيتون ڌار ڪري ڇڏيو ته هو روايتي ماڻهو بڻجي ويندو، اهو ڪمال حقيقت ۾ ان تخليقار جو ناهي، پر ان ڪيفيت جو آهي، جيڪا مٿس طاري ٿي، کيس لکڻ تي آماده ڪري کيس قلمي ۽ قلبي قرار بخشي، سڪون ۽ آنند بخشي ٿي.


ڀارو مل امراڻي، سوٽهڙ جي سموري شاعري اهڙين قرار ڏيندڙ ڪيفيتن آڌاريل آهي، جيڪو سندس تعارف بڻجي کيس ٻين رواجي ماڻهن کان منفرد ڪري هڪ سڃاڻپ بخشي ٿي. هو ڌرتيءَ جو شاعر آهي، سندس شاعري ۾ مٽيءَ جو مان سمان سمايل آهي، هو ماڻهن جي دلين جو ترجمان شاعر آهي، جيڪو شاعري وسيلي پنهنجن تجربن ۽ مشاهدن، احساسن جي اپٽار، سماجي، سياسي پسِ منظر، پيار ۽ پيڙائن، دوکن ۽ دولابن، پڇتاون، اُلڪن ۽ اوسارن کان رياستي جبر جو وڏي بي باڪيءَ سان اظهاري ٿو ۽ قوم کي مستقبل ۾ پيش ايندڙ خطرن کان آگاهي به ڏي ڏي ٿو، هن جي شاعري ۾ پوپٽي رنگن جهڙا وڻندڙ احساس جڏهن نازڪ ۽ مينڌي رتڙي هٿن تائين پهچندا آهن ته ان وقت پرهندڙن جا اوجاڳا ۽ شاعر جو پورهيو سڦلتا جو معراج ماڻيندو آهي.
چيلهار، جو هي ودياپتي شاعر منصور جي صدا جهڙو شاعر آهي، هو بنيادي طور هڪ مثالي استاد، سماج سيوڪ، اديب ۽ بهترين محقق آهي، جنهن پنهنجي منفرد اسلوب ۽ ڊڪشن سان ادبي ڪُڙم قبيلي ۾ هڪ الڳ ٿلڳ سڃاڻپ ٺاهي، پيار جو پورهيو ڪيو آهي، هو چئن_ پنجن ڪتابن جو خالق آهي، جنهن ۾ لوڪ ادب ، شاعري ۽ تحقيق شامل آهي، هو بنا ڪنهن رک رکاءَ جي، سڀني احساسن منجهه ساهه ڀريندو ٿو رهي، هن تاريخ جو ڳوڙهو مطالعو به ڪيو آهي، ته ديس جي حسناڪي کي تباهه ٿيندي ڏسي حيرت پڻ آهي گڏوگڏ مارن سان ٿيندڙ انياوَن جي ازالي لاءِ ابن الوقت تي ڪاوڙ پڻ آهي، ڀارو مل امراڻي سوٽهڙ، بين الاقوامي ادب سان گڏ تاريخ جو وڏو ڄاڻو آهي. هو ماڻهن جي اندر ۾ لهي، ساڻن، شاعراڻي روپ ۾ ڳالهه سلي پيو، هونئن به شاعري چئبو به انهيءَ کي آهي، جنهن جي پڙهڻ بعد پڙهندڙ کي ائين محسوس ٿئي ته ڄڻ هو پنهنجي ئي پيڙائن کي شاعريءَ جي روپ ۾ پڙهي رهيو آهي.
ڀارو مل امراڻي سوٽهڙ، جيتوڻيڪ ٿر جي فطري حسناڪين ۾ رهيو آهي. سندس طبعيت تي اها فطرت گهرو اثر ڇڏي کيس امن ۽ اهنسا جو داعي بڻايو آهي،  هو خالي پيٽ هجڻ باوجود، ذهن ۽ ضمير جو امير شخص آهي،  ٿر فطري حسناڪين جي حوالي سان پوري دنيا ۾ جيتُوڻيڪ مشهور آهي، شاعر ڀارو مل امراڻي، ٿر ۾ رهي، ٿر جي وارثي پڻ ڪئي آهي، هن پنهنجي ڏهوڻي ڏات سان ٿر ۾ رهندڙ ماڻهن جي احساسن کي پوري دنيا تائين پهچائڻ ۾ ڪا قصر ناهي ڇڏي، ان ڪري ئي هو جڏهن مارن کي ڪاري ڏُڪار سبب بکن ۾ پاهه ٿيندي ڏسي ٿو ته سندس اندر اڌواڌ ٿي پوي ٿو، سندس من ۾ مارن جي خوشحالي، بهتر صحت ۽ تعليم جو الڪو جاڳي پوي ٿو، هو سرڪار جي خراب حڪمرانيءَ کي شاعريءَ ۾ مسلسل ننديندو آيو آهي، ته ٿرين سان ٿيندڙ حڪومتي ستم ظريفي کي، هو وقت جو وڏو الميو به سمجهي ٿو. سندس اندر ۾ روپلي جو روح واسو ڪري ويهي ٿو رهي، ڇو جو فطرت سان جُڙيل تخليقار، فطري ماحول کان ٻاهر ناهي وڃي سگهندو ، بلڪل ائين ڀارو مل، امراڻي به فطرت جي پاڇي ۾ پليو آهي، نپنيو آهي، وڌي جوان ٿيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو هو پنهنجي ديس جي درد کي محسوس ڪندي، آسوند آهي ته سندس ديس ڄاوا ۽ ديس ڌياڻيون پنهنجن چونئرن سان ازلي چاهه کي آخري ساهن تائين جوڙي رکنديون، ۽ کيس يقين آهي ته هڪ ڏينهن سڀ سُک جو ساهه ضرور کڻندا.
پُــــرزا پُـــرزا آهــي جيـــــون،
آهــي ڪــوئــي ٺــاهــي جيـــون،
مُنهنجو هونـدي، منهنجو نــاهي،
مــنهنــجـو ڪـهڙو آهي جيـون!
ڀارو مل امراڻيءَ جي مٿين شعر ۾ هڪ درد آهي، جيڪو کيس سمهڻ ئي نه ٿو ڏئي، هو زندگي کان مايوس ناهي، پر سماج ۾ ٿيندڙ ڀڃ ڊاهه کي ڏسندي، سماج دشمن قوتن جي منفي روين کي پني تي پرٽي، کانئن نفرت جو اظهار ڪري پيو، هو مٿين شعر ۾ سماجي اوڻاڻين سبب پرزا پرزا ٿيندڙ جيون جي هڪ درد ڪٿا کي بيان پيو ڪري، جنهن ۾ هوانساني المناڪ وارتائن جو نوحو بيان ڪري ٿو، هو ٻڌائي پيو ته اها ڪهڙي زندگي آهي، جنهن منجهه زندگي هوندي به ماڻهو بي اختيار آهي، مذهبي متڀيد واري چڪر ۾ ماڻهو جڏهن ماڻهپي مان نڪري، اعليٰ انساني قدرن جي پائمالي ڪري، ذهني غلاميءَ جو ٻج ڇٽي، ته ان وقت شاعر جي اندر ۾ سندس شعور ان جهالت سان بغاوت تي لهي ايندو آهي، ان کان علاوه ڀارو مل امراڻيءَ، سوٽهڙ ڌرتيءَ جو شاعر آهي، جيڪو ڌرتيءَ سان محبت ڪندي، ڌرتي ڌڻين جي ڳالهه پيو ڪري، سندس شاعريءَ منجهه، ٿر ۽ ان جي آسپاس جي علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي جو ذڪر آهي، انهن مالوند ماڻهن جو ذڪر آهي، جيڪي جڏهن مال ڇوڙي، ڏورانهين علائقن ڏانهن ويندا آهن ته انهن جي چڙن جا آواز ايندڙ ويندڙ ماڻهن کي متوجهه ڪندا آهن، هو چونئرن اندر انهن ڏوڪرين، نوجوان نارين جي ان ماحول کي به ٻڌائي ٿو، ته هو پينگهه تي هڪ جيڏين سان ڪيئن لڏندي مورن جا ٽهوڪا ٻڌندي خوش ٿي سرهيون ٿينديون آهن، هو سندن هڪٻئي سان رسڻ ۽ پرچڻ جي ان اندازن کي به چڱيءَ ريت بيان ڪيو آهي، انهن نارين سان ناراض ٿيندڙ انهن ڪُراڙين جي دڙڪن کي به خوب بيان ڪيو اٿائين، سندس شاعريءَ ۾ پوري ٿر جي تاريخ ۽ تهذيبي اهڃاڻ سمايل آهي جنهن کي پڙهڻ بعد مرجهايل من، هڪ دفعو ٻيهر مُرڪي پوندو.
تُنهنجي مون کان دوري آهي،
مون لئي پل پل سُوري آهي،
ڪيڏا شعر ته ٿڌڙا آهن،
شاعر اندر کُوري آهي.
ڀارو مل امراڻي سوٽهڙ کي، بس هڪڙو الڪو، کيس اڏوهيءَ جيان پيو کائيندو آيو آهي ته متان هو، ڪجهه لکڻ کان رهجي نه وڃي، ۽ هو خدا سان مخاطب ٿيندي مهلت گهرندي پنهنجي شاعريءَ ۾ اظهاري پيو ته کيس زندگي جي آخري لمحن ۾ بس ايتري مهلت ملي، جيئن هو پنهنجي پريميڪا لاءِ ڪو ڏيئو ٻاري سگهي ساڻس پيار ۽ پنهنجائپ جو فرض ادا ڪري سگهي، ڌرتيءَ سان گڏ سرتيءَ سان ڏسو ته سنڌ جو هيءُ يگانو شاعر ڪيڏو نه ڪميٽيڊ آهي. پيار جو پنڌ ڪيڏو نه اوکو هوندو آهي، جنهن ۾ ڪيترن پيڙائن ۽ دردن مان گذرڻو پئجي ويندو آهي، ان درد ۽ پيڙا جي سٽَ کي سلجهائڻ وارن احساسن جي آنڌ مانڌ جيڪا ڪالهه مرشد لطيف، اياز کان ويندي ماياڪووسڪي، لورڪا، بريسن ،جان ريڊ، برٽالٽ بريخت، رس لين، پدماڪر، حشو ڪيول راماڻي، ڪبير، تلسيداس، سچل، ساميءَ، ٽراٽسڪي، وديا پتي، البرٽ ڪاميو، آسڪر وائيلڊ، ماريارلڪي، زاڪ ديدا ۽ رولان بارٿ اڀن ڪاون تي هلندي پنهنجا پير زخمي ڪيا، اڄُ ساڳي ئي شدت سان ٿر جي هن سهڻي ڪوي کي پنهنجي مارن جي خوشحاليءَ لاءِ خوبصورت خوابن جي ساڀيائن وارو الڪو هانءَ ۾ هري رهيو آهي، جيڪي هڪ ڏينهن ضرور ساڀيائون ماڻي، مارن جون مرجهايل مرڪن کي واپس ورائيندو.  هو خانه بدوش شاعر، ائين لڳندو آهي ته هن صدين جو پنڌ جهاڳي، منصوري مام جي تشريح  ڪندي شاعري وسيلي زمان ۽ مڪانن ۾ مسلسل ٿرٿلا پيدا ڪندو آيو آهي، هو پنهنجي ڏات ۾ اهڙي گهري چيخ ٿي اڀريو آهي، جيڪا ڪوڙ تي ٻڌل ڪوٽن کي ڪيرائڻ لاءِ ڪارگر ثابت ٿيندي. سندس ڏهوڻي ڏات جنهن جي بلندي هماليه ۽ هالار کان به اونچي آهي.
سانجهيءَ جون سارون،
ڪجلا سَر جي ڪپ تي.
سُونا ڦل سڳين ۾،
ڇيرن ڇمڪارون،
ڪجلا سَر جي ڪپ تي.
شاعر، ڀارو مل امراڻي سوٽهڙ نهايت کلمک، محبتي، مخلص ۽ محنت ڪش ڪوي آهي، جنهن وٽ لفظن جي روپ ۾ موتين جون ڪيئي مالهائون آهن، سندس من ۾ موجود ديس جي خوشحاليءَ وارو خواب هڪ ڏينهن ضرور ساڀيائون ماڻيندو. سندس ڪلام ۾ روپلي واري رڙ جو اهو مزاحمتي ازلي آلاپ سمايل آهي، جيڪو ديس جي ڦريل ڀاڳ ورائي، ڌرتيءَ جي سلامتي جو آغاز ڪندي، ڌرتي ڌڻين کي آجپي جون مبارڪون ڏيندو. هونئن به پيار جي سمورن احساسن جو رستو ڌرتيءَ جي عشق تي ئي دنگ ڪندو آهي، جنهن جي عمر ايتري وڏي هوندي آهي، جو ڪو به جابر ۽ آمر چاهيندي به، ان کي ختم ناهي ڪري سگهندو.



ڀارومل امراڻي

ساحر اکين جا عڪس

امر رائيسنگھ راجپوت

ڀارو جو جنم چيلي چارڻ واري اُن سدا ملوڪ شهر چيلهار ۾ ٿيو آهي، جنهن کي جوجهار سنگھ ساڏُور جي جُوءَ طور سُڃاتو وڃي ٿو. صدري ساهت ساکي ڏي ٿو ته اڻ هوند ۾ به هوند واري سخا نڀائي سوڍي جُوجهار نه رڳو پنهنجي پرمپرا پاري پر ڀومي جو به ڀرم رکيو. اُن ڀاڳ ڀري ڀوميءَ جي ٻن اُملھ ڪردارن: رائچند راٺوڙ ۽ منگهارام اوجها جي نقش قدم تي هلندي، هڪ هٿ ۾ قلم جي تلوار ۽ ٻئي هٿ ۾ محبت جا گُل کڻي گهُمندڙ اُن وِرھ جهڙي وجود جو نالو آهي ‘ڀارو مل امراڻي!’

چيلهار جي چارن تي بانبڙا پائي علم جي تارن کي ڳوليندڙ هن الستي وجود اهو ڪڏهن به نه سوچيو هو ته هُو وڏو ٿي ٿر جو ‘ودياپتي’ ۽ ‘ديوندر ستيارٿي’ ٿي، ادب جي اُفق تي زر افشان ٿيندو ۽ علم جي عاشقن کي ‘دُرو’ جهڙا درشن ڏيندو! هن ته اهو به نه سوچيو هو ته هِن هڻ هڻان ۽ وٺ وٺان واري بي رحم دور ۾ هڪ قلمڪار جي حيثيت ۾ هن جو سمان ڪندي نه رڳو ساڻس سُرهي سانجھ ملهائي ويندي پر حياتي ۾ سندس پورهئي تي ڪتاب به لکيو ويندو! پر ‘زرود نويسي’ جا هڙئي گُر ڄاڻيندڙ هن ‘زود فهم’ جي زرخيز ‘ڀاوي’ ۾ ‘ڀاون’ اهو سڀ ڪجھ سڀاويڪ طور رقم ڪيو هو. هن جا ساڏوهي ڄار جي سيڙڪن پيروئن جهڙا سڀئي خواب ساڀيا ڪُنوار سان لانئون لهي چُڪا آهن. هڪ شاعر ۽ ليکڪ کي اُن جي پورهيي جي مڃتا کان مٿي ٻيو ڇا کپي؟؟

هُنرمند قبيلي ۾ اک کوليندڙهي نوجوان مون کي ڪنهن جپسي جو اهڙو پُنر جنم لڳي ٿو، جنهن جي من جي تشنگي ۾ ديس ڀڳتي جون ڀاونائون لُڇن ٿيون. جنهن جي تَن جي وَن ۾ وِڄا جي وِڄ جا تجلا پري کان پَسجن ٿا. جنهن جي اڻ ٿانيڪي دل سمندر ۾ مٽيءَ سان ازلي مُحبت، ڪنهن اوڄاڳيل وڻجارڻ جي اُڻ تُڻ جيان لُڇي ۽ لوچي ٿي!! ڪنهن ديو مالائي ڪردار جيان دُولان ديهي جو مالڪ ڀارو مل ڏُڪاريل وطن ۾ ڪنهن ڏيجوان ڏوٿيئڙي کي ٻَري ۾ ٻرندو يا بُک ۾ اُجهندو ڏسي ٿو ته دل افگار ٿي ڏنجھ ۾ ڏُسڪا ڀريندي دل ئي دل ۾ ڀُڪا ڀُڪا ٿي چوي ٿو ۽ پوءِ هُن جي جهوناڳڙھ جهڙي اندر مان شاعري سورٺي دانهن بڻجي آبي بخارن جيان اُڀامي ٿي. هن جي شيتل سڀاءُ ۾ ڪانڪهي جي ڇانوَ جهڙي ڪوملتا سمايل آهي. هُن جي مَخمُور مُهانڊي تي مُرڪن جا پنائتا پوپٽ هر ويل پرواز ڪندا رهندا آهن. هُو ڪڏهن به “ڀام” ۾ اچي “ڀُرچڻ” نه چاهيندو آهي. ڪير هن سان ڪڙو ٿيندو آهي ته هُو “واتوُرجڻ” بدران اُن سان ٻاٻيهي جهڙا ٻه مٺامول ٻولي ماحول مهڪائي ڇڏيندو آهي. ماحول ته تڏهن به مهڪائيندو آهي جڏهن رنگ منچ تي چڙهي پنهنجي مٺڙي لهجي ۾ ڪو ادبي ليڪچر ڏيندو آهي. هُو جڏهن لورڪا جي فڪر، آلندي جي نظريي، ماياڪووسڪي جي مايوسي، البرٽي جي نراسائي ۽ آريسر جي آرٽ تي دل کولي ڳالهائيندو آهي تڏهن پنڊال ۾ موجود ماڻهن تي اسڪاچ جا خُمار ڇانئجي ويندا آهن.

هُو جڏهن انساني عشق جي آڳ ۾ چيئن تي چڙهيل ديڳڙي وانگي دُکي ٿو تڏهن ميٿلي ٻولي جي محبوب ڪوي ودياپتي وانگي ڪونج ڳچين لئه ڪويتائن جا ڪٺمال جوڙي ٿو. ڪاليداس بڻجي جديد دور جي شڪنتلا سرجي ٿو، چندي راس بڻجي ڪنهن ويراڳڻ ٿريچيءَ جي وجود ۾ ‘راميءَ’ جا روپ ڳوليندي پرماتما پائي ٿو. هُو عشق جي الستي آڳ ۾ بن بن بين وڄائي ٿو!

هُو جڏهن ميهوڳي ۾ ڪنهن وينگس جي “بت” تان پري ٿيل ڪنجري کي ڏسي ٿو يا ڪنهن “اُرھ سرنگي” سُونهن سان اکيون چار ڪري ٿو تڏهن هُن جي بنواس ۾ ‘ڀرٿري هري’ پلٿي ماري ويهي رهي ٿو، ۽ هُو ڪام ۽ ڪامڻيءَ تي دل کولي لکي ٿو، دل کولي ته هُو تڏهن به لکي ٿو جڏهن هُن جي عاشقاڻي اندر ۾ ڪن ساحر اکين جا عڪس وڏي ڦُڙي جهڙو رقص ڪندا آهن. هُو جڏهن آتم هتيا ۾ آنند پائيندڙ ماياڪو وسڪيءَ کي ميارون ڏئي ٿو ۽ آرٽ جي انقلاب لاءِ ٽراٽسڪيءَ سان روحاني رهاڻ رچائي ٿو، تڏهن هُن جي آسوندن اکين اڳيان ‘اَلندي’ نئون رُوپ وٺي نروار ٿئي ٿو ۽ هُو عالم آشڪار جي ڀلائي لئه سٽون سرجي سڪون ماڻي ٿو. هُن کي ‘البرٽي’ واري مايوسي قطعي ڪا نه ٿي آئڙي، ڇو ته هُن اُميدن جي چيچ جهلي چيلهار جي چارن مان هلڻ سکيو آهي. هُن وٽ مري به جيئڻ جو ڏانءُ آهي!

ڀارُو جو قلم تڏهن به تيز تلوار جيان هلندو آهي جڏهن هُو بانڪي داس جي ‘همروٽ ڇتيسي’ ۾ سوڍين جي سُونهن پسي سرهو ٿيندو آهي. هُن جي ڏات تڏهن پروان چڙهندي آهي جڏهن ڪنهن لالر وِينگس جي لِلاٽ تي چنڊ جيان چمڪندڙ لالڙي جي جِهرمر جلوا افروز ٿيندي آهي يا ڪنهن ٻانهياري جي چُوڙي ۾ ٽانڪيل ٽُنئور ٽمڪا ڪندو آهي يا ڪنهن ترائي ڪپ تي “ڪانهوڙي” جو ناچ ڪندڙ ڪنهن انڊلٺي انگ جي پيرن ۾ ڇيلڪڙو ڇمڪا ڪندو آهي.

ڀارومل رُڳو ڪامڻين جي ڪنچن ڪايا ۽ ‘ڪام’ جي موھ مايا تي نه ٿو لکي ۽ نه ئي وري رڳو پنهنجي سرتيءَ جي ‘ساروفا’ چٽي ٿو، پر هُو ته ڏُڪاريل وطن جي ڏوٿين لئه به لکي ٿو ته مها ٻوڏ ۾ ٻُڏي ويل لاڙ جي دردن تي به دُکي ٿو. هُو ڌنار جي درد تي به دل آويز نثر لکي ٿو ته پورهتن جي پگهر تي به هينڊسم هٿن ۽ مورنٿن جهڙا نظم لکي ٿو. هُو سوڍن جي سورهيائي تي به سچي دل سان لکي ٿو ته ڪارن ڪولهين جي اڏولتا جا احساس به سرجي ٿو. هُو ٻهراڙين جي سُونهن گنگا ۾ شنان ڪندي من موهڻي سُندرتا تي ‘بيت الصنم’ جهڙا بيت لکي ٿو. هي چيلهار جو چنڊ ڪنهن ‘کُٿابي’ کي کيڏڻ واري وهي ۾ جبري پورهيي جي ڄار ۾ ڦاٿل ڏسي ٿو ته ڦٿڪي چوي ٿو ته:

آڏاڻي تي ٻار، مورن کيڙا ڀر ۾،

دل جي اٿل اڳيان قالين ڪاروبار،

قرضن سندي بار، راند رمڻ روڪي ڇڏيو.

هانءءُ ۾ هٿ وجهندڙ هن بيت جو سرجڻهار ڀارُو مل جڏهن ميهوڳي ۾ اُداس ڪنهن ٿاريلي کي ڪانڌ لئه ‘هور’ وجهندي ڏسي ٿو ته هُن جي اندر ۾ گورين جا گيت سُر سامونڊي بڻجي اُڀريو اچن ٿا ته هُو دانهن ڪري چوي ٿو ته:

هاءِ پيارا، جيءُ جيارا،

وسڪاري ۾ ورڻي وسري،

توکي پنهنجي پرڻي وسري.

سفاڪ دهشتگردن جي ڀُو ۾ ٻُڏتر جو شڪار ڀارُو پنهنجي نِرمل سرتي کان خواجه فريد جي ڪافي جهڙي چُمي هُجت مان هڪدم گهُري ٿو ته متان ڪٿي اڌ ۾ نه رهجي وڃي! چُمي جي اڌ ۾ رهجي وڃڻ جي چنتا ۾ سِگري جيان سڙندڙ مُنهنجو هي محبوب دوست صحرائن ۾ سڙندي، ڌرتيءَ جي ڌُوڙ ڦلهوڙي ‘گيت سانوڻ، من ڀانوڻ جا’ ڳولي ٿو. ڌرتيءَ جا گيت ڳوليندي هُو سرتي جي معصوم مُرڪن کي ملهائون سمجهي هئين جو هار ڪري ٿو! هي بنھ ٿورو لکي ٿو پر لکي ڪمال جو ٿو! مِقدار کان وڌ معيار تي ڌيان ڏي ٿو. هن کي نه گهڻي ڇپجڻ جي ‘گُرسنگي’ آهي ۽ نه ئي وري ڪنهن ‘لوازمي’ جي لوڀ آهي. هُو ته بس پنهنجي فِڪر جا ڦُول کڻي گهر گهر در در اهو هوڪو ڏيئي هلائي ٿو ته:

هڻڻ هڪلڻ ٻيلي سارڻ مانجهيان اي مرڪ

بنھ سادڙي، فقيرتَن ۽ مَن جي مالڪ ڀارُو مل جي مهمانوازي جو ساکي رُڳو تڙ حمير وارو تونگر شهاب ناهي، پر ڀارُو جي ڀلسرا جو شاهد ننگر جو نامور شاعر ساگر خاصخيلي به آهي. ڀارُو جي ڪُشادي دل ۽ دسترخوان جي واکاڻ جتي، “آپڻو موريو مري گيو” جهڙا مُنفرد نظم سرجيندڙ ناشاد سمون ڪري ٿو، اُتي “ورهين کانپوءِ وُٺو هو ٿر” جهڙا وڏا نظم لکندڙ، ٿاداٿ جي ٿريي امر ساهڙ جون اکيون به ڀارُو جي ڀليڪار کي سويڪار ڪندي ائين چون ٿيون.

مڌ پيئندي مون ڏٺو چانڊوڪيءَ ۾ چيلهار،

ڳليون وڻ ڳانڱاٽيل کِليو ڪن کيڪار،

ڀارُو جي ڀليڪار مُور نٿي مونکان وسري.

ڀارُو جي ڀلوڙ شاعري جي ڪتاب مُرڪن مالهائون جو ورق ورق سونا رُوپ آهي. ڀارُو جا غزل ننڊاکي ٻار جي مُرڪ جيان دل کي وڻندڙ آهن ته نظم ماٺيڻي محبوب جي ناز جهڙا نوخيز آهن. ٿوهر منڌي جهڙا گيت آهن ته وينڊلين جي وراڪن جهڙيون وڻندڙ وايون آهن. ان سوني روپي ڪتاب ۾ موجود هڪ بيت مونکي ڊائمنڊ لڳو! ڇا ته خيال آهي:

ڇاتيءَ جا ٻيڙا کولي ڇِرڪي ڇوڪري،

هيءَ هيل پکيئڙا مُور نه رهندا ماٺ ۾.

ڀارُومل کي سائين ولي رام ولڀ، ‘ديوندر ستيارٿي’ سڏيو آهي، ته تولارام سوٽهڙ وري کيس ‘ٿر جو ودياپتي’ جو درجو ڏنو آهي، پر ‘ٻيڙن’ وارو بيت پڙهڻ کانپوءِ آئون سائينءَ کي ٿر جو ‘ڀرٿري هري’ چوندس!

ٿر جو لوڪ ادب تمام شاندار ۽ جاندار آهي، جنهن کي گهڻي ڀاڱي صدري ساهتيه چيو ويو آهي، جيڪو سينا به سينا صدين جو سفر طئي ڪري، تاريخ جي ورقن ۾ زنده جاويد آهي. جهونن جهانگيڙن جي سپنن جي سرزمين ۾ دفن ٿيل اهڙي لاکيڻي لوڪ ادب کي اجاگر ڪرڻ ۾ ٿر جي هن لاڏلي اديب وسان نه گهٽايو آهي. ماروئڙن جي سگهڙپائي مان سبق آموز لوڪ ڪٿڻيون گڏ ڪرڻ ڀارو مل جي ڪرت بڻجي ويئي آهي. لوڪ ادب جي لاءِ اکين کي اوجاڳا ۽ سرير کي اذيت ڏيندي ڀارومل امراڻيءَ جوهڪڙو اهڃاڻ محنتي متحرڪن وارو آهي، هُو نه رڳو مختلف ٻولين جو لوڪ ادب پڙهي ٿوپر پنهنجي ٻاٻاڻي ٻولي ۾ اتاري ٻوليءَ تي احسان ڪري ٿو.

ڀارومل امراڻيءَ جو تحقيقي پورهئي وارو ڪتاب ‘همروٽ ڇتيسي’ اوهان جي هٿن ۾ آهي. سچ اهو آهي ته ننڍي کنڊ جي وڏي ڪوي بانڪيداس جو عمرڪوٽ جي باري ۾ لکيل ڇٽيھ دوهن تي مشتمل ادبي شهپارو، سنڌي ٻوليءَ ۾ آڻي، ڀارومل سنڌي ادب ۾ عمرڪوٽ کي جُڳا جُڳ جيئرو ڪري ڇڏيو آهي. ان سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جي جهوليءَ ۾ قيمتي تحفو وڌو آهي. ‘همروٽ ڇتيسي’ جي ترجمي، تشريح ۽ تنقيدي جائزي ۾ ڀارو جيڪا ٻولي استعمال ڪئي آهي، سا واقعي ڪمال جي آهي، جنهن کي پڙهڻ سان ماڻهو تي سونهن، سورهيائي، سچائي، سخاوت ۽ رومانس جا رنگ حاوي ٿي وڃن ٿا. سوڍين جي حسن کي ڪوي بانڪيداس ته پنهنجي انمول ڏات سان ڪوتا جي ڪئنواس تي جهڙي ريت روپيو آهي، اهڙي نموني چيلهار جي هن چلولي چنڊ پنهنجي فن جي چانڊوڪيءَ سان سوڍين جي سونهن کي چوراسي چندن کان وڌيڪ لفظن جي چاندني ڏئي ادبي آڀي تي چمڪايو آهي ۽ چتر سڄاڻ سوڍن جي سورهيائيءَ کي ڀارومل جنهن ڀلي انداز سان بيان ڪيو آهي. اهو پڙهي دل بي اختيار واکاڻي ٿي.

ڀارومل کي اهڙي مانائتي پورهئي تي منهنجي طرفان لک لک واڌايون پيش ڪجن ٿيون. 



ڀارو مل امراڻي سوٽهڙ

(شخصيتي خاڪن تي ٻڌل ڪتاب ”ٿر ٿر اندر ٿاڪ“ جيڪو پڙهندڙن تي سحر طاري ڪري ڇڏي ٿو)

اقرار پيرزادو

موجود دور ۾ ٿر ۽ پارڪر ۾ ادب ۽ تواريخ جي حوالي سان ڀارو مل امراڻي سوٽھڙ وڏو نانءُ آھي جنهن سموري خطي کي ڊاڪيومينٽ ڪيو آھي، هن بادشاهن، راجائن ۽ راڄ ڌڻين جي ثنا بدران انهن انسانن تي لکيو آھي جن سماج سان پير ڀريو آهي، جن ماڻهن جا گوندر گهٽائڻ لاءِ وک وڌائي آھي، جن بک ۽ بيماريون ڀڄائڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي آهي جن عام جي تعليم لاءِ جتن ڪيا آھن، جن پنهنجي پيٽ تي پٿر ڏئي به سواليءَ کي خالي نه موٽايو آھي، جن عوام کي گيت ڏنا آھن ۽ سنگيت جي سرن سان ريجهايو آھي، جن دين ڌرم کان مٿانهون ٿي انسان ذات جي خدمت ڪئي آھي ۽ ماڻهپي جو پلئه ڪڏهن به ناهي ڇڏيو، ڀارو مل جيڪڏهن ڪنهن راجا سردار پٽيل يا سوڍي تي به لکيو آھي ته اهو يقينن عوام دوست ۽ مسڪين ماڻهن سان ڏک سک ۾ نڀائڻ وارو هوندو.

ڀارو مل جو شخصيتي خاڪن تي لکيل ڪتاب ”ٿر ٿر اندر ٿاڪ“ منهنجي هٿن ۾ آھي جنهن ۾ ۵۰ کن ٿر جي شخصيتن تي خاڪا لکيا ويا آھن، جن مان گهڻا اهي آھن جن کي سندن ڪم آڌار سڄي سنڌ ڄاڻي ۽ سڃاڻي، ڀلا اهڙو ڪهڙو ماڻھو هوندو جنهن تاريخدان سائين رائچند راٺوڙ جو نالو نه ٻڌو هوندو، جنهن تاريخ- ريگستان جهڙو ڪتاب لکيو يا منگهارام اوجها جو پراڻو پارڪر نه پڙھيو هوندو، سنڌ جو ڪهڙو پڙھيل لکيل ماڙھو هوندو جيڪو مسڪين جهان خان کوسي جي سماجي خدمتن کان اڻ واقف هوندو، ساڳي وقت ع – ق شيخ، سائين سچل جهنجهي، ڊاڪٽر هرچند راءِ، مراد فقير، موهن ڀڳت، مائي ڀاڳي، جمن دربدر، سهيل سانگي، ولي رام ولڀ، چاچي نواز کوسي، مقيم ڪنڀار، پريم شيواڻي، فوزيه سومرو، صادق فقير، ماما وشن ٿري، مائي ڌائي، ماٺيڻي اوٺي، اوم شرما، سوڍي جوڳيءَ استاد شفيع فقير، ڪريم فقير، نور احمد جهنجهيءَ ۽ سائينداد ساند جا نالا نه ٻڌا هجن، هي همراھ پنهنجي پنهنجي ڪم سبب وڏي شھرت ماڻي چڪا آھن، سندن هاڪ ٿر جو ريگستان پار ڪري سڄي سنڌ ۾ پکڙجي وئي آھي، هنن همراهن مان ڪجھه اهڙا آھن، جيڪي ڀاروءَ جي دور کان اڳ جا آھن، ڀاروءَ کين ڪڏهن به اکئين نه ڏٺو ان جي باوجود سندن شخصيت جا اهڙا چٽ چٽيا آھن، ڄڻ اهي پڙھندڙ جي اکين اڳيان هجن، ڀاروءَ سندن زندگيءَ جو ڪوبه گوشو نه رهايو آھي، سندن زندگيءَ ۽ ڪيل ڪم جي پڙھندڙن کي ڀرپور ڄاڻ ڏني آھي، ان کان سواءِ هن ڪتاب ۾ اهڙن مڻيادار ماڻهن جا خاڪا به شامل ڪيا آھن، جن جي شھرت پنهنجي علائقي کان ٻاهر نه نڪري سگهي آھي، جن ۾ جاني لنجو، رحيم نهڙي، ڄام خان خاصخيلي، ساجن خان خاصخيلي، سڳاڙ چند سيجون، عباس علي شاھ، ھيمراج سوٽھڙ، محمد ساوڻ، سيد حبيب الله شاھ، استاد حسين فقير، وڏيرو ڀارو سمو،ممون فقير مڱڻھار،گهمن سنگھه، سنڀو مل هميراڻي، پنڊت پونم چند،ڀڳت سترامداس، سائين خضرسمون، ڊاڪٽر عبدالعزيز، قربان کوسو، ٻڍو فقير چيلهاريو شامل آھن.

انهن مان منهنجي رڳو سائين خضر سمي سان نياز مندي آھي، جنهن جي ڳوٺ مالسيريو کي مورن جو مسڪن سڏيو ويندو آھي، جتي وڻن جي واڍي ۽ پکين جو شڪار ڪبيره گناھ آھي، فطري ماحول سان محبت ڪندڙ ھي انسان لطيف سائين جي شاعري سمجهي پڙھڻ جو قائل آھي.مون جڏهن شاھ سائين جي سر مارئي مان سٽ ”گولاڙا ۽ گگريون اوڇڻ اباڻن“ پڙھيو ته سائين خضر چيو گولاڙن ۽ گگرين سان انگ ڪيئن ٿا ڍڪي سگهجن، جيڪي انتهائي ننڍڙا آھن. اهو اوڇڻ نه پر اولڻ آھي، اسان ٿر واسي گاھ يا پن پسائي ان ۾ لوڻ مرچ وجهي ويلو ٽپائي ويندا آھيون، جنهن کي اولڻ ڪوٺيندا آھيون. سلام آھي ڀارو امراڻي کي جنهن ههڙن ڪردارن تي لکي کين امر بڻائي ڇڏيو نه ته هي به ٻين ڳڻيتن ماڻهن وانگر لڪل رهن ها ۽ سندن سواس ڪير به نه وٺي سگهي ها، ڪارونجهر تي هزارين سالن کان ڪيترن ئي ڪوين ڪوتائون رچيون آھن پر هنن سٽن آڏو ڪنهن جي به جاءِ ناهي

ڪارونجهر ني ڪور مرئين تان ميلئين نهين

ماٿي ٽهوڪي مور، ڏونگر لاڳي ڏيپتو

ڪارونجهر ني ڪور روڙي لاڳي رليامڻي

ماٿي ٽهوڪي مور، ڏونگر لاڳي ڏيپتو

هن شعر جو خالق چندي رام ڀاٽ آهي، جنهن جو ذڪر شيخ اياز به پنهنجي آتم ڪٿا ۾ ڪيو آھي پر اياز سندس نالو نه کنيو آھي رڳو هن کي چارڻ يا ڀٽ ڪوٺيو آھي، جس آھي ڀاروءَ کي جنهن نه رڳو چندي رام کي ڳولهي لڌو پر هن اهو به ٻڌايو آھي ته هن جي ڪويتائن جو مجموعو ”جند ولات“ جي نالي سان گجراتي لپيءَ ۾ آيل آھي، ڀارو مل چنديرام جي احوال ڏيڻ کان اڳ پراڻن ڇارڻن ڪوي ويتال ۽ ڪوي ڪنگ ڀاٽ جي احوال سان گڏ چارڻ قبيلي جو بڻ بنياد به بيان ڪيو آھي، ڀارو امراڻي هر ڪردار جو ايمانداريءَ سان تجزيو ڪيو آھي، ڪردارن جون چڱايون به بيان ڪيون اٿس ته ان جي ڪمزور پاسن کي به ظاهر ڪيو آهي. جاني لنجي جي سخاوت۽ سورهيائي جي بيان سان گڏ ان جو ناڪاري پاسو به بيان ڪيو آھي، ته هن ڪيئن انگريزن جو ساٿ ڏئي پارڪر فرنگين جي قبضي ڪرايو، توڙي جو سندس ٻين عملن جي ڪري عوام هن سان محبت ۽ دلي عقيدت رکي ٿو،ا

ڀاروءَ وٽ شاندار ٻولي ۽ لفظن جو ذخيرو آھي، جنهن سان هو پڙھندڙ تي ڪامڻ ڪري ڇڏي ٿو، پڙھندڙ هن جي ٻوليء جي سحر ۾ پاڻ وساري ويهي ٿو ۽ جيستائين ليک پورو نه ٿو ٿئي،تيسين ڪتاب مان منهن نٿو ڪڍي.

هونئن ته هي سڄو ڪتاب هڪ ويهڪ ۾ پڙھڻ جهڙو آھي پر ڪجھه خاڪا اهڙا آھن، جن کي پڙھي پاٺڪ کي ڪتاب بند ڪري اکين کي اگهڻو پوي ٿو، صادق فقير جو خاڪو پڙهڻ ڄڻ درد جو درياءُ پار ڪرڻ آھي، اهڙي ريت گوتم راٺيءَ جو خاڪو پڙھندي ٿر جي سڄي ساري تاريخ بيان ڪري وڃي ٿو، ممون فقير مڱڻهار جو خاڪو پڙھندي مموءَ جيترو ڀاروءَ سان به پيار ٿي وڃي ٿو، جنهن جي لوڪ شاعري هن اسڪول پڙھڻ واري دور ۾ بوڪ تي اتاري هئي، جمن دربدر جو خاڪو لکندي ڀارو سندس قومي ڪارڪن هئڻ واري ڳالھه کائي ويو آھي ان جو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته هي ڪتاب هڪ سرڪاري کاتي پاران ڇپايو ويو آھي جن اهڙن اکرن تي اعتراض واريندي ان کي ڪئنيچيءَمان ڪڍيو هوندو.

۸۶-۱۹۸۵ع ۾ آئون گورنمينٽ فروٽ فارم ميرپور خاص ۾ پنهنجي چاچي محمد قاسم عرف جانيئڙي سنڌيء وٽ رهندو هئس، جتي سائين جمن دربدر به ايندو رهندو هو، اتي ڍولڪ ۽ يڪتارو رکيل هوندو هو، جتي هر وقت راڳ هلندو رهندو هو، سائين جمن پنهنجي شاعري به ڳائيندو هو پر هن جي ڍاٽڪي شاعريءَوارو پاسو مون لئه بنھ نئون آھي، سهيل سانگي، ولي رام ولڀ، پريم شيواڻي، نور احمد جهنجهيءَ، چاچي نواز کوسي، سيد حبيب الله شاھ، وڏيري پارو سمي، سان ته هن جون محبتون ۽ حجتون رهيون آھن، جن تي لکندي واهڙ وهائي چڏيا اٿائين، پر اهڙا ماڻهو جن کي پاڻ ڪڏهن به نه ڏٺو اٿائين، انهن تي به ڀرپور لکيو اٿائين ، جن ۾ ڄام خان خاصخيلي، ساجن خان خاصخيلي، سڳاڙ چند سيجون، سيد عباس علي شاھ، گهمن سنگھه، سائين سچل جهنجهي ۽ ٻيا شامل آھن.

مون ڄام خان ۽ ساجن خان ته نه ڏٺا پر انهن جي وڏي کٻڙ جي وڻ واري اوطاق ۾ ڪي پل ٿڪ ضرور ڀڳو آھي، سندس پونيئرن جي مهمان نوازي، قرب ۽ خلوص ڏسي ڳالھه سمجھه ۾ ايندي آھي ته هنن جي ترڀيت ڪن مردن مٿيرن ئي ڪئي آھي، سائين سچل جهنجهيءَ جو خاڪو پڙھندي پتو پوي ٿو ته ههڙا انسان هزارين ڄام پيدا ڪري سگهن ٿا، ساڳي وقت ڪاڪي هيمراج سوٽھڙ جو خاڪو پڙھي ڳالھه سمجھه ۾ اچي وڃي ٿي ته لوڪ ادب، لوڪ شاعري سان چاھ، ھندو مومن کان مٿانهون ٿي سوچڻ، سنگيت پريمي ۽ لوڪ قصا ۽ ڪهاڻيون ڀاروءَ کي هن عظيم فنڪار ۽ هنر مند انسان وٽان مليا آهن.

ڀاروءَ جو هي ڪتاب سراسر سونهن آھي جنهن جو حق ادا ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آھيان، سنڌ ثقافت کاتي پاران شايع ڪيل ڪتاب جو مهاڳ خوبصورت نثر نويس پياري دليپ ڪوٺاريءَ لکيو آھي

 

(ڏھاڙي ڪاوش جي عوامي سنڊي مئگزين ۾ ۲۰ نومبر ۲۰۱۸ع تي ڇپيل)




ڀارو مل امراڻي

۽ ٿري لوڪ ادب

تاج جويو

ٻارس آوِي ري سهيليان، ٻاٻيها ٻولنت،

نيني سِرامڻ پاڌرو، هونٽي ٻيج کِونت.

[ٻارس آئي آهي ڙي سهيليو! ٻاٻيهو ٻولي پيو،

نيڻن ۾ سانوڻ سمايو آهي ۽ چپن مان وڄ پئي چمڪي.]

ٿرُ، گيتن جي سرزمين آهي. هتي گيتَ، ماءُ جي ٿڃ جيان ڌرتيءَ مان گُوها گُوها ڦُٽي نڪرندا آهن. مون هڪ هنڌ لکيو هو ته، ”اهو خبر ناهي ڪهڙو بدذوق شخص هو، جنهن چيو هو ته: ’راڳُ، پنجابَ ۾ ڄائو ۽ ٿر ۾ اچي مئو.‘ پر حقيقت اُن جي ابتڙ آهي. ٿر، گيتن جي جنم ڌرتي آهي، ۽ سنگيت، هن سرزمين جي نَس نَس ۾ موجود آهي.

’گيت‘، ڳائڻ جي شيءِ آهن. گيت ۽ راڳ (سنگيت) پاڻ ۾ لازم ملزوم آهن. دنيا جي گولي تي ڪو اهڙو گيت سِرجيو ئي نه ويو آهي، جيڪو ڳاتو نه ويو هجي؛ جنهن جي موسيقي ۽ جنهن جا سُر فضا ۾ پکين ۽ بادلن جيان اُڏريا ۽ وکريا نه هجن؛ جنهن تي نِرتڪين ۽ نِرتڪارن ناچ نه ڪيو هجي. ان حوالي سان، ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو، جيڪڏهن آءٌ چوان ته: ڪائنات جا حسين ترين گيت، ٿر جي سرزمين تي سرجيا ويا آهن. آءٌ جڏهن هتي ’ٿر‘ جو لفظ ڪم آڻيان ٿو ته منهنجي اڳيان ڍٽ، پٽ، پائر، کاهڙ، پارڪر، اڇڙو ٿر، ڪڇ، گجرات، مارواڙ، سوراشٽر، جيسلمير، چولستان ۽ اُهي سمورا علائقا اچي وڃن ٿا، جن جي ٻولي، ٿوريءَ ڦير گهير ۽ لهجي- مَٽ سان ذري گهٽ ساڳيو پسمنظر رکي ٿي.

گيتَ، ڪائنات جي پهرين شاعري آهن، ۽ گيت فطرت جي حسين ۽ جميل ڳُجهه ۽ راز (Myth & Mystery) جي مجسم صورت آهن. چون ٿا ته جڏهن مهاديو کان پارپتيءَ پُڇيو هو ته: ”آءٌ تو کي ڪيئن لڳان ٿي؟“ ته هن وراڻيو هو، ”ڄڻ گيت جي ڪا لڙي!“ ٻئي طرف اوم پرڪاش، ’گيت کي اُن پلَ، گهڙيءَ ۽ لمحي سان لاڳاپيل سمجهي ٿو، جڏهن حوا ۽ آدم هڪٻئي جي آمهون سامهون ٿيا هئا ۽ سندن گفتگو لفظن يا اشارن بدران چپن سان ٿي هئي.‘

”ٻار جا ڳوڙها، ٿڃُ جو ميٺاڄ ۽ اهڙي آسيس، جيڪا رڳو مامتا جي پيارَ ۽ ٿپڪيءَ مان ملي سگهي ٿي“، ميرا جيءَ جي نظر ۾: ”اهو سڀڪجهه گيتن جي تاثر ۾ موجود آهي.“

گيت، انساني من کي اهڙو سُڪون ۽ بيخودي بخشين ٿا، جيڪا اڄوڪي مهذب معاشري ۽ باشعور ثقافت جي بيجا وزن ۽ بوجهه کان ڇوٽڪارو ڏياري، ماڻهوءَ کي فطري زندگيءَ (Natural Life) سان ويجهو ڪري ٿي.

گيت، ڌرتيءَ مان اوٻاڪون ڏئي ڦُٽي نڪرندا آهن، ۽ اُهي ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ ڄاون سادن سودن، معصوم ۽ ٻالن ڀولن انسانن جي جذبن ۽ امنگن مان جنم ورتل هوندا آهن. تڏهن ته دنيا جا اوائلي گيت، ’لوڪ گيت‘ (Folk lyrics) ئي سمجهيا ويا آهن، جن جو ڪو هڪڙو شخص گيتڪار يا تخليقڪار نه هوندو آهي.

مشرقي شاعري، خاص ڪري ننڍي کنڊ جي شاعريءَ تي نظر وجهبي ته اُن جي مختلف صنفن جي پيڙهه ڌار ڌار ’رسن‘ تي رکي وئي آهي، جيڪي ’رس‘ مختلف احساسن ۽ جذبن جي ترجماني ڪندا آهن. گيت لاءِ خاص رس، ’شرنگار رس‘ ڄاڻايو ويو آهي، جيڪو رس، محبت ۽ پيار لاءِ مخصوص سڏيو ويو آهي؛ جنهن ۾ جنسي ڇِڪَ (Sexual attraction) کان وٺي، ماءُ، پيءُ، ڀيڻن ۽ ڀائرن جي محبت، زال ۽ مڙس جي پريمَ، محبوب جي وڇوڙي ۽ اوسيئڙي، پهاڄ سان نفرت، سَس نڻاڻ جي کِٽ پٽ، ديوتائن ۽ ديوين ۾ ويساهه، پِيرن ۽ وَلين ۾ اعتقاد، ڌرتي ماتا سان پيارَ، موسمن جي تبديليءَ ۽ تهذيبي تهوارن جي اهميت ۽ حسناڪي وغيره جا موضوع اچي وڃن ٿا.

نقادن، گيتن جي فڪري پهلوءَ کان وڌيڪ اُنهن جي سادگيءَ، معصوميت، بيساختگيءَ، مڌر ۽ سرل ٻوليءَ، سادي ترنم ۽ فطري لئه کي اهميت ڏني آهي. سندن چوڻ آهي ته گيتن ۾ گهري فڪر جي پرٽ، گيت کي گيت نه، پر فلسفو بنائي ڇڏي ٿي. گيت جي سادي هيئت ۾ گهرو فڪري پسمنظر ڏيڻ سان ان جي معصوميت متاثر ٿي سگهي ٿي ۽ پوءِ اهو گيت نه پر ’نظم‘ بنجي پوي ٿو. گيت ۾ ڪيفيت ڪهڙي به هجي، پر ان جو اظهار سادو، سلوڻو ۽ سُريلو (Lyrical) هئڻ کپي ۽ ان ۾ صرف احساساتي پهلو نمايان هجي ته اهڙو گيت من تي گهرو اثر ڪندو آهي.

اسان جي سرزمين سنڌ پڻ دنيا جي هر فطري ڌرتيءَ وانگر ’گيتن جي ماءُ ڌرتي‘ آهي. هن ڌرتيءَ جي هر ڀاڱي: ڪچي، ڪاڇي، لاڙ، وچولي، اتر، ڪوهستان، ڪڇ ۽ ٿر ۾ لوڪ گيتن جا ڀنڊار موجود آهن؛ جن ۾ ماءُ جي ممتا سان ڀرپور ڪوڏاڻن، لاڏن ۽ لولين کان وٺي اوسارن ۽ پارن تائين، جمالي، گامڻ ۽ ٻيلڻ کان وٺي، همرچي ۽ راسوڙن تائين، بادليئي، موريي ۽ ورساڙي کان وٺي وڻجاري، ڍولي ۽ مڻهياري تائين؛ لئيڪي، جلالي، ڪانگلڙي کان وٺي چوماسي ۽ سانوڻ ٽيج تائين، هچڪي ۽ پڻياريءَ کان وٺي اوڏڻ، جوڌيي ۽ ڏهُوڪي تائين، ڪجليي کان وٺي موڏي ۽ موري تائين سوين گيت جون جنسون ۽ وَڙَ موجود آهن.

سنڌي لوڪ گيتَ، سنڌ جي تهذيب، تاريخ، روايتن ۽ عوامي ادب جو آئينو آهن. دنيا جي ادب ۾ سنڌ جا لوڪ گيت، موضوعن ۽ عنوانن جي حوالي سان هڪ منفرد رنگارنگي ۽ حسناڪي پيش ڪن ٿا، جنهن تي تحقيق ۽ کوجنا ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.

سنڌي ٻوليءَ ۾ لوڪ گيتن تي رائچند راٺوڙ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي، منگهارام اوجها، نارائڻ ڀارتيءَ، ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ، ڄيٺي لالواڻيءَ ۽ ڪشني ڦلواڻيءَ تمام وڏو ڪم ڪيو آهي. رائچند، ’تاريخ ريگستان‘ ۽ ٽه ماهي ’مهراڻ‘ ۾ ٿر جا ڪجهه گيت ۽ انهن جو پسمنظر لکي، ٿر خطي جي گيتن ڏانهن محققن کي متوجهه ڪيو. منگهارام اوجها ۽ محمد عثمان ڏيپلائيءَ پڻ لوڪ گيتن جي اهميت کي محسوس ڪري، ڪجهه گيت گڏ ڪيا هئا.

جڏهن سائين جي ايم سيد، ميران محمد شاهه ۽ ٻين عالمن، سنڌي ادبي بورڊ جي، ۱۹۵۱ع ۾ نئين سر تشڪيل ڪئي ته انهن سنڌ جي تاريخ، لغت، ڪلاسيڪي ادب ۽ ترجمي وغيره جي اسڪيمن سان گڏ هڪ اسڪيم ’لوڪ ادب‘ کي گڏ ڪرڻ جي به اڳيان رکي هئي؛ جنهن کي مڪمل ڪرڻ جو ڪم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي حوالي ڪيو ويو هو، جنهن صاحب ۴۰ کان مٿي لوڪ ادب سيريز جا ڪتاب تيار ڪيا ۽ ڪرايا. لوڪ ادب سلسلي جو سترهون نمبر ڪتاب ’لوڪ گيت‘ هن ۱۹۶۳ع ۾ مڪمل ڪيو هو، جنهن جو پهريون ڇاپو، آڪٽوبر ۱۹۶۵ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڇپائي پڌرو ڪيو هو، ۽ ان جو ٻيو ڇاپو ۲۰۰۶ع ۾ ڇپيو آهي، جنهن ۾ ۵۷ قسمن جا لوڪ گيت گڏ ڪيا ويا هئا. انهن ۾ سڄيءَ سنڌ ۾ مقبول لوڪ گيتن جا پنج قسم، اُتر سنڌ جي لوڪ گيتن جا اَٺ قسم ۽ ڪوهستاني لوڪ گيتن جا ٻه قسم ڏنا ويا آهن، جڏهن ته ٿرپارڪر جي مقبول عام ۴۲ گيتن جا قسم بيان ڪيا ويا آهن. حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته سڄيءَ سنڌ مان ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي لوڪ گيتن جا صرف ۱۵ قسم ملي سگهيا هئا، جڏهن ته رڳو ٿرپارڪر مان ۴۲ قسمن ۽ عنوانن جا گيت دريافت ٿيا هئا. ان مان ثابت ٿيو ته سڄيءَ سنڌ ۾ ٿر جو خطو گيتن جي حوالي کان وڌيڪ شاهوڪار (rich) خطو آهي.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب اتر سنڌ، ڪوهستان ۽ عام سنڌ ۾ مقبول عام گيتن تي جنهن تفصيل سان لکيو آهي، اهڙو تفصيلي ذڪر ۽ بيان هُو ٿرپارڪر جي گيتن جو نه ڪري سگهيو آهي. خبر ناهي اُن جو ڪارڻ ڪهڙو هو، جڏهن ته انهن گيتن گڏ ڪرڻ ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي وڏي ۾ وڏي مدد رائچند راٺوڙ جهڙي ڄاڻو ماڻهوءَ ڪئي هئي، جيڪو انهن گيتن جي پسمنظر کان بخوبي آگاهه هو. بهرحال ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي هيءَ تحقيق هڪ لافاني ڪارنامو آهي.

لوڪ گيتن ۽ لوڪ ادب تي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کان پوءِ، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي وڏو ڪم ڪيو آهي، جنهن ’لوڪ ادب جو ارتقائي جائزو‘ جهڙي تحقيقي ٿيسز لکي آهي، جيڪا سندس Ph.D جو مقالو آهي، پر سنديلي صاحب جي تحقيق ۾ به ٿرپارڪر جي گيتن جو تفصيل نه هئڻ جي برابر آهي. شاباس آهي ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ، ڄيٺي لالواڻيءَ ۽ ڊاڪٽر ڪشني ڦلواڻيءَ کي، جن ٻنيءَ ۽ ڪڇ جي لوڪ گيتن کي گڏ ڪرڻ جو ساراهه جوڳو ڪم ڪيو آهي. پرسي گدواڻيءَ، ’ڳيچ/ ڳيجهه‘، ’لوڪ ساهت‘، ’سنڌي ٻوليءَ جي زيارت‘، ’ٻنيءَ جا گيت‘، ’ڳجهارتون‘ ۽ ٻيا ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا آهن. پنڊت ڪشنچند جيٽلي پڻ سنڌي ڏڻن/ تهوارن جي گيتن تي مشتمل هڪ ننڍڙو ڪتابڙو انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، آديپور (ڪڇ) مان ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. ديوندر ستيارٿيءَ واري دڳ تي قدم ڌري، ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتيءَ ’سنڌي لوڪ گيتن ۾ سماجڪ پسمنظر‘ جي عنوان سان Ph.D جو مقالو لکي ڇپارايو. هن گهرو گيتن، خاص ڪري ڏاڏين ۽ نانين ۽ پوڙهين عورتن کان ٻُڌل گيتن کي گڏ ڪري مختلف ڪتابڙا ڇپايا، جن ۾ ’مينديءَ رتا هٿڙا‘، ’لوڪ تان‘، ’جمالو‘ ۽ ٻيا ڪيترا ڪتاب اچي وڃن ٿا. ڄيٺي لالواڻيءَ، ’ٻنيءَ جا لوڪ گيت‘ عنوان سان Ph.D جي ٿيسز لکي آهي، اهڙيءَ طرح نوجوان اديب ڪلاڌر متوا، ’متون جا گيت‘ نالي هڪ ننڍڙو ڪتاب لکي ڇپايو آهي. جڏهن ته ڊاڪٽر ڪشني ڦلواڻيءَ جي ٿيسز جو سنڌي روپ محترم نور احمد جنجهيءَ ’ٿر ۾ ڳائجندڙ سنڌي داستان‘ (۲۰۰۷ع) عنوان سان ڇپايو آهي، جنهن ۾ خاص ڪري لوڪ ڪلاسيڪي داستانن وارا گيت شامل آهن. هند ۾ لوڪ ادب ۽ لوڪ گيتن تي هيري ٺڪر به هڪ تفصيلي تحقيقي مقالو لکيو آهي، جيڪو پڙهڻ جوڳو آهي. تازو لوڪ گيتن بابت، سنڌ جي نوجوان اديب، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي پي ايڇ ڊي ٿيسز ’سنڌوءَ جا گيت‘ (۲۰۰۸ع)، پڻ ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ، ڇپائي پڌري ڪئي آهي.جنهن ۾ سنڌ جي سمورن علائقن جا لوڪ گيت شامل آهن.

لوڪ گيت جا موضوع سوين نه پر هزارين آهن، ۽ سمورا موضوع، عورتَ، ڌرتيءَ، سماج ۽ عوامي پيشن سان لاڳاپيل آهن. عام ماڻهوءَ جا ڏک سک، جذبا، خوشيون ۽ غميون، احساس، لوڪ گيتن ۾ موجود آهن.

 ’هي گيت شروعاتي انسان جو خوشيءَ ڀريو سنگيت آهن‘، اها راءِ، شيام پرڪاش ’ڀارتيه لوڪ ساهتيه‘ ۾ ڏني آهي. انسان جو هنن گيتن سان ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين ناتو نه ٿو ٽُٽي. ٻار جي ڇٺيءَ جي خوشيءَ واري لمحي کان وٺي مرڻ جي ڏُک جا گيتَ، پارَ ۽ اوسارا سڀ گيتن جي پيٽي ۾ اچي وڃن ٿا. اها به خاطري آهي ته لوڪ گيتن جي اها روايت ان وقت تائين قائم رهڻي آهي، جيستائين انسان هن ڌرتيءَ تي موجود رهڻو آهي. آمريڪي فوڪ لورسٽ رچرڊ ڊارسن جي راءِ موجب: ”لوڪ گيت وقت جي حدبنديءَ ۾ اچي نه ٿا سگهن. اهي نديءَ جي وهڪري وانگر آهن، جن ۾ اڳيون پاڻي به آهي ته نئون پاڻي به اچي وڃي ٿو.“

لوڪ گيت ڪنهن قوم جي فردن جي ’ذهني تاريخ‘ جو آئينو آهن، گيتن جي ٻولن ۾ ڪڏهن ڪڏهن تاريخي واقعا ۽ اهڃاڻ به ملن ٿا، جن تي تحقيق ڪري تاريخ جو سچو ۽ حقيقي چهرو ڏسي سگهجي ٿو. سنڌي لوڪ گيتن تي (جن ۾ اتر جا سرائيڪي ۽ ٿر جا ڍاٽڪي ۽ مارواڙي گيت به اچي وڃن ٿا). اسان گهري نظر وجهنداسون ته اُنهن مان اسان جي تاريخ ۽ تاريخي واقعن بابت ڪيترا اُهڃاڻ لڀندا:

مثال:

تـَتـِــي نــــي ٿـوٻـِــي، مـَـل گهـتـيـم جـــو پـيـڙا،

’ڦلنگي‘ دي صاحبي، رَنان ڪرينديان جهيڙ!

---

 ڇلا رنگ برنگي اي، سُنگي هيٺ ’ڦُلنگي‘ اي،

 جنهن دي ٽوپي ڏنگي اي!

هنن لوڪ گيتن ۾ انگريزن/ فرنگين جي سنڌ ۾ آمد جو ذڪر اچي ٿو. هي لفظ ’ڦلنگي‘، سورهين صديءَ ۾ پورچوگيزن جي آمد وقت رائج هو ۽ بعد ۾ انگريز واپارين لاءِ پڻ ڪم آندو ويو، ۽ شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ به موجود آهي.

اُڏريان ني ڪُونجان، وڃ لٿڙيان ني کيل اي،

’جيسلمير دي قيدي ڇُٽي‘، آؤندي ني ريل اي.

هن گيت ۾ برصغير اندر انگريز دور دوران ’ريل‘ جي موجودگيءَ جي ڄاڻ پوي ٿي ۽ گڏوگڏ سنڌ جي ڪن سورهين جي ’جيسلمير جي قيد‘ مان آزاد ٿي اچڻ جي خبر پوي ٿي.

مَهري جو والا تيڏي مَهري ڪون تنگ اي،

اڳتي نه وڃ، اڳون ’جرمن دي جنگ‘ اي.

هي لوڪ گيت ۱۹۱۴ع جي پهرين مهاڀاري لڙائي ۽ ’جرمن جي جنگ‘ جا اهڃاڻ، پنهنجي وجود ۾ سمائي آيو آهي.

ڪارا! ڪجليو ٿي گان، ڙي ڪارا! ڪجليو ٿي گان!

جاني مانجو ’جيل‘ ۾، هُون ’ريل‘ ڏي ٿي جان،

جاني مان جو جوڌو جوان، ڪارو اُوئي رو نان!

تارياڻيءَ مان تار موڪلي، عمرڪوٽ ٿي جان!

ڪارا! ڪجليو تِي گان!

[ڪارا! تو لاءِ ڪجليو پئي ڳايان!

منهنجوجاني جيل ۾ آهي، آءُ ريل (ڏسڻ) ٿي وڃان،

منهنجو جاني جوڌو جوان آهي، جنهن جو نالو ڪارو آهي!

تار گهر مان تار موڪلڻ لاءِ عمرڪوٽ ٿي وڃان!

اي ڪارا! آءٌ تو لاءِ ڪجليو ٿي ڳايان!]

هن ’ڪجليي‘ گيت ۾، ’جيل‘، ’ريل‘ ۽ ’تار‘ جو ذڪر آهي، جن ٽنهي جي ابتدا انگريزن جي صاحبيءَ ۾ ٿي هئي. تار گهر لاءِ ’تارياڻي‘ جو لفظ ڪيڏو ته تز ۽ سهڻو عوامي نالو آهي.

ائين سنڌ ڌرتيءَ جي سمورن خطن جا گيت گڏ ڪري، جيڪڏهن تحقيق ڪئي وڃي ته هوند وڏو تحقيقي ۽ تاريخي دستاويز ۽ خزانو مرتب ٿي سگهي ٿو.

موجوده دور ۾ لوڪ گيتن جي سهيڙ جي سلسلي ۾، ٿرپارڪر ضلعي جي تاريخي شهر چيلهار جي نوجوان محقق، ڀارو مل امراڻي، ٿر جي لوڪ گيتن بابت ’گيت سانوڻ جا، من ڀانوڻ جا‘ نالي هڪ ننڍڙو ڪتاب لکي، رائچند راٺوڙ، منگهارام اوجها، محمد عثمان ڏيپلائي، محمد عثمان اديب ۽ مشتاق مٺواڻيءَ جا پير کڻي هڪ تاريخي ڪم سرانجام ڏنو آهي.

ٿر جي نسبت سان، ’وسي ته ٿر، نه ته آهي بر‘- واري چوڻيءَ کي آڏو رکي ڏسبو ته ٿر جي گيتن جي گهڻائي ’برسات‘ بابت ملندي. ’راڻو‘، ’بادليئو‘، ’رائڌڻ ور‘، ’ورسارو‘، ’چوماسو‘، ’سانوڻ ٽيج‘، ’لمڪيان ڙي لو‘، ’خيالي گومند‘، پهرئين وسڪاري کان پوءِ ڳائجندڙ لوڪ گيت آهن. اهڙيءَ طرح ’همرچو‘ گُڏ/ ليڏاڻ ڪڍڻ يا لاباري وقت ڳائبو آهي. ’پاڻياري‘ ۽ ’هينڊامڻي‘ گيت ناريون پاڻي ڀرڻ وقت ڳائينديون آهن. ’لمڪيان ڙي لو‘ گيت ڏُٿ چونڊڻ وقت ڳائبو آهي. ’ولارو‘، ’ڍاٽيئڙو‘ وغيره لوڪ گيت مال چارڻ وقت ڳنوار ۽ ڌراڙ ڳائيندا آهن. اهڙيءَ طرح ’ڍولو‘، ’رومال‘، ’جلالو‘، ’ڪانگڙو‘ ۽ ’اوڏڻ‘ خوشيءَ جي موقعن تي کل ڀوڳ جو منظر پيش ڪندڙ گيت آهن. ’مڻهيارو‘ گيت محفلن ۾ اڪيلي توڙي گڏيل طور ڳايو ويندو آهي.

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي ترتيب ڏنل ’لوڪ گيت‘ ڪتاب ۾ ۴۲ قسمن جا ٿري لوڪ گيت موجود آهن، پر اسان جي هن نوجوان محقق ڀارو مل امراڻي سوٽهڙ پنهنجي ڪتاب ’گيت سانوڻ جا، من ڀانوڻ جا‘ ۾ ۱۴ لوڪ گيت ۽ ۲۰ لوڪ دوها جمع ڪري، اسان جي آڏو پيش ڪيا آهن ۽ ائين ڀاروءَ لوڪ گيتن گڏ ڪرڻ واري رستي تي وک وجهه وجهي، هڪ ساراهه ۽ تحسين جوڳو ڪم ڪيو آهي. ’نينهن پبليڪيشن‘ مٺيءَ جي دوست دليپ ڪوٺاريءَ هميشه نين روايتن کي جنم ڏنو آهي. هن ٿر جي خوبصورت ۽ نمائنده شاعر سائينداد ساند جي شاعريءَ جي پهرئين خوبصورت مجموعي ’ڳوڙهن ڳالهايو‘ کان پوءِ ’گيت سانوڻ جا، من ڀانوڻ جا‘ نينهن پبليڪيشن جي ٻي پيشڪش طور ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن لاءِ دليپ ڪوٺاري جس جو مستحق آهي، جنهن هڪ اهڙي نوجوان کي سنڌ ۾ متعارف ڪرايو آهي، جنهن جي ڏات جي ٻيجڙيءَ جي تجلي جو پهريون اُهاءُ، ’گيت سانوڻ جا، من ڀانوڻ جا‘ ڪتاب آهي. اهڙيءَ طرح هن نوجوان محقق ڀارو امراڻيءَ ٻه ٻيا ڪتابڙا: هڪ ’چتر ٻولي چارڻان‘ ۽ ٻيو بانڪيداس جي دوهن تي مشتمل ’همروٿ ڇيتسي‘ لکي، سچ پچ اهو مقام حاصل ڪري ورتو آهي، جيڪو ’قاضي قادن جو ڪلام‘ دريافت ڪري، هيري ٺڪر مقام ماڻيو آهي. بانڪيداس جي هڪ ٻن خوبصورت دوهن کي، جن ۾ عمرڪوٽ جي ’لانٻي‘ سَر جو ذڪر آهي، جڏهن عبدالواحد آريسر پنهنجي ڪنهن تحرير ۾ ڪم آندو هو ته ٿري لوڪ شاعريءَ جو حسن اسان جي آڏو سورنهن ئي سينگار ڪري اچي پرگهٽ ٿيو هو. ’لانٻي‘ تلاءَ بابت اُنهن هڪ ٻن بيتن دوهن جي آڌار تي ڊاڪٽر غلام محمد لاکي هڪ تحقيقي مقالو ’تالاب عمرڪوٽ‘ لکي شايع ڪرايو هو، پر هو اُن ۾ اهي دوها شامل نه ڪري سگهيو هو، جيڪي هاڻي ڀارو امراڻيءَ ’همروٽ ڇيتسيءَ‘ ۾ شامل ڪيا آهن؛ جن ذريعي عمرڪوٽ جي تاريخ جا نوان گوشا ظاهر ٿيا آهن.

ڀارو امراڻي، پنهنجي پهرينءَ مختصر تحقيق ’گيت سانوڻ جا، من ڀانوڻ جا‘ ۾ جتي ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ڪتاب ’لوڪ گيت‘ ۾ موجود گيتن جي قسمن مان ’پڻهياري‘ (پڻياري)، ’ڍولي‘ ۽ ’ٽيج‘- جا نوان مثال/ گيت پيش ڪيا آهن، اتي هن گيتن جا ڪجهه نوان قسم به ڏنا آهن، جن ۾: ’راسوڙو‘، ’پڌارو‘، ’مهندي‘، ’امراڻو‘، ’گهنگهور‘، ’ڪيوڙو‘، ’سانڀو‘، ’موريو‘ ۽ ’پئيو‘ اچي وڃن ٿا. گيتن جو هڪ قسم ’ڀئيو‘ بلوچ صاحب واري ’لوڪ گيت‘ ڪتاب ۾ به موجود آهي، ۽ ڀارومل جو پيش ڪيل ’پئيو‘ ساڳيو آهي يا نه، ان تي وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي، ڇو ته ’ڀئيو‘ ڀاءُ کي مخاطب ٿيل گيت آهي، جڏهن ته ’پئيو‘ پريتم کي مخاطب ٿيل گيت آهي.

هيٺ ’جوڌيي‘، ’وڻجاري‘، ’ڏهوڪي‘ ۽ ’مڻهياري‘ گيتن جون ڪجهه سٽون ٿري لوڪ گيتن جي حُسن ۽ انهن ۾ سمايل مقصد ۽ معنيٰ جي سونهن محسوس ڪرڻ لاءِ پيش ڪجن ٿيون:

جوڌيو: جوڌيا مارو ڙي، مين امراڻي ري مارگي

(اي جوڌيا مارو! آءٌ امرڪوٽ جي واٽ تي آهيان.)

جوڌيا، مين مروئو روپيو ڙي!

 جوڌيا! مون (تنهنجي آجيان لاءِ) نازبوءِ جا ٻوٽا پوکي ڇڏيا آهن.)

وڻجارو: ٿلهي مٿي پپر ڙي، جڪي رِي ڇايا ۾ ٻيٺا مور،

هاءِ! وڻجارو بالم ري!

(گهر جي ٿلهي تي پپر جو وڻ آهي، جنهن جي ڇانوَ ۾ مور بيٺا آهن،

افسوس! منهنجو بالم وڻجارو آهي.)

 ڏهوڪو: ڏهوڪي مارو ڏو، جي ٿي ڀاجان ته ڪُر ٿي لاجان.

 (مارو ڏهوڪو ڏي، جي آءٌ ڀَڄان ٿي ته ڄڻ ڪُر لڄايان.)

مڻهيارو: سنڌڙي ري مارگي، اُڏتي جائي کيهه

(سنڌڙيءَ جي واٽ تي، کيهه اُڏامندي وڃي.)

ڀارو امراڻيءَ جي ڪتاب ’گيت سانوڻ جا، من ڀانوڻ جا‘ ۾ شامل گيتن جو مطالعو ڪندي، اسان جي سنڌ جي وڏي اديب ۽ مٺيءَ جي مڻهيار، سائين ولي رام ولڀ، ’ڀارومل امراڻيءَ‘ کي سنڌ جو ’دويندر ستيارٿي‘ سڏيو آهي، جنهن لوڪ گيتن گڏ ڪرڻ طرف ڌيان ڏنو آهي. ڀارو مل امراڻيءَ جو هي ڪتابڙو بيشڪ ننڍڙو آهي، پر پنهنجي وجود ۾ هڪ وسيع ڪائنات ۽ نهايت ڪشادو پسمنظر رکي ٿو.

مثال طور: ’ڪيوڙي‘ لوڪ گيت جي هڪ سٽ آهي ته:

هُون واهيو ري ڪيوڙو، لاگو ڦڙيان سون چُور

(مون ڪيوڙو پوکيو آهي، جيڪو ڦرين ساڻ ڀرپور آهي).

هن لوڪ گيت جي سٽ کي آڏو رکي، ڀارو امراڻيءَ ڄاڻايو آهي ته ’ٿر ۾ ڪيلي جي پوک جي حوالي سان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته جنهن وقت هاڪڙو درياهه پنهنجي موج مستيءَ سان وهندو هو، ان وقت هتي ڪيلي جي پوک به ٿيندي هئي.‘ ان ڪري هن لوڪ گيت جي اها هڪ سٽ کڻي اسان ”ٿر ۾ ڪيلي جي پوک“ جي حوالي سان تحقيق جو ميدان کولي سگهون ٿا.

اهڙيءَ طرح سندس ڪتابڙي ۾ شامل ’راسوڙي‘ گيت جون هيٺيون سٽون جتي مبالغي آرائيءَ جو ڪمال پيش ڪن ٿيون، اُتي ان ۾ محبوب کان ’پاوا گڍ‘ جي چُنريءَ جي گُهر ۽ حجت جي معصوميت به حد درجي جي بيان ڪن ٿيون:

هُون تو چنري اوڍان، بن چُنري ڪڙيان لاج کاوي، پاوا گڍ ري چُنري،

هُون تو چُنري ڌوئان، دريا اُلٽ جاوي، پاوا گڍ ري چُنري،

هُون تو چُنري سُڪاوان، ڀاڏي ڏرتي ڍاڪ جاوي، پاوا گڍ ري چُنري.

(آءٌ چنري اوڍڻ گهُران ٿي، ڇو ته چنريءَ سواءِ منهنجي پيرن جون ڪڙيون لڄائبيون، ان ڪري مون کي پاوا گڍ جي چنري آڻي ڏي.

آءٌ پاواگڍ جي چُنري ڌوئڻ درياهه تي وڃان ته درياهه به هوند اُبتو وهڻ شروع ڪري،

آءٌ جڏهن چُنري سُڪايان ته سڄي ڌرتي ڍڪجي وڃي ٿي، منهنجي پياري جي پاواگڍ کان آندل چنري،)

دوها: ڀارومل جي گڏ ڪيل دوهن ۾ به عام ٿري گيتن جيان وسڪاري جو ذڪر آهي، پر موسم جي حوالي سان اهڙا ته انڪشاف ۽ اهڙيون ته نيون تشبيهون ڪم آندل آهن، جن مان ٿر ۽ راجستان جي لوڪ ڏاهپ جو ڪمال پڌرو ٿي پيو آهي:

سِرامڻ را سترهن ڏينهن، آوِي نويلي ٽيج،

تون برسين پرديس پِريا، مين اوپر ٻِيج.

(سانوڻ جو سترهون ڏينهن آهي، نئين نويلي ٽيج آئي آهي،

پرين تون پرديس پيو رهين، ۽ منهنجي مٿان وِڄ پئي کنوي.)

ـــــــ

بيجليان بي لجيان، آڀا ٿاني لج،

سُوني سيج، پرديس پِريا، مَڌرو مڌرو گرج

(وِڄون بي لڄيون آهن، اي اُڀ تو کي لڄ اچڻ گهرجي،

منهنجي سيج سُڃي آهي ۽ پرين پرديس ۾، تون آهستي آهستي گرج.)

ـــــــ

او گميو اُتر ڏِسان، ڪالِي ڪانٿل ميهه،

هون ڀڄون گهر آنگني، پيو ڀڃي پرڏيهه.

(اُتر ڏِس کان ڪارو ڪارونڀار مينهن اچي آگميو آهي،

آءٌ پنهنجي اڱڻ تي پئي پُسان ۽ پرين پرڏيهه ۾ پيو ڀِڄي!)

 

(تاج جويو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۰ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)

1 comment:

  1. سائين سڪ سلام ۽ پيار
    شل سلامت هجو
    مضمون رکڻ تي آءُ اوهان جو شڪر گذار آهيان
    ٿورا مَ ٿورا مون تي ماروئڙن جا
    اوهان جو پنهنجوئي
    حفيظ چانڊيو

    ReplyDelete