ڀارو مل امراڻي سوٽهڙ
منصوري صدا جهڙو شاعر
حفيظ چانڊيو
پوري قوم جون اکيون، شاعرن جي
قلم واري اک مان نڪتل انهن لفظن منجهه کتل هونديون آهن، جيڪي سندن سجاڳي لاءِ لکيا
ويندا آهن، شاعر ئي قومن جا اصل وارث بڻبا آهن، جيڪي سندن وارثي ڪندي ابن الوقت
سان اکيون اکين ۾ ملائي قوم جي بقا جي جنگ
وڙهندا آهن، شاعرن جي شاعري عظمت ڀري هوندي آهي، ڇو جو ان منجهه ماڻهن کي مسلسل
جدوجهد لاءِ اتساهه ملندو آهي، شاعر وٽ پنهنجي ڪيفيتن، پيار ۽ پيڙائن، ڪومل
جذبن،اندر ۾ ذهن ۽ ضمير جي جهيڙي ۾ اٿندڙ اڌمن ۽ اڻپورن احساسن جو اظهار سندس اها
شهڪار شاعري ئي هوندي آهي، شاعر ته ٺهيل ئي ڪيفيتن جا هوندا آهن، اهو شاعر جيڪو
مختلف ڪيفيتن مان نه ٿو گذري، سو سٺو شايد نه لکي سگهي، آءُ پنهنجي راءِ رکندي
هيئن لکندس ته جيڪو شاعر ڪيفيتن جو يار آهي، سو ئي سگهارو نظم توڙي نثر سرجي سگهي ٿو،
هونئن به ڪيفيتون، جن جا رنگ ۽ روپ ئي نرالا هجن ٿا، سي رنگ جڏهن تخليقار جي
تخليق ۾ رچي وڃن ٿا ته اها تخليق اوج پسندي آهي، ڪيفيتن مان ڦٽي نڪتل نظم ۽ نثر جا
ماڻهو، پنهنجي دور جا تمام وڏا ۽ سگهارا تخليقار بڻبا آهن، جيڪڏهن شاعر کان ڪيفيتون
ڌار ڪري ڇڏيو ته هو روايتي ماڻهو بڻجي ويندو، اهو ڪمال حقيقت ۾ ان تخليقار جو
ناهي، پر ان ڪيفيت جو آهي، جيڪا مٿس طاري ٿي، کيس لکڻ تي آماده ڪري کيس قلمي ۽
قلبي قرار بخشي، سڪون ۽ آنند بخشي ٿي.