; سنڌي شخصيتون: شاھ ڪريم بلڙيءَ وارو

22 August, 2015

شاھ ڪريم بلڙيءَ وارو

حضرت شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو

عرس مبارڪ جي مناسبت سان

نور سنڌي



سنڌ جو ڪامل ولي الله، صوفي شاعر حضرت شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو جيڪو ڀلاري ڀٽ ڌڻيءَ جو پڙڏاڏو هو. سندس وڏا هرات مان سنڌ ۾ آيا، حضرت شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو ۲۰ شعبان ۹۴۴هه ۱۵۳۸ع ۾ سيد ميان لعل محمد شاهه جي گهر ۾ جنم ورتو. ننڍا هئا ته سندن والد هي جهان ڇڏي ويو ۽ سندن پرورش ۽ تربيت سندن امڙ ۽ وڏي ڀاءُ سيد جلال شاهه ڪئي. سندن ننڍپڻ جو تفصيلي احوال نه ٿو ملي. سندس ڀاءُ جي دلي خواهش هئي ته شاهه ڪريم پڙهي عالم فاضل ٿئي، پر شاهه ڪريم ان طرف ڌيان نه ڏنو. ان جي باوجود کيس ۶ سالن جي ڄمار ۾ هڪ مڪتب ۾ موڪليو ويو، پر پاڻ سبق ياد ڪرڻ بجاءِ ڌڻي تعاليٰ جو ورد ڪندا هُئا. مائٽن ۽ سندس استاد مولوي صاحب گهڻو ئي زور ڏنو ته پاڻ پڙهن، پر ڪجهه به نه وريو. ننڍي هوندي کان سماءُ سان دل لڳائي جواني ۾ پاڻ خود سماع ۾ حصو وٺندو هو. هڪ ڏينهن سماع واري محفل ۾ مشغول هو ته سندس ڀاءُ کيس اتان وٺي اچي قاضي آڏو پيش ڪيو ۽ سندس نڪاح پڙهايو، جيستائين سندن ڀاءُ جلال شاهه حيات هئا، ايستائين شاهه عبدالڪريم گهر ٻار جي بار کان آجو هو ۽ اڪثر ذڪر فڪر ۾ ۽ سماع ۾ مشغول گذاريو. علائقي ۾ جتي به سماع جون محفلون ٿينديون هيون، پاڻ ان ۾ شريڪ ٿيندو هو. گجرات کان احمدآباد تائين به سفر ڪيائون. سندس ڀاءُ جي وصال بعد پاڻ محنت مزدوري ۽ سخت پورهيو ڪرڻ شروع ڪيو. ڇاڪاڻ ته سندس سڄي خاندان جو بار سندن ڪلهن تي اچي ويو هو. زمين آباد ڪرڻ کانسواءِ ڪڏهن ڪڏهن گهرو ڪم، چوپايو مال جي سار سنڀال، کاڌو تيار ڪرڻ ۾ عيب نه سمجهيو. پاڻ صوفي بزرگن مطابق عبادت کانسواءِ سخت رياضتون پڻ ڪيون. سماع سان سندن غير معمولي لڳاءُ هو. ڪنهن عالم، ذاڪر، قوال کان ڪو اعليٰ معنيٰ وارو ڪلام ٻڌندا هئا ته مٿن وجد طاري ٿي ويندو هو.


پاڻ ٿورو کائيندو هو، گهٽ ڳالهائيندو ۽ آرام گهٽ ڪندو هو. سندن زندگي اعليٰ آدرشن جو مثال هئي. روايت آهي ته ان دور ۾ مخدوم ضياءُ الدين رح واعظ پئي ڪيو، شاهه ڪريم ان وقت اڃا صغير هو ۽ پاڻ ڌيان سان ويهي اهو واعظ ٻڌو، واعظ ختم ٿيڻ بعد شاهه ڪريم جڏهن گهر وڃڻ لڳو ته ان بزرگ جي مٿن نظر پئي ۽ ڏسڻ شرط فرمايو ته سبحان الله هي ننڍڙو هن وهيءَ ۾ ئي حضرت خضر عليه السلام سان محبت ۾ آهي، جيڪڏهن جواني ۾ کيس ڏسان ها ته چڱو ٿئي ها. پاڻ اڪثر روزي يا فاقي ۾ رهندا هئا. در تي آيل سوالين کي گهر وارن لاءِ تيار ٿيل کاڌو ڏئي ڇڏيندا هئا. ان دور ۾ ارغون ترخانن جي ظلم زيادتين جو زمانو هو، مقامي ماڻهن تي وڏا ظلم ٿيندا هئا. پاڻ اهڙا ظلم روڪڻ لاءِ حڪمرانن سان به مليا، پر سٺي موٽ نه ملڻ جي باوجود مايوس ٿيڻ بجاءِ مظلومن کي انصاف ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. شاهه ڪريم جا پنهنجي دور جي بزرگن، عالمن سان ويجها تعلقات رهيا. حضرت مخدوم نوح سرور رح سان به عقيدت رکندا هئا. بيان العارفين ڪتاب ۾ لکيل آهي ته پاڻ ظاهري طور سلطان ابراهيم کان قادري طريقي ۽ ذڪر جي تلقين ورتي هئي، پر اصل ۾ شاهه ڪريم اويسي طريقي جا بزرگ هئا. شاهه ڪريم جي زندگي جو احوال پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو پاڻ اڪثر فرمائيندا هئا ته ٻيا ماڻهو دنيا جا ٻيا فن ۽ هنر سکيا پر آئون سماع کانسواءِ ڪجهه به نه سکيس. سماع ۾ ڪيترائي ڀيرا درد وارا بيت ٻڌڻ وقت مٿن وجد طاري ٿي ويندو هو، بيهوش به ٿيندا هئا ۽ اهو به چيو ويندو هو ته الله سائين جي ويجهو ٿيڻ لاءِ سماع آسان واٽ آهي.

شاهه ڪريم پنهنجي مريدن عقيدتمندن کي به سماع ۾ حصو وٺڻ جي هدايت ڪندا هئا. دنياوي ڪم ڪار ڪرڻ وقت به ذڪر فڪر ڪندا هئا. ذڪر، رياضتن، فاقن، اوجاڳن ۽ عبادتن جي ڪري پاڻ زندگي جي آخري حصي ۾ انتهائي ضعيف ٿي ويا، پر روحاني طور وڌيڪ طاقتور هئا. زندگي جا آخري ڏينهن هجري ۾ عبادت ڪندي گذاريا. اڌ رات جو اٿي وڏي آواز ۾ ذڪر الاهي ۽ بعد ۾ پنهنجا ۽ ٻين شاعرن جا بيت پرسوز انداز ۾ چوندا هئا. پاڻ ۸۸ ورهين جي ڄمار ۾ ۷ ذوالقعد ۱۰۲۳هه ۾ مغرب جي نماز وقت هن فاني دنيا مان وصال ڪري ويا. اها ڏک ڀري خبر ٻڌندي مختلف علائقن مان سندن هزارين مريد عقيدتمند گڏ ٿي ويا، کين سيدپور ۾ ڌرتي ماءُ جي هنج حوالي ڪيو ويو. ماضي جي سيدپور بعد ۾ شاهه ڪريم بلڙي جي نالي سان سڏجڻ لڳي. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جيڪو سندن پڙپوٽو هو، ان مٿن عظيم الشان مقبرو اڏايو، ان لاءِ ملتان وڃي ڪاشي جون سرون ٻيڙيءَ ذريعي آنديون. لطيف سائينءَ خود به سندس مزار ڀرسان ويهي چلو ڪڍيو. اهو هنڌ لطيف سائين جو تڪيه سڏجي ٿو. اڄ سندن ۴۰۴هين عرس مبارڪ جو ٻيو ڏينهن آهي. سندس عرس مبارڪ جون رونقون عروج تي آهن. پري پري کان سائين جن جا مريد ۽ عقيدتمند ڪهي اچن ٿا ۽ پنهنجي روحن کي تسڪين ڏيارين ٿا.


 

شاھ عبدالڪريم بلڙي وارو

شعيب بڪيرو

سنڌ جو ڪامل ولي الله، صوفي شاعر حضرت شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو جيڪو ڀلاري ڀٽ ڌڻيءَ جو تڙڏاڏو هو. سندس وڏا هرات مان سنڌ ۾ آيا، حضرت شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو ۲۰ شعبان ۹۴۴هه ۱۵۳۸ع ۾ سيد ميان لعل محمد شاهه جي گهر ۾ جنم ورتو  سندن حسب نسل امام موسى ڪاظم رح جن سان وڃي ملي ٿو. پاڻ ننڍا هئا ته سندن والد هي جهان ڇڏي ويو ۽ سندن پرورش ۽ تربيت سندن امڙ ۽ وڏي ڀاءُ سيد جلال شاهه ڪئي. سندس ڀاءُ جي دلي خواهش هئي ته شاهه ڪريم پڙهي عالم فاضل ٿئي، پر شاهه ڪريم ان طرف ڌيان نه ڏنو. ان جي باوجود کيس ڇھن سالن جي ڄمار ۾ هڪ مڪتب ۾ موڪليو ويو، جتي پاڻ قرآن شريف جا ٻه پارا پڙهيائون. سيد شاھ عبدالڪريم کي ننڍپڻ کان ئي سماع جو ڏاڍو شوق هوندو هو. پاڻ سبق ياد ڪرڻ بجاءِ، ڌڻي تعاليٰ جو ورد ڪندا هُئا. مائٽن ۽ سندس استاد مولوي صاحب گهڻو ئي زور ڏنو ته پاڻ پڙهن، پر ڪجهه به نه وريو. ننڍي هوندي کان سماءَ سان دل لڳائي ڇڏيائون. جوانيءَ ۾ پاڻ خود سماع ۾ حصو وٺندو هو. هڪ ڏينهن سماع واري محفل ۾ مشغول هو ته سندس ڀاءُ کيس اتان وٺي اچي قاضي آڏو پيش ڪيو ۽ سندس نڪاح پڙهايو. جيستائين سندن ڀاءُ جلال شاهه حيات هئا، ايستائين شاهه عبدالڪريم گهر ٻار جي بار کان آجو هو ۽ اڪثر ذڪر فڪر ۽ سماءَ ۾ مشغول گذاريو. علائقي ۾ جتي به سماع جون محفلون ٿينديون هيون، پاڻ ان ۾ شريڪ ٿيندو هو. گجرات کان احمدآباد تائين به سفر ڪيائون. سندس ڀاءُ جي وصال بعد پاڻ محنت مزدوري ۽ سخت پورهيو ڪرڻ شروع ڪيو. ڇاڪاڻ ته سندس سڄي خاندان جو بار سندن ڪلهن تي اچي ويو هو. زمين آباد ڪرڻ کان سواءِ ڪڏهن ڪڏهن گهرو ڪم، چوپايي مال جي سار سنڀال، کاڌو تيار ڪرڻ ۾ عيب نه سمجهيو. پاڻ صوفي بزرگن مطابق عبادت کانسواءِ سخت رياضتون پڻ ڪيون. سماع سان سندن غير معمولي لڳاءُ هو. ڪنهن عالم، ذاڪر، قوال کان ڪو اعليٰ معنيٰ وارو ڪلام ٻڌندا هئا ته مٿن وجد طاري ٿي ويندو

پاڻ ٿورو کائيندو هو، گهٽ ڳالهائيندو ۽ آرام گهٽ ڪندو هو. سندن زندگي اعليٰ آدرشن جو مثال هئي. روايت آهي ته ان دور ۾ مخدوم ضياءُ الدين رح واعظ پئي ڪيو، شاهه ڪريم ان وقت اڃا صغير هو ۽ پاڻ ڌيان سان ويهي اهو واعظ ٻڌو، واعظ ختم ٿيڻ بعد شاهه ڪريم جڏهن گهر وڃڻ لڳو ته ان بزرگ جي مٿن نظر پئي ۽ ڏسڻ شرط فرمايو ته سبحان الله هي ننڍڙو هن وهيءَ ۾ ئي حضرت خضر عليه السلام سان محبت ۾ آهي، جيڪڏهن جواني ۾ کيس ڏسان ها ته چڱو ٿئي ها. پاڻ اڪثر روزي يا فاقي ۾ رهندا هئا. در تي آيل سوالين کي گهر وارن لاءِ تيار ٿيل کاڌو ڏئي ڇڏيندا هئا. ان دور ۾ ارغون ترخانن جي ظلم زيادتين جو زمانو هو، مقامي ماڻهن تي وڏا ظلم ٿيندا هئا. پاڻ اهڙا ظلم روڪڻ لاءِ حڪمرانن سان به مليا، پر سٺي موٽ نه ملڻ جي باوجود مايوس ٿيڻ بجاءِ مظلومن کي انصاف ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. شاهه ڪريم جا پنهنجي دور جي بزرگن، عالمن سان ويجها تعلقات رهيا. حضرت مخدوم نوح سرور رح سان به عقيدت رکندا ھئا. جڏهن شاھ عبدالڪريم مخدوم نوح جي چوڻ تي هن طرف اچي رهيا ھئا ته مائي بلڙي ماڻهن جي واتان اهو ٻڌو ته پنهنجي طرف هڪ وڏو بزرگ اچي رھڻ لڳو آهي، جيڪو ڏاڍو صبر وارو آهي. مائي بلڙي سوچيو؛ هن نئين ماڻهو کي آزمائڻ کپي ته واقعي بزرگ نيڪ مرد آهي. مائي بلڙي شاھ عبدالڪريم کي آزمائڻ لاءِ سيد صاحب جي دعوت ڪئي ۽ رٻ کڻي اڳيان رکي جا تمام گرم ھئي. تنهن ڪري شاھ ڪريم جن ان رٻ کي آڱريون ڀري آھستي آھستي کائڻ لڳو. ان ۾ مائي بلڙي چيو مون کي دير ٿي ٿئي تنهن ڪري توهان پنهنجي ٿانوَ ۾ وجهي کائو. ٿانوَ ۾ وجهڻ بدران مائي بلڙي اها رٻ، شاھ ڪريم مٿان هاري ڇڏي. سيد جن اها رٻ جسم تان لاهي کائڻ لڳو. عورت کي ڪجهه به نه چيو. مائي شاھ ڪريم جو صبر ڏسي سندس مريدياڻي ٿي وئي. ان وقت چون ٿا ته شاھ ڪريم جن فرمايو؛ اي مائي جڏهن به منهنجو نالو ورتو ويندو، ان کان اڳ تنهنجو نالو ضرور ورتو ويندو. شاھ عبدالڪريم نه صرف صوفي اوليا هئا، بلڪ هڪ عظيم شاعر پڻ ھئا. شاھ ڪريم جي بيتن ۾ اهڙا موتي ڳتيل آهن، جنهن جو اندازو نٿو ڪري سگهجي. شاھ عبداللطيف تي پڻ، شاھ عبدالڪريم جي ڪلام جو گهرو اثر آهي. شاھ عبدالڪريم جن جي زندگي ۽ شعرن جو ذڪر اسان کي بيان العارفين فارسي ڪتاب مان ملي ٿو. شاھ عبدالڪريم جي زندگيءَ جو احوال پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو پاڻ اڪثر فرمائيندا هئا ته ٻيا ماڻهو دنيا جا ٻيا فن ۽ هنر سکيا، پر آئون سماع کانسواءِ ڪجهه به نه سکيس. سماع ۾ ڪيترا ئي ڀيرا درد وارا بيت ٻڌڻ وقت، مٿن وجد طاري ٿي ويندو هو. بيهوش به ٿيندا هئا ۽ اهو به چيو ويندو هو ته الله سائين جي ويجهو ٿيڻ لاءِ سماع آسان واٽ آهي.

شاهه ڪريم پنهنجي مريدن عقيدتمندن کي به سماع ۾ حصو وٺڻ جي هدايت ڪندا هئا. دنياوي ڪم ڪار ڪرڻ وقت به ذڪر فڪر ڪندا هئا. ذڪر، رياضتن، فاقن، اوجاڳن ۽ عبادتن جي ڪري پاڻ زندگي جي آخري حصي ۾ انتهائي ضعيف ٿي ويا، پر روحاني طور وڌيڪ طاقتور هئا. زندگي جا آخري ڏينهن هجري ۾ عبادت ڪندي گذاريائون. اڌ رات جو اٿي، وڏي آواز ۾ ذڪر الاهي ۽ بعد ۾ پنهنجا ۽ ٻين شاعرن جا بيت پرسوز انداز ۾ چوندا هئا.

شاھ عبدالڪريم جن جي مريدن به وڏي مشهوري ماڻي. انهن ۾ سيد ابراهيم بهاءُ الدين گودڙيو ۽ ٻين ڪيترن سندس مريدن سندن فلسفو عام ڪيو. پاڻ ۸۸ سالن جي عمر ۾ سن  ۱۰۳۲هجري ۱۶۲۳ع آچر جي رات، مغرب جي وقت وفات پاتائون. سندن مزار مبارڪ بلڙي ۾ آهي. جتي ذوالقعد جي ۷ تاريخ تي وڏي ڌام ڌوم سان ميلو  لڳندو آهي. شاھ عبدالڪريم جن جي مزار شاھ عبداللطيف جن، شاھ عبدالڪريم جن جي وفات کان پوءِ، ھڪ سئو چوويهن سالن کانپوءِ ٺھرائي راس ڪئي. ان کان اڳ، سندن مزار مبارڪ هڪ ڄار جي وڻ ھٺيان هوندي ھئي. شاھ عبداللطيف پاڻ اچي بلڙي ۾ رهي، سندن مقبرو ٺھرايو. شاھ عبدالڪريم جن جي مزار جي سرن لاءِ شاھ عبداللطيف جن پاڻ وڃي ملتان مان وٺي آيا. سن ۱۱۵۶هجري ۾ درگاھ ٺھي راس ٿي. شاھ لطيف، خود سندن مزار ڀرسان ويهي چلو ڪڍيو. اهو هنڌ اڄ به لطيف جو تڪيو سڏيو وڃي ٿو.

اڄ سندن ۴۰۶ عرس مبارڪ آهي، سندن ميلي جون رونقون عروج تي آهن. شاھ عبدالڪريم جو گادي نشين سيد شاھد حسن شاھ ڪاظمي هر سال جيان اڄ سماع ڪري ھند سنڌ مان ڪهي آيل مريدن سميت پوري عالم اسلام جي ڀلائي لاءِ دعا گهرندو.


 

شاھ ڪريم بلڙي وارو

صوفي، محنت ڪش ۽ شاعر

ابوبڪر شيخ

شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جا تڙ ڏاڏا هئا، شاهه ڪريم قاضي قادن کان پوءِ سنڌي اَساسي شاعريءَ جو ٻيو وڏو شاعر تسليم ڪيو وڃي ٿو..

ملفوظات بيان العارفين، شاه ڪريم جي بيان ڪيل گفتن، حڪايتن ۽ تصوف جي ڳوڙهن رازن جو مجموعو آهي. ان ۾ نه صرف شاه ڪريم جا بيت آهن، پر همعصرن ۽ اڳوڻن شاعرن جا بيت پڻ آهن. جيڪي شاه ڪريم پنهنجن مريدن کي ٻڌايا هئا.

بيان العارفين جي اهميت جا ڪيترا ئي بنياد آهن. ان جي اهميت جو هڪ بنياد اهو به آهي ته بيان العارفين جي ذريعي سنڌ ۾ تصوف جي فڪر جا اهڃاڻ ۽ آٿار معلوم ٿين ٿا تنهن ڪري ان کي بنيادي ماخذ طور معتبر سمجهو وڃي ٿو.

بيان العارفين جو فارسيءَ کان سنڌيءَ ۾ پهريون سنڌي ترجمو، الف اشباع واري نظم ۾ ٻن حصن ۾ عبدالرحمان بن محمد ملوڪ ڪاٺ ٻانڀڻ سن ۱۳۱۲ هه برابر ۱۷۹۹ع ۾ ڪيو. ۸۰ ورهيه بعد ان سنڌي ترجمي جو پهريون حصو مخدوم عبدالصمد ولد حاجي محمد مقيم اورنگ پوٽي سن ۱۳۹۹ هه برابر ۱۸۷۷ع ۾ بمبئي مان ڇپرايو.

۱۹۰۴ع ۾ مرزا قليچ بيگ جو ”رسالو ڪريمي“ ڇپيو، جنهن ۾ شاه ڪريم جي گفتن جي انتخاب سان گڏ سمورا بيت شامل آهن. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ۱۹۳۷ع ۾ علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي جو ”شاه ڪريم بُلڙي واري جو ڪلام“ نالي ڪتاب شايع ٿيو. جيڪو ٻيهر وڌيڪ سُڌارن سان ۱۹۵۸ع ۾ ڇپيو. سنه ۱۹۶۳ع ۾ ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جو ڪتاب ”ڪريم جو ڪلام“ ڇپيو. جنهن تي کيس ڊاڪتريٽ جي سند ڏني وئي.

ڊاڪٽر عبدالغفار سومري جو پڻ ڪم ساراه جوڳو آهي، جنهن بيان العارفين“ جو مڪمل سنڌي ترجمو ڪري، مقدمي ۽ تشريحي حوالن سان ڏئي ان کي سمجهڻ آسان بڻايو. گڏوگڏ ان جو اصل مسودو به ڪتاب ۾ شامل ڪيو. ڪتاب جو پهريون ڇاپو ۲۰۰۲ع ۾ اوقاف کاتي جي اشاعت هيٺ پڌرو ٿيو، جڏهن ته سنڌي ادبي بورڊ طرفان ساڳيو ڪتاب ۲۰۰۷ع ۾ ڇپيو.

بهرحال ابوبڪر شيخ صاحب پنهنجي هن تحرير ۾ شاه عبدالڪريم بلڙي وارو جي شخصيت تي ڪافي تفصيلي ۽ مختلف پهلوءَ سميت سندس تصوف جي فڪر ۽ اَساسي شاعري جي رنگ تي روشني وڌي آهي جيڪا پڙهڻ وٽان آهي.


 

شاهه عبدالڪريم بُلڙي وارو

اعظم ڀٽي

وقت جو عظيم صابرين، درويش، بزرگ ۽ اوائلي سنڌي شاعريءَ جو وڏو شاعر حضرت شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو  ۲۰ شعبان ۹۴۴ هجري مطابق ۲۰ جنوري  ۱۵۳۸ع تي پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو سيد لال محمد عرف للو شاهه هو. سادات خاندان جي هن شخصيت جو تعلق ۽ شجره نسب حضرت امام موسى ڪاظمؓ کان ٿيندو امام عالي مقام حضرت علي ابن ابي طالب سان وڃي ملي ٿو. ساداتن جو هي سلسلو صدين جي مسافت کان پوءِ جزيره عرب ، شيراز ۽ ترمذ کان ٿيندو هرات ۾ قيام پذير ٿيو، جتان سيد لال محمد شاهه جو جد امجد سيد حيدر شاهه بن سيد امير شاهه، امر تيمور جي دور ۾ ۸۰۱ هجري ڌاري سنڌ ۾ آيو، اتان ئي هن خاندان جو سلسلو متعلوي (مٽياروي) سادات جي نالي سان مشهور ٿيو، هي سادات سڀ کان پهرين مٽياري ۾ آباد ٿيا، جنهن کان پوءِ سنڌ جي مختلف علائقن ۾ رهائش اختيار ڪيائون. جتي سيد شريف الدين شاهه کي سيد لال محمد شاهه جو اولاد ٿيو، جنهن جي گهر ۾ وري شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو پيدا ٿيو.

شاهه ڪريم جن شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جا تڙ ڏاڏا هئا. پاڻ ننڍا هئا ته سندس والد گذاري ويو، پوءِ سندن پرورش سندن ڀاءُ سيد جمال شاهه ڪئي، پاڻ ڪجهه عرصو مدرسي ۾ پڙهيا، پر سندن دل، دماغ ۽ ذهن ۾ صوفياڻي رمز ۽ فقيري سمايل هئي ، جنهن سبب اڪثر ڪري مدرسي مان نڪري صوفياڻين محفلن ۽ سماع ۾ هليا ويندا هئا. سندس ان رمز بابت روايت آهي ته جنهن وقت سندن نڪاح ٿي رهيو هو ته ان وقت به پاڻ سماع جي محفل ۾ ويـٺا هئا، جتان کين سندن ڀاءُ جمال شاهه وٺي آيو ۽ پوءِ سندن نڪاح پڙهايو ويو.پاڻ مخدوم نوح جهڙي جيد عالم کان تمام گهڻو متاثر هوندا هئا، کانئن گهڻو ئي فيض پڻ پرايائون، ان جي ئي اشاري موجب لاڙ جي سرزمين جو رُخ اختيار ڪيائون، شاهه ڪريم ۾ اچي مستقل طور سڪونت پذير ٿي باقي سموري ڄمار اتي ئي گذاريائون. ڇاڪاڻ جو هن طرف سندن والد لال محمد شاهه جا مريد به تمام گهڻا هوندا هئا. شاهه عبدالڪريم جي سموري حياتي ففر ۽ فاقي ۾ گذري، سندن گذران پوکيءَ تي هوندو هو، ان جي باوجود به ڪو به حاجتمند سندس در تان خالي هٿين نه موٽندو هو. هر سوالي جي حاجت ضرور پوري ٿيندي هئي. ڪنهن به مدرسي يا مڪتب مان باقاعده علم حاصل نه ڪيائون پر مڪمل مجسمه علم هئا. ڪاوڙ ۽ غصي کي مات ڏئي صبر ۽ استقامت جا پيڪر بنجي چڪا هئا. سندن زندگي جو اڪٿر وقت عبادت ، رياضت ۽ خدمت ۾ گذرندو هو، هميشه ڪاري ويس ۾ زيب تن هوندا هئا، ماڻهن جي سفارش واسطي ارغون حاڪمن وٽ ويندي به نه ڪيٻائيندا هئا. شاهه ڪريم جي سموري شاعريءَ اساسي شاعريءَ آهي، جنهن ۾ تصوف جا راز ۽ رمزون سمايل آهن، جيڪا سنڌي زبان ۾ وڏي اهميت جي حامل آهي. شاهه لطيف جي شاعريءَ جو بنياد پڻ شاهه ڪريم جي شاعريءَ تي آهي. شاهه ڪريم زندگيءَ جا پويان ڏينهن حجري اندر گذاريا، اڌ رات جو اُٿي سنڌي بيت ڳائيندا هئا، صبح جو سوير حاضر سڀيئي فقير حجري اندر اچي مڙندا هئا ۽ راڳ ٻُڌندا هئا.

آخرڪار هي ڪامل بزرگ، اخلاق، صبر ۽ رضا جو پيڪر، همه صفت شاعر ۸۸ سالن جي عمر ۾ ۷ ذوالقعد ۱۰۳۲ هجري ۱۶۲۶ع تي آچر جي ڏينهن مغرب جي وقت وصال ڪري وڃي پنهنجي حقيقي مالڪ ۽ خالق سان مليو. سندن مقبرو ٽندو محمد خان ضلعي جي بلڙي شاهه ڪريم شهر ۾ آهي، جيڪو سندن نالي سان ئي سڃاتو وڃي ٿو. حضرت شاهه عبدالڪريم بلڙي واري کي ۸ پُٽن ۽ ٽن نياڻين جو اولاد ٿيو. سندس وڏو پُٽ سيد دين محمد شاهه سندس پهريون سجاده نشين بڻيو.

 

(فيسبڪ جي پيج ’سنڌي سينٽ‘ تان ۲۱ فيبروري ۲۰۲۲ع تي کنيل)


 

شاهه عبدالڪريم بلڙيؒ

[۱۵۳۸ع – ۱۶۲۲ع]

ميمڻ عبدالغفور سنڌي

ارغونن جي دور جو وڏي ۾ وڏو شاعر، سيد عبدالڪريم ولد سيد الله عرف لعل محمد پنهنجي قوت جي بزرگ هستيءَ ۽ اهل الله صوفي درويش ٿي گذريو آهي. سنڌي شعر جو هو ”وهائو تارو“ مٽيارين جي شهر ۾ ۲۱ شعبان ۹۴۴ هه مطابق ۱۵۳۸ع تي تولد ٿيو. سندس وڏا، بادشاه تيمورلنگ سان گڏجي هرات کان سنڌ م آيا هئا، سيد صاحب ابتدائي تعليم پنهنجي بزرگن وٽان ورتائين، جيڪي پڻ وقت جا جيد عالم ۽ اهل الله صوفي بزرگ هئا.

سيد صاحب ڪجهه وقت مخدوم نوحؒ جي صحبت ۾ به رهيو، پر پوءِ سيد ابراهيم شاه بخاريؒ کي پنهنجو روحاني رهبر ڪري ورتائين. پاڻ جوانيءَ کان پيريءَ تائين گهڻو سير سفر ڪندي، لاڙ، وچولي ۽ سري جو به سير ڪيائين. هوڏانهن دهلي، دکن ۽ گجرات به واسيائين. زندگيءَ جو ڳچ حصو بلڙيءَ جي شهر ۾ گذاريندي، معتقدن ۽ عقيدتمندن جي تعداد ۾ خاصو اضافو ڪيائين.

پاڻ هميشہ رياضتن، مجاهدن، فاقين، اوجاڳن ۽ عبادتن ۾ گهاريندي پنهنجي جان جهوري وڌائين، جنهن ڪري ۸۸ ورهين جي ڄمار ۾، ۷ ذوالقعد، آچر جي رات سانجهيءَ ٽاڻي، ۱۰۲۳ هه مطابق ۱۹۲۲ع تي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪيائين. سندس مزار پر انوار عاشقن جي زيارت لاءِ بلڙيءَ ۾ موجود آهي.

سنڌي شاعريءَ جي عمارت ۽ قدامت جي لحاظ کان سيد صاحب کي پهريون پٿر کڻي نه به چئجي؛ تاهم به کيس بنيادي حيثيت ضرور حاصل آهي. سنڌي شاعريءَ ۾ سيد صاحب کي اها اهميت حاصل آهي، جيڪا انگريزي شاعريءَ ۾ ”چاسر“ ۽ پارسي شاعريءَ ۾ ”رودوڪيءَ“ کي مليل آهي. سندس سمورو ڪلام بيتن (ڏوهيڙن) جي صورت ۾ آهي، جنهن جو ڳاڻيٽو صرف ۹۴ چيو وڃي ٿو.

سندس شعر جو بنياد ”هندي ڇند وديا“[1] جي اصولن تي ٻڌل آهي، جيڪو ”تصوف“[2] جي رنگ ۾ رچيل ۽ سلوڪ جي واٽ ۾ نهايت پر اثر نوع ۾ نروار نظر اچي ٿو. توحيد، وحدت، در ڪثرت، استغراق، حيرت ۽ وصال وغيره جهڙا باريڪ بين نڪتا نهايت ڪمال خوبيءَ سان بيان ڪيل آهن؛ جنهن ڪري سندس ڪلام مان جدت ۽ انفراديت پئي بکي. کيس سنڌ جو پهريون جديد شاعر ڪري چئجي، ته بجاءِ ٿيندو، ڇاڪاڻ جو سماج ۽ ماحول جي ترجماني ڪندي، وطن جي ريتن رسمن، رواجن ۽ ڌنڌن ڌاڙين جوپ جاءِ بجاءِ ذڪر آندو اٿس. هيٺ سندس ڪلام جو نمونو ڏجي ٿو:-

”وحدت الوجود“ جو ڪامل درويش ۽ صوفي طريقي جو سرتاج شاعر، شاه عبداللطيف ولد سيد حبيب شاه، ڪلهوڙن جي دور حڪومت ۾ ۱۱۰۲ هه مطابق ۱۶۸۹ع ڌاري ”هالا حويليءَ“[3] ۾ ڄائو هو. سنڌ جي مٽياري سادات ۽ صابرين بزرگن، سيد عبدالڪريم شاه رح جو تڙپوٽو هو. سندس والد وقت جو وڏو عارف، صوفي ۽ عالم هو، ۽ سندس والده شاه ڌياڻيءَ جي نياڻي هئي. سندس ننڍپڻ ڪوٽڙي مغل ۾ گذري. ظاهري علم جي تحصيل لاءِ وائيءَ واري آخوند نوري محمد ڀٽيءَ جي کتابخاني ۾ پڙهڻ لاءِ ويٺو، جتي صرف ”الف“ جي اکرن کان اڳتي نه وڌيو.[4]

جوانيءَ جي جوڀن ۾ پهچي، مغل بيگ ارغون جي چائنٺ چڙهي، سندس نياڻي ”سيده بيگم“ سان نينهن جو ناتو جوڙيائين. حالانڪ انهيءَ مجازي محبت ۾ کيس ڪافي دشواريون به پيش آيون؛ مگر مستقل ارادي رکڻ سان، نيٺ ڪاميابيءَ سندس قدم چميا. ڀائنجي ٿو، ته سيد صاحب کي شاعراڻو شوق به انهيءَ واقعي کان پوءِ ئي جاڳيو آهي.

اسين انهيءَ ڳالهه کان به هرگز انڪار ڪري نه ٿا سگهون، ته سيد صاحب عالم ۽ فاضل نه هو. سچ پچ هو علم جو سرچشمو ۽ استادن جو استاد هو. هن، ڏاتر جي ڏات وسيلي ٻين کي به مستفيض ڪيو. سندس زندگي فقيراڻي نوعيت ۾ گذري. وجد ۽ مستيءَ جي حالت ۾ جهنگ منهن ڏيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته انهيءَ ڪيفيت ۾ شعر به چوڻ لڳو. پوءِ ته جلد ئي ڪوٽڙي مغل کي الودائي چئي نون هالن جي ڀرسان اچي ”ڀٽ“[5] ڀيڙو ٿيو.

سيد صاحب، سنڌي خواه هند جو ڪافي سير سفر ڪيو آهي. کنڀات، جيسلمير، گرنار، ڪيچ مڪران؛ لاهوت ۽ ڀنڀور جا تاريخي مقامات به چڱيءَ طرح گهميو آهي. کيس آخري وقت ۾ حضرت سيدنا امام حسين عليہ السلام جي زيارت جو شوق ٿيو، پوءِ جيئن ئي انهيءَ ارادي سان اسهيو، ته واٽ ويندي ڪنهن راهگير چيس، ته ”اوهان ته چوندا آهيون، ته ڪفن دفن ڀٽ تي ٿيندو، سو هينئر وري ڪيڏانهن رمي رهيا آهيو!؟“ انهيءَ پڙاڏي کيس پوئتي موٽايو. پوءِ ته حويليءَ واري مسجد شريف ۾ ايڪويهه ڏينهن عبادت ۾ رهندي، ۶۳ ورهين جي ڄمار، ۱۴ صفرالمظفر، سومر جي رات، سانجهي ٿاڻي، ۱۱۶۵ هه مطابق ۱۷۵۲ع تي رب کي پيارو ٿيو. سندس مزار پر انوار ڀٽ شاهه تي، سندس والد بزرگوار جي پيرانديءَ کان، مريدن، خادمن، عقيدتمندن ۽ معتقدن لاءِ زيارت گاه بڻيل آهي. وقت جي حاڪم ميان غلام شاه ڪلهوڙي ۱۱۶۷ هه مطابق ۱۷۵۴ع ۾ مٿانئس، نامياري ڪاريگر عيدن رازي کان مقبرو جوڙايو آهي.

شاه سائين رح جهڙو ڪامل ولي ۽ عظيم صوفي شاعر سنڌ اڃا ڪو نه پيدا ڪيو آهي. سندس ڪلام سنڌي زبان ۾ قرآن پاڪ جو تفسير ۽ ملڪي زبان ۾ ناياب تعمير آهي، فصاحت، بلاغت، سلاست، جدت، رس، رچاءُ، رواني، جوش، جذبو ۽ ولولو سندس ڪلام جون خاص خوبيون آهن. اهڙو ڪوبه سنڌي ڪونهي؛ جنهن جي ڪن تي سندس ڪلام جو پڙاڏو نه پيو هجي. سندس شاعرانه خستوريءَ جي خوشبوءِ سنڌ ته ٺهيو، پر ولايت وارن کي به واسي ڇڏيو آهي. هي پهريون ئي سنڌي شاعر آهي ؛ جنهن جي ڪلام ۾ بيڪ وقت سموريون خوبيون ملن ٿيون.

سندس ڪلام ۾ حسن جون هاڪون، عشق جون صدائون، تصوف ۽ وحدانيت جا متا ۽ واکاڻ ملي ٿي. اهو ئي سبب آهي، جو سيد صاحب جو ڪلام صوفيانو، ناصحانو، عاشقانو، طبيعي، رزميه، مدحيه ۽ ظريفاني انداز ۾ رقوم آهي. پاڻ شريعت جي ڏاڪي مان طريقت، حقيقت لنگهي معرفت جي ماڳ تي پهتو. ”فنافي الشيخ“ مان اچي ”فنافي الرسول“ مان تار تري ”فنا في الله“ ۾ پهچي، ”بقا با الله“ جي درجي تي وڃي رسيو.

سندس مڪمل ڪلام آهي، جنهن کي ”ڀٽائيءَ جو رسالو“ چوندا آهيون. منجهس ٽيهن سرن تي بيت تربيت ڏنل آهي. هر هڪ سر جي آخر ۾ ”وائي“ پڻ ڏنل آهي. نموني طور هڪ بيت ملاحظه فرمايو:-

”تون حبيب، تون طبيب، تون دارونءَ کي دردن؛

تون ڏئين، تون لاهين، ڏاتر کي ڏکندن،

تڏهن ڦڪيون فرق ڪن، جڏهن اَمر ڪر هو اُن کي.“



[1] هندي زبان ۾ شاعريءَ جي فن – علم کي ”ڇنڊ وديا“ چئبو آهي. علم عروض جي قاعدن پٽاندر هندي ڇند وديا ۾ به اصول ۽ ارڪان ٿين ٿا، جيڪي ”دوها ڇند“ (ٻن مصرعن تي مشتمل ۽ هر هڪ ۾ ٻه پد يا چرن ٿين – پهرين پد ۾ ۱۲ ۽ پوئي پد ۾ ۱۱ ماترائون ٿينديون آهن، ”سورٺا ڇند“ (ٻن مصرعن تي ٻڌل ۽ هر هڪ ۾ ٻه پد ٿين – پهرين پد ۾ ۱۱ ۽ پوئين پد ۾ ۱۳ ماترائون ضروري آهن) ۽ ”دوها – سورٺا ڇند“ (جديد شاعرن مٿين ڇند وديا جي اصولن ۾ ڀڃ گهڙ ڪري، هڪ سٽ دوها جي، ته ٻي وري سورٺا جي استعمال ڪئي آهي) تي ٻڌل ٿئي ٿو.

[2] ”تصوف“، عربي زبان جي لفظ ”صوف“ مان ورتل آهي؛ جنهن جي لغوي معنيٰ آهي ”ان“. هن واٽ وٺڻ وارن کي ”صوفي“ (ٿلهي ان پهرڻ وارو) سڏيو ويندو آهي – ”الله تعاليٰ جي راه ۾ پاڻ کي وقف ڪرڻ“ ۽ ”حقيقت کان واقف ٿيڻ“ – تصوف جو روح آهن، تصوف جون ظاهري منزلون: لاهوت، جبرونت، ملڪوت ۽ ناسوت آهن، جيڪي شريعت، طريقت، حقيقت ۽ معرفت جي منزلت طرف نين ٿيون. صوفي سڳورا تصوف کي اهم علم سڏين ٿا؛ جنهن کان نفس جي پاڪائي، اخلاق جي اجرائي ۽ ظاهر خواه باطن جي ڄاڻ حاصل ٿيل هجي.

[3] سنڌ جو هي قديم ڳوٺ، موجوده ڀٽ کان ۹ ڪوه وڇوٽيءَ تي واقع هو، جيڪو تعلقي هالا (حيدرآباد) جي حد ۾ اچي وڃي ٿو. موجوده وقت ۾ هي؛ بالڪل ويران آهي – البته سندس ڦٽل نشان ڏسڻ لاءِ باقي آهن. جنهن جاءِ ۾ شاه سائين رح جي ولادت ٿي هئي، اتي هڪ مسجد شريف جوڙائي هئائون، جيڪا اڃا تائين بيٺي آهي.

[4] انهيءَ مان اها مراد وٺڻ به نه گهرجي، ته شاه صاحب ”اُمي“ (اَڻ پڙهيل) هو. حالانڪ اڪثر وٽس گودڙيءَ ۾: قرآن پاڪ، مثنوي مولانا رومي ۽ شاه عبدالڪريم رح جو رسالو موجود هوندا هئا. انهيءَ ڪسوٽيءَ موجب چئي سگهجي ٿو، ته ”شاه سائين رح جو بحر هو.“

[5] ”ڀٽ“، جا ڪنهن وقت ويران ۽ واريءَ جي دڙن سان ڏٽي پئي هئي، کٻڙن جون ويڙهيون، ڪرڙن ۽ ڪانڊيرن جا جهڳٽا ۽ ڪراڙ ڍنڍ سان همڪنار هئي، اُتي هن سالڪ جي پير پائڻ سان، اَڄ ڀٽ پوريءَ دنيا ۾ مشهوري آهي.

 



حضرت سيد شاھ عبدالڪريم بلڙيءَ وارو رحه

فقير حاجن نظاماڻي

حضرت سيد شاھ عبدالڪريم بلڙي واري جي پيدائش ۲۰ شعبان ۹۴۴ ھجري، ۲۰ جنوري تاريخ ۱۶۳۸ع تي سيد لعل محمد شاھ متعلوي جي گھر ۾ ٿي. ڪريم سائين جن جو وصال ۷ ذوالقعد، ۱۰۳۲ ھجري بمطابق ۱۶۲۲ع تي ٿيو. حسب نسب جي حوالي سان ڪريم سائينءَ جو خاندان حضرت امام موسى ڪاظم عليه السلام سان ملي ٿو. ڪريم سائينءَ جو روضو مبارڪ لطيف سائينءَ ۱۱۶۴ھجري ۾ پاڻ ٺھرايو ھو. چون ٿا ته، ڪريم سائينءَ جي روضي مبارڪ جي ڪاشيءَ جون سرون ملتان مان لطيف سائين ٻيڙين جي وسيلي کڻائي آيا ھئا. انهن ڪاشيءَ جي سرن ۾ ھڪ اھڙي سر به ھئي، جنھن ۾ لطيف سائين جو نالو يعني ٺھرائيندڙ جو نالو تاريخ ۽ سال لکيل ھئا پر شايد ھاڻ اُھا سر ناھي رهي. وقت گذرڻ سان گڏ حالتون ساڳيون نٿيون رھن، نشان مِٽجي ويا آھن. ملتان وڃڻ واري روايت سان گڏ ڪيتريون ئي ٻيون به روايتون ملن ٿيون. حضرت شاھ عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي خاندان جو تعلق متعلوي يعني مٽياريءَ سان آھي. ڪريم سائينءَ جي والد محترم سائين لعل محمد شاھ جي مزار بدين شھر جي لڳو لڳ آھي. اصل سائينءَ جا وڏڙا متعلوي سيد آھن. جيڪي سائين ھاشم شاھ جي خاندان سان تعلق رکن ٿا، جن کي جرار يا جراڙ پوٽا چون ٿا. ننڍڙي عمر کان ڪريم سائين ذڪر فڪر ڪندا رھندا ھئا. ڪريم سائين اڃا ننڍا ئي هئا جو سندن والد وفات ڪري ويو ھو. سندس پالنا امڙ ۽ وڏي ڀاءُ ڪئي ھئي. جڏھن ڪريم سائين کي مڪتب ۾ تعليم جي لاءِ ڇڏيو ويو ھو ته سندس استاد سڀني شاگردن کي ڪاٺيون ڪري اچڻ جو حڪم ڏيندو ھو ۽ ان سان گڏ ھڪ اکر سبق ياد ڪرڻ لاءِ به چوندو ھو. ٻيا شاگرد ڪاٺيون به ڪندا ھئا، سبق به ياد ڪندا ھئا، پر ڪريم سائين الله، الله جو ذڪر ڪرڻ ۾ مشغول ٿي ويندا ھئا. ڪريم سائينءَ جو پنھنجي ذڪر فڪر ۾ هڪ منفرد مقام آھي، جيڪو سندس خاندان لاءِ قابلِ فخر آھي. يعني سماع جو ذڪر. الله، الله جون ضربون ھڻڻ وارو ذڪر جاري رکندا ھئا. سندن ڪتاب بيان العارفين و تنبيهه الغافلين تصوف جو هڪ شاندار شاهڪار ڪتاب آهي. شاهه ڪريم جي ڪلام تي ريسرچ ۾ پھريون سنڌي ريسرچر محمد رضا کي چيو وڃي ٿو، جنھن ڪريم سائينءَ جي ڪلام کي سھيڙي ھٿ ڪيو ھو. شاهه ڪريم کي سنڌي ادب ۾ وھائو تارو پڻ چيو وڃي ٿو. ڪريم سائينءَ جي ڪلام تي اڃان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي، جيڪا ايندڙ وقت ۾ علمي ۽ ادبي حوالي سان اميد رکي سگھجي ٿي.

ڪَتي ڪَتيندينءِ ڪيترو، ڪر سوداگر يار،

ڪتڻ متڻ ڪريم چئي، آھي آگي جي اختيار،

جي ٿئي پورھيت جو پار، ته تنھنجو سُٽ سوجھي ڪونڪو.

ڪريم سائينءَ جي ھن بيت ۾ اهم سبق آھي ته انسان کي ڪھڙي سمت سفر ڪرڻ گھرجي. زندگي عبادت جي لاءِ رب سائينءَ طرفان ڏنل آھي، جنھن جو ذڪر رب سائينءَ قرآن ڪريم ۾ ڪيو آھي، ته انسانن ۽ جنن کي عبادت جي لاءِ خلقيو ويو آھي، جيڪي سڄي زندگي عبات ڪندا رھندا آھن. ھن بيت ۾ ڪريم سائينءَ ڪاپائتي ۽ سندس سُٽ جي باري ۾ ٻڌايو آھي، يعني عبادت ڪرڻ. ڪريم سائين جن ھن بيت ۾ چون ٿا ته مالڪ سان محبت ڪريو، جيڪو ھن ڪائنات جو والي آھي، جنھن ھيءُ جھان جوڙيو آھي، جيڪو ھن دنيا جي ھر مخلوق جو خالق آھي، ان رب پاڪ سان محبت ڪريو، ھر شيءِ جي مٿان قادر رب سائين پاڻ آھي. جيڪڏھن اھو رب سائين راضي ٿي ويو ته قيامت جي ڏينھن اوھان جي عملن تي پردو رھجي ويندو، نجات جو سبب پڻ اِھوئي ھوندو. جيڪڏھن ڪنهن انسان جو رھنما ۽ ھدايت ڪرڻ وارو رب سائين پاڻ ٿي وڃي ته باقي دنيا اُن جو ڪجھ به نٿي بگاڙي سگھي. ڪريم سائينءَ جي سماع واري ذڪر کي لطيف سائينءَ برقرار رکي ان ۾ ڪجھ تبديليون ۽ واڌارا ڪيا آھن. لطيف سائينءَ جي سماع جو ذڪر سھائي سومر رات ٿيندو آھي، جنھن جي اڳواڻي تمر فقير جي اوطاق وارا فقير ڪندا آھن، انھن کان اڳ مچ ۽ بيتن تي معمور ذيڪري فقير ھوندا آھن، جيڪي بيتن تي ورندا آھن ته تمر واري اوطاق وارا تمراڻي فقير اڳواڻيءَ ۾ احديت جو ذڪر ڪندي اُتي ٽي ضربون ھڻي دعا گُھري، سماع واري ھنڌ تي ايندا آھن. اُتي فقير سماع جو ذڪر ڪري، واپس وڏي اوطاق تي ايندا آهن، جتي رٻ جي رسم ٿيندي آھي. ورڇ ورھائي سماع واري ذڪر جو اختتام ڪيو وڃي ٿو.

ظييون ظاھر ذوق سين، پنجئي ڪن پورا،

ھلن واٽ سماع ۾، ڳاڙي ڳل ڳوڙھا،

سنياسي سيد چئي، پورب ڪن پورا،

“ھُوَالله الواحد القھار”، سوامي منجھ سُورا،

ٿي چاڪن سين چُورا، گر کي گڏيا ڪاپڙي.

ڪريم سائين جو ۴۱۱هون عرس مبارڪ ھن سال ملھائجي رھيو آھي. ڪريم سائينءَ جي درگاھ سان لطيف سائينءَ جي درگاھ جون ڪجھ روايتون رسمون پڻ مليل آھن، جيئن لطيف سائينءَ جي عرس مبارڪ ۱۴، ۱۶. ۱۶ صفر تي رسمون ادا ڪيون وڃن ٿيون، انھن رسمن دوران ۱۶ سفر جي رات ڪريم سائينءَ جي درگاھ جا جمعي جي رات راڳائي فقير لطيف سائينءَ جي درگاھ تي راڳ ڳائيندا آھن، جڏھن ته لطيف سائينءَ جي ۱۶ صفر واري ڏينھن ڪريم سائينءَ جا گادي نشين اچي دُعا ۾ پڻ شريڪ ٿين ٿا. ٽي جاءِ نماز وڇايا ويندا آھن، ھڪ لطيف سائينءَ جي گادي نشين لاءِ، ٻيو ڪريم سائينءَ جي گادي نشين لاءِ، ٽيون تمر فقير جي وڏي فقير لاءِ ھوندو آھي. اِھا روايت گذريل وقت کان رائج آھي. اھڙيءَ ريت ڪريم سائينءَ جي عرس جي موقعي تي لطيف سائين جي جمعي رات وارا فقير اُتي ڪريم سائينءَ جي درگاھ تي ختمي واري رات لطيف سائينءَ جو راڳ ڪندا آھن. ان ڏينھن تي لطيف سائينءَ جي درگاھ تي ذڪر جون وايون ڳائي ڪريم سائينءَ جي ختمي جي دُعا پڻ گھرڻ جي رسم ادا ڪئي ويندي آھي. ھڪ روايت موجب ڪريم سائينءَ جي درگاھ تي لطيف سائينءَ جا فقير آڳاٽي دور کان راڳ ڪن ٿا، جيئن چيو وڃي ٿو ته ڪريم سائينءَ جي درگاھ تي فقير يعقوب شھيد، ايتري جوش ۽ جذبي سان راڳ ڪيو جو اُتي بيٺل گدامڙيءَ يا آمري جي وڻ کي باھ لڳي ويئي ھئي. لطيف سائينءَ جي فقيرن جي هڪ ٻي روايت آھي ته اڳ گھوڙن ۽ اُٺن جي سواريءَ جو دور ھو، فقير ڪيھر جيڪو جمعي جي رات جو اڳواڻ ھوندو ھو، اُھو ڀٽ شاھ کان ڪريم سائينءَ جي درٻار تائين پيادل سفر ڪندي گھوڙن ۽ اُٺن جي مسافرن کان اڳ پھچي ويندو ھو. فقيرن جي لاءِ نه فاصلا آهن نه وري وقت حاوي ھجي ٿو. رب سائين پنھنجي خاص بندن سان تمام گھڻو پيار ڪري کين روشنيءَ جيان رکندو آھي.

مونا طور سينا، سندا سنياسين،

“طالب المولى مذڪر”، ايءَ ڪلام ڪيائون ڪن،

سُکن سڀين پرَين، ٻجھي ڏنائون ٻَنِ،

الف آديسين، چوري رکيو چِت ۾.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۷ جون ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا