; سنڌي شخصيتون: منصور بلوچ

22 August, 2015

منصور بلوچ

منصور بلوچ

حميد ڀُٽو



سنڌ جي ڌرتي ثقافتي رنگن سان هميشه کان خوشحال رهي آهي، ثقافتي رنگن ۾ فلم ۽ ناٽڪ جا رنگ به سنڌي ثقافت جي پنهنجي سونهن آهن. سنڌي ناٽڪن ۾ سوين اداڪارن پنهنجي فن کي تمام گهڻو اوج ڏياريو ۽ انهن مان منصور بلوچ به سنڌي ناٽڪ جي دنيا کي تمام گهڻو اوج ڏياريو آهي، جڏهن ديوارين ۾ هاشم خان جو ڪردار ۽ جهنگل ۾ مهراڻ خان جو ڪردار ڪيائين ته سندس اداڪاري ڏسڻ لاءِ سنڌ واسي پنهنجا ڪم ڪار ڇڏي ٽيليويزن آڏو ويهي ناٽڪ ڏسڻ لاءِ انتظار ڪندا هئا، اهڙي ئي سنڌ جي عظيم اداڪار منصور بلوچ ۱۹۴۴ع ڌاري رئيس عبدالله خان لنڊ جي گهر نوابشاهه جي ڳوٺ بڇيري سٺ ميل ۾ جنم ورتو، سندس والد پنهنجي لنڊ قبيلي نوابشاهه جو چڱو مڙس هو. جيڪو پنهنجي راڄ ڀاڳ جا فيصلا وغيره ڪندو هو. منصور بلوچ اهڙي ماحول ۾ اک کولي.


هن ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي، اڳتي هلي وڌيڪ تعليم نوابشاهه ڪاليج مان حاصل ڪيائين. ان دوران ئي کيس اداڪاري جو شوق ٿيو. جنهن جو سبب کيس دليپ ڪمار جي فلم ترانا ڏسڻ کانپوءِ فني دنيا ۾ اچڻ جو وڌيڪ شوق پيدا ٿيو. جنهن سبب هو پي ٽي وي ڪراچي سينٽر تي آيو جتي شروعات ۾ کيس تڏهوڪي پي ٽي وي جي ماحول سبب ڪم ملڻ ۾ کوڙ ساريون ڏکيائيون پڻ پيش آيون پر هن همت نه هاري کيس ۱۹70ع ڌاري مرزا قليچ بيگ جي لکيل ناٽڪ انڪوائري آفيسر کان پنهنجي فني صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو جيڪو ناٽڪ تمام گهڻو مقبول ويو. جنهن سبب هن لاءِ پي ٽي وي جا دروازا کلي ويا. انکانپوءِ منصور بلوچ ڊراما سيريل سام، گفٽ، تلاش ۽ ٻين ۾ پنهنجي فن جو ڀرپور مظاهرو ڪيو. منصور بلوچ کي ديوارين ۾ هاشم خان ۽ ڊراما سيريل جهنگل ۾ مهراڻ خان جي ڪردار ۽ سندس لهجي دنيا ۾ تمام گهڻي مقبوليت ڏياري ۽ ديوارين ۽ جهنگل ڊرامي تي کيس ڪيترائي ايوارڊ مليا. جڏهن ته سندس ڊرامون ديوارين يا جهنگل پي ٽي وي تي هلندا ها سندس ڊرامي تي ڪيل ڪردارن تي ڏسڻ لاءِ ماڻهو پنهنجا ڪم ڪار ڇڏي ٽيليويزن سامهون ويهي رهندا ها، تڏهن نجي ٽي وي وي سينٽرز نه هجڻ ۽ اڪيلي پي ٽي وي سينٽر جي سبب سندس ڊرامن کي سڄي ملڪ ۾ ته پذيرائي ملي ئي ملي پر پاڙيسري ملڪن ۾ پڻ سندس اداڪاري جي هاڪ پئجي وئي۔

سندس پهرين فلم تنهنجون ڳالهيون سڄڻ ۾ هن پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو جنهن بعد سنڌ جي ناليواري فلمي هدايتڪار شاهه اسد جي ٺاهيل سنڌي فلم شهيد ۾ منصور بلوچ جي ڪردار کي تمام گهڻي موٽ ملي ۽ شهيد فلم منصور بلوچ جي سڃاڻپ بڻجي وئي، ڇاڪاڻ ته شهيد فلم ڪهاڻي ۽ موضوع جي حوالي سان تمام گهڻي مقبوليت ماڻي ۽ سئنيمائن تي ماڻهن جا انبوهه سندس فلم ڏسڻ لاءِ ايندا هئا. ائين ئي منصور بلوچ لاءِ سنڌي فلم انڊسٽري ۾ رستا کلندا ويا، جنهن بعد پنهنجي وقت جي بدنام ڌاڙيل پرو چانڊيو ڌاڙيل تي شاهه اسد جي ٺاهيل فلم پرو چانڊيي ۾ ڌاڙيل جي ڪردار کيس پرستارن ۾ هڪ الڳ جڳهه ٺاهي ڏني. ان وقت جا وڏي ۾ وڏا ڌاڙيل به سندس پرو فلم ڏسڻ لاءِ سئنيمائن تي قبضو ڪري سندس فلم پرو ڏسڻ پڻ ايندا هئا، ان فلم کي به تمام گهڻي عوامي مقبوليت ملي ۽ منصور بلوچ جي اداڪاري سندس فني دنيا ۾ اوج واري پاسي وڌندي وئي.

انهي دوران منصور بلوچ سنڌي فلم ۽ ٽي وي جي دنيا کان هڪ وک اڳتي وڌائيندي وڌيڪ شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ لاهور جو رخ ڪيو، هن ڊراما سيريل ڪن ۽ ڪنارا ۾ پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو ۽ اسلام آباد مان پروڊيوسر سميع بلوچ جي ڊراما سيريل خواب ۽ راستي ۾ فن جو ڀرپور مظاهرو ڪيائين، جيڪو منصور بلوچ جا پي.ٽي.وي تان آخري ناٽڪ ثابت ٿيو. منصور بلوچ جي آخري پنجابي فلم ضدي گجر آهي ۽ سندس فلم پجارو گروپ اڻپوري رهجي وئي. منصور بلوچ کي ديوارين ڊرامي تي صدارتي ايوارڊ سان ۱۹۸۴ع ۾ نوازيو ويو. هن پنجابي ۽ اڙدو فلمن ۾ روٽي، ڪالا پاني، ڪالي چور، زندگي، انٽرنيشنل گوريلي، حسينون ڪي بارات، ليڊي ڪمانڊو ۽ پشتو فلمن ۾ خزو انتقام، ڊمٽو، زور وينو سيلاب ۽ چٽان ۾ به پنهنجا فني جوهر ڏيکاريا. منصور بلوچ ۱۹۸۶ع کان ۱۹۹۴ع تائين لاهور ۾ رهائش اختيار ڪئي، جتي فلم ۽ ڊرامن ۾ سندس لاءِ دروازا کليل رهيا ۽ سندس اداڪاري جي اوج کي ڏسي پنجاب واسي ڪيترائي سنڌي دشمن عناصر سندس دشمنن جيان ڪڍ لڳيا رهيا جن نه پئي چاهيو ته سنڌ ڄائو منصور بلوچ ملڪ جي فني دنيا جو هيرو ئي رهي ۽ سندس خلاف سازشن جو سلسلو هلندو رهيو. جڏهن ته منصور بلوچ شادي پنهنجي مائٽن مان ڪئي سندس اولاد ۾ ۵ نياڻيون ۽ ۴ پٽ آهن. جن ۾ اسد بيگ لنڊ، گل منصور بلوچ، اڪبر خان ۽ مهراڻ خان شامل آهن جڏهن ته گل منصور پنهنجي والد جي نقشي قدم تي هلندي سندس فني دنيا جي ڇڏيل سفر کي اڳتي هلائي رهيو آهي، گل منصور ۱۹۹۹ع کان پي.ٽي.وي تي بادل جمالي جي ڊرامي منزلن ۽ مسافر کان شروعات ڪئي.

جڏهن ته سنڌ ڄائي هن عظيم اداڪار منصور بلوچ ۳ مئي ۱۹۹۴ع ڌاري اڱاري جي ڏينهن منجهند جو ۳ وڳي لاهور جي اقبال ٽائون ۾ فلمي دنيا جي ماڻهن جي بي حسي ۽ سازشي روين سبب ڊگهي عرصي کان مايوس هو جتي انهيءَ ڪشمڪش واري حالت ۾ وفات ڪري ويو. جڏهن ته سندس مڙهه لاهور کان ڪراچي آڻي اباڻي قبرستان بڇيري ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، اڄ منصور بلوچ جي وفات کي ۱7 سال گذري ويا آهن پر سندس ڪيل فني پورهيو سنڌ واسين کان نه وسريو آهي هو اڄ به پنهنجي نه وسرندڙ ڪردارن ذريعي سنڌ واسين جي دلين ۾ زنده آهي. منصور بلوچ تمام پيار ڪندڙ سٻاجهڙو انسان هو جيڪو ڪڏهن به ٻين جي دل آزاري نه ڪندو هيو هميشه پنهنجو پاڻ کي تڪليف ۾ وجهي ٻين کي خوشيون مهيا ڪندو هيو. ڌڻي در دعا آهي ته کيس جوار رحمت ۾ جڳهه عطا ڪري.

 

بشڪريه محمد سُليمان وساڻ (سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام)

 


 

منصور بلوچ

اداڪار

اظهار مري

شاھ لطيف جي پرامن سنڌ ڌرتي زرخيز هئڻ سبب سنڌ ماضي ۾ به خوشحال هئي جنهنڪري سنڌ ۾ ثقافت جي اوج هئي ۽ سنڌ ڌرتي ثقافتي رنگن سان هميشه کان خوشحال رهي آهي، پر سنڌ ۾ ثقافت جي خدمت ڪندڙ شاعرن اديبن فنڪارن اداڪارن سگهڙن جي سرڪاري سطح تي مالڪي نه هجڻ سبب اڪثر اداڪار فن جي خدمت ڪندي ڪندي پڇاڙي جي زندگي ۾ سرڪار جي بيحسي ۽ غربت سبب وڃي مالڪ حقيقي سان ملن ٿا سنڌ ڌرتي ثقافت جي حوالي سان پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکي ٿو فلم ۽ ناٽڪ ۽ ڊرامن جا رنگ به سنڌي ثقافت جي پنهنجي سونهن آهن. سنڌي ناٽڪن ۾ سوين اداڪارن پنهنجي فن کي تمام گهڻو اوج ڏياريو ۽ انهن مان منصور بلوچ به سنڌي ناٽڪ جي دنيا کي تمام گهڻو اوج ڏياريو آهي، جڏهن ديوارين ۾ هاشم خان جو ڪردار ۽ جهنگل ۾ مهراڻ خان جو ڪردار ڪيائين ته سندس اداڪاري ڏسڻ لاءِ سنڌ واسي پنهنجا ڪم ڪار ڇڏي ٽيليويزن آڏو ويهي ناٽڪ ڏسڻ لاءِ انتظار ڪندا هئا، اهڙي ئي سنڌ جي نامياري اداڪار منصور بلوچ ۱۹۴۴ع ڌاري بڇيري ۽ سٺ ميل ٻنهي شهرن جي وچ ۾ ڳوٺ رئيس عبداالله خان لنڊ جي گهر ۾ جنم ورتو، سندس والد رئيس عبدالله خان لنڊ پنهنجي لنڊ قبيلي نوابشاھ جو چڱو مڙس هو. جيڪو پنهنجي راڄ ڀاڳ جا فيصلا وغيره ڪندو هو. منصور بلوچ اهڙي ماحول ۾ اک کولي.

هن ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي، اڳتي هلي وڌيڪ تعليم نوابشاھ ڪاليج مان حاصل ڪيائين. کيس اداڪاري جو شوق ٿيو. جنهن جو سبب کيس دليپ ڪمار جي فلم “ترانا” ڏسڻ کانپوءِ فني دنيا ۾ اچڻ جو وڌيڪ شوق پيدا ٿيو. جنهن سبب هو پي. ٽي. وي ڪراچي سينٽر تي آيو جتي شروعات ۾ کيس تڏهوڪي پي ٽي وي جي ماحول سبب ڪم ملڻ ۾ کوڙ ساريون ڏکيائيون پڻ پيش آيون پر هن همت نه هاري کيس ۱۹۷۰ع ڌاري مرزا قليچ بيگ جي لکيل ناٽڪ انڪوائري آفيسر کان پنهنجي فني صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو جيڪو ناٽڪ تمام گهڻو مقبول ويو. جنهن سبب هن لاءِ پي ٽي وي جا دروازا کلي ويا. انکانپوءِ منصور بلوچ ڊراما سيريل سام، گفٽ، تلاش ۽ ٻين ۾ پنهنجي فن جو ڀرپور مظاهرو ڪيو. منصور بلوچ کي ديوارين ۾ هاشم خان ۽ ڊراما سيريل جهنگل ۾ مهراڻ خان جي ڪردار ۽ سندس لهجي دنيا ۾ تمام گهڻي مقبوليت ڏياري ۽ ديوارين ۽ جهنگل ڊرامي تي کيس ڪيترا ئي ايوارڊ مليا. جڏهن ته سندس ڊرامو ديوارين يا جهنگل پي ٽي وي تي هلندا ها ته سندس ڊرامي تي ڪيل ڪردارن کي ڏسڻ لاءِ ماڻهو پنهنجا ڪم ڪار ڇڏي ٽيليويزن سامهون ويهي رهندا ها، تڏهن نجي ٽي وي وي سينٽرز نه هجڻ ۽ اڪيلي پي ٽي وي سينٽر جي سبب سندس ڊرامن کي سڄي ملڪ ۾ ته پذيرائي ملي ئي ملي پر پاڙيسري ملڪن ۾ پڻ سندس اداڪاري جي هاڪ پئجي وئي.

سندس پهرين فلم تنهنجون ڳالهيون سڄڻ ۾ هن پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو جنهن بعد سنڌ جي ناليواري فلمي هدايتڪار شاھ اسد جي ٺاهيل سنڌي فلم شهيد ۾ منصور بلوچ جي ڪردار کي تمام گهڻي موٽ ملي ۽ شهيد فلم منصور بلوچ جي سڃاڻپ بڻجي وئي، ڇاڪاڻ ته شهيد فلم ڪهاڻي ۽ موضوع جي حوالي سان تمام گهڻي مقبوليت ماڻي ۽ سئنيمائن تي ماڻهن جا انبوھ سندس فلم ڏسڻ لاءِ ايندا هئا. ائين ئي منصور بلوچ لاءِ سنڌي فلم انڊسٽري ۾ رستا کلندا ويا، جنهن بعد پنهنجي وقت جي بدنام ڌاڙيل پرو چانڊيو ڌاڙيل تي شاھ اسد جي ٺاهيل فلم پرو چانڊيي ۾ ڌاڙيل جي ڪردار کيس پرستارن ۾ هڪ الڳ جڳھ ٺاهي ڏني. ان وقت جا وڏي ۾ وڏا ڌاڙيل به سندس پرو فلم ڏسڻ لاءِ سئنيمائن تي قبضو ڪري سندس فلم پرو ڏسڻ پڻ ايندا هئا، ان فلم کي به تمام گهڻي عوامي مقبوليت ملي ۽ منصور بلوچ جي اداڪاري سندس فني دنيا ۾ اوج واري پاسي وڌندي وئي.

انهي دوران منصور بلوچ سنڌي فلم ۽ ٽي. وي جي دنيا کان هڪ وک اڳتي وڌائيندي وڌيڪ شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ لاهور جو رخ ڪيو، هن ڊراما سيريل ڪن ۽ ڪنارا ۾ پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو ۽ اسلام آباد مان پروڊيوسر سميع بلوچ جي ڊراما سيريل خواب ۽ راستي ۾ فن جو ڀرپور مظاهرو ڪيائين، جيڪو منصور بلوچ جا پي. ٽي. وي تان آخري ناٽڪ ثابت ٿيو. منصور بلوچ جي آخري پنجابي فلم ضدي گجر آهي ۽ سندس فلم پجارو گروپ اڻپوري رهجي وئي. منصور بلوچ کي ديوارين ڊرامي تي صدارتي ايوارڊ سان ۱۹۸۴ع ۾ نوازيو ويو. هن پنجابي ۽ اڙدو فلمن ۾ روٽي، ڪالا پاني، ڪالي چور، زندگي، انٽرنيشنل گوريلي، حسينون ڪي بارات، ليڊي ڪمانڊو ۽ پشتو فلمن ۾ خزو انتقام، ڊمٽو، زور وينو سيلاب ۽ چٽان ۾ به پنهنجا فني جوهر ڏيکاريا. منصور بلوچ ۱۹۸۶ع کان ۱۹۹۴ع تائين لاهور ۾ رهائش اختيار ڪئي، جتي فلم ۽ ڊرامن ۾ سندس لاءِ دروازا کليل رهيا ۽ سندس اداڪاري جي اوج کي ڏسي پنجاب واسي ڪيترا ئي سنڌي دشمن عناصر سندس دشمنن جيان ڪڍ لڳيا رهيا جن نه پئي چاهيو ته سنڌ ڄائو منصور بلوچ ملڪ جي فني دنيا جو هيرو ئي رهي ۽ سندس خلاف سازشن جو سلسلو هلندو رهيو. جڏهن ته منصور بلوچ شادي پنهنجي مائٽن مان ڪئي سندس اولاد ۾ ۵ نياڻيون ۽ ۴ پٽ آهن. جن ۾ اسد بيگ لنڊ، گل منصور بلوچ، اڪبر خان ۽ مهراڻ خان شامل آهن جڏهن ته گل منصور پنهنجي والد جي نقشي قدم تي هلندي سندس فني دنيا جي ڇڏيل سفر کي اڳتي هلائي رهيو آهي، گل منصور ۱۹۹۹ع کان پي. ٽي. وي تي بادل جمالي جي ڊرامي منزلن ۽ مسافر کان شروعات ڪئي. ۽ مختلف ٽي وي چئنلن تي ڊراما ڊائريڪٽر جا فرض به سرانجام به ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته سنڌ ڄائي هن وڏي اداڪار منصور بلوچ ۳ مئي ۱۹۹۴ع ڌاري اڱاري جي ڏينهن منجهند جو ۳ وڳي لاهور جي اقبال ٽائون ۾ فلمي دنيا جي ماڻهن جي بي حسي ۽ سازشي روين سبب ڊگهي عرصي کان مايوس هو جتي انهيءَ ڪشمڪش واري حالت ۾ وفات ڪري ويو. جڏهن ته سندس مڙھ لاهور کان ڪراچي آڻي اباڻي قبرستان بڇيري ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، اڄ منصور بلوچ جي وفات کي ۲۴ سال گذري ويا آهن پر سندس ڪيل فني پورهيو سنڌ واسين کان نه وسريو آهي. هو اڄ به پنهنجي نه وسرندڙ ڪردارن ذريعي سنڌ واسين جي دلين ۾ زنده آهي. منصور بلوچ تمام پيار ڪندڙ سٻاجهڙو انسان هو جيڪو ڪڏهن به ٻين جي دل آزاري نه ڪندو هيو هميشه پنهنجو پاڻ کي تڪليف ۾ وجهي ٻين کي خوشيون مهيا ڪندو هيو.

ثقافت کاتي کي گهرجي ته ثقافت ۽ فن کي اوج ڏياريندڙ اداڪار منصور بلوچ جي نالي سان ڪو ميوزيم حال يا آرٽ جي اداري کي منسوب ڪري سندس جو نالو رکيو وڃي ۽ اداڪار منصور بلوچ جي ورسي سرڪاري سطح تي ملهائي وڃي ۽ سندس نالي سان اداڪارن کي ايوارڊ ڏنا وڃن پر اڄ عظيم اداڪار منصور بلوچ جي ۲۴ هين ورسي آهي پر افسوس سان لکڻو ٿو پئي ته ثقافت کاتي پاران عظيم اداڪار منصور بلوچ جي ورسي تي ڪڏهن به سرڪاري سطح تي ڪو به پروگرام نه ڪوٺايو ويو آهي

 

No comments:

راءِ ڏيندا