; سنڌي شخصيتون: ايم ڪمل - ڊاڪٽر جڳديش

14 August, 2015

ايم ڪمل - ڊاڪٽر جڳديش

ايم ڪمل
زندگيءَ جو شاعر
ڊاڪٽر جڳديش
ايم ڪمل (8-8-1925-3-2-2010) هن ننڍي کنڊ جو هڪ وڏو شاعر آهي. هو زندگيءَ جو  شاعر آهي هن جي شاعري پنهنجي دامن ۾ ،حياتيءَ جا گهڻي ئي رنگ، سميٽي هلي ٿي. شاعر دنيا جي تبديليءَ کي پنهنجي ڏور نگاھ سان ڏسي، فنڪارانه ڍنگ سان ان جي ترجماني ڪري ٿو. موجوده دور جي صحيح صحيح عڪاسي، ڪلاتمڪ صلاحيتن سان، جيڪا ايم ڪمل پنهنجي ڪلام ۾ ڪئي آهي، مان نه سنڀران  ته هن جي ٻي ڪنهن همعصر شاعر ڪئي هوندي.


هڪڙا اديب هوند آهن جيڪي پهرين پاڻ سان پيار ڪندا آهن ۽ پوءِ ادب سان اهڙن شخصن کي، پنهنجو پاڻ سان پيار ۽ ناموس جي خواهش ئي، ادب ڏانهن گهلي ايندي آهي. ڪي ٿورا وري ادب کي ئي، پنهنجو سڀ ڪجهه سمجهندا آهن، ادب ئي اُنهن جي زندگي هوندو آهي. اُٿندي ويهندي، جاڳندي سمهندي، ادب ئي انهن سان گڏ هوندو آهي.They eat, drink, wear and breathe it اهڙا شخص، نه صرف ادب جو سر اوچو ڪندا آهن پر پاڻ به ادب ۾ وڏو مان پائيندا آهن. ايم ڪمل اهڙن ٿورن شخصن مان هڪ آهي. هن پنهنجي تخليقي قوتن، سبب، هند ۽ سنڌ جي ٻنهي ملڪن جي شاعريءَ ۾ هڪ مانائتو مقام جوڙي ورتو آهي. ايم ڪمل جي شاعريءَ جو سفر لڳ ڀڳ اڌ صديءَ جو رهيو. هن شاعريءَ جي ڀن ڀن صنفن تي قلم هلائي ڀن ڀن طرح جي روپن، رنگن ۽ واس وارا گل، مهڪايا آهن. پڇاڙيءَ تائين، هو ادب ۾ نوان نوان تجربا ڪندو رهيو. اڄ به هن جو شعر نت نئون آهي، خوبصورت آهي. هو حال سان قدم قدم ملائي هليو آهي.
تيسين/ لفظن ۾ اُجالو/ جملن ۾ نور/ تخليق ۾ چمڪ آهي/ جيسين/ دل جي لاٽ/ اُجهامي ناهي.
هڪ دانشور جو قول آهي A man is some of his actions انهيءَ گفتي کي، مان جيڪر هيئن پيش ڪريان A writer is some of his writings ڇو جو سخت گوئي، هڪ شغل نه، پر خود شخصيت آهي. اِتي ئي مونکي اردوءَ جي برک شاعر اختر شيرانيءَ جو هڪ شعر دل تي تري ٿو اچي
میرا ہر شعر ہے، اختر میری زندہ تصویر
دیکھنے والوں نے، ہر لفظ میں دیکھا ہے مجھے
سڳن آهوجا به لکيو آهي
ڇا وٽيندين ڏسي فوٽو ۽ پڙهي خط منهنجا
مان جو آهيان، سو رڳو شعر مان ظاهر آهيان
چوڻ جو مطلب اهو آهي ته اديب جي تخليق مان، هن جي شخصيت مهڪي ۽ جهلڪي ٿي، هن جي طبيعت، مزاج، سوچ ۽ سڀاءُ، ٻُڪ ۾ جهليل پاڻي جيان، وٿين مان وهي، هن جي رچنائن ۾ سمائجي وڃن ٿا. مگر اهو نڪتو اُنهن قلمڪارن سان نٿو لڳي، جيڪي وقت ڪاٽڻ لاءِ ادب جي تخليق ڪن ٿا. معياري ادب جي تخليق هڪ لڳاتار سلسلو آهي، جو سنجيده لڳاتار اڀياس ۽ مشق جي تقاضا ڪري ٿو. ايم ڪمل لکيو آهي، ”سچي ساهتيڪار کي اڀياس جي اُڃ رهي ٿي، جيسين زنده آهي، تيسين اُڃايل آهي.“
ايم ڪمل بنيادي طور شاعر آهي ۽ شاعريءَ ذريعي ئي ادب ۾ داخل ٿيو. هن شاعريءَ جي ڀن ڀن گهاڙيٽن، پوءِ چاهي اهو غزل هجي، نظم هجي، قطع هجي، وائي هجي يا نئين ڪوتا هجي، پوري مهارت ۽ انوکي انداز سان قلم هلايو آهي. پوءِ به هن جي سنڌيءَ ۾ صحيح سڃاڻپ غزل سان ئي آهي. هن جا غزل زبان جي پختگي، شعور جي بلندي، خيال جي گهرائي ۽ فني مهارت کان پنهنجو مٺ پاڻ آهن. ڪمل نهايت ئي فني خوبيءَ سان، محاورن سان، نه صرف پنهنجي خيال کي اظهاري ٿو، پر ان کي پرلطف به بڻائي ٿو. علامت جو استعمال به خوب اٿس.
مان ته ساڳي ئي جاءِ تي آهيان
لنگهه تنهنجا جدا ٿيا آهن
آءُ ته پنهنجو پيار جتايون
ڇري لڪائي، ڀاڪر پايون
ايم ڪمل جي هيٺين رومانوي شعرن ۾، انداز بيان جي دلڪشي واھ جي آهي، جيتوڻيڪ هن جو رومانوي شعر گهڻو ڪونهي.
ائين ڏسي ٿو اکين ۾ پيار ڀري
دل جي رڳ رڳ ڪمل ٺري ٿي پوي

ملڻ ساڻ  ئي موڪلائڻ جو ڳالهيون
سڌيون صاف آهن ستائڻ جون ڳالهيون
ايم ڪمل جو هيٺيون رومانوي شعر به ڪوٽ ڪرڻ لائق آهي.
رکيو ته يار کٽ تي پير پر اُٿان اُٿان ڪندو
صدين پڄاڻان هو گڏيو سوڀي وڃان وڃان ڪندو
مٿيون غزل رومانوي ضروري آهي، پر ان جي انداز بيان جي دلڪشي ڇا چئجي! ”اُٿان اُٿان“ وڃان وڃان، ٻٽو قافعو، شاعر تمام فنائتي نموني استعمال ڪيو آهي. اهڙو شعر چوڻ جهڙي تهڙي قلم ڪار جي وس کان ٻاهر آهي، ان لاءِ اڀياس ۽ مشق جي ضرورت پوي ٿي.
شعرن ۾ ڇڏي خرچي اسان پنهنجي حياتي
افسوس ٻين جيان نه ڪٺو مال ڪيوسين
ايم ڪمل جي سوچ جو دائرو بيحد ئي وسيع آهي. هن جي زندگيءَ جي هر سرحد سان پختي وابستگي رهي آهي. شاعر شخصي زندگي سان گڏوگڏ، دنيا کي به سوچ جي گهيري ۾ کڻي هلي ٿو. هو زندگيءَ جي تلخ حقيقتن مان لنگهيو آهي. هن ڪيترائي مشڪل آزمودا حاصل ڪيا آهن. ان ڪري ئي هو پنهنجي وسيع دامن ۾، زندگيءَ جا گهڻيئي رنگ سميٽي هليو آهي. هن زندگيءَ جي مڙني ڪيفيتن جو اظهار تمام فنائتي نموني، انوکين علامتن ۽ اشارن ۾ ڪيو آهي.
وقت جي وهه پئڻ سکيو آهيان
هر گهڙيءَ جو مرڻ سکيو آهي
ذلتن سان مون آهي ٺاھ ڪيو
هاڻي مان ڪڇ ٿيڻ سکيو آهيان
شاعريءَ کي زندگيءَ جي سرحد تي ٿيندڙ ڪوڙ ڪپٽ گهڻي پيڙا ٿو پهچائي. ڪؤڙيون سچايون، دوستن جو دغائون، سياسي-سماجي اوڻايون، اڄ جي زندگي تي بري طرح حاوي ٿي ويون آهن.
هر طرف پستول حاضر ناظر آ
پير ڪهڙي پاسي ڀي ڪرين
اڄ جي دوستيءَ بابت، شاعر ڪهڙي نه تلخ حقيقت جو اظهار ڪيو آهي.
قصو کاري وري ٺاهڻ آيا
دوستي دوست نباهڻ آيا

جڏهن به پويان لڳو دوست جو ڇرو ڪنهن کي
هيانءُ منهنجو ته ڦٽ جان ڪُري ڪُري ٿي ويو
ايم ڪمل ليکراج عزيز جي صحبت مان گهڻو ڪجهه پرايو، هن نه صرف ايم ڪمل ۾ شاعريءَ جو شعور پيدا ڪيو. پر کيس شاعريءَ جي فن کان به بخوبي واقف ڪيو. عزيز کيس شاعريءَ جا نفيس نڪتا سيکاريا، متضاد لفظن جي حسين اتحاد کان واقف ڪيو ۽ ٻين لساني خوبين جي به ڄاڻ ڏني. ايم ڪمل اُستاد جي ڳالهين تي چڱيءَ طرح عمل ڪيو، مشق پچائي ۽ پوءِ شاعري تي مهارت سان قلم هلايو:
شعر اکرن جو جوڙ ناهي ڪمل
ڀل ڪو لفظن جو ميڙي ڍير رکي
ڏينهن جي نه ڳالهه آ، هت سال ٿا گهرجن

هڪ عمر کپي دوست، سخن دان ٿيڻ لاءِ

No comments:

راءِ ڏيندا