; سنڌي شخصيتون: ساقي شاهه - جميل چانڊيو

13 August, 2015

ساقي شاهه - جميل چانڊيو

ساقي شاهه
جميل چانڊيو
عمر ٿيم اپار، ورهه وٽيان ڪن سين
سي ڏوٿيئڙا ڏور ٿيا، تڳا نجن تنوار
سٽائون سنگهار، کوهن تان کڻي ويا
شاهه
سيد سلطان شاهه ساقي جو جنم 25 آگسٽ 1962ع ۾ ملير جي ڳوٺ سيد محمود شاهه پپري ڪراچيءَ ۾ ٿيو جتي هن وقت پاڪستان اسٽيل، پورٽ قاسم ۽ ٻيون سوين انڊسٽريون قائم آهن. هن ابتدائي تعليم پنهنجي ئي ڳوٺ جي اسڪول مان حاصل ڪئي.
1977ع م اسٽيل ملز پورٽ قاسم ۽ ٻين ادارن جي تعمير سبب هنن کي پنهنجا اصلي پٽ خالي ڪرڻا پيا ان کانپوءِ ديهه کانٽو ۾ ساڳيو ڳوٺ محمود شاه رزاق آباد جي نالي قائم ٿيو.


جتي هن وقت سندس گهر موجود آهي. پنهنجي اباڻي وطن جي وڇوڙي هن جي دل تي اهڙو ته اثر ڇڏيو جو هي ساڳي دور ۾ مزاحمتي شاعر جي روپ ۾ اڀري پيو ان کانپوءِ هن جا قدم شاعريءَ سان گڏ سياست جي ميدان طرف به وڌڻ لڳا. سنڌ م ٿيندڙ مختلف ادبي توڙي سياسي اسٽيجن تي هن پاڻ مڃرايو. 1985ع ۾ هي بطور پرائمري استاد ڀرتي ٿيو. سندس شاعريءَ جا 2 عدد ڪتاب 1 ڏونگر مون مَ ڏکوءِ پيو ”۽“ واجهائي وطن کي پڌرا ٿي چڪا آهن. ساقي شاهه 1996ع ۾ صحافت جي دنيا ۾ قدم رکيو. مرحوم سلطان شاهه ساقي جي پونيئرن ۾ 3 پٽ ۽ 3 نياڻيون هڪ گهر واري  آهن. هو هڪ وقت ۾ شاعر، صحافي ۽ استاد پڻ هو. ايم آر ڊي تحريڪ ۾ هن جو ڀرپور ڪردار رهيو. شاعري دوران جن ادبي تنظيمن سان سلهاڙيل رهيو انهن ۾ بزم شعراءِ سنڌ، سنڌي ادبي سنگت، بزم جيلاني، بزم نگار، بزم شاهين ۽ ٻيون ادبي تنظيمون شامل آهن.
ساقي شاهه آخر ۾ سيد غفور شاهه تقوي سان گڏ شاهه جو رسالو نئين سر سان لکي رهيو هو. جنهن ۾ هن شاهه لطيف جا اڻ لڀ بيت مختلف اديبن، شاعرن۽ شاهه جي فقيرن وٽان هٿ ڪري شامل ڪيا آهن. هن انهن بيتن جي سمجهاڻي به مفصل لکي آهي. ساقي شاهه صحافت ۾ کرو ۽ سچو صحافي هو، هن ڪڏهن به ڪنهن ڪاموري يا حڪمران جي در تي وڃي سلامي نه ڀري پر هن جي صحافت جو مهور پيڙهيل عوام جا ڏک سور ۽ انهن سان ٿيندڙ ناانصافيون رهيون آهن. جڏهن ته ايم آر ڊي جي تحريڪ شروع ٿي ته ان وقت مٿس هڪ جڙتو ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪيو ويو۽ 3 مهينا جيل ڪاٽڻ کانپوءِ ڪيس ڪوڙو ثابت ٿيڻ تي عدالت کيس آزاد ڪيو.
اسٽيل مل ۽ پورٽ قاسم ٺهڻ کان پوءِ جڏهن ٻين ڳوٺن سان گڏ سندس ڳوٺ مان جبري طور بيدخل ڪيو ويو ته هُو پاڻ مزاحمت ڪردار ٿي اڀريو، ڪراچي ديهي حقوق ڪميٽي ٺاهي ۽ ملير جي ناليواري سماجي شخصيت سيد خدا ڏنو شاهه ۽ ٻين ڳوٺاڻن سان گڏجي حقن لاءِ جدوجهد شروع ڪيائون.
ملير بچايو اتحاد، ماروئڙا سماجي سنگت جي پليٽ فارم تان پڻ ڪراچي جي ٻهراڙين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪيائون . هو هن وقت ڪراچي ۾ ڌاري آبادڪاري خلاف جڙندڙ ڌرتي ڌڻي اتحاد جي ڪور ڪميٽي جي پليٽ فارم تان ساڳيو مزاحمت ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ سندن صفحن ۾ شامل هو.
ساقي شاهه جنهن انداز سان صحافتي پيشي ۾ پنهنجي لکڻين، مضمونن، ڪالمن ۽ روزمره جي رپورٽنگ جو جيڪو طريقو اختيارڪيو هيو اهو عام رواجي نه هيو پر ان ۾ نواڻ ۽ اهڙي منظر ڪشي ڪيل هوندي هئي ڄڻ ڪو واقعو، درد ڪٿا يا ڪوئي سياسي هلچل جي ميڙاڪن ۾ پنهنجي موجودگي جو احساس ڏياريندڙ هجي. ساقي شاهه ملير جي سياستدانن کي عوامي مسئلن تان ڪن لاٽار تي قبلو درست ڪرايو ۽ انهن کي ان ڳالهه تي مجبور ڪيو ته عوام ۽ علائقي جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جون ڪوششون وٺن. ضلع ملير جي ادارن ۽ خاص طور تي سنڌي ماڻهن سان ويساهه گهاتين، ڌاري آبادڪاري جي نه فقط نشاندهي ڪئي پر انهن جي مسئلن جي تَههَ تائين پهچي ۽ ان کي منزل تائين پهچايو.
ساقي شاهه صحافت، ادب ۽ شاعري، سان گڏو گڏ هڪ بهترين سماجي ڪارڪن جي حيثيت ۾ ڪنهن فوٽو سيشن ۽ اين جي اوز جي ملندڙ فنڊن کان بغير مسڪينن، غريب ماروئڙن ۽ يتيم نياڻين جي شادي لاءِ مخير حضرات جي سهڪار سان نياڻين جون شاديون ڪرايون ۽ بيواهن جي مالڪي ڪئي. هو يارن جو يار هو.
خاص طور تي ملير پريس ڪلب کي اداري طور مضبوط ڪرائڻ ۾ پنهنجون سموريون صلاحيتون قطب آڻيندي صحافين، اديبن ۽ شاعر دوستن کي سوکڙي طور پکين جو شڪار، برسات بعد قدرتي سوکڙي کنڀي ۽ ماکي پڻ ڏيڻ معمول ۾ شامل هو. ساقي شاهه سنڌ جي قديم ۽ تاريخي ماڳن، مڪانن سنڌو ۽ سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي پٽي تي سير سپاٽو سندس مک شوقن ۾ شامل هو. سفر ۽ گهمڻ دوران گڏ ڪيل معلومات سنگت جي محفلن ميڙن ۽ نجي ڪچهرين ۾ دوستن احبابن ۽ عام ماڻهن تائين شيئر ڪرڻ سندس طبعيت ۾ شامل هو. ساقي شاهه فقيري طبعيت جو مالڪ هو ۽ سندس دوستي قلم ۽ ڪتاب سان هي. هو پنهنجي زندگيءَ ۽ ڪٽنب لاءِ معاشي خوشحالي ته آڻي نه سگهيو پر ادب ۽ شاعري تي سڄي عمر پنهنجي ڪمائي لڳائي ڇڏي. آخرڪار ساقي شاهه 7 آگسٽ جمعي جي ڀلاري ڏينهن ملير ۾ لڳندڙ سامونڊي پٽي جي حسن شاهه درگاهه جي هلندڙ مهيني جي عرس جي اجازت وٺڻ خاطر انتظاميه وٽ پهتو هو جتي اچانڪ زندگي سندس ساٿ ڇڏي وئي ۽ هو حقيقي خالق سان وڃي مليو.




ساقي شاهه
سندس اوچتو وڇوڙو ملير سهي ڪو نه سگهندو
سامي ميمڻ
اڄ کان ويهـ سال پراڻي ڳالهـ آهي جڏهن ڪراچي جي ملير ۾ ڳالهائڻ، لکڻ، سوچڻ، ميڙاڪا ۽ صحافت ڪرڻ هڪ خواهش ۽ خواب هو ملير جا ڳوٺ وائڻ ۽ وسنديون چوڪنڊي قبرستان خاموش هُيون اهڙي سڃ، روڃ ۽ رڻ جهڙي ماحول ۾ ملير جي ڪجهـ نوجوانن صحافتي نغارو وڄائي ملير جي ماٺ کي چيري هُل پيدا ڪري ڇڏي، تاريخ جي ان موڙ تي منهنجي ملاقات جنهن يگاني،بهادر،اصول پسند ۽ کري نوجوان سان ٿي ان پنهنجو نالو مونکي ساقي شاهه ٻڌايو. هن سان ياري پڪي ان ڪري بـ ٿي جو هو ملير جي مٽي مان ڦٽي نڪتل ماڻهون هو ۽ لطيف جو عاشق هو. شايد ان ڪري سندس ڳالهائڻ، اُٿڻ ويهڻ ۽ محبت جي اظهار ۾ سچائي ڀريل هئي. اسان پنهنجن ٻين ساٿين حمزي پنهور مير عباس، محمود گهوٽو، پير حامد الله سرهندي، ايم زمان جوکيو، ممتاز شورو، اشرف سمون ۽ ٻين سان گڏجي اڙانگي صحافتي سفر تي هلڻ جي تياري ڪئي ان وقت جون سنڌي اخبارون شاهد آهن تـ پنهنجن هٿان باندي بڻيل ملير جون وسنديون جاڳي پيون سڄي ملڪ ۾ گوڙ ٿي پيو تـ ڇا ڪراچي جهڙي روشني واري شهر ۾ ٻهراڙيون به آهن؟
اڄ ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ جيڪڏهن ملير جو نالو وڏي عزت ۽ احترام سان ورتو وڃي ٿو ۽ تحيقيات ڪندڙ ليکڪ صحافي، اديب، شاعر ۽ سمورا ساڃاهه وند ماڻهو ملير جي موکي متارن کان وٺي چوڪنڊي قبرستان تائين جي تاريخي ماڳن مڪانن تي اچي پنهنجي علم ۽ ڄاڻ واڌارو ڪن ٿا تـ ان ۾ سلطان شاه ساقي سميت اسان سمورن جو حصو رهيو آهي. هي ساٿ ڏکن، سکن، تڪليفن، دڙڪن، ۽ ڌمڪين، الزامن، بهتانن جا ڀار کڻي لاڳيتو هلندو رهيو آهي.  پر افسوس آهي تـ اسان جو ساقي شاهه اسان جي ولر کان پنهنجي جنم ڏهاڙي کان هڪ ڏينهن اڳ جمعي جي ڏهاڙي اُچتو وڇڙي ويو سندس وڇوڙي اندر اڌ ڪري اکين اڳيان اونداهي آڻي ڇڏي. ملير جي ويڙهه وڙهندڙ صحافتي سپاهين جو ڄڻ ڪمانڊر مارجي ويو هُجي. ڪجهـ پلن لاءِ پاڻ کي اڪليو ۽ ننڌڻڪو محسوس ڪيوسين. صحافتي سفر ۾ ڪجهـ ڪارين رڍن ادارن جي ڀڃ ڊاھ ڪري اسان کي ورهائڻ جي بـ ڪوشش ڪئي، ٻن مختلف ادارن هوندي بـ اسان جون دليون ،جذبا ۽ روح ڇڃي نـ سگهيا.
رزاق آباد ۾ سيد خدا ڏنو شاهه جي آستاني تي ويٺل سمورن ملير واسين سان گڏ اسان صحافين جون اکيون بـ آليون آهن، رزاق آباد جو هي خدا ڏنو شاه وارو آستانو ملير جي سياست، علم، ادب، ساڃاهه جي يونيورسٽي آهي جتان ادبي ميڙاڪا شروع ٿي ملير بچايو اتحاد کان ٿيندا ڪراچي انڊيجينس رائٽس الائنس تائين جي سرگرمين جو مرڪز رهيو آهي ان رزاق آباد جو هي سيد محمود شاه ڳوٺ آهي جيڪو ماضي ۾ پپري واري علائقي ۾ آباد هو جتان 1976ع واري زماني ۾ اسٽيل مل ۽ پورٽ قاسم جي ٺهڻ سبب ڪيترن ئي ڳوٺن سان گڏ هن ڳوٺ کي بـ زوري لاڏايوويو جيڪو پوءِ رزاق آباد جي هاڻوڪي هنڌ ٻيهر آباد ڪيو ويو، ڪنهن کي خبر هئي 1962-08-25 ۾ پپري واري سيد محمود شاه ۾ جنم وٺندڙ ٻارڙو سلطان شاه پنهنجن ابن، ڏاڏن جون قبرون، گهر گهاٽ ڇڏي پنهنجي ئي وطن ۾ بي وطن ٿي ترقي جي نالي ۾ لڏائي مهاجرن جيان ٻئي هنڌ ساڳي نالي سان ڳوٺ قائم ڪري مسئلن ۽ تڪليفن کي منهن ڏئي مڙس ٿي پڙهي لکي بي اي پاس ڪري هڪ ڏينهن مڃيل صحافي بهترين شاعر ملير سان محبت ڪندڙ ماکي کان مٺو ماڻهو ٿي پوندو. سلطان شاهه ان وقت ”ساقي“جو تخلص ماڻيو جڏهن هن 1978ع ۾ شاعري شروع ڪئي.  شاعري ڇا هئي وطن سان محبت مارو ماڻهن بکن،ڏکن جو احوال ۽ ان ظلم خلاف ويڙهه جي دعوت هئي هن پنهنجي شاعري جو ڪتاب ”ڏونگر مون ۾ ڏکوءِ“ 2007ع ۾ ڇپرايو ۽ ٻيو ڪتاب ”واجهائي وطن کي“ 2011ع ۾ ڇپرايو. سندس شعر سڄي سنڌ ملير جي جونگارڻ شروع ٿيا سندس هي شعر ڏاڍو مشهور ٿيو
”صبح جو سويري گهرن کان وڃن ٿا،
کڄي شام تن جا ڙي لاشا اچن ٿا،
لڳي روڄ راڙو ماتم مچن ٿا،
اهي لڙڪ ميڙي سڀئي گڏ ڪريان ٿو،
جڏهن ڏيهـ ڏوٿي ڏکن ۾ ڏسان ٿو،
کڻي قلم هٿ ۾ تڏهن ڪجهـ لکان ٿو“
سلطان شاهه ساقي پنهنجي حياتيءَ جي آخري ڏهاڙن ۾ اهڙو پورهيو ڪري ويو جنهن تي سڄي سنڌ مٿس فخر ڪندي هئي هن لطيف جي اڻ لڀ بيتن کي ميڙي چونڊي مٿن تحقيق ڪري ڪتاب لکي تيار ڪيو جيڪو سندس حياتي ۾ ڇپجي نـ سگهيو. ساقي شاهه صحافتي ميدان ۾ پاڻ مڃرائندي سوين مضمون، اسٽوريون ۽ تحقيقاتي رپورٽون لکيون. هميشـ ملير جي قبضا گيرن، ريتي بجري چورن، منافق وڏيرن، ڪوڙن سياستدانن ۽ ڪرپٽ ڪامورن ۽ ڪرپٽ صحافين تي ڪاوڙيل نظر ايندو هو، منهنجي روبرو ڪيترا ڀيرا خدا ڏنو شاهه کيس سمجهايو تـ هو هر وقت نانگن جي ڏرن ۾ هٿ نـ وجهي پر هو نـ مڙيو،
اسان گڏجي ڪيترا ڀيرا اهڙن جڳهين تي وڃي تحقيقاتي اسٽوريون لکيون ۽ تصويرون ڪڍيون جتي اسان کي يرغمال بڻايو ويو، قتل جون ڌمڪيون بـ ڏنيون ويون پر اسان جو عزم ڪڏهن نـ لڏيو، مون کي ياد آهي تـ ساقي شاهه پهريون ڀيرو پنج سال اڳ  پنهنجي وڏي ڀاءُ رمضان شاهه جي وفات تي ايترو ڏکارو ٿيو جو کيس دل جو دورو پيو پر اسپتال ۾ سندس حياتي بچي ويئي هن پنهنجو پاڻ تي تمام گهڻو ضابطو آندو پر هڪ مهينو اڳ وري سندس ننڍو ڳڀرو ڀاءُ غلام حسين شاهه اسپتال ۾ فوت ٿي ويو جنهن جي موت سلطان شاه ساقي کي صفا ٽوڙي وڌو. هو اڪيلو رهڻ لڳو هو ٽهڪ خوشيون وسري ويس جمعي جي ڏينهن هو ڪنهن ضروري ڪم سانگي خدا ڏنو شاهه کان موڪلائي ڪاغذ پٽ کڻي ڊي سي  آفيس ملير  قائدا آباد موٽر سائيڪل تي روانو ٿيو آفيس اڳيان موٽر سائيڪل بيهاري ڪو ڪاغذ فوٽو اسٽيٽ ڪرائڻ دوڪان ڏانهن وڌيو تـ کيس سيني ۾ سور ٿيو ۽ هو اتي ڪري پيو. دوڪاندارن کيس خدا ڏني شاه جي رشتيدار طور سڃاتو ۽ کيس کڻي مقامي اسپتال ڀيڙو ڪيو پر هو اسان کان موڪلائي چُڪو هو. سندس زندگي جا ڏهاڙا پورا ٿي چُڪا هئا.

اطلاع ملڻ تي جڏهن مون تصديق لاءِ خدا ڏنو شاه کي فون ڪيو تـ مون پهريون ڀيرو خدا ڏني شاه جهڙي ماڻهون کي ڍڪون ڏئي روئندو ٻڌو. ساقي شاه جي وڇوڙي تي نـ رڳو مون پنهنجو پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪيو پر خدا ڏنو شاه، غفور شاه ۽ حمزو پنهور کي بـ اڪيلو ۽ ڪمزور محسوس ڪيم. اڄ آچر ڏهاڙي سندس ٽيجهو ۽ سندس ننڍي ڀاءُ سيد غلام حسين شاهه جو چاليهو آهي. مرڻو تـ هر ماڻهوءَ کي آهي پر ساقي شاهه جو وڇوڙو، جيءَ کي جھوري ويو. سندس مڙهه کي ڪلهو ڏيندڙ ماڻهن کي سڃاڻڻ ۽ ڳڻڻ جي ڪوشش ڪيم. هزارين ماڻهو سندس ڪلهي ڪانڌي هئا. سڄو ملير مڙي اچي گڏ ٿيو هو. اڄ ساقي شاه جو پورهيو ساڀيان ٿي ويو. ساقي شاه کي ڪو موٽائي نـ سگهندو پر سندس عمل ڪم ۽ ڪردار کيس هميشه زنده رکندا.

No comments:

راءِ ڏيندا