ادل سومرو صاحب
نامياري شاعر سان ڪيل
منھنجي ڳالھ ٻولھ
ڳالھ ٻولھ: امر
اقبال
اوهان جي ننڍپڻ ۽
ان وقت جي ماحولَ جي باري ۾ ڄاڻڻ چاهينداسي، جنهن اوهان جي شخصيت جي تعمير ڪئي...
مُختصر اهو، ته
منھنجو جنم سکر ۾ ٿيو. ننڍپڻ، پرائمري، سيڪنڊري ۽ ڪاليج سطح تائين تعليم سکر ۾ ئي ٿي.
سنڌيءَ ۾ ماسٽرس ڪئي، فرسٽ پوزيشن سان، ايڪانامڪس ۾ ٿرڊ پوزيشن سان، پوءِ وري سنڌي
ادب ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي... سکر علمي، ادبي ۽ تاريخي پس منظر رکندڙ شھر آهي، اديبن ۽ عالمن
جو شھر آهي. تعليم جي حوالي سان تعلق هن ئي شھر سان رهيو. خانداني پسمنظر اهو آهي،
ته منھنجي خاندان ۾ ڪجهه پڙهيل لکيل ماڻھو هيا، ڪجهه استاد هيا. منھنجو والد صاحب
محمد صالح سومرو، منھنجو ڏاڏو ٺارو خان سومرو اجرڪ جي صفت سان لاڳاپيل هئا. منھنجي
والد صاحب انھيءَ ئي هنر کي پنھنجي زندگيءَ جا پنجاهه سال ارپيا. مان وري تعليم جي
پاسي ڏي، تدريس جي نوڪريءَ ۾ آيس. اجرڪ سازيءَ جي هنر سان ايڏي وابستگي نه رهي. ڄاڻَ
رَهي... ننڍپڻ ۾ لئبريرين ۾ وڃڻ ٿيندو هيو. سکر جي معصوم شاهه لئبريري، اتساهَه جو
هڪ وڏو مرڪز هئي. اٺين درجي کان وٺي اُتي وڃڻ شروع ڪيو. لوڪ ڪھاڻين جا جُلد پڙهيا...
ان کانپوءِ وري امرجليل جي افسانن ڏي لاڙو ٿيو... لئبريريءَ ۾ عملي ادبي ماحول
مليو. ان کان علاوه ”گلن جھڙا ٻارڙا“ تنظيم هئي، ان سان وابستگي رهي. اسڪولَ ۾
سرگرميون ٿينديون هيون... تقريري مُقابلا، مضمون نگاريءَ جا مقابلا، شاعري... ”گلن
جھڙا ٻارڙا“ جيڪو رسالو آيو، ان ۾ به لکڻ شروع ڪيوسي. اهو جيڪو شروعاتي دؤر هُيو،
ان ۾ هڪ بھتر ماحول مليو. سنڌي ادبي سنگت وري ان کانپوءِ ٿي اچي، جڏهن ڪاليج جي
دؤر ۾ پھتاسي.... اتي وري شيخ اياز، تنوير عباسي، رشيد ڀٽي، فتاح ملڪ... اِهي ماڻھو
هُيا، جن وري سنڌي ادبي سنگت ۾ هڪڙو بھتر ماحول ڏنو...
اجرڪ سازي اوهان جي
وڏڙن جو هنر آهي. اجرڪ اوهان جي شاعريءَ ۾ به هڪ ڀرپور استعاري طور نظر ٿو اچي...
جڏهن کان شعوري
عُمر ۾ پير رکيو، اجرڪ جا ئي رنگ نظر آيا. هنرمند، پورهيت، پنھنجي پورهئي سان سچا،
هر وقت ڪم ۾ مصروف نظر ايندا هيا...
ڪڏهن ٺاري سُومري، ڇُري
ڪجهه اجرڪَ
اها ڏياري پَڪَ، ته
سنڌ ثقافت جيئندي
اجرڪ پائي اوچتو،
سامھون جو آئي
لطيف جي وائي، مون کي
لڳي هُوبَھو
اوهان جي ڪتاب
”نيروليءَ جو خُواب“ جو نالو ئي اجرڪ جي رنگن سان لاڳاپيل آهي...
نيرولي منھنجو والد
صاحب هيو. منھنجي اڳ واري ڪتابَ ”سمنڊ جاڳي ٿو“ ۾ اُهو نظم ”نيروليءَ جو خوابُ“
شامل آهي....
منھنجو پيءُ نيرولي
آهي
ان جو ٺاهيل ڪوئي
اجرڪ
شايد اوهان جي گهر
به هجي...
انھيءَ جون علامتي
معنائون به ٿي سگهن ٿيون. ائين به ٿي سگهي ٿو نيروليءَ جو خُوابُ، يعني انھيءَ نيروليءَ جو پُٽ، هڪ
تخليقڪار بڻجي ويو آهي...
ستر واري ڏهاڪي ۾
شاعريءَ جي جهانَ ۾ داخلا کانپوءِ، اوهان پنهنجي انفراديت ڪيئن حاصل ڪئي؟ شعوري ڪوشش
هُئي يا فطِري طرح...
اصل ۾ ڇا هي ته هِڪُ
تخليقڪارُ پاڻ اِهو سڀ ڪجهه نه ٿو ٻُڌائي سگهي. مان ته چوندو آهيان ته شاعر کي آزاد
ڇڏي ڏيو ته هُو ڪھڙي به گهاڙيٽي ۾ لکي... باقي وٽس فڪري اڏام ڪيتري آهي، سادگي ڪيتري
آهي، گھرائي ڪيتري آهي... اهي شيون مُشاهدي سان پيدا ٿينديون، تجربي سان پيدا ٿينديون.
هاڻي اهي شيون وري ٻاهريون ماڻھو، جيڪو پڙهندڙ آ، يا نقاد آ، اهو ٻُڌائي سگهندو.
جيئن توهان راءِ ڏني... مان پنھنجي باري ۾ نه ٿو چئي سگهان، ته منھنجي شاعري ڪٿي
پھتي آهي... بھرحال هِڪڙي ڪوشش ٿئي ٿي ته اهڙي شيءِ تخليق ڪجي، جيڪا پڙهندڙ پڙهي
محسوس ڪري ته هُو پھريون دفعو پڙهي رهيو آهي. اڪثر ائين محسوس ٿيندو آهي ته تخليق ٿيل
شاعري اڳ به پڙهيل آهي. شَيون مِلائي، Re-Cycling ڪري، ٻي جو خيال کَڻي شعر ٺاهڻ جو ڪم به ٿئي ٿو. ڪوشش
اها هجڻ گهرجي ته جيڪو خيالُ آهي، ڪھڙو به آهي، سادو آهي، پَر پنھنجو هجي... ڪٿان
ورتل نه هجي. باقي هِڪَ تسلسل ۾ همعصر شاعريءَ جا هڪٻئي تي اثر به ٿين ٿا. پر پوءِ
به ڪوشش ڪجي ته پنھنجي لھجي جي الڳ سڃاڻپ ٿئي. مان گهٽ ۾ گهٽ ان حوالي سان مطمئن
آهيان ته مون مسلسل لکيو آهي، ڪڏهن به وٿي ناهي آئي، پڙهندڙن ۽ منھنجي وچ ۾ به
....
هر دؤر ۾ توهان جي
شاعريءَ جو آواز نئون بنو ۽ تازو توانو رهيو آهي...
هر ڏهن سالن
کانپوءِ پڙهندڙ بدلجي ٿو وڃي. ڏهه سالَ جيڪڏهن توهان گم ٿي ويئو، ڪتابن مان، رسالن
مان، ته پڙهندڙ توهان کي ڪو نه سڃاڻيندو. پوءِ وري انھن سان نئون تعارف ٿيڻو
پوندو. منھنجو پڙهندڙ سان تعارف هِڪَ ٻارَ کان وٺي رهيو آهي. هاڻي اهڙا دوست به
ملندا آهن، جيڪي چوندا آهن ته، سائين! اسان توهان جي ٻارن لاءِ لکيل شاعري پڙهندا
هياسي... اهي وڏا ٿي ويا آهن، وڏن لاءِ لکيل شاعري پڙهڻ ٿا، پر چوندا آهن ته اسان
توهان جي ڪتابَ جي ڪري، پڙهڻ طرف آياسي... پڙهڻ جي عادت هيٺين عُمر کان پئي ٿي...
اوهان هر صنف تي
لکيو آهي. وايون اوهان جون تمام گهڻو مقبول ٿيون. غزل اوهان جو ”اسان کي او سهڻا!
وساري نه ڇڏجو“...
اها ڪجهه Popular Poetry
آهي، جيڪا عوامي سطح تي مقبول ٿئي ٿي. اهو منھنجو غزل ٻارهين درجي ۾ لکيل آهي،
معنيٰ شروعاتي دؤر جي شاعري آهي. اها جڏهن آواز جي روپ ۾ آئي ته گهڻو مقبول ٿي. شاعر جڏهن ڪو شعر لکي ٿو ته
اُهي هِڪڙا سادا لفظ آهن.... پَر جڏهن توهان ڳائڻ جي ڳالھه ٿا ڪيو ته انھيءَ ۾ ٽي Faculties اچي ٿيون وڃن.
هِڪڙو موسيقار، ڪمپوزر، هِڪڙو شاعرُ ۽ هِڪڙو راڳي... اهي ٽئي شيون جڏهن گڏجن ٿيون،
ته اها شيءِ وڌيڪ اثر انداز ٿئي ٿي. ماڻھن تائين پھچي ٿي. انھن ماڻھن تائين پھچي ٿي،
جيڪي ڪتابَ تائين نه ٿا پھچن... ته اهو هڪ مظبوط وسيلو آهي Communication
جو.....
سڀني صنفن تي اوهان
لکيو آهي. ڪهڙي هِڪَ صنف آهي، جنهن تي لکندي اوهان کي وڌيڪ مزو ٿو اچي؟!
اصل ۾ تخليقڪار
پنھنجي ڳالھه ڪرڻ چاهيندو آهي. صنفون هڪڙا Frame آهن. ڪڏهن ڪڏهن
ڇا ٿيندو آهي، ته هڪڙو وڏو خيال آهي، هِڪڙو ئي Thought آهي، اهو ڀرپور
انداز ۾ غزل ۾ نه ٿو ڏئي سگهجي. غزل ۾ Verity هوندي آهي.
جيڪڏهن اَٺَ شعر آهن ته اٺ ئي الڳ انداز جا آهن.
الڳ الڳ ننڍا ننڍا خيال اچن ته اهي هِڪَ غزل ۾ ڏئي سگهجن ٿا، پر جي هڪڙو ئي
خيال آهي، مرڪزي خيال هڪڙو آهي، ته ان لاءِ نظم ئي مددگار ٿي سگهي ٿو. جيڪا ڳالھه ڪرڻ
چاهيو ٿا، ان ۾ ڀرپور نموني ڪري سگهو ٿا. منھنجي شاعريءَ ۾ غزل، آزاد نظم، نثري
نظم، بيتَ ۽ وايون گهڻيون آهن. اهي چار پنج صنفون...
روزاني بنياد تي به
ته اوهان بيتَ ۽ چؤسٽا لکڻ جو تجربو ڪيو...
اهو هِڪُ تجربو
هيو. ان ۾ به مون ڪوشش ڪئي ته تخليقي انداز هجي.بيت ۽ وائي اسان جون مظبوط ڪلاسيڪل
صنفون آهن. انھن کي شيخ اياز به recognize ڪيو آهي. امداد حسيني صاحب به تازو ڪنھن انٽرويوءَ ۾ چيو
ته اِهي اسان جون ڪلاسيڪل صنفون آهن، اسان کي انھن کي جيارڻ کپي. بيتَ لکڻ جا جڏهن
تجربا ٿيا، ته ان ۾ ڪافي شاعر دوستن ٻولي ساڳي رکي، لطيفَ واري سچَلَ واري...
يا وري موضوعَ ساڳيا
رکيئون...
ها بلڪل.... پَر
منھنجو اهو خيال هو ته ڀلي صنف ساڳي هجي، پَر اها جديد دؤر سان اهم آهنگ هجي. ٻولي
اڄ جي هجي. جيڪڏهن بيتَ ۾ زوريءَ تجنيسِ حرفي هڻبي ته مزو نه ٿيندو. اها مصنوعي لڳندي.
اَڄُ جي دؤر جي هئڻ گهرجي. مان اِهي تجربا ڪيا ۽ اخبار لاءِ اِهو نئون تجربو هيو.
اخبار ۾ روزانو بيت اڳ ڪڏهن به ڪو نه آيو هو. مان چار پنج سالَ ”عوامي آواز“ ۾
روزانو بيت لکيا. ان کانپوءِ ”ڪاوش“ ۾ چؤسٽا لکيم ۽ انھن ۾ به اها ڪوشش ڪيم ته همعصر
موضوعن ۽ حالتن جي عڪاسي ته هجڻ کپي، پَر تخليق اهڙي هجي جو اڄ کان ڏهه سالَ پوءِ
به ماڻھو پڙهن ته انھن کي ان دؤر جي لڳي...
وکر سو وهاءِ، جو
پئي پراڻو نه ٿئي...
جي.... مطلب اهو
آهي ته جيڪڏهن سياسي حالتن تي ڪو چؤسٽو لکجي، ته انھيءَ ۾ سياستدانن جا نالا نه لکجن....
مان چوندو آهيان ته، جي ائين آهي، ته پوءِ خبر ۽ شاعريءَ ۾ ڪھڙو فرق ٿيو؟ هِڪڙي خبر
کڻي ان کي چئن سِٽن ۾ تبديل ڪندئو ته اها ته خبر ئي رهندي. تخليق ته نه ٿيندي
نه.... ڳالھه ضرور ڪيو، پَر انھيءَ ۾ Creativity هجڻ گهرجي. ڪو
استعارو، ڪا تشيبهه، جيڪا ان شيءِ کي ابديت ڏئي. اهي شاعريءَ جا Tools آهن. لطيف
سائينءَ جي شاعري ڏسو. ان ۾ ايڏيون جديد تشبيھون ملن ٿيون.... جديد مان مُراد اڳ ۾
استعمال ٿيل ناهن، پنھنجي دؤر جون نيون ۽ جديد تشبيھون آهن. اهي شيون اڄ به پڙهئون
ٿا ته تازيون ٿيون لڳن. مون اها ئي ڪوشش ڪئي ته، ائين نه ٿئي ته اُنھن چؤسٽن جي
عمر به هِڪَ يا ٻن ڏينھن جي هجي...
وايُن ۾ اَوهان سنڌ
جي صنعتي سماجَ جا عڪسَ جام کڻي آيئو...
هوٽل، هُلَ، هشام
دونھان دونھان
زندگي
لارين پويان ڊوڙندي
شھر ۾ ٿي وئي شام
دونھان دونھان
زندگي
اوهان جي وائيءَ ۾
وراڻيءَ جو بند سان جَڙاءُ به منفرد هوندو آهي...
بس، هِڪَ ڪوشش
هوندي آهي...
شيخ ايازَ سان
اوهان جو وڏو ساٿُ رهيو. انهيءَ ساٿَ کي ڪيئن
ياد ڪندؤ؟!
اصل ۾ ڇاهي ته شيخ
اياز صاحب گهڻو مصروف رهندو هيو. هن جو Profession ئي اهڙو هُيو...
وڪالت. ان کي گهڻو وقت ڏيڻو پوندو هيس ۽ خاص ڪري هُو ڪرمنل ڪيس گهڻا کڻندو هيو،
جنھن لاءِ کيس گهڻو مطالعو ڪرڻو پوندو هيو. هُنَ جي زندگي هِڪڙي ٽائيم ٽيبل مطابق
گذرندي هئي. ٽائيم ٽيبل ۾ جيڪڏهن دوستو وسڪيءَ کي وقت ڏنل آهي يا خليل جبران کي
وقت ڏنل آهي، يا ڪنھن به شاعِرَ کي... ته اهو وقت هُنَ ڪنھن دوستَ کي نه ڏنو. اهو
وقت هن ڪتابَ کي ڏنو. اها هن جي هِڪڙي وڏي Commitment هوندي هئي.
ملندو ڪو نه هيو ماڻھن سان. جي ڪو ويجهو دوست به آيو ته ان سان دروازي تي
ملي موڪلائبو.... اسان کي وري لالچ هوندي هئي دل ۾، ته هيڏي وڏي شخصيت آ، انھيءَ
سان ملجي. ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ به شيخ صاحب ايندو هيو ته مختصر ايندو هيو. مون
کي ياد آ ته ادبي سنگت جي گڏجاڻيءَ ۾ شيخ صاحب منھنجي وائيءَ جي Correction ڪئي هئي. اها ڪاپي اڃان مون وٽ محفوظ آهي. سو، دل ۾ اها
خواهش هوندي هئي ته سائينءَ سان ڪچھري ڪجي. هڪ دفعو هُن ڳالھه ڪئي ته هُنَ جو
تخليقي ڪم ايڏو وڌي ويو آ، جو هُو اُنَ کي فيئر نه ٿو ڪري سگهي. ائين به چوندو
هُيو ته، مان ڪو ماڻھو پگهارَ تي رکي سگهان ٿو، پَر ڪو اهڙو ماڻھو هجي، جيڪو
منھنجي ڳالھه کي سمجهي به.... ته پوءِ مون پاڻ ئي کيس آڇَ ڪئي ته، سائين! مون وٽ
وقت آهي، صُبح جو پڙهائيندو آهيان، ان کانپوءِ وقت هوندو آهي.... خواهش اِها ئي هئي
ته ساڻس ويجهو ٿجي. هُو علم جو ڀنڊار هيو، هُنَ وٽ ايتريون ڳالھيون هونديون
هُيون... رات جو گهمندا هئاسي، روز پُراڻي سکر جي گهٽين ۾.... اتي ڪچھريون ڪندو
هُيو، دلِ سان..... جڏهن ماڻھو گڏ رهي ٿو، ته پوءِ تڪلف ختم ٿي ٿا وڃن، پوءِ دل جو
ڳالھيون، ٻيون ڳالھيون، سَڀُ سامھون اچي ٿيون وڃن... گهڻو پِرايوسي اياز صاحب
مان...
اياز صاحب مهاڳ به
لکيو اوهان جي ڪتابَ جو...
جي ها ”سمنڊ جاڳي ٿو“
جو.... هِڪ دفعي جنوريءَ جو مھينو هيو. سيءَ ۾ سگري ٻارينداهياسي. بجلي بند ٿي
وئي، ڳاڙهي رنگ جي سگري پئي ٻَري..... ان وقت اياز صاحب مون کي چيو ته، مان جڏهن
هليو وڃان ته هي يادگيريون لکجانءِ.... مرڻ کانپوءِ، انھن متعلق ماڻھو ڪُوڙَ بَدُوڙَ
به لکن ٿا. مثال هينئر مان لکان ته شيخ اياز سان ويٺو هُيس، مون کي هيئن چيئين يا
هونئن چيئين.... شاهد ته ڪوئي ڪونھي، هُو پاڻ به ڪونھي.... مون چيو، سائين! مان،
توهان جي جيئري ئي لکندس.... ۽ پوءِ يادگيرين جي حوالي سان چار، پنجَ مضمون مون
سائينءَ جي جيئري ئي لکيا. هُنَ پاڻَ پڙهيا. ”پرنس ڪامپليڪس ۾ رهندڙ بادشاهه“ يا ٻيا...
شيخ اياز صاحب ته
پنهنجي هِڪَ ڏيڍ سٽي ۾ اوهان سان مخاطب به ٿيو آهي...
اهو ڇا ٿيندو هُيو
ته، جيئن ڪراچيءَ اچجي ٿو ته ڪڏهن ايترا ڪم ڪاريون ٿين ٿا، جو ڪنھن دوستَ سان ملي
نه ٿو سگهي ماڻهو. ڪنھن سان مليو، نه مليو.... پوءِ وري ڪو دوست چوندو هيو اياز
صاحب کي، ته، سائين! ادل سومرو آيو هو ڪراچيءَ، توهان سان نه مليو ڇا؟!.... ته
چوندو هو، نه يار! مون سان نه مليو.... پوءِ دوست ٻڌايو ته چيائين، آهي ته سُڃن
اديبن جي جماعت سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل، پاڻ کي اقوامِ متحده جو سيڪريٽري
جنرل ٿو سمجهي ڇا؟ (کلندي)... ته پوءِ لکيائين....
ڇـا ڳــالـــھه ادل
آهـــــــي؟
سکر ته ٿڌيرو آ، يا
مند بدل آهي؟
مطلب، اهڙي ڪا ڳالھه
ٿي وئي آ ڇا، جو تنھنجو روَيو تبديل ٿي ويو آهي؟!... شابس آ اياز صاحب کي، جو شعر
۾ ياد ڪيائين....
وقت جي عظيم شاعِرَ
جي سٽن ۾ اوهان جو ذڪر يقينن اوهان لاءِ به خوشيءَ جو سبب بڻيو هوندو...
ها، بلڪل....
تخليقي ۽ تحقيقي ڪَمَ
سان گڏ هِڪَ ايڊيٽر يا مرتب جي حيثيت سان به اوهان جو گھڻو ڪم آهي...
ائين ته مون ويھه
پنجويھه ڪتابَ Compile ڪيا آهن، پَر جيڪي ٻَه
اينٿالاجيون مُون ترتيب ڏنيون، انھن ۾ مون گهڻي محنت ڪئي. انھن ۾ ضرورت هئي اڃان به
ڪم جي... ڇاڪاڻ ته ۱۹۴۷ع کان وٺي ۲۰۰۸ع تائين، سنڌي ڪھاڻيءَ جو چونڊ هُئي.... هزارين صفحن تي ڦھليل ڪھاڻين
هُيون، پوءِ به مون ساڍا پنج، ڇھه سؤ صفحن ۾ انھن جي چونڊ ڪئي. شاعريءَ ۾ به ايترو
لڳ ڀڳ... انھيءَ ڪم مان گهڻو مطمئن رهيس ته هڪڙو چڱو ڪم آهي ۽ انھيءَ ڪَمَ مان Research Scholars
کي تمام گهڻي مدد ملي سگهي ٿي. هِڪَ دؤر جي حوالي سان شاعريءَ جا Trends ڪھڙا رهيا؟! شاعرن ڇا پئي لکيو؟.... ته اهي اينٿالاجيون
مددگار ثابت ٿي سگهن ٿيون...
سنڌي ادبي سنگت جي
اڳواڻ جي حيثيت ۾ به اوهان اهڙو ڪم ڪيو...
ها، ”شاعري نمبر“
آندو، ”ڪھاڻي نمبر“، ”ڪارڪردگي نمبر“...
اوهان پاڻ به ته شروعاتي
دؤر ۾ ڪهاڻيون لکيون؟
جيڪا شروعاتي زندگي
هوندي آ نه، ته ان ۾ ماڻھو سڃاڻپ جا حوالا ڳوليندو آ. مان انھن ڪھاڻين مان مطمئن
ناهيان. هڪڙي ڪوشش هئي، Inspiration هئي.... ٺيڪ هيون ڪھاڻيون، پَر پوءِ مون
محسوس ڪيو ته منھنجي اندر ۾ جيڪو شاعر آ، اهو پنھنجي ڳالھه وڌيڪ بھتر انداز سان ڪري
سگهي ٿو. انھيءَ ڪري سوچيم ته هروڀرو All Rounder ٿيڻ جي ضرورت ناهي. گهڻا دوست چوندا هيا ته ڊراما لکي ڏي....
هاڻي ڊرامو منھنجو شعبو ئي ناهي.... لکي ته ويندس، مسئلو ناهي، پَر اهو منھنجو
شعبو ناهي. منھنجي جيڪا شاعر واري سڃاڻپ آهي، اها ئي رهي ته بھتر آ....
ريڊيو خيرپور لاءِ
توهان جو گهڻو ڪم رهيو آهي... ادبي پروگرامَ جي ميزباني، اداريا...
ها اهي اداريا به
لکيا ۽ ”ڏات جي ڏيھه ۾“ هڪڙو سلسلو هيو، جنھن لاءِ اديبن ۽ راڳين جا پروفائيل
لکيا. اهي اسڪرپٽ به محنت سان لکيا. شيخ اياز، تنوير عباسي، شمشير الحيدري، قمر
شھباز، امداد حسيني، مخدوم طالب الموليٰ... وڏيون وڏيون شخصيتون... انھن تي
لکيم...
اهي اسڪرپٽ به
محفوظ ٿيڻ گھرجن...
ها، اُهي چڱا هِن، ڪتابُ
ڇپجي سگهجي ٿو. ان سان گڏ هڪ سلسلو هوندو هُيو، ”هڪ شاعِرُ، هڪ فنڪار“... ان ۾
عابده پروين، زرينه بلوچ، محمد جمن، استاد منظور علي خان، مائي ڀاڳيءَ ۽ ٻين تي به
اسڪرپٽ لکيل آهن منھنجا....
تنوير عباسي صاحب
جي ڪَمَ ۽ شخصيت جي حوالي سان اوهان اردوءَ ۾ به ڪتاب لکيو...
”پاڪستاني
ادب ڪي معمار“.... هڪڙو سلسلو آهي، پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس جو، جنھن ۾ مختلف ٻولين
جي اديبن، شاعرن، عالمن جو سوانحي تعارف اردوءَ ۾ ڪتابن جي صورت ۾ ڪرايو ويندو
آهي، ته جيئن ٻين ٻولين وارن کي، خبر پوي ته انھن ماڻھن جو ڪم ۽ حيثيت ڇا آهي.....
نالا ته ٻڌن ٿا سڀ، پر انھن جي پوري زندگيءَ جي باري ۾، ڪَمَ جي باري ۾ خبر پوي ٿي.
اهو سٺو ڪم آهي. مون به ڪوشش ڪئي... سٺو ڪم ٿي ويو. اهو به اطمينان ٿيو ته پنھنجي
محسن لاءِ، استاد لاءِ، مون پنھنجي حصي جو ننڍڙو ڪم ڪيو. تنوير صاحب جي وفات کان
پوءِ ئي اهو ڪتاب ڇپيو هو.....
نئين شاعري جيڪا ٿي
رهي آهي، شاعرن جا هجوم ڏسون ٿا، ان شاعريءَ جي معيارَ متعلق ڇا چوندؤ؟!
گهڻا سُٺا شاعِرَ
به آهن. نوجوانَ Creative آهن، تخليقڪار آهن، پر انھيءَ ۾ وري هِڪڙي شئي
ٿئي ٿي ته.... هڪ ته تنقيد پاڻ وٽ آهي ڪونه، سٺا نقاد ڪونھن، يا ته تمام گهڻي
تعريف ٿئي ٿي، يا ته وري ڪوئي ڪنھن تي ناراض آهي ته ان تي Personal ٿي لکي ٿو. Personal شيون تنقيد جي
زمري ۾ ناهن اينديون.... يا وري ڪا سطحي راءِ ڏئي ڇڏڻ. مثال، ڪڏهن ڪڏهن ائين پڙهندو
آهيان ته، ادا! هي ڪتابُ آهي، انھيءَ ۾ ٻَه غزل سٺا آهن، باقي سڀ ڀرتي آ.... اها
راءِ سطحي آ. جڏهن ڪنھن به فنپاري تي اوهان راءِ ٿا ڏيو ته، ان ۾ Justification
هُجي. دليلن جي بنياد تي هجي. شاعري ٿئي پئي. تمام سٺا شاعر به آهن. نئين ٽھيءَ جي
جيڪا شاعري آهي، اها اڳتي وڌندڙ آهي، پَر ان ۾ وري ڪافي اهڙيون شيون به آهن...
(کلندي)مطلب ”شوقيه فنڪار“ به آهن..... توهان ڪنھن کي روڪي نه ٿا سگهو. هي هڪڙو
آزاد ماحول آ. جنھن کي به وڻي ڪتابُ لکي. ائين به ٿئي ٿو ته هِڪڙو شاعر آهي، جنھن
کي لکندي اڃان سال به مس ٿيو آ، پنھنجو ڪتاب ڇپرائي ٿو ڇڏي. اها ان جي هڪڙي خواهش
آ. باقي اسان ڪنھن کي روڪي نه ٿا سگهئون. باقي جيڪو Real Poet آهي، ان جي
شاعري Surrive
ڪندي. اهو هلندو. باقي ڪجهه شيون اهڙيون
آهن، جيڪي عارضي طور تي هونديون آهن. ماڻھو ايندا، وري هليا ويندا. هڪڙا مسافر
ايندا، ٻيا ويندا.... ڊگهو سفر اهي مسافر ڪندا، جن وٽ Base هوندو، جن
جو تخليقي بنياد مضبوط هوندو. شعور جي وسعت، احساس کي سمجهڻ ۽ مشاهدو.... اهي سڀ
شيون جيڪڏهن ڪنھن مسافر وٽ آهن، ته اهو هلندو گهڻو.... باقي ٻيا رستي ۾ ئي ٿڪجي
پوندا. ها، انھن کي Encourage ڪرڻ گهرجي. عام طور
تي اها شڪايت ٿيندي آ ته Generation Gaps آهن، پَر منھنجي خيالَ ۾ اهڙي ڳالهه به ڪانھي...
سنڌي ادبي سنگت جي
موضوع تي پي ايڇ ڊي ڪرڻ جو تجربو ڪيئن رهيو؟
اصل ۾ تحقيقي ڪم به
تمام گهڻو محنت طلب ڪم هوندو آهي. هِڪڙو Creative ماڻھو وڌيڪ
بھتر تحقيق ڪري سگهي ٿو. منھنجو اهو Opinion هوندو آ.
مان پنھنجي سڃاڻپ وري صرف هڪڙي چاهيندو آهيان، منھنجي شاعري.... ڊاڪٽر تنوير عباسي
صاحب سان منھنجي محبت هُئي هِڪَ شاعِرَ جي حيثيت ۾.... ۽ مون جڏهن شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ
۾ نوڪري اختيار ڪئي ته مون کي احساس ٿيو ته مون کي تحقيقي ڪم ڪرڻ گهرجي. ان زماني
۾ پروموشن جي لاءِ پي ايڇ ڊيءَ جي پابندي نه هئي، جيئن اڄڪلھه آهي. ان زماني ۾ مون
پي ايڇ ڊيءَ لاءِ موضوع چونڊيو ”سنڌ جي مزاحمتي شاعريءَ جو تنقيدي جائزو“ ۽ ان جو خاڪو
ٺاهي تنوير صاحب وٽ ويس. هاڻي پي ايڇ ڊيءَ کانسواءِ ڪو به رهنما نه ٿو ٿي سگهي،
پَر ان وقت ڪو به عالِمُ رهنما ٿي پئي سگهيو. غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب، پير حسام
الدين راشدي صاحب، تنوير عباسي صاحب.... اِهي سَڀُ پي ايڇ ڊي نه هيا. مون کي تمام
گهڻي خوشي ٿي ته تنوير عباسيءَ جھڙو وڏو قابل ماڻھو مون کي رهنما مليو. سائينءَ
مون کي صلاح ڏني ته، هي جيڪو موضوع آهي، مزاحمتي شاعري.... يا وري علامتي شاعري....
انھيءَ تي ڪوئي به پي ايڇ ڊي ڪري سگهي ٿو، پر ”ادبي سنگت“ اهڙو موضوع آهي، جنھن تي
ٻيو ڪوئي، انھيءَ انداز سان نه ڪري سگهندو.... منھنجي ادبي سنگت سان Involvement به هُئي ۽ ۱۹۹۲ع ۾ مون جڏهن انھيءَ موضوع لاءِ رجسٽريشن ڪرائي
ته ان وقت تقريبن سَڀُ، سنگت جا اڳوڻا سيڪريٽري جنرل به زندهه هيا. سنڌي ادبي سنگت
جا اڳواڻ، مھندار، جيئن شيخ اياز صاحب، اياز قادري صاحب، تنوير عباسي صاحب، رشيد ڀٽي
صاحب، تاج بلوچ صاحب.... اهي سڀ وڏيون شخصيتون زندهه هُيون....
انهن جي سينن ۾ جيڪا
تاريخَ سمايل هُئي، اُها به اوهان جي پهچ ۾ هئي...
جي بلڪل.... اهو
ئي... تنوير عباسي صاحب چيو ته اَڄُ جيڪو ڪجهه تون لکندين، اهو سَچُ هوندو. سُڀاڻي
لکڻ وارا ڌُڪا به هڻندا. سنڌي ادبي سنگت تي جيڪو تحقيقي ڪم هُيو، اهو هِڪ لحاظ کان
مختلف به هيو. مثال، جيڪڏهن اڄ مان شيخ اياز جي شاعريءَ تي پي ايڇ ڊي ڪرڻ ٿو چاهيان،
ته سڄو مواد دستياب آهي. هڪڙي الماڙي ڀري پئي آهي، جنھن ۾ شيخ اياز جا سَڀُ ڪتابَ
موجود آهن. سنڌي ادبي سنگت اهڙو موضوع هُيو، جنھن متعلق ڪتابن ۾ ڪو مواد ئي ڪو نه
هيو. اسان وٽ ادبي سنگت ۾ روايت اها رهي آهي ته رڪارڊ رکڻ جو رواج ڪونھي. مثال، ڪنھن
شاخ جو نئون سيڪريٽري اچي ٿو ته انھيءَ کي رڪارڊ منتقل نه ٿيندو. پنَن تي ڪاروائي
لکي وئي، اخبار ۾ ڇپجي وئي، بس.... مون گهڻو مواد اخبارن مان حاصل ڪيو. ۵۶-۱۹۵۵ع جون اخبارون سنڌالاجيءَ مان ڳوليم....
اوهان ادبي سنگت جي
ڪردار کي ننڍي کنڊ ۾ ترقي پسند تحريڪَ جي ڪردار سان جوڙيو آهي...
هيءَ سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ
جي تحريڪ آهي. ننڍي کنڊ ۾ جيڪا ترقي پسند تحريڪ شروع ٿي، اُن جا سنڌي ادب تي ڪھڙا
اثر پيا، اِها سموري تاريخ موجود آهي، هِنَ مقالي ۾. سنڌي ٻوليءَ جي لاءِ سنڌي
اديبن سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان جيڪا جدوجھد ڪئي، اهو هڪ الڳ باب آهي. اها
هِڪ الڳ تاريخ آهي. چوڏنھن بابَ آهن ڪُل... انھيءَ ۾ سڀ شيون آهن. ادبي سنگت جا
اختلاف، مزاحمت.... تقريبن سڀ موضوع آهن ۽ اها پنجاهه سالن جي تاريخ آهي. ۱۹۴۷ع کان ۱۹۹۷ع تائين....
ادبي سنگت کانسواءِ
مختلف ادارن جي سربراهَه جي حيثيت سان اوهان جو گھڻو ڪَمُ آهي ۽ اوهان کي ايوارڊ
به گھڻا مليا آهن...
توهان ذڪر ڪيو مختلف
ادارن جو.... اصل ۾ عُھدن ۽ رُتبن جي ايتري اهميت ناهي هوندي. اصل اهميت Commitment جي هوندي آهي. ماڻهو جتي به آهي، سچائيءَ ۽
ايمانداريءَ سان ڪَمُ ڪري. باقي....
هي سَندُون، ميڊل،
تعريفون
دِل! تنھنجي لئه هڪ
دوکو آ
جو راهِه وفا ۾
آهِه مليو
سو گهاءُ به ڄڻ ڪو
تمغو آ
ڏَهَه ماڻهو، ڪَمَ
جي حوالي سان محبت ڪن ٿا، ته انھيءَ کان وڌيڪ ڪو ايوارڊ ڪونھي ڪو. توهان سان دلي
طرح ڪو محبت ڪري، صرف هِڪَ شاعِرَ جي حيثيت ۾، هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾، ته ان کان وڌيڪ
ڪو ايوارڊ آهي ئي ڪو نه....
سنڌ جي ٻارن جي
لاءِ به اوهان جو نظم توڙي نثر ۾ گھڻو ڪم آهي...
ننڍپڻ جو، جيئن مون
ذڪر ڪيو ته ”گلن جھڙا ٻارڙا“ تنظيم هئي. غفران عاقلاڻي، خدا بخش ابڙو، اياز گل،
نصير مرزا، اخلاق انصاري، نياز پنھور.... ۽ ٻيا دوست، انھيءَ تنظيم ۾ هوندا هيا.
اتان هِڪُ اتساهه مليو. رسالو نڪرندو هيو ”گلن جھڙا ٻارڙا“، جنھن ۾ ٻارن جي لاءِ
شاعري لکي سي. لکندا رهندا هياسي. سال ۱۹۷۷ع ۾ منھنجو پھريون ڪتابُ آيو ٻارن لاءِ
”روز ٽڙن رابيل“.... اهو توهان ڏسندؤ ته انھيءَ ۾ جيڪا ڪئليگرافي آهي، اها به مان
پاڻ ڪئي. اسڪيچ به مان پاڻ ٺاهيا. ٽائيٽل به پاڻ ٺاهيو. وليم بليڪ جي ڪتابَ “Songs of Innocent”
مان مون کي اها Inspiration ملي. معصوم شاهه لئبريريءَ ۾ مون اهو ڪتابُ پڙهيو.
جنھن ۾ هُنَ ڪئليگرافي، اسڪيچ، ٽائيٽل سڀ شيون پاڻ ڪيون آهن... سو منھنجي انھيءَ
تجربي کي گهڻو پسند ڪيو ويو.
ان کانپوءِ ڪهڙا ڪتابَ
آيا اوهان جا، ٻارن لاءِ؟!
”چنڊ پشم
گولو“، ”پتلين جو تماشو“، ”پوپٽ جھڙا گيت“، ”مٽيءَ جا رانديڪا“.... هِڪ تسلسل رَهيو
شاعريءَ ۾. نثر ۾ به ڪتاب آيا ٻارن لاءِ ”آچر جا احوال“، ”جيتن جي ڪانفرنس“، ”نئين
دؤر جا نوان سبق“.... اها سَڀُ هِڪڙي ڪوشش هئي پنھنجي طرف کان، ڇاڪاڻ ته ٻارن جو
ادب وڏي اهميت رکي ٿو، انھيءَ حساب سان ته ٻارن ۾ Reading Habit انھيءَ عمر
۾ پيدا ٿئي ٿي. ٻاراڻي وهيءَ ۾ جيڪي دوست ڪتابن طرف آيا ته سڄي زندگي ڪتابن سان ئي
رهيا. اِها منھنجي انفرادي ڪوشش هئي. ٿيڻ ائين گهرجي ته انھيءَ سلسلي ۾ اجتماعي ڪوششون
ٿيڻ گهرجن. اسان وٽ انفرادي سطح تي ٿورو ٿورو سڀني Contribute ڪيو آهي. خوشيءَ جي ڳالھه آهي ته اسان وٽ ٻارن جو ادب متعارف
ٿيو ۽ گهڻو هليو. هتي پي ٽي ويءَ تي منھنجا ٻارن لاءِ لکيل تقريبن سڀ گيت رڪارڊ ٿيل
آهن. وڏن فنڪارن جي آواز ۾.... استاد محمد يوسف، منظور سخيراڻي، سرمد سنڌي.....
بادل! ٿورو بيھُه
برن ۾
واريءَ تي وسڪار ڪري
وڃ!
خوش ٿرين جا ٻارَ ڪري
وڃ!
اهو سرمد سنڌيءَ جي
آواز ۾ رڪارڊ ٿيل آهي....
اوهان اڄ به ٻارن
لاءِ لکو پيا، اها اوهان جي شخصيت جي سُٺائي ئي آهي...
منھنجو هِڪُ اڻ ڇپيل
شعري مَجموعو ”اکرن جا رنگ“ اچي رهيو آهي، جنھن ۾ سنڌي الفابيت جي ٻاونجاهه اکرن
سان، موضوع جي حساب سان ٻاونجاهه نظم آهن... ڏسو نه، ٻولين جي لاءِ خطرا به موجود
هوندا آهن، ٻوليون ترقي به ڪنديون آهن، ته زوال پذير به ٿينديون آهن. پنھنجي ٻوليءَ
کي بچائڻ لاءِ تعليم ئي سڀ کان وڏو ذريعو آهي. هڪ تعليم ۽ ٻيو تخليقي ادب... هاڻي
اسان وٽ اهڙي صورتحال ٿي وئي آهي، جو اسان جو ٻار ڳالھائي ته سنڌي ٿو، پر سنڌي لکي
پڙهي نه ٿو سگهي. اهو هڪ وڏو الميو آ. ان لاءِ ضروري آهي ته اسان پنھنجي ٻار کي پنھنجي
سنڌي ٻوليءَ ڏانھن راغب ڪيون. والدين جي حيثيت ۾ اسان انھيءَ سلسلي ۾ وقت نه ٿا ڏيون.
استاد به اهو ڪردار ادا نه ٿا ڪن.
دل چوي ٿي ته اوهان
کان اوهان جي شاعري ٻُڌجي...
مسافر! ننڊ جو ڀاڪر
نھوڙي نينھن کي ويندو
اڄوڪي ڏينھن کي ويندو
ڪڏهن هن جاڳ ڏي
هلجي
ڀلي جي ماڳ جو رستو
ڏٺل ناهي، ته پوءِ ڇا
هي؟!
اڄاتل ڀاڳ ڏي ڀُلجي
چون ڇا ٿا هي
پرماري؟
انھن کي ڇو ڀلا ٻُڌجي؟!
وطن جي عاشقيءَ ۾
پرَ
پَڪو ويساهُه ئي
رکجي
لڦون پيرن جون ڇو ڳڻجن؟
مٽيءَ جي درد کي ڳڻجي
وساري سڀني چھرن کي
ڪڏهن هن سنڌ کي ڏسجي
ڪٿي ڪو ٻارُ جي
روئي
سندس معصوم ڳوڙهن
کي
وڃي پاٻوهه مان
اگهجي
رسالو شاهَه جو کولي
ڪڏهن ڪو بيتُ ئي پڙهجي
وطن لئه ڇا ڪيو
آهي؟
ڪڏهن هي پاڻ کان پُڇجي
مسافر! ننڊ جو ڀاڪر
نھوڙي نينھن کي
ويندو
اڄوڪي ڏينھن کي ويندو
واهه سائين واهه...
اوهان جي اردو نظمن جو ڪتابُ ”مين اپنا وقت بيچتا هون“ به آيو آهي... انهيءَ ۾ ڪهڙا
موضوع آهن؟
موضوعَ اهي ئي ساڳيا
آهن زندگيءَ سان لاڳاپيل. داخلي ڪيفيتون به آهن.... انھن کان ماڻھو پري نه ٿو ٿي
سگهي. آس پاس جون معروضي حالتون، ڌرتي، ماڻھو، ماڻھن جا مسئلا، ڏک، سک، خوشيون،
انتظار، وڇوڙا، اهي سَڀُ شاعريءَ جون ڪيفيتون آهن. موضوع ساڳيا ئي هوندا آهن، پر
هر شاعر جو وري پنھنجو ڏانءُ آ. ساڳي موضوع کي توهان ڪيئن ٿا بيان ڪري سگهو؟ توهان
وٽ ڪيترو آرٽ آهي، ان ڳالهه کي بيان ڪرڻ جو؟ اهو آرٽ ضروري آهي، انھيءَ تخليق ۾. مان
ڪوشش ڪئي آهي ته انھن اردو نظمن ۾ به ائين ئي هجي...
ادل سائين! ڳالهيون
گهڻيون آهن، پَر وقت اسان کي وڌيڪ اجازت نه ٿو ڏئي. اوهان جي تمام گھڻي مهرباني جو
اسان کي قيمتي وقت ڏِنُوَ...
توهان جي مھرباني
جو منھنجي لاءِ تمام سُھڻا لَفظَ چيَوَ.... توهان جي محبت آهي اها.... توهان عزت ڏني...
(ڏھاڙي ڪاوش
حيدرآباد جي ’ڪاوش دنيا‘ ۾ ٻن قسطن منجھ ۳۰ مئي ۲۰۲۱ع تائين ڇپيل)
ادل سومرو
ابراھيم کرل
درياءَ پار سھڻيءَ جو
ميھر ھو جنھن لاءِ ھوءَ جھنگ جو پنڌ ڪري دلو ڪڇ تي رکي سرن ٻوڙن، ڪنڊاون پيچرن کي
لتاڙي جڏھن ڪناري پھچندي ھئي تہ سندس من ۾ رڳو محبوب ھوندو ھو وچ واريون تڪليفون
ھوءَ لکائيندي ئي ڪونہ ھئي، درياءَ جي دھشت کيس ڌڪي پوئتي نہ ڪري سگھندي ھئي، ڪُنن
جا ڪڙڪاٽ، سيسرن جا سرٻاٽ ۽ سرڙاٽ کيس سسيءَ جو سانگ ڪرڻ ڏانھن ڪڏھن بہ متوجھ نہ ڪري
سگھندا ھئا، ھن جو عشق پاڻيءَ تي ترندو وڃي ميھر سان ملندو ھو. ائين عشق ڪنھن بہ رڪاوٽ،
تڪليف، اڻانگي رستي، خوفناڪ ۽دھشت زد علامت، ڏيک، کي حواسن تي حاوي ٿيڻ نہ ڏيندو
ھو ائين ڪنھن طرفان مليل پيار، عزت، ھمت افزائي، اتساھ بہ حوصلو ڏيندو رھي ٿو تہ
اسان کي او سھڻا
وساري نہ ڇڏجو
ڏئي پيار دل مان ڌڪاري
نہ ڇڏجو
درياءَ جي ھن پار
رھندڙ ھڪ شخص جڏھن پنھنجي پيار جا پر پکيڙي اسان مٿان ڇانورو ڪري بيھي ٿو تہ اسين
اس ۾ سڙي ڪٿي ٿا سگھون، سندس وڌندڙ ھٿ جڏھن اسان جي ڪلھي تي پوي ٿو تہ دنيا جا بار
ھلڪا ٿي وڃن ٿا. ھو جڏھن آڱر سڌي ڪري رستو ٻڌائي ٿو تہ منزل نظرن کان ڏور نہ ٿي
رھي، چيچ پڪڙي وٺي ھلي ٿو تہ اسان جا قدم لڙکڙائن ڪونہ ٿا. سمنڊ کي جاڳائيندڙ اھو
شخص، جڏھن لفظن کي ڪوڏ، سپيون بڻائي شعرن جو روپ ڏئي ٿو تہ اھڙيون مالھائون جڙن ٿيون
جن کي پائڻ جون سڌون ھرڪو ڪري ٿو، سندس ساٿ جي مالھا رنگا رنگ آھي، ھن ڪڏھن بہ ڪنھن
کي گھٽ ڪرڻ نہ چاھيو آھي نہ ئي پاڻ ممبر تي چڙھي واعظ ڪيا آھن ۽ نہ ئي پنھنجو قد وڌائڻ
جي ڪوشش ڪئي آھي، ورنہ ھن دنيا۾ ڍينڍڙن جي فوج ۾ ڪمي ڪانھي جيڪي شھرتن جو ڍول ڳڄيءَ
۾ وجھي بادشاھي ھوڪا ڏيڻ ۾ مشھور ٿي پيا آھن، ۽ غلاميءَ جي سنگھر کي بہ مالھا
سمجھي رھيا آھن.
ھن بيت لکيا آھن،
وايون چيون آھن جيڪي ديس جا نقشا چٽا پيش ڪن ٿيون، ھن خوشامدي قصيدا ڪونہ لکيا آھن
۽ نہ ئي مير، پير جي ساراھ جا ڍڪ ڀريا آھن جو ڪنھن مھل موقعي تي ڪاڪڙي کي آڱر ھڻي
الٽي ڪرڻي پوي.
ھو چوڏھين جي چنڊ
جيان ھميشه چٽو ٿي بيھندو آھي، دل ۾ ڳالھ رکندو ڪونھي چئي ڏيندو آھي پوءِ ڀلي
درياءُ وھي وڃي. غلطي تسليم ڪيو، اعتراف ڪيو، ساڳئي جو ساڳيو، ور وڪڙ ٿيڻ ڪونہ ڄاڻي،
لڪي وار نہ ڪري نہ ئي سانڊي واريون ڦوڪون ڏئي، کيس باھ ٻارڻ ڪونہ اچي دکندڙ ٻنڍيءَ
تي پاڻي ھاري ڇڏي، ڀل دونھون سندس اکين مان پاڻي وھائي وجھي پر اف نہ ڪبي. ھٿ جو
سخي، دوستن اڳيان کيسو ٻاھر ڪڍي ابتو ڪري ڇڏبو پر ٻن آڱرن سان ڇڪي، ڳڻي ڪاغذ جا ٽڪرا
ٻاھر ڪونہ ڪڍندو نہ ئي کين ڌڪو ڏئي تري تائين پھچائيندو، سندس ھت جون تريون سڌيون
رھنديون. ھن ڪڏھن بہ ٻٽونءَ جي زپ کي پڪڙ سان بند نہ ڪيو آھي جو وقت اچڻ تي نہ
کلي.
۱۵ آگسٽ سندس جنم ڏينھن آھي، سکر جھڙي سخت شھر ۾ دل جو ڪونئرو ھي ماڻھو ادل
سومرو آھي، جنھن جي شخصيت جا کوڙ پاسا آھن، خدا ڪري ھو وڌئون وڌ ھجي، ڪوسو واءُ نہ
لڳيس، اسان جي مٿان سندس شفقت وارو ھٿ رھي، کيس جنم ڏينھن جون مبارڪون ھجن.
(ابراھيم کرل
جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۵ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي کنيل)
ادل سومرو
الفت حسين
سکر جي سُڃاڻپ
منهنجي ادبي دوست سائين ادل سومري کي ڪير نه سُڃاڻي، جنهن پنهنجي زندگي شاعريءَ
ادب ۽آرٽ سان گڏ گذاري آھي. يونيورسٽيءَ ۾ پڙھڻ دوران سائين ادل سومري مون کي همت
۽ حوصلي جا سبق پڙھايا۔ ڏکين وقتن ۽ حالتن مان نڪرڻ جو رستو ڏسي منهنجي رهنمائي ڪئي.
زماني جا حقيقي رنگ
سُڃاڻڻ جو هنر ڏنو
سندس ڪچهريءَ جا
منفرد انداز وڻندڙ آهن.
هڪ دفعي منهنجي
بابا سائين (تاج جويي) جي طبيعت ٺيڪ نه هجڻ ڪري، سائين ادل سومرو بابا سائين سان
ملڻ ۽ سندس طبيعت پُڇڻ بابا سائين جي گهر حيدرآباد آيا هئا۔
بابا سائين مون کي
به فون ڪري گهرايو. سائين ادل سومري اتي بابا سان ايترا ڀوڳ چرچا ڪيا جو بابا کان
پنهنجو بخار ئي وسري وي ۽ هو پنهنجا ٽهڪ روڪي نه سگهيو.
سائين سان ڪافي ڪچھريون
۽ پروگرامن ۾ ملاقاتون ٿيون آهن ۽ انهن ڪچهرين ۾ اسان کان پنهنجا ڏک وسري ويندا
آھن.
بابا سائين تاج
جويو اڪثر اُها ڳالھ چوندو رهندو آهي ته ادل سومري سان منهنجي جيتري هجت آهي ايتري
ڪنهن سان اهي۔ يا ادل به مون سان هجت ڪندو آهي ڀوڳ ڪندو آهي خوش رهندو آهي گھمندو
وتندو آهي۔ زندگي خوش ٿي گذاري ٿو. چوندو آھي؛ ”ادل سان منهنجي دوستي ستر پنجھتر
کان وٺي رهي آهي پر هن دوستيء ۾ ڪڏهن به دوکو ناهي ڪيو. “
مان هتي آغا سليم
جا اُهي لفظ لکڻ چاهينديس جيڪي سائين ادل سومري جي ڪتاب سمنڊ جاڳي ٿو جي بيڪ ٽائيٽل
تي لکيل آھن. ”ادل سومري جي شاعريءَ جھڙي، شاعري ڪرڻ جي حسرت اٿم. “ (آغا سليم)
هڪ ڏينهن بابا ڪچهري
ڪرڻ وقت مون کي چيو هي ڪتاب پڙهي ڏس۔ سائين ادل سومري جو اهو ڪتاب وساري نه ڇڏجو.
مون ٻه دفعا پڙهيو آهي. ان ڪتاب جي باري ۾ آئون سائين لڇمڻ ڪومل جا هي لفظ ضرور لکڻ
چاهيندس جيڪي منهنجي دل جي ترجماني ڪن ٿا. ”تنهنجي شاعريءَ جو مجموعو "وساري
نه ڇڏجو" ٻه ڀيرا پڙهيو اٿم. “
هڪ ڀيري ٻوليءَ جي
لئي جو لطف وٺڻ لاءِ، ٻيو ڀيرو سوچ جو سلسلو جوڙڻ لاء
اڄ سائين ادل سومري
جو جنم ڏينهن آھي سائين کي جنم ڏينهن جون ڪروڙين دلي واڌايون هجن. . . !!
بي وفائيءَ هو مون
کي ٻوڙي ڇڏيو
تار مان تنهنجي
بچايو پيار هو. (ادل سومرو)
(الفت حسين
جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۵ آگسٽ ۲۰۲۲ع تان رکيل/ کنيل)
ادل سومرو
دادا سنڌي
ادل سومرو جيڪو هر
سنڌي ٻار ۽ ٻڍي، جوان ۽ جهوني جو ادل آهي. هن صاحب، جنهن خلوص ۽ جذبي سان، سنڌي ٻاراڻي
ادب جي خدمت ڪئي آهي، سا ڪڏهن به وساري نه ٿي سگهجي. نظم ۽ سندس ٽي ڪتاب ۽ نثر ۾ ”
نئون نصاب “ پنهنجي انفراديت ۽ افاديت جي لحاظ کان، سنڌي ادب ۾ جداگانه حيثيت رکي ٿو.
(۸۷ – ۱ – ۲۸)
ادل جو لاڙو ٻاراڻي
ادب ڏانهن گهڻو آهي. گل ڦل ۾ سندس نئون نصاب هلندڙ آهي. ڏاڍو رقت انگيز ۽ اثرائتو
آهي. طنز ۽ مزاح سان گڏ ننڍن لاءِ نصيحت آميز به آهي. ٽوپي، جتي، تاج، جهوپڙي
وغيره پڙهي مونکي ابن انشاءَ جو ڪالم ۽ ڪرسي ياد اچي ويا. جيڪڏهن کيس مان سنڌي ٻاراڻي
ادب جو ابن انشاءَ سڏان ته غلط نه ٿيندو. ابن انشاءَ جو انداز تحرير به اهڙو آهي. ٻار
جو ذهن ۽ دل ڪنئرو ۽ نرم هوندو آهي. هي ٻار اڳتي هلي سٺا شهري بنجن، پنهنجن حقن
حاصل ڪرڻ سان منجهن فرض ادائي جو شعور جاڳي. پنهنجي لاءِ جيئڻ سان گڏ ٻين لاءِ جيئڻ
سکن ته ان لاءِ ادل جو هي نصاب ڪارگر اڃا شروعات آهي، پر سلو اهو جو انگورو ڀلو،
وانگر هي سلسلو مون کي ڏاڍو وڻي ٿو. تازو هن مهيني مون جهوپڙي پڙهيو. هي بيوس وري
جهوپڙي آيه، جنهن چيو هو ته ” الا جهريءَ م شال غريبن جي جهوپڙي“. پر هن جهوپڙي تي
ادل پنهنجن پوءِ پراون بلڊوز گهمايا. غريب ۽ مسڪين مارن جي مٿي لڪائڻ جي جاءِ به
کسي وڃي ويئي. اسان جو معاشرو جاگيردارانه آهي ۽ اڄ جي ٻار کي اهڙي سکيا ڏيڻي آهي.
جيئن هو سرمائيدارانه نظام کان نفرت ڪري. جيستائين اسان هن استحصالي ۽ پرماريت
واري نظام کي کوکلو نه ڪنداسين تيستائين اسان هن استحصالي مان نڪري پنهنجي نئين
نسل لاءِ صحتمند معاشرو قائم نه ڪري سگهندا سين. ادل جي نصاب جو تاڃي پيٽو اهو
آهي. ڀ ڀت، ج جتي ۾ هن طرف اشارو ڏنل آهي. بهر حال مان هن تي ضرور لکندس. ( ۱۹۷۷ع )
No comments:
راءِ ڏيندا