; سنڌي شخصيتون: عبدالڪريم بلوچ هاشم شورو

23 August, 2015

عبدالڪريم بلوچ هاشم شورو

عبدالڪريم بلوچ
هاشم شورو
عبدالڪريم بلوچ (مرحوم) کي مرحوم لکندي الائي ڇو منهنجو قلم اهو تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهي تہ عبدالڪريم بلوچ صاحب اسان کان وڇڙي ويو آهي. اسين ڪوٽڙيءَ وارا خوش قسمت آهيون جو اسان وٽ علم ادب ۽ عرفان جا خزانہ آهن جن ۾ سائين عبدالڪريم بلوچ، عبداللطيف ساقي، عبدالله ڊي بلوچ، علي بابا، هارون رند، چاچا غلام رسول بلوچ، ملڪ سڪندر، اسير ملاح، شهيد سومرو محمد بخش سومرو قادربخش مٺو ۽ ٻيا انيڪ ماڻڪ موتي لعل ڪوٽڙيءَ ۾ پئدا ٿيا ، جن پنهنجي ڪوٽڙيءَ جي ماڻهن جي بي لوث خدمت ڪئي عزت ۽ نالو ڪمايو.
عبدالڪريم بلوچ جا وڏا بلوچستان جي علائقي ڀاڳناڙيءَ کان لڏي ڪوٽڙيءَ ۾ پنهنجو ڳوٺ يوسف بلوچ اڏي اچي آباد ٿيا.۽ عبدالڪريم بلوچ صاحب 1938 ۾ ڪراچي جي بغداديءَ ۾ پئدا ٿيو.
عبدالڪريم بلوچ هڪ باڪردار ۽ انتهائي شريف النفس شخصيت جو مالڪ هو، پنج وقت نمازي هو، سٺو ڊرامہ نگار ۽ ڪهاڻيڪار هو، بلوچ صاحب سنڌي ساز چنگ ڏاڍي مهارت سان وڄائيندو هو. بلوچ صاحب جي هڪڙي ڳاله جيڪا مونکي ڏاڍي وڻندي هئي اها تہ پاڻ ڪٿي بہ هجن پر عيد ڪوٽڙيءَ ۾ ضرور ڪندا هئا، ۽ پنهنجي ننڍي هوندي جي دوستن سان عيد ملڻ پاڻ هنن جي گهر ويندا هئا، اها انهن جي وڏي خوبي هوندي هئي.
عبدالڪريم بلوچ جو وڏو ڀاءُ عبدالطيف ساقي، جيڪو پاڪستان جي فلم انڊسٽريءَ جو معتبر نالو هو، هن جي ڪريڊٽ تي تمام گهڻيون پاڪستاني فلمون آهن، هن هڪ هاليوڊ جي تنهن وقت جي مشهور فلم ڀاواني جنڪشن ۾ به ڪم ڪيو هئو. عبدالڪريم بلوچ شيردل هاءِ اسڪول ڪوٽڙيءَ مان مئٽرڪ ڪئي۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۾ ماسٽرس ڪئي. 1955ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. جهونن کي ياد هوندو ته ريڊيوتي هڪ مشهور پروگرام هوندو هو جنهن کي پوري سنڌ وڏي شوق ۽ ذوق سان ٻڌندي هئي ۽ اهو پروگرام آهي “فتح خان جي ڪچهري” ان ۾ ريڊيو جو ليجيند فنڪار صداڪار سائين صالح محمد شاه مرحوم فتح خان جو ڪردار ادا ڪندو هو ۽ سائين عبدالڪريم بلوچ ڳنور خان جو ڪردار ڪندا هئا. ريڊيو تي ڊراما به ڪندا هئا . ٻارن جي مشهور پروگرام “ٻارن جي ٻاري” پروگرام ۾ ما ما ملوڪ جو ڪردار ڪندا هئا. ان ۾ ٻارن کي آکاڻي ٻڌائيندا هئا ۽ جانورن جا آواز به ڪڍندا هئا.۽ پوءِ کين ريڊيو تي ئي پروڊيوسر جي نوڪري ملي، جنهن ۾ پاڻ ڪافي نالو۽ عزت ڪمائي. 1966ع ۾ بلوچ صاحب پي ٽي ويءَ تي پروڊيوسر اپائينٽ ٿيا. هي پي ٽي ويءَ جو اوائلي دور هو ۽ سنڌي پروگرام هفتي ۾ صرف اڌ ڪلاڪ هلندو هو ۽ غير سنڌي پروڊيوسر ۽ فنڪار هوندا هئا جيڪي اچار صحيح ڪڍي نہ سگهندا هئا، بلوچ صاحب پي ٽي ويءَ تي اچڻ سان پاڻ سان گڏ ريڊيو جا سنڌي فنڪار ڳولهي ڳولهي وٺي آيو ۽ انهن کان سنڌي پروگرام ڪرايائين . جيئين سليمان شاه، علڻ فقير، نور محمد لاشاري، شفيع محمد شاه انور سولنگي، گلاب چانديو ۽ ٻيا ڪافي فنڪار متعارف ڪرايائين، اڄ جيترا به سنڌي فنڪار توهان ڏسو ٿا سي سڀ بلوچ صاحب جا متعارف ڪرايل آهن.
اهڙيءَ طرح بلوچ صاحب پي ٽي ويءَ تي سنڌي ماڻهن کي تمام گهڻيون ملازمتون ڏنيون جيڪي اڄ بہ بلوچ صاحب کي دعائون ڏين ٿا. هارون رند پي ٽي ويءَ تي سنڌي ڊرامي جو هڪ وڏو نالو آهي، جيڪو سندن ڀاڻيجو هو، جنهن علي بابا جو بين القوامي شهريت حاصل ڪندڙ ڊرامو(دنگيءَ منجه دريا) جنهن کي جرمنيءَ ۾ عالمي شهريت ملي ۽ پوري دنيا ۾ ٽيو نمبر وڏو ايوارڊ ماڻيو، ۽ هن جي ڪريڊٽ تي ڪافي بهترين ڊراما آهن پر هارون سان زندگي وفا ڪانه ڪئي. اهڙيءَ طرح ڪوٽڙيءَ جو هڪ ٻيو نالو نظير چنا کي بہ پاڻ اڳيان آندائون. سنڌي ٻوليءَ جو سرموڙ ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نگار علي بابا کي بہ سائين بلوچ صاحب پي ٽي ويءَ لاءِ لکرايو ۽ اهڙا تہ شاهڪار ڊراما لکيا آهن جو وسرن ئي نٿا. اسانجي ڪوٽڙيءَ جي سنڌي ادبي سنگت جي سابق سيڪريٽري نوجوان شاعر ڪهاڻيڪار ۽ بهترين ڊراما نگار اختر رند کي بہ پي ٽي ويءَ تي متعارف ڪرايو ۽ سندن تربيت بہ ڪئي، جنهن جو اعتراف اختر هر ڪچهريءَ ۾ ڪندو رهندو آهي.
هڪ دفعي بلوچ صاحب شاه لطيف لائبروريءَ ۾ آيو (جنهن جو مان انچارج هئس) ۽ لائبروري کولڻ تي اسانجي ڏاڍي تعريف ڪئي ۽ حوصلہ افزائي ڪئي. مون سائينءَ کي موقعي مان فائدو کڻندي چيو سائين مان پي ٽي ويءَ تي پروڊيوسر ٿيڻ چاهيان ٿو. پاڻ پڇائون “ڪيترو پڙهيل آهين”
چيم؛ ”سائين ايم اي سنڌي ادب ۾ آهيان.“
چيائون؛ ”زبردست توهان وٽ اخبارون اينديون آهن، باقائيدگيءَ سان ڏسندا رهجو جيئين ئي اسسٽنٽ پروڊيوسر جي ايڊ اچي اپلائي ڪري مونکي اطلاع ضرور ڪجو. ۽ ٻين دوستن کي بہ ٻڌائجو جيڪي ماسٽرز آهن. ”ڪجھ ڏينهن بعد اخبار ۾ اسسٽنٽ پروڊيوسر جون جايون آيون مون اپلائي ڪري ڇڏيو ۽ سائينءَ بہ نياپو موڪليو تہ پي ٽي ويءَ ۾ اسسٽنٽ پروڊيوسر جون جايون آيون آهن اپلائي ڪري ڇڏيو. وري ڪجه ڏينهن ۾ رٽن ٽيسٽ لاءِ وڃڻ ٿيو. هڪ ڏينهن پهرين مان سائينءَ سان سندن آفيس ۾ مليس ڏاڍو خوش ٿيا ۽ ڪجه ٽپس ڏنائون، ٻئي ڏينهن ٽيسٽ تي پاڻ آيا ۽ مون وٽ اچي چيائين جيڪو نہ اچي مونکان پڇي وٺ ۽ ڪجه اهم شيون ٻڌائي هليا ويا. مان ٽيسٽ ۾ ڪامياب ٿيس، وري انٽرويو جي ڪال آئي ويس ۽ بلوچ صاحب سان مليس چيائين صحيح صحيح جواب ڏجان هيڊ ڪوارٽر مان مينيجنگ ڊائريڪٽر آيل آهي اهو انٽرويو ڪندو. انٽرويو ٿيو مان ڏاڍو پر اميد هئس، مونکي فيل ڪري ڇڏيائون ۽ دادوءَ مان هڪ ٻيو سليڪٽ ٿي ويو، پوءِ خبر پئي تہ تنهن وقت جي منسٽر ظفرالله جماليءَ جي سفارش تي همراه ضلع دادوءَ جي سيٽ تي کڄي ويو. خير جيڪو ٿيو سو خوب ٿيو، ان تي مونکي ڏک ناهي، پر مونکي ان ڳاله جي خوشي ۽ فخر آهي ته بلوچ صاحب پوري سچائيءَ سان منهنجي مدد ڪئي .
گھڻن ماڻهن کي شايد اها خبر نه هجي ته پي ٽي ويءَ جو جڳ مشهور پروگرام جيڪو اڄ به جاري آهي “نيلام گهر” عبدالڪريم بلوچ جي آئيڊيا هئي. پاڻ هڪ دفعي ڪچهري ڪندي چيائين تہ صدر ڪراچيءَ ۾ گهمندي مونکي ماڻهن جو هڪ ميڙ نظر آيو، ويجهو وڃي ڏٺم تہ هڪ ماڻهو ٽيپ، واچون، ريڊيا، ڪئميرائون ۽ ٻيون شيون نيلام ڪري رهيو هيو، منهنجي ذهن ۾ آيو تہ اسين بہ ڪو اهڙو پروگرام ڪريون جنهن ۾ ماڻهو سوالن جي جواب عيوض اهڙيون شيون گهر کڻي وڃن. مون اهو آئڊيو هيڊڪوارٽر ۾ ڊسڪس ڪيو، هنن چيو آئڊيو تہ بهترين آهي پر شيون پي ٽي وي ڪون ڏئي سگهندي، ان جو ذمو مون کنيو ۽ ڪراچيءَ جي واپارين سان ميٽنگ ڪئي هنن کي سمجهايو تہ توهين هوئن بہ اشتهار تہ ڏيو ٿا انهن جا پئسا بہ ڏيو ٿا هي بہ هڪ اسپانسر شپ آهي توهان هن ۾ وڏو فائدو آهي توهان جي وڏي سيل ٿيندي ، واپارين کي ڳاله سمجه ۾ آئي ۽ انهن ها ڪئي. هاڻي ٻيو مرحلو هو ڪمپيئر جو جيڪو اسان انٽرويو ڪرايا ڪافي ماڻهن انهن ۾ حصو ورتو پر مان ڪنهن مان مطئمن نہ ٿيس، تن ڏينهن طارق عزيز ڪراچي آيل هو، پي ٽي ويءَ تي آيو هو. مونسان ملاقات ٿيس تہ مون هن کي نيلام گهر جي ميزبان لاءِ چيو جنهن منهنجي آئڊيا ٻڌي ۽ تيار ٿي ويو. ۽ اهڙي طرح نيلام گهر پي ٽي ويءَ کي ڪروڙن روپين جو فائدو ڏنو ۽ طارق عزيز بہ بلوچ صاحب جي دريافت آهي.
عبدالڪريم بلوچ جي دوستيءَ جو حلقو تمام وسيع هو، جنهن ۾ گهڻو ڪري ادبي شخصيتون هونديون هيون، هنن جي بيٺڪ گهڻو ڪري ايلفي اسٽريٽ هاڻي جي (زيب النساءِ اسٽريٽ) تي حميد ڪاشميري جي بڪ اسٽال تي يا ايلفي هوٽل تي جن ۾ پير حسام الدين راشدي، امر جليل، قمر شهباز، شمشيرالحيدري، اقبال جتوئي، نظير چنا،سان گڏ ڪچهريون ٿينديون هئن، ڪڏهن ڪڏهن عبيدالله عليم ۽ جون ايليا ۽ ٻيا اردوءَ جا اديب بہ ايندا هئا ۽ اتي ادبي ڪچهريءَ کان سواءِ ڊرامہ جون ڪهاڻيون ۽ انهن ڊرامن جا مشهور ڪردار بہ ايندا هئا، بلوچ صاحب غريبن ۽ اميرن جو مشترڪہ دوست هو. بلوچ صاحب جا جتي مرد حضرات دوست هوندا هئا ۽ اتي عورتون بہ دوست هونديون هيون جن ۾ سلطانہ صديقي، مهتاب اڪبر راشدي، ميڪ اپ آرٽسٽ ليليٰ رضا، حسينہ معين، منينزه بصير شامل هيون ۽ پي ٽي ويءَ مان قاسم جلالي، حيدرامام رضوي، ڪنور آفتاب، بيدل مسرور وغيره ۽ ٻيا.
عبدالڪريم بلوچ صاحب پي ٽي ويءَ تي 1966ع ۾ پروڊيوسر ٿيو ۽ ترقي ڪري 1973 ۾ پروگرام مئنيجر ٿيو۽ پوءَ جنرل مئنيجر جي عهدي تي ترقي ورتائون ۽ پوءِ اسلام آباد هيڊ ڪوارٽر ۾ ترقي ڪري ڊائريڪٽر پروگرامس جهڙي وڏي عهدي تان 1999ع تي ريٽائر ڪيائون۽ 2007 ۾ تنهن وقت جي صدر جنرل پرويزمشرف بيسٽ پرفارمنس جو ايوارڊ ڏنو .هيڏن وڏن عهدن تان ريٽائر ٿيڻ کان پوءَ بہ هن وٽ ڪجه بہ نہ هو. پاڻ باڪردار انسان هئا صاف هٿن سان ويا ۽ صاف هٿن سان عزت سان ريٽائرڊ ٿيا. ريٽائرمينٽ کان پوءِ ڳوٺ جي عوام جي بي حد اصرار تي يو سي نانگولائين 2 تي ناظم چونڊيا ، پر جلدي ئي هنن کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿي ويو ڪوئلن جي دلاليءَ ۾ هنن پنهنجا هٿ ڪارا ڪرڻ نٿي چاهيا ۽ اتان بہ استعفيٰ ڏئي ڇڏي 06 آگسٽ 2008 ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا.

بشڪريه مُحمد سُليمان وساڻ (سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام)

No comments:

راءِ ڏيندا