; سنڌي شخصيتون: شري موتي پرڪاش- نور سنڌي

09 August, 2015

شري موتي پرڪاش- نور سنڌي

شري موتي پرڪاش
جوت جلائڻ وارو
نور سنڌي
اڃا ڪاڪا لڇمڻ ڪومل، ڪاڪا ڪيرت ٻاٻاڻي جي وڇوڙي تي هند سنڌ جي علمي، ادبي، ساڃاهه وند ڌرين جا نيڻ آلا آهن. هنن عظيم سنڌ ڄاون شخصيتن جي لاڏاڻي تي گهاوَ تازا آهن ته وري اوچتو سنڌيت جي جوت جاڳائڻ وارو ”آنڌي ۾ جوت جاڳائڻ وارا سنڌي“ جهڙن خوبصورت گيتن جو سرجڻهار مشهور شاعر، اديب، ليکڪ، ڊراما نويس، تعليمدان، نقاد، شري موتي پرڪاش به لکين چاهيندڙن کي ڇڏي ڏور اتي هليو ويو آهي، جتي ويندڙ وري نه موٽندا آهن.


موتي واقعي ۾ به سنڌي ٻولي جو خوبصورت موتي هو، پارس هو. موتي پرڪاش ۱۸ مئي ۱۹۳۱ع تي سنڌ جي تاريخي ضلعي ٺٽي جي دڙو شهر ۾ هڪ پوسٽ ماسٽر سنگراس جي گهر ۾ جنم ورتو. سنڌي تعليم ۽ انگريز تعليم پهرين دڙو، بعد ۾ جاتي ۾ حاصل ڪئي. شاگردي دور ۾ شاعري جي ڪتابن پڙهڻ جي شوق کيس شاعري ڪرڻ جو شوق جاڳايو ۽ هن ٻارن لاءِ گيت شروع ڪيا، جيڪي ان دور ۾ ادبي رسالن خاص طور ٻارڙن جي رسالن ۾ شايع ٿيڻ لڳا. جنهن ۾ گلستان رسالي جي هر شماري ۾ سندس شاعري شايع ٿي، جيڪا وڏن ۽ ٻارن ۾ هڪ ئي وقت پسند ڪئي ويندي هئي. بعد ۾ پاڻ ٻارن ۾ ادب جو شوق جاڳائڻ لاءِ ٻال سنديش جي نالي سان رسالو ڪڍڻ شروع ڪيو. ملڪ جي ورهاڱي بعد هندو- مسلم فسادن سان پيدا ٿيل خوف هراس ۾ هن جي خاندان به نه چاهيندي، روئيندي سنڌ ماتا جي ڌرتي کي الوداع چئي لڏپلاڻ ڪري انڊيا پهتا. جتي احمدآباد ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ اتي هن بي اي آنرس، بي ايڊ جا امتحان پاس ڪيا ۽ ماستر ٿيو. ان سان گڏ آل انڊيا ريڊيو سروس جي سنڌي سروس ۾ ڪم شروع ڪيو. ۸۱ع ۾ بمبئي يونيورسٽي مان ”سنڌي شاعريءَ ۾ عورت جو عڪس، موضوع تي پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي، پاڻ مختلف تعليمي ادارن ۾ پرنسيپل رهيو. پاڻ ۲۵ سال تعليمي ادارن ۾ تعليمي خدمتون سرانجام ڏيڻ بعد رٽائرڊ ٿيو، ان بعد انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي آديپور ڪڇ جو ڊائريڪٽر رهيو. جڏهن سنڌي هندو اباڻي ڌرتي کي ڇڏي اوپري ڌرتي انڊيا جي مختلف علائقن ۾ پهتا ته هڪ عذاب ۾ ورتل هئا. نئون ماحول، بک، بيروزگاري ۽ ٻيا ڪيترا ئي مسئلا درپيش هئا. سنڌي هندن جي درد کي شدت سان محسوس ڪندي سنڌي شاعر، اديب، نقاد جاڳيا ۽ اهو سوچي سنڌين کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري بنيادي مسئلن تي جدوجهد شروع ڪئي وئي ته جي ائين نه ڪيوسين ته اسين تباهه برباد ٿي وينداسين. ان ڪري مايوسي واري ماحول مان نڪرڻ لاءِ ترقي پسند ادب کي وڌائڻ جي ضرورت، شدت سان محسوس ڪئي وئي ۽ ان ۾ جن اديبن، شاعرن ڪردار ادا ڪيو، انهن ۾ موتي پرڪاش اڳيان اڳيان هو. ان حوالي سان پارڪن، روڊن رستن تي گڏجاڻين بعد نئون ساهت منڊل جو بنياد وڌو ويو، بعد ۾ ان کي سنڌي ساهت منڊل نالو ڏنو ويو. موتي پرڪاش ۽ ٻين دوستن جي ڪوشش سان سنڌ مان هنن پاران نئين دنيا مئگزين جيڪو شايع ٿيندو هو، ان جو انڊيا ۾ ٻيهر اجراءُ ڪيو ويو، جيڪو اتان جو مقبول ترين رسالو بڻيو، ان ۾ ترقي پسند ادب ذريعي سنڌين ۾ نه صرف سندن مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪيون ويون، پر اتي سنڌيت، سنڌي ٻولي، سنڌي ادب، ثقافت ڪلا کي بچائڻ لاءِ اتساهه پيدا ٿيو، انڊيا ۾ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي قرار ڏيارڻ لاءِ موتي پرڪاش جون به اڻ ٿڪ ڪوششون شامل رهيون، جڏهن ڪجهه اديبن سنڌي ٻولي بجاءِ ديوناگري ٻولي آڻڻ لاءِ سازشون ڪيون ته ان خلاف هر محاذ تي مخالفت ڪندي سنڌي ٻولي کي بچائڻ لاءِ موتي پرڪاش اڳيان رهيو ۽ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ ۾ ڪامياب ٿيا. سنڌي ادب، ثقافت، ڪلا، ٻولي کي بچائڻ ۽ قائم رکڻ لاءِ ڊگهي جدوجهد ڪئي، جنهن ۾ سڄي انڊيا ۾ ڪافلو ويو ۽ سنڌين ۾ ان حوالي سان سجاڳي آندي. پاڻ هر دلعزيز شخصيت، سادگي پسند، سچو، کرو، ميٺاج واري طبيعت وارو هو. کيس جيترو تعليم تي دسترس هو، ايترو ئي شاعري ۽ نثر تي عبور حاصل هوس. هن لاءِ انڊيا جي ادبي حلقي ۾ مشهور رهيو ته موتي عاشق مزاج شاعر آهي، پر هن هر موضوع تي شاندار شاعري ڪئي آهي. بقول پرڀو وفا جي ته موتي پرڪاش ساهته جي هر صنف کي نوازيو آهي. انڊيا جي سنڌي ادبي کيتر ۾ به سندس الڳ حيثيت هئي، کيس ورهاڱي کانپوءِ جيڪا ترقي پسند ساهت جي لهر هند ۾ هلي، ان ۾ کيس پهريون ڪوتا ڌڻي مڃيو وڃي ٿو. بقول سندس ساٿي ارجن حاسد جي ته تخليق کي انساني سماج کي بدلائڻ ۽ سنڌ پرستي لاءِ موتي ڀرپور ڪردار ادا ڪيو.
موتي پرڪاش سنڌي ساهت منڊل، اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهته سڀا، مهاراشٽر اسٽيٽ ٽيڪس بوڪ پراڊڪشن جي پهرين کان ۹ درجي تائين درسي ڪتابن جوڙڻ واري ڪاميٽي، ايڊيٽر ٽيڪسٽ بوڪ ”۱۱ ۽ ۱۲ ڪلاس“ ڪائونسل سي بي ايس اي گلف ۽ ٻين ادارن ۾ به چيئرمين، سيڪريٽري ۽ ميمبر طور شاندار خدمتون سرانجام ڏنيون. موتي پرڪاش ۵۴ع ۾ مشهور ليکڪه ڪلاپرڪاش سان پرڻو ڪيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ’آءُ ته چوريان چنگ‘ ”شاعري“ ’انڌيرو اجالو‘ ”ناول“ ’وقت ۽ ويچار‘ ”مضمون“ جيءَ اندر جهاتي، گلڙن جا گيت ”ٻارن لاءِ“ رات هڪ طوفان جي ”ناٽڪ“ دل جون ڳالهيون ”يادگيريون“ ادبي گل، پردي پويان پردي اڳيان، تنهنجي گلي جون ڳالهيون ”شاعري“ گومي بائي جو سنسار ”ننڍا ناٽڪ“ سنڌي شاعري ۾ استري چٽ ”پي ايڇ ڊي جي ٿيسز“ چڻنگ وچ چولي ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب شامل آهن. سندس سنڌي ادب، فن، ثقافت، ٻولي، تعليمي ۽ خدمتن جي پيش نظر مڃتا طور کيس ڪافي ايوارڊ، ٽرافيون، روڪ انعام مليا، جن ۾ ٻين کانسواءِ آل انڊيا ريڊيو سروس تي بهترين قومي نغمن جي مقابلي ۾ پهريون انعام، ٻارن جي شاعري گلڙن جا گيت ڪتاب تي بهترين ٻالڪ ڪوي جو ايڊيوڪيشن منسٽري پاران انعام، ادب ڪلچر جي ميدان ۾ اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا پاران ۲۰ هزار روڪ انعام، مرڪزي ساهته اڪيڊميءَ پاران سنڌ ايوارڊ ۲۰ هزار روڪ انعام، سي سانڍيم ساهه سين، سفرنامي تي انعام، تعليمي خدمتن تي نيشنل ايوارڊ، ادبي خدمتن تي پروفيسر رام پنجواڻي ڪلچرل ۽ لٽرري سينٽر پاران انعام، سهيوڳ فائونڊيشن پاران نارائڻ شيام ايوارڊ ۽ روڪ انعام، آل انڊيا ريڊيو لاءِ لکيل فيچرن، ناٽڪن تي انعام به شامل آهن.
سنڌ هند جو هي نامور شاعر، اديب، نقاد، ناٽڪ نويس، سماج سڌارڪ، تعليمي شخصيت ڊاڪٽر موتي پرڪاش ۴ آگسٽ ۲۰۱۵ع اربع ڏينهن اسان کان وڇڙي ويو. هميشه لاءِ اڄ جتي ڀارت جا سنڌي سندس چولو مٽائڻ تي غم ۾ ورتل آهي، اهڙي ريت سنڌ جو علمي، ادبي، ثقافتي ۽ ساڃاهه وند حلقن ۾ به ڏک جي لهر ڇانيل آهي. سنڌ وارا به سندس لاڏاڻي تي سوڳوار بڻيل آهن. ظاهري طور تي انڊيا جي احمدآباد ۾ سندس لاڏاڻي تي تڏو وڇايو ويو آهي. موتي اڄ اسان جي وچ ۾ نه آهي، پر سندس ڳالهيون، ڀلايون، لکڻيون، خاص طور سنڌيت جي جوت جلائڻ واريون ڪوششون صدين تائين ياد رهنديون.



موتي پرڪاش
مٽيءَ کي سون بنائڻ وارو سنڌي
جمع ۰۷ آگسٽ ۲۰۱۵ع
نصير مرزا
موتي صاحب کي مون ڏٺو...جي ها! موتي پرڪاش کي، جهڙو اڇو اجرو رابيل جو گُل. تڏهن سنڌ ۾ آمد وقت مون هن کان فرمائش ڪري شيخ اياز صاحب جا هي شبد ڳارائي رڪارڊ ڪيا. ”رابيل رُت مايا نگر، تنهنجي ڳليءَ جون ڳالهڙيون.“ هونئن اهڙو اطلاع ڪلا ديديءَ ئي ته مون کي ڏنو هو. بابا! هي جيڪو موتيءَ اٿئي نه، ان کي هر وقت گُنگنائڻ جي عادت اٿئي، بس صبح و شام ۽ هر وقت جهونگار جهونگار، جنهن سبب مون کي احساس رهندو آهي ته منهنجي زندگي هڪ شاعر سان گڏ پئي گذري. اڇا! هتي موتي صاحب کي آلين اکين سان ياد ڪندي ديدي ڪلا پرڪاش کي آئون ڪيئن وساريان. پرڏيهي ادب ۾ پڙهيو هئم ته: ”فلاسافر سارتر ۽ ان جي لائيف پارٽنر سائمن ڊيبوا يا پنجابي ليکڪا امرتا پريتم ۽ امروز يا سنڌ ۾ جيئن علامه آءِ آءِ قاضي ۽ امڙ ايلسا هڪ ٻئي سان ٽچ بٽڻ... ايئن ئي هند جي سنڌي ادب ۾ وري هي ديدي ڪلا ۽ موتي پرڪاش. بظاهر ته زال مڙس، پر هڪ ٻئي سان ڳالهايائون ٿي ته لڳو پئي، جهڙا هڪ ٻئي جا عاشق معشوق. هاڻي هتي هي به آگاهه ٿيو ته ڪلا ديدي حيدرآباد جِي مٽي ته موتي صاحب دڙي شهر جو. عجب اتفاق! ٻنهي جي شهرن وچ ۾ واهه به ساڳيو، يعني ”پڃاري.“ اڙي واهه! آئون به ته ان ئي واهه پڃاريءَ جي ڪناري سان نپجي پلجي وڏو ٿيو آهيان، ۽ مون به ڪلا ۽ موتيءَ وانگر ان ئي واهه جو پاڻي پيتو ۽ پَڪل پوک کائي جواڻ جماڻ ٿيو هوس. هتي مون کي موتي صاحب سان پنهنجي پيار جو اظهار بلاشڪ ته ڪرڻو ئي آهي، پر معلوم رهي ته موتيءَ وانگر ديدي ڪلا پرڪاش به ڪا گهٽ ڪيليبر جي ليکڪا ناهي. ٻُڌي...پڙهي وٺو ته سنڌيءَ ۾ ڪيترن ئي جديد شاعرن ڏاڍا سٺا سٺا نثري نظم لکيا آهن، پر ڪلا ديديءَ جي نثري نظمن جو ڪتاب ”ممتا جون لهرون“ سنڌيءَ ۾ لکيل انهن سڀني نثري نظمن جي سِرَ جو تاج سمجهو... باباءِ تاج. ايئن ئي بلاشڪ ته ساڻيهه وطن سنڌ بابت حيدر بخش جتوئيءَ ”جيئي سنڌ... جيئي سنڌ“ ۽ شيخ اياز ”سنڌڙيءَ تي سِر ڪير نه ڏيندو“ جهڙا زبردست سنڌ وطن بابت گيت لکيا آهن، پر سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي سُپرميسي ڏيکاريندڙ سنڌيءَ جو لاڏلو ساڻيهه گيت موتي پرڪاش ئي اسان کي لکي ڏيکاريو آهي، ڪهڙو گيت، اجهو هي:
مٽيءَ کي سون بنائڻ وارا سنڌي،
سنڌيءَ سان نِينهُن نڀائڻ وارا سنڌي
برپٽَ کي باغ بنائڻ وارا سنڌي
هي ڪُڏندي ڪنڌ ڪپائڻ وارا سنڌي
...۽ منهنجي ڪيڏي خوشنصيبي، جو هن ديدي ڪلا ۽ موتي صاحب سان منهنجي والهانا خط و ڪتابت به رهي آهي. ڪلا صاحبه جي ته هڪڙي ناول ”اوکا پنڌ پيار جا“ جو بيڪ ٽائيٽل منهنجي دوست موهن مدهوش مون کان ئي لکرايو هو، جنهن کي پڙهي ديدي ڪلا ”نينهن جي مينهن سان ڀرپور“ وسڪاري جهڙو ۽ والهانه محبت ڀريو خط مون کي لکيو هو. سچ ٿو چوان ڪلا آپا ۽ موتي صاحب جا اِهي خط، گذاري ويندس ته وصيت ڪندو ويندس ته، ”جيئن ڪلوپيٽرا جي قبر ۾ مينديءَ جا پن رکيا ويا هئا، مون سان گڏ وري ڪلا ۽ موتي صاحب جا اِهي خط لحد ۾ رکيا وڃن.“ هي اجهو ڏهاڪو کن سال ئي ته ٿيا هوندا، جو موتي صاحب سنڌ ياترا تي حيدرآباد ۽ ڪراچي پهتا هئا. اڇا وار، پر چهرو جهڙو گلاب جو گُل. اڙي هان! هي توهان جا وار سڀ اڇا ڪيئن؟ تڏهن ياد پيم، ديدي ڪلا هڪ جاءِ تي لکيو هو: ”ڪرلا ريلوي اسٽيشن تان ڪي شاهينگ سندس نور چشم شريڪانت (صدف) کي اغوا جو ڪري ويا ته ان صدمي ۾ هڪ ئي رات اندر موتيءَ جا وار پاڙن کان اڇا ٿي ويا هئا.“
خير مون ڳالهه پئي ڪئي ۲۰۰۴ع جي، جڏهن موتي صاحب حيدرآباد آيا هئا ته کين اوچتو هارٽ اٽيڪ جو جهٽڪو آيو، پاڻ ان وقت ڪمپليٽ سوٽ ۾ مون کي پگهريل پگهريل نظر آيا، پر پوءِ جڏهن سنڌو درياهه جي پَوَتر جل جا ڇَنڊا سندن چهري تي هنيا ويا ته اِهي ئي موتي صاحب  جهٽ ۾ نوبنا ٿي ويا هئا. سڀني لکيو آهي ته، ”موتي صاحب جهونگاري شعر لکڻ وارن شاعرن مان هڪ هو.“ سِپون رسالي جي مشهور سمپادڪ ٺاڪر چاولا لکيو آهي ته: ”موتيءَ جي ته امڙ به واهه جو سُر ۾  ڳائيندي هئي.“ ورهاڱي جڏهن...ننڍي کنڊ جو ڌڙ...سِسئي کان ڌار ڪيو ته دڙي جي اُها سريلي امڙ ۽ هي موتي لال، بمبئي ۾ ”ري“ نالي واري روڊ تي وڃي رهيا هئا. هري دلگير لکيو آهي: ”شاعري موتيءَ جي سڀاءُ ۾ هئي.“ پوءِ پروفيسر ايم يو ملڪاڻيءَ جهڙي استاد جي رهنمائيءَ ۾ هن ادب ۾ باقاعده پير پاتو ۽ ابتدائي دور ۾ جيڪي افسانه لکيا، انهن جا عنوان هئا: ڀڳت مولو...زيني...ماستر ديا رام...ايئن هن جو ڦوهه جوانيءَ ۾ سندس پهريون شعري مجموعو شايع ٿيو. ”آءُ ته چوريون چنگ“، ٻيو مجموعو ”چڻنگ وچ چولي“... ناول ”انڌيرو اجالو“... موتي صاحب جي اندر ۾ ڇاڪاڻ ته هڪڙو آرٽسٽ به لڪل هو، جنهن سبب هن آل انڊيا ريڊيو کي جوائن ڪيو. ڪجهه سنڌي فلمون لکيون، جيئن مثال طور ”رات هڪ طوفان جي“... ”نقلي شان“... ”اڃان ته مان ننڍڙي آهيان“... ڀارت ۾ رهندي ئي هن ديدي ڪلا سان پيار جو پرڻو ڪيو ۽ نتيجي ۾ ”شريڪانت صدف“ جهڙو خوبصورت شاعر ۽ نياڻي ”سنڌو“ دنيا ۾ آيا. موتي صاحب ۱۹۸۶ع ۾ سنڌ ياترا تي آيو ۽ هتان موٽي وڃي، جيڪو هي سفرنامو لکيائون، ”سي سڀ سانڍيم ساهه سين“ جنهن تي کيس ساهتيه اڪيڊمي ايوارڊ پڻ مليو. تڏهن ايوارڊ وٺڻ وقت تقرير ۾ هي ڏسو ڇا ته پاڻ ڳالهايو اٿس: ”ڀارت واسيو! آئون هڪ شاهڪار ٻوليءَ ۽ موهن جي دڙي واري سڀيتا جو وارث آهيان.“ ۽ پوءِ اهڙي تقرير جي آخر ۾ چيائين: ”دنيا وارؤ! منهنجي ٻولي ”سنڌيءَ“ کي جيئڻ ڏيو، جيئن مان هڪ فخرمند انسان بڻجي مري سگهان.“ موتي صاحب دبئيءَ ۾ سالن جا سال انڊين اسڪول جو ڊائريڪٽر پڻ رهيو. جتي هن ٻيو ته گهڻو ئي تخليقي ڪم ڪيو، پر شاهه لطيف جي ستن سورمين بابت هڪڙي ئي گيت ۾ جيڪو شاهڪار ٽيبلو لکيو، ان جي اڄ به هند سنڌ ۾ وڏي هاڪ ۽ ڌوم ٻُڌجي ٿي. موتي صاحب پنهنجي سنڌ ياترا واري سفرنامي ۾ لکيو آهي: ”دڙي واري منهنجي اسڪول جي ميدان ۾ هڪ گدامڙيءَ جو وڻ هوندو هو، تڏهن مون هڪ ڀيرو ڪنهن بهاني دڙي پهچي گدامڙي جي ان وڻ کي ڏاڍو ڳوليو، سوچيو هئم، ان جو فوٽو ڪڍي، موتي صاحب ڏي تحفو ڪري موڪليندس، پر افسوس!  نه سهو ماڻهن...هنن ڌرتيءَ ڄاون کي ئي ڪو نه هتي رهڻ ڏنو سي...انهن جي پوکيل وڻن کي ڪٿي ٿا سنڌ ۾ سلامت رهڻ ڏين. موتي صاحب ان سفرنامي ۾ لکيو آهي ته: ”ان اسڪول جي داخلا رجسٽر کي کولرائي، مون پنهنجي نالي واري سموري پوتاميل کي ڊائريءَ ۾ اُتاريو پئي ته سوچيندو رهيس، جڏهن هن موتي لال جِي، ڀارت جي ڪنهن شهر ۾ چکيا پئي جلندي ته اُن جي خبر، نه سندس هن ڳوٺ دڙي وارن کي ۽ نه ئي اسڪول جي بينچن ۽ هن رجسٽر کي ئي ڪا پئجي سگهندي ۽ شايد تيستائين ساڳئي رجسٽر ۾ اِهو نالو ٻيهر ڏسڻ لاءِ موتي پاڻ به ڪٿي زنده هوندو. موتي صاحب لکيو آهي، ”اِهي سڀ ڳالهيون سوچڻ وقت نه فقط آئون روئي رهيو هوس، پر مون سان گڏ ڪلا به زار و قطار روئندي رهي هئي. تڏهن اُتان نڪرڻ وقت مون پنهنجي اسڪول ۽ جنم شهر دڙي تي حسرت ڀري نگاهه وڌي هئي ۽ باقي بچيل ڳوڙهن سان پنهنجي شهر کي الوداع ڪيو هئم....۽ آگاهه ٿيو ته اسان جو هي موتي صاحب بمبئي ۾ سانتاڪروز جي علائقي ۾ رهندر هو، جنهن کي آرام سوسائٽيءَ جي نالي سان پڻ ياد ڪيو ويندو آهي. اجهو ان ئي آرام سوسائٽيءَ واري گهر ۾ هن ڪيڏي نه آرامده زندگي گذاري پئي ۽ مون کي ياد آهي، بمبئي شهر جي ڪنهن اسپتال ۾ چوٿين آگسٽ ۲۰۱۵ تي پويان ساهه کڻڻ کان ڪجهه وقت اڳ...هُن هيءَ وائي لکي هئي:
موت تي ڪانهي ميار، تون به ويندي مان به ويندس،
هر جنم ۾ مون ٻُڌي آ، ڪوڪ ساڳي سا پڪار،
تون نه هوندين مان نه هوندس، هي نه هوندا ڪاروبار
اي پرين ٿا ڪن اشارا، هي پرانهان پنڌ پار،
تون نه هوندين مان نه هوندس، موت تي ڪانهي ميار،
موت تي ڪانهي ميار.


No comments:

راءِ ڏيندا