نور محمد ڪلهوڙو
سنڌ ۾ آبپاشي نظام جو بادشاھ
عبدالخالق مغيري
سنڌ جي تاريخ جي سنهري دور جو اهڃاڻ آهي؛ ميان نور محمد ڪلهوڙي
جا قبا. ۶۴ ايڪڙن تي پکڙيل، سنڌ جو اهو تاريخي ماڳ آهي، جنهن سان سنڌ
جي سياسي، دفاعي، ثقافتي، معاشي ۽ عملي ترقي جا ڪيترا ئي شاندار باب سلهاڙيل
آهن. ميان نور محمد ڪلهوڙي جا قبا، جتي هينئر خاموشي ۽ اداسي پنهنجا پر پکڙي ڇڏيا آهن،
ڪنهن دور ۾ هڪ آباد شهر هيو ۽ ميان نور محمد ڪلهوڙي جو تخت گاهه هو، جنهن کي محمد آباد
جي نالي سان سڏيو ويو. هيءُ ماڳ موري شهر کان ۱۶ ڪلو ميٽر جي پند تي تعلقي
دولتپور ضلعي نوابشاهه جي ڳوٺ مقيم ڏاهري کان ۲ ڪلو ميٽر اولهه ۾ آهي.
سنڌ جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته ميان نور محمد ڪلهوڙو، سال۱۶۸۱ع ڌاري پيدا ٿيو. انهي
ئي سال ميان نصير محمد ڪلهوڙي، موجوده خيرپور ناٿن شاهه، ضلعي دادو ڀرسان، ڳاڙهي جي
علائقي ۾ پنهنجي خانداني حاڪيمت جي بنياد تي ٿيو.
پنهنجي پيءُ ميان يار محمد ڪلهوڙي جي وفات کانپوءِ، ميان
نور محمد سال ۱۷۱۹ع ۾ خدا آباد ۾ تخت نشين ٿيو. پاڻ ڪلهوڙا خاندان جو حڪمران
هو. دهلي جي دربار پاران کيس خدا يار خان جو لقب ڏنو ويو هو. پاڻ تمام گهڻي سياسي بصيرت
۽ ڏاهپ رکندڙ شخص هو. اهو ئي سبب آهي جو سندن دور ۾ سنڌ جو سمورو پرڳڻو، لاڙ کان ويندي
سبي تائين، هڪ وحدت بڻجي ويو.
ميان نور محمد سنڌ جو پهريون ڪلهوڙا خاندان جو حڪمران هو،
جنهن ارغونن کان پوءِ، سڄي سنڌ تي حڪمراني ڪئي. سال ۱۷۴۰ع ۾، نادر شاهه سنڌ تي
ڀرپور حملو ڪيو ۽ طاقت جي آڌار تي، سڄي سنڌ کي ايران جي قبضي آڻي ڇڏيائين. ميان صاحب
جا ٽي پٽ به ايران ۾ يرغمال ڪري رکيا ويا. سال ۱۷۴۷ع ۾ نادر شاهه کي ايران
۾ قتل ڪيو ويو ته سنڌ به ايران کان آجي ٿي وئي. هاڻي ميان صاحب سنڌ جي وحدت کي سگهارو
ڪرڻ لاءِ نهايت وقتائتا فيصلا ڪيا. هڪ ته ايسٽ انڊيا ڪمپني کان توپون خريد ڪيون ويون.
جن مان هڪ توپ اڄ به عمر ڪوٽ قلعي ۾ موجود آهي. ٻيو فيصلو اهو ڪيو ويو جو تخت گاهه
خدا آباد جي بلڪل سامهون محمد آباد نالي هڪ نئون شهر آباد ڪيو ويو ته جيئن دفاعي لحاظ
کان سنڌ جي اوڀارين ۽ لاڙ واري علائقي کي مضبوط ۽ محفوظ رکي سگهجي. ناليواري تاريخدان اعجازالحق قدوسي پنهنجي ڪتاب سنڌ جي تاريخ
۾ لکي ٿو ته محمد آباد جي پيڙهه، ميان نور محمد رکي هئي ۽ هڪ خوبصورت شهر هو.
سنڌ جي تاريخ ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دور کي نهايت سهڻن
لفظن ۾ ياد ڪيو ويو آهي. جن به حڪمرانن سنڌ کي سياسي ۽ دفاعي لحاظ کان تمام سگهارو
ڪيو، تن ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي جو نالو نهايت مٿانهون آهي. پاڻ سنڌ جي ترقيءَ لاءِ
جيڪي به ڪم ڪيائين تن کي هرگز وساري نه ٿو سگهجي. نادر شاهه ۽ احمد شاهه ابدالي جي
آفتن کي مڙسيءَ سان منهن ڏنائين ۽ ڳري ڏن جي باوجود، سنڌ جي زراعت کي تمام گهڻي ترقي
وٺرايائين.
ناليواري تاريخدان ۽ آبپاشي جي ماهر مرحوم ايم ايڇ پنهور
جي کوجنا مطابق، ميان نور محمد ڪلهوڙي سنڌ ۾ ۵۵۰ واهه کوٽرايا. اهو ئي
سبب آهي جو سنڌ جي تاريخ ۾ کيس king of Irrigation سڏيو وڃي ٿو. برطانوي دور
۾، سنڌ جي آبپاشي سرشتي تي کوجنا ڪندڙ ماهر مسٽر ڊيل هوسٽ، ميان صاحب پاران کوٽايل
واھن جا نالا ڏنا آهن. جهڙوڪ؛ پراڻ واهه، نارو، اڙل واهه، ڦليلي واھ، گوني واهه، پيڃاري
واهه، لکي واهه، سيتا واهه، بگهاڙ واهه، دادو واهه، گهاڙ واهه، امرڪس واهه، نور واهه،
سدا واهه، وهري واهه ۽ سنڌو واهه. انهن واهن جي انتظام ڪري، سنڌ جي زراعت بيحد ترقي
ڪئي.
ميان نور محمد، علم ۽ ادب جو تمام وڏو قدردان هو. سندس دور
۾ عالمن ۽ اديبن کي وڏي حيثيت حاصل هئي. سندس دور جي ڪيترن ئي عالمن، اديبن ۽ شاعرن
جي پروڙ، سنڌ جي تاريخ تي لکيل ڪتابن مان پوي ٿي. مثال طور، سليمان بيگ، اسلم ميراڻي،
ابوالحسن ايران، تراب ابن ابو احمد، جعفر شيرازي، ابو تراب منعم، دائود خان، ذڪي ڪرماني،
محمد زمان، محمد محفوظ سرخوش، مير عبدالجليل بلگراڻي، مير محمد بلگراڻي، مير غلام علي
آزاد، عاشق اصفهاني، منشي عبدالرئوف بخري، شيوڪ رام عطارد، مير قمر دين عطارد لاهوري،
مرزا علي مدد ايراني، علي گاز روني، مير علي شير قانع ٺٽوي، قوي فاروقي، محسن ٺٽوي،
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ۽ ٻيا شامل آهن.
ميان صاحب منشور الوصيت في دستور الحڪومت نالي سان هڪ وصيت
نامو پنهنجي پٽن لاءِ لکيو هو. انهيءَ وصيت نامي مان اعلى آدرشن، اسلامي ۽ سياسي سوچ،
شخصيت جي بلندي ۽ ڪردار جي پاڪ ۽ صاف هجڻ جو درس ملي ٿو.
ميان نور محمد ۹ ڊسمبر ۱۷۵۳ع ڌاري، جيسلمير وٽ،
وفات ڪئي. سندس خواهش موجب، کيس محمد خان ۾ دفنايو ويو. اهڙيءَ طرح محمد آباد تخت گاهه
بدلجي، مدفن گاهه بڻجي ويو. ان کان پوءِ وري هالا ڀرسان خدا آباد ثالث کي ڪلهوڙن جو
تخت گاهه بڻايو ويو ۽ بعد ۾ وري حيدرآباد، محمد آباد، وري ڪڏهن به آباد نه ٿيو پر ان
شهر جي تاريخ ۾ اڄ به مقبرن جي صورت ۾ ضرور آباد آهي.
shah latif kaddy wayo
ReplyDelete