; سنڌي شخصيتون: محمد ڇتل سرهيو - ادريس جتوئي

30 August, 2015

محمد ڇتل سرهيو - ادريس جتوئي

محمد ڇتل سرهيو
هڪ مثالي اُستاد
ادريس جتوئي
موري شهر ۾ ڪيترا ئي ناميارا پرائمري استاد ٿي گذريا آهن. جن شهر اندر پرائمري تعليم جا بنياد مضبوط ڪيا ۽ علم جي روشني کي ڦهلايو. انهن منجهان سيد جعفر علي شاھ، گل محمد ساٽي، احمد بخش ڪمالاڻي، محمد ڇٽل سُرهيو، رستم خان خميساڻي ۽ خدا بخش سيهڙ به مشهور پرائمري استاد ۽ هيڊ ماستر ٿي گذريا.


استاد محمد ڇتل سرهيو 7 جنوري 1916 ۾ موري ۾ پيدا ٿيو، سندس وڏا پورهيت خاندان جا هئا. پاڻ شروعاتي تعليم پرائمري اسڪول مين مورو مان ورتائين. سائين جعفر شاھ جهڙا قابل ۽ لائق استاد هئا، جن سندس تعليم ۽ تربيت ڪئي. پاڻ سنڌي فائنل جو امتحان نوشهروفيروز ۾ ڏنائين. جيئن ئي پاڻ امتحان پاس ڪيائين ته کيس ٻوٻي،  سنجهوري تعلقي ۾ 1933ع ۾ پرائمري استاد مقرر ڪيو ويو. ان کانسواءِ هو تعلقي موري جي ڪيترن ئي اسڪولن ۾ تعليمي خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو، انهن اسڪولن ۾ گچيرو، شاهپور جهانيان، هبيري ۽ مورو مين پرائمري اسڪول به شامل آهن.
پاڻ حيدرآباد جي ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج (مين) مان ٻه سال تربيت حاصل ڪيائين. ۽ تربيت يافته استاد بڻجي تعليم جي خدمت ڪيائين. ٽريننگ ڪاليج ۾ هن ٻارن کي پڙهائن جي جديد طريقن جي ڄاڻ حاصل ڪئي. ان کانسواءِ ٻارن جي هم نصابي سرگرمين ۽ تفريحي طريقن سان سکيا کي اثرائتو بنائڻ  جي پڻ تربيت حاصل ڪيائين.
محمد ڇتل سرهيو، 1950ع ڌاري موري مين پرائمري اسڪول جو جڏهن هيڊ ماستر بڻيو ته اسڪول جي ترقي ۽ فلاح لاءِ پاڻ پتوڙيائين. مورو ۾ پهريون سنڌي اسڪول 1849ع ۾ قائم ٿيو. ورهاڱي کان اڳ هندو استادن شهر جي پرائمري تعليم کي ترقي وٺرائي پر محمد ڇتل سرهيي جي هيڊ ماستر ٿيڻ سان هن اسڪول جيڪا ترقي ڪئي ان بابت موري جو ناميارو تاريخدان ۽ استاد محمد مٺل ڪمالاڻي لکي ٿو ته ”1950ع ڌاري جڏهن هن اسڪول جو هيڊ ماستر سائين محمد ڇتل سُرهيو بڻجي آيو ته هن اسڪول جي تاريخ هڪ نئون رُخ اختيار ڪري وئي. جيڪو هن اسڪول جي ڪمال، ترقي ۽ واڌ اري واري دور شمار ڪيو وڃي ٿو. (مورو ناهي ٿورو صفحو 160ع  تي هو اسڪول جي نظام ۽ معيار بابت وڌيڪ لکي ٿو ته ”هن اسڪول جو عمدو انتظام، بهترين تعليمي طرح سان تمام گهڻو اڳتي وڌيل هو. هن اسڪول جي تعليمي معيار بابت جيڪي شهادتون ملن ٿيون انهن موجب اسڪول جا شاگرد ڪاميٽي (فائنل) ۽ اسڪالر شپ جي امتحانن ۾ نه رڳو ساهتي علائقي پر سڄي ضلعي ۾ امتيازي پوزيشن حاصل ڪندا هئا. (مورو ناهي ٿورو صفحو 168)
سائين محمد ڇتل سرهئي پنهنجي دور ۾ اسڪول کي نصابي سرگرمين سان گڏ هم نصابي سرگرمين جو مرڪز پڻ بڻايو ڇاڪاڻ ته هن چڱيءَ ريت سمجهيو ٿي ته ٻار جي مڪمل ۽ گهڻ پاسائين تربيت لاءِ ضروري آهي ته ان جي ذهني، جسماني ۽ سماجي اوسر ڪئي وڃي، ان لاءِ هن اسڪول ۾ ڊراما، تقريري مقابلا، ٽيبلوز، تحريري مقابلا ۽ راندين جا مقابلا ڪرايا. ان تربيت جي ڪري ٻارن ۾ اعتماد ۽ صلاحيتون وڌيون ۽ ڪيترائي بهترين مقرر، فنڪار ۽ اداڪار پڻ پيدا ٿيا. جن ادب ۽ فن جي دنيا ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو. سندس دور ۾ لوڪ قصن حاتم طائي، دودو چنيسر ۽ شاھ جي سورمين تي ٽيبلوز ۽ ڊراما ڪيا ويا. شيخ اياز جي شعرن خاص طرح ”ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان، چوڌاري چمڪاٽ اسان“ تي ٽيبلوز شاگردن کان ڪرايا ۽ گيت ڳارايا ويا. جنهن ۾ غلام نبي مورائي، رسول بخش ميمڻ ۽ ٻين شاگردن جي حيثيت سان حصو ورتو.
سائين ڇٽل سرهئي، شاگردن کي آڏو آڻي پاڻ نئين نسل ۾ اڳواڻي جون صلاحيتون پيدا ڪيون. انهن کي اُتساھ ۽ اعتماد ڏنائين. ڇاڪاڻ ته هن ڄاتو ٿي ته نئين نسل کي ئي مستقبل جون واڳون سنڀالڻيون آهن. پاڻ اسڪول اندر رانديون به ڪرايائين. ٻار، راندين ۾ ڀرپرو حصو وٺندا هئا، جن ۾ ڪٻٽي، ملهه، ونجهوٽي ۽ ٻيون ٻاراڻيون رانديون شامل هيون. راندين سان ٻار ذهني ۽ جسماني طرح چست ۽ ڦڙت رهندا هئا ۽ ڪلاس ۾ اوٻاسيون ڏيڻ بدران چڱي ريت سکيا حاصل ڪندا هئا.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان اڄ به پنهنجي پنهنجي پرائمري تعليم کي بهتر بڻائڻ لاءِ نون رجحانن سان گڏ هلڻ کانسواءِ ماضيءَ ۾ اهڙن مثالي استادن جي ڪيل ڪم مان به ڪجهه پرايون. ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه آهي ته پرائمري تعليم کي بهتر بنائڻ کانسواءِ اعليٰ تعليم جو معيار حاصل نٿو ڪري سگهجي.

سنڌ جي هر شهر ۽ ڳوٺ ۾ اهڙا مثالي استاد موجود رهيا آهن، انهن جي زندگيءَ جو احوال ۽ اسڪولن کي بهتر بنائڻ جون آکاڻيون لکي رڪارڊ ڪريون  ۽ انهن مان اڄ جو پرائمري استاد پڻ سبق حاصل ڪري، سنڌ جي ٻارن جي تعليم کي بهتر بنائي. پاڻ دنيا جي جديد تعليم جي رجحانن کان آگاهي حاصل ڪري ۽ انهن کي پنهنجي ڪلاس ۾ لاڳو ڪري ته پڪ سان اهڙا شاگرد  تيار ٿيندا، جن ۾ تخليقي، تنقيدي، مسئلن کي حل ڪرڻ، ٻين سان رابطو ڪرڻ فيصله سازي ۽ ٻيون زندگيءَ جون مهارتون ۽ صلاحيتون جنم وٺنديون، جن سان هو ملڪ ۽ قوم جو مستقبل روشن ڪندا.

No comments:

راءِ ڏيندا