; سنڌي شخصيتون: ساقي شاھ - رياض بلوچ

30 August, 2015

ساقي شاھ - رياض بلوچ

ساقي شاھ
ملير جو شاعر
رياض بلوچ
”سادن سوُدن ڪپڙن سان واسڪوٽي پهريل، مٿي تي سنڌي ٽوپي رکيل، خماريل اکين سان  ڦَٽ ڦَٽِي هلائيندي يا ڪٿي ويٺي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي، ٻيڙي پيئندي ڪو ماڻهو ڏسو  ته پڪ ڄاڻو اِهو ساقي شاه آهي. هو ٻين صحافين کان بنهه نرالو آهي، کيس ڪنهن به قسم جي اسٽيٽس جي ضرورت ناهي، توهان کيس پَٽَ تي ويهڻ جي صلاح ڪري ڏسو، مجال آهي جو عار محسوس ڪري، هڪدم زانوبند هڻي ويهندو! هي مست ملنگ ماڻهو مارڪي جو مور آهي، توهان سندس ڪچهري ۾ ويهو ۽ ٽهڪ نه ڏيو؟ ايئن ٿي ئي نه ٿو سگهي!“


اهو پيراگراف 2010ع ۾ ساقي شاه جي شخصيت ۽ شاعري تي لکيل منهنجي مضمون مان ورتل آهي، جيڪو پڙهي  ساقي شاه ڏاڍو خوش ٿيو هو ۽ وڏا ٽهڪ ڏنا هئائين. اڄ جڏهن آءُ هي سٽون لکي رهيو آهيان کيس هن دنيا مان لڏيندي ڇهون ڏينهن آهي، مون کي سندس اهي ٽهڪ ياد اچي رهيا آهن. ساقي شاه 7 آگسٽ 2015ع تي هن جهان کي هميشه لاءِ الوداع چئي پرين جي پار ڏي ويو. شاھ لطيف چيو؛
ٻَگَهِن سين ٻاڻُ هڻي، اُڏاڻو آڪاسِ،
جِتي پِريِن سَنداسِ، سو سُر مَڻي هَنجَڙو
25 آگسٽ 1962 تي ديهه پپري جي محمود شاه ڳوٺ ۾ جنم وٺندڙ سيد سلطان شاه ساقي (جنهن کي اسان عام طور تي ساقي شاهه چوندا هئاسين) نه رڳو ڪشالا ڪاٽي پڙهيو هو، پر ڏکن، تڪليفن، بُک ۽ بدحالي، غربت ۽ وسيلن جي اڻهوند سان مُکاميلو ڪري ڪڙهيو به هو، تنهن ڪري وٽس ماڻهو جو مانُ هو. ساقي شاه ٻين پڙهيل لکيل سنڌين جيان پنهنجي علم تي آڪڙ ڪري اڻ پڙهيل ماڻهن کان مُنهن ڪونهه موڙيندو هو، پر وٽس هر قد ڪاٺ جي ماڻهوءَ سان اُن جهڙو ٿي ڳالهائڻ جو ڏانءُ هو. هو شاه لطيف جي پڙهندڙن سان بيتن ۽ واين تي ڳالهائيندو هو ته صحافين سان سنڌي صحافت جي ڳُڻن ۽ اوڳڻن تي ويچار ونڊيندو هو، ۽ عام ماڻهن سان کِل ڀوڳ ڪري سندن دليون کَٽيندو هو. شڪار ڪرڻ ۽ مينهن وٺي کان پوءِ کُنڀيون پٽڻ سندس واندڪائي جا وندر هئا. حالتون ڀلي ڪهڙيون به هجن ،ڀلي قلم 144 لاڳو هجي پر ساقي شاه ۽ منهنجو سوٽ نورمحمد جڏهن به گڏ ڏسبا هئا ته سندن ڪُلهي تي بندوق رکيل هوندي هئي، اِهي ٿا وڃن شڪار تي!
هو ظاهري ڏيک ويک ۾ هڪ عام ماڻهو لڳندو هو، گهڻا ماڻهو کيس اَڻ پڙهيو سمجهي اهو اندازو نه لڳائي سگهندا هئا ته منجهس ڪهڙو خزانو پُوريل آهي؟ پر جڏهن سندس ڳالهيون ٻُڌندا هئا ته پوءِ کين پنهنجي سمجهه تي پشيماني ٿيندي هئي!
چوندا آهن ته هندي ٻولي جي شاعر ملڪ محمد جائسي جي مُنهن تي ماتا جا داغ هوندا هئا، جنهن ڪري ماڻهو ڏانهس ڌيان ڪو نه ڌريندا هئا، پر جڏهن سندس شعر ٻڌندا هئا ته اوڇنگارون ڏيئي روئندا هئا، ان ڪري ملڪ محمد جائسي هڪ شعر ۾ چيو آهي ته ”محمد سان ڪڏهن به ڪنهن پيار نه ڪيو، ڇو ته سندس مُنهن تي ماس ئي ناهي، جنهن به کيس ڏٺو اُهو کِليو پر جنهن ٻُڌو اُهو رُنو.“
محمد ڪب ڪو پريم ڪي نه رتن رکت ماس،
جو تن ديکا سو هنسا سُني تو آئي آس.
شاه لطيف اهڙن ماڻهن لاءِ چيو آهي ته
پيرين پُراڻا کيترا، سُڪا منهن سندن،
سا جوءِ ڏوري آئيا سونهان جِت مُنجهن،
ڳُجهان ڳجهيون ڪن، تهان پرانهين پنڌ جون.
ساقي شاه هڪڙي پاسي اُستاد هو، ٻئي پاسي شاعر ۽ صحافي هو، ۽ ٽئين پاسي شڪاري هو. پر هُو گوسڙو ماستر نه هو، منهنجو جڏهن به سندس اسڪول وڃڻ ٿيندو هو، آءُ کيس ٻار پڙهائيندي ڏسندو هئس. مون کي هڪڙي پاسي ويهاري ٻارن جو سبق پُورو ڪري پوءِ مون سان حال احوال ڪندو هو. هڪ صحافي جي حيثيت سان به سندس ڪردار اهڙو هو، جنهن کي ڪنهن شاهدي جي لوڙ ئي ناهي. هُو جنهن موٽر سائيڪل تي چڙهي پهريون ڀيرو پريس ڪلب آيو هو، اُنهي گاڏي تي سندس زندگي جي آخري ڏينهن جو سفر گذريو. پاڻ صحافي ٿي ڪري به پنهنجي شاعريءَ ۾ صحافين جي احتساب ڪرڻ کان رهي نه سگهيو
هاڻي نه غرض ڪنهن جو صحافي سڄڻ بنايم،
چمچن کي ڏيئي چاٽو در در مٿي پِنايم،
شربت شراب تِن سان گڏجي ويهي پيان ٿو
ساقي شاه جي شاعري جا ٻه ڪتاب سندس زندگي ۾ ڇپيا ، جن مان پهريون ڪتاب ”ڏونگر مُون مَ ڏُکوءِ“ جي نالي سان 2007ع ۾ ۽ ٻيو ”واجهائي وطن کي“ جي نالي سان 2011 ع ۾، ڇپيو. بقول سيد غفور شاه جي، ساقي شاه شاعري جي شروعات ننڍپڻ کان ڪئي هئي پر هُو هڪ شاعر جي حيثيت سان عوام جي سامهون ”بَزمِ شُعراءِ سنڌ“ جي پليٽ فارم  تي آيو، جنهن ۾ هُن سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ مشاعرن ۾ بَهرو وٺي پنهنجو ڪلام پڙهيو هو. ساقي شاه  جيئن ته جبل ۽ جهنگ جهاڳيندڙ جوڳي هو، تنهن ڪري سندس مُشاهدو تمام گهرو هو. هو توڻي جو بنيادي طور تي پورهيت طبقي جو شاعر آهي.
ڏسو پورهيت ۽ هاريءَ کي پگهر جيڪو وهائي ٿو،
ڪٿي ڀڳتر ڪٿي بيگر ته ڪو در در پِنائي ٿو،
مڪاري ڍنگ سڀ منڪر دنيا ان کي ئي چئبو آ.
يا وري سندس هي سِٽون پڙهو
پورهيت جي پسيني جو احساس ڪٿي آهي،
بيحال بدن سارو رت ماس ڪٿي آهي.
گرمي يا هجي سردي طوفان وڄون ويلا،
مزدور ۽ هاري پر ٿا ڪيئن رهن ڳهلا،
حاڪم کي ڪڏهن تن تي ٿيو قياس ڪٿي آهي.
مزورن ۽ هارين جي حالت سان گڏوگڏ هُن سنڌي سماج ۾ ايندڙ هر مثبت توڙي منفي تبديلي تي به نظر رکيو آهي، کيس چڱي ريت اِهو اندازو هو ته سنڌي سماج اڃا هن نهج تائين پهتي ئي ناهي جنهن ۾ ماڊرن ٽيڪنالاجي کي عام ڪري گهر گهر پهچايو وڃي، رابطي جي جديد ذريعن ۽ ميڊيا وسيلي جھڙي ريت ماڻهن کي گهمراه ڪري کين اوڙاه ۾ اُڇليو  پيو وڃي، ساقي شاه پنهنجي شاعري ۾ اُن جي بهترين نشاندهي ڪئي آهي. سندس ڪتاب ”واجهائي وطن کي“ ۾ جيڪا مزاحيه شاعري ڇپيل آهي اُن ۾ سماج ۾ ايندڙ منفي تبديلين تي طنز جا تير وسائي عوام کي هن خطري کان خبردار ڪيو ويو آهي.
شرم حيا جي ڳالهه نه ڪائي برقعو ٿي ويو هاڻ برائي،
ملان تنهنجي ڪٽ ڪمائي پنهنجو گهر ته نِهار.
ٽي وي ڊش ۽ ڪيبل آيا ، موبائل سڀ ڪم ئي لاهيا.
ترقيءَ جا سڀ طور طريقا ڪير ڪري تڪرار.
يا وري سندس غزل جا هي بند ڏسو
جيئن موبائل فون آئي ، فاصلا ٿي ويا ختم،
حڪم ڪر حاضر ٿيان اهڙا چمن ارڪان ٿيا.
ماءُ پيءُ جنهن کي نپايو سا ڀڄي ڪورٽ چڙهي،
واءُ اهڙو ويو وري ڏاڍا پڪا ايمان ٿيا.
ڪٿي جلال جذبن ۾ ڪٿي فوزيا ڪري ڦيرا
جتي کجور ڳُڙ هوندو اُتي مکيون ڪنديون گهيرا
گرم بازار بَبلي جي ڪيو جنهن مُلڪ آ گندو.
ايئن به ناهي ته ساقي شاه رڳو مزاحيه شاعري ڪئي آهي، پر اُن سنجيده شاعري سان به خوب نڀايو آهي .
اڙي دنيا وارا نه مون کي ستايو،
زخم ڏئي اجايا نه دل کي جلايو،
غمن ۾ اسان جي آ گذري جواني،
ڪئي آهي ڪهڙي اوهان مهرباني؟
ڪهڙو داستان پيا اسان کي ٻُڌايو.
ساقي شاه محبتي ماڻهو هو سندس ڪچهري کان وٺي شاعري تائين محبت جو دريا ڇوليون هڻي وهندي ڏسي سگهجي ٿو.
نه بدليو زمانو نه بدلي خدائي،
بدلجي ويو انسان ٿي ويو توائي،
سِلا نفرتن جا نوان روز نسرن ،
نڪو حال محرم نڪو حال ڀائي.

ساقي شاه کي لطيفيات جي به سُٺي ڄاڻ هئي، هُن شاه جو رسالو به مُرتب ڪيو هو، جيڪو مون کي ڏيکاريون هُئائين، جنهن جي لاءِ پاڻ چوندو هو ته ”مالڪ ڪري منهنجو هي پورهيو منهنجي حياتي ۾ ڇپجي ماڻهن جي سامهون پيش ٿئي پوءِ ڀلي مري وڃان“ پر افسوس ته وٽس ذاتي طور تي ايترا وسيلا نه هئا، ۽  شاه لطيف جي نالي سان ٺهندڙ ادارن تائين اهڙي فقير منش ماڻهوءَ جي رسائي نٿي سگهي.

No comments:

راءِ ڏيندا