انگريز سامراج سان مهاڏو اٽڪائيندڙ امر
ڪردار روپلو ڪولهي جي پونئيرن متعلق هلندڙ بحث پڙهي سٺو لڳو. انهي ڳالھ تي آئون به
متفق آهيان ته اسان جا جيڪي به قومي هيروز آهن، انهن تي تحقيق ٿيڻ کپي ۽ انهن کي
سرڪاري طور ”قومي هيروز“، جو اعزاز ملڻ گهرجي،
ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته سرڪار جي تسليم ڪرڻ يا نه ڪرڻ سان ڪهڙو فرق ٿو پوي،
قومي هيرو ته قومي هيرو آهي، جيڪو تاريخ جي سُنهري ورقن تي هميشه ياد رهندو پر وري
به اهو ضروري آهي ته جنهن رياست جي قوم ۽ ڌرتي جي لاءِ جن ماڻهن جان جا نذرانه
ڏيئي ڌارين کي ڌڪي ڪڍيو هاڻ جڏهن اسان آزاد آهيون ته موجوده رياست ۾ بنا دير جي
انهن سمورن قومي هيروز کي سرڪاري اعزاز ڏيئي درسي ڪتابن ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن
اسان جي اُڀرندڙ ۽ ايندڙ نسل کي به خبر پوي ته تاريخ ۾ اسان جا قومي هيرا ۽ قومي
غدار ڪير هئا. قومي غدار جن کي انگريز سرڪار پاران خان بهادر، نواب ۽ سر جا خطاب
ڏنا انهن کي ته اسان درسي ڪتابن ۾ هيرو ڪري پڙهايون ٿا پراصل جيڪي اسان جا هيروز
آهن انهن کي درسي ڪتابن ۾ شمل ڪرڻ لاء تيار ناهيون ڇو؟؟ امر
روپلو ڪولهي اصُل ڳوٺ ڪُونڀاري يونين ڪائونسل هاڙو، تپو مامچيرو جو رهاڪُو هو، ڳوٺ
ڪُونڀاري ، ڳوٺ ڪويا کان اولھ طرف، کارسر کان اتر طرف، ۽ مامچيرو کان اوڀر طرف واقع آهي. امر روپلو ڪولهي جي پيءِ جو نالو سامتو،
ماءُ جو نالو ڪيسر ٻائي چوهاڻ، ۽ زال جو نالو ميڻاوتي هو. دوستن کپرو طرف رهندڙ
سرڳواسي (مرحوم) ڪامريڊ سترام ڪولهي جو ذڪر ڪيوته هُو امر روپلو ڪولهي جو وارث
آهي، ائين ئي آئون به ڪيئي وڏن فورمن تي اها دعوي ڪري چُڪو آهيان ته آئون امر
روپلو ڪولهي جو وارث آهيان، ۽ آئون سمجهان
ٿو ته نه صرف ڪولهي برادري بلڪه سموري سنڌ جي هر مُحبِ وطن انسان کي اها دعوي ڪرڻ گهرجي.
پر تحقيق اها ڪجي ته هُو ڪهڙي خاندان سان تعلق رکندڙ هو.سرڳواسي ڪامريڊ سترام
ڪولهي سان تمام گهڻيون ڪچهريون ٿيل آهن، هُو سابق ايم اين اي ۽ ڪولهي برادري جي
معزز اڳواڻ سرڳواسي (مرحوم) پارو مل ڪولهي جو تمام ويجهو دوست هوندو هو، ڪولهي
برادري جي هر خاص گڏجاڻي ۾ گولاڙچي جو سرڳواسي ڀڳوانداس موريو ڪولهي، وڪيل ڀورومل
ڪولهي (جيڪو هن وقت مٺي ۾ وڪالت ڪري ٿو)، سرڳواسي پارو مل ڪولهي، سرڳواسي ڪامريڊ
سترام داس ڳوئيل ڪولهي، پٽيل رامشي ڪولهي (جيڪو هينئر سامارو جي ويجهو رهي ٿو،
پنهنجو ٻني ٻارو اٿس) وارا گڏ هوندا هئا.
سرڳواسي ڪامريڊ سترام داس ڪولهي، اڪثر محفلن
۾ چوندو هو ته؛ هو امر روپلو ڪولهي جو اصل وارث آهيان. هُو ڪامريڊ هو ۽ عوام لاءِ
جاکوڙيندو هو، ان ڪري ڪير به اعتراض ڪونه ڪندو هو، وري به پارومل صاحب ٽوڪيندو هو
ته ”تون امر روپلو ڪولهي جي پير جهڙو به ڪونه آهين“.
سرڳواسي ڪامريڊ سترام داس ڪولهي ڏاڍو سٺو
کاهوڙي ماڻهو هو،اُن ۾ ڪوبه شڪ نه آهي، پر هن جو اصل ڳوٺ پيٿاپُور آهي،جيڪو منهنجي
ڳوٺ ڌنا ڳام کان ۶ ڪلوميٽر اُتر طرف آهي، جتي اڄ به روپاڻي ڳوئيل رهن ٿا، ۽ هُو ”روپو“ جا
پوٽا آهن، ۱. هن جو نالو ورپوجيڪو ٻيو هو،امر روپلو
ڪونه هو، هوُ پاڻ ۾ ۳ ڀائر هئا،
روپو پويان روپاڻي ڳوئيل، ڀورو پويان ڀُوراڻي ڳوئيل، واهتو پويان
واهتواڻي ڳوئيل، اڃان به رهن ٿا.
هڪ دوست لکيو ته ڳوئيل اصل ڀوڏيسر جا آهن.
ڀوڏيسر جي نالي سان واقعي ۲ ڳوٺ
آهن، هڪ ڀوڏيسر جيڪا نگر پارڪر ويندي مين روڊ تي اچي ٿي، جتي پُراڻا جين مندر ۽
مسجد ٺهيل آهي، اُتي هن وقت ڪولهين جا ٽوٽل ۶ گهر آهن جيڪي ”ڪاهويا چوهاڻ“ نُک جا آهن، نئون دمبالو لڳ ڳوٺ ڪپري
موري تي رهندڙ سيٺ هيرالال ڪاهويو چوهاڻ اُنهن مان آهي، ۽ ۳۰کن گهر ميگهواڙن جا آهن. ٻيو ڳوٺ ڀوڏيسر ننگرپارڪر کان اوڀر طرف ڳوٺ
ڀڙ تلاءُ۽ چوڙيو جي ويجهو بلڪل انڊيا جي بارڊر تي واقع آهي، جنهن ۾ ڪولهين جا ۵ گهر ”ٿانوراڻي ڳوئيل“ رهن ٿا، جن جو هن وقت چڱو مڙس ڳومدو ٿانوراڻي
جيڪو واڍڪو ڪم ڪندو آهي، باقي ۱۲ کن گهر
ٺڪرن جا ۽ ۴ گهرٻانڀڻن جا آهن. ڪو وري امر روپلو
جو گيڏيو(لڪُڻ ، لٺ) رکيو ويٺو آهي، جنهن جي بُنياد تي وارثي جي دعوي ٿو ڪري، انهن
دوستن جي لاءِ عرض آهي ته امر روپلو ڪولهي تمام وڏو بهادر، سورهيه، ۽ همت وارو
انسان هو، جيڪو هميشه پاڻ سان تلوار کڻي هلندو هو، ڪيئي نالي وارا بهادر اُن جي
سامهون بيهي نه سگهندا هئا، هُو جنگ وڙهندي ئي گرفتار ٿيو ۽ ان کي ڦاسي ڏني ويئي.
مونکي حيرت ٿي ٿئي ته امر روپلو ڪولهي گيڏيو کڻي ڪڏهن هلندو هو؟؟؟؟؟؟
امر روپلو ڪولهي جي باري ۾ مذڪوره تاريخ
اسان کي ننگر پارڪر واسي هر جُهوني جي واتان ٻڌڻ لاءَ ملي ٿي، آئون سمجهان ٿو ته
اها ئي اسان کي حقيقت سمجهڻ گهرجي.
يقين ڪريو گذريل ۲۴ مارچ (هوش محمد شيدي جي شهادت جو ڏينهن) تي جڏهن مون شهيد هوش محمد
شيدي تي ڪجھ لکڻ ٿي چاهيو ته مون الائي ڪيترن ڪتابن ۾ ڳولهيو ته هُو اصل ڪٿي جو
هو؟ ڪٿان آيو؟ هُن جو خاندان (وارث) ڪٿي رهن ٿا؟ پر حيرت
جي ڳالھ ته مونکي ڪٿان به ڪا به تاريخ نه ملي سگهي، صرف هڪ جملو ته؛ ”مرسون،
مرسون، سنڌ نه ڏيسون“ هن جو تعارف ڪرايو، ۽ هُوءِ سڄي دُنيا ۾
سنڌ جو قومي هيرو طور سُڃاتو وڃي ٿو، هاڻي اڄ بُڪيرا شريف (جيڪو شيدين جو تمام
پُراڻو ڳوٺ آهي) چون ته شهيد ھوش محمد جا وارث اسان آهيون، ۽ حيدرآباد وارا چون ته
نه اسان وارث آهيون، ته پوءِ ڇا ڪجي.؟
باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح اصل
جهرڪ جو هو. درسي ڪتابن ۾ پڙهون ٿا ته اصل ڪراچي جو هو. اسان کي ۶۳ سال ٿيا آهن پر اڄ تائين بحث جاري آهي ته هو جهرڪ جو هو يا ڪراچي جو
هو.
جڏهن ته جوگيندر ناٿ منڊل هٿان پاڪستان جو
پهريون گورنر جنرل طور حلف کڻندڙ قائد اعظم محمد علي جناح ته سيڪيولر پاڪستان جو
خواب ڏٺو. انهي جو اسان سڀ گڏجي مطالبو ڇو نه ٿا ڪريون؟ اهڙي
طرح اچو ته اسان سڀ گڏجي امر روپلو ڪولهي جي حُب الوطني واري جذبي، پنهنجي ڌرتي ۽
قوم سان محبت جو وچن ورجهائيندي پنهنجي قوم ۽ وطن جي خوشحالي ۽ وسيلن جي وارثي جي
لاءِ امر ڪردارن جيان گڏجي جدوجهد ڪريون.
روپلو ڪولهي
۱۸۴۳ع ۾ سنڌ انگريزن جي قبضي ھيٺ آئي انهن کان اڳ ۾ ميرن جي صاحبي هئي.
۱۸۵۹ع ويرواھ جو راڻو لاڏو سنگھ ٺڪر ڪلجي ۽ روپلو ڪولهي ڌارين خلاف بغاوت
جواعلان ڪيو هئو.
“ڪارونجهر ري
ڪور مرئين ته به ملهئين نهين.”
ڪرنل
ايونس اسلام ڪوٽ ۾ پهتو. ڇاپامار جنگ ڇڙي وئي.
ڀوڏيسر
جا غدار سوڍا نگرپار تي ڪرنل سان مليا. سنڌين جي فوج جي سرواڻي روپلو ڪري رهيو هيو.
انگريزن وٽ بندوقون ۽ سنڌ جا غدار هئا. روپلو گهائجي ويو گرفتار ٿيو مٿي تان رت اگهي
ڀوڏيسر کي ڇنڊا ڏيندي چيو هئايئن روپلي سنڌ سان ڪيل وچن پورو ڪيو ۽ سنڌ جا غدار جان
محمد نون، جانو لنجو، مانجهي مهراڻ پوٽو، ملوڪ لنجو، عباس ٿيٻو ۽ ٻيا ڪنڌ جهڪائيون
بيٺا رهيا.
روپلي
کي جيئڻ جو موقعو مليو چيائين “جيئڻ ناهي جس”.
ڪيس
هليو روپلي آڻ ڪين مڃي ۲۲آگسٽ ۱۸۵۹ع تي کيس هڪ وڻ سان ٽنگي ڦاهي ڏني. ديس دلالن جي منهن ۾ڌوڙ پئجي وئي.
سٺائون
ڪين سانهئر چوي ڪنهن حاڪم جي هلڪار.
روپلو ڪولهي
سندس ۱۶۰هين ورسي - ۱۸۵۷ کي ڪيئن ياد ڪرڻ گهرجي؟
ايڊووڪيٽ پونجو روپلاڻي
۱۸۵۷ع جي پهرين جنگِ آزادي کي انگريزن غدر سڏيو آهي ۽ برصغير جي تاريخدانن جنگ
آزادي چيو آهي. اها ۲۴ سيپٽمبر
۱۵۹۹ع هئي جڏهن لنڊن شهر جي ليڊن
هال اسٽريٽ ۾ ڪجهه واپاري انگريز گڏ ٿيا هئا جنهن جو مقصد برصغير ۾ واپاري معاهدي
تحت داخل ٿيڻ هو. ۳۱ ڊسمبر ۱۵۹۹ تي راڻي ايلز بيٿ پهرين ان وقت جي شهنشاهه جهانگير سان هڪ واپاري معاهدو ڪيو.
۲۴ آگسٽ ۱۶۰۰ع ۾ برطانيه سورت بندر ذريعي انڊيا ۾ پهچي چڪو هو. انگريزن ايسٽ انڊيا ڪمپني
تحت هتي جو ڪچو مال جهڙوڪ ادرڪ، ڪارا مرچ، ڦوٽا، دالچيني ۽ ٻيو مصالحي جو سامان
هتان کان يورپ ۽ فرانس منتقل ڪندا رهيا. شهنشاهه جهانگير دنيا جو طاقتور ۽ انڊيا
جو آخري عظيم حڪمران هو. انگريزن بمبئي، ٺٽي ۽ ٻين جڳهن تي ڪوٺيون قائم ڪيون. اهي
تمام تيز ڪاميابيون ماڻيندا رهيا هئا. جيئن انگريزن جو واپار وڌيو ته ڪمپني جي
آفيسرن هتي جي مقامي سياست ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. آهستي آهستي زور ڀرڻ لڳا ته جيئن
سندن واپار وڌي. ايستائين جو هتي جي حڪمرانن کي به للڪارڻ لڳا. ۲۳ جون ۱۷۵۷ع تي برطانوي ۹۰۰ پيادل فوج ۽ ۲۰۰۰
هندوستاني سپاهي جنرل رابرٽ ڪلائيو جي اڳواڻي ۾ بنگال جي ڳوٺ پلاسي تي حملو ڪري ڏنو.
جنهن اتر انڊيا جا رستا کوليا. جتان کان انڊيا جي فتح شروع ٿئي ٿي. هتي جي واپارين
فوج کي رستو مهيا ڪيو. اڌ صدي کان گهٽ عرصي ۾ ڪمپني هڪ خودمختيار طاقت بڻجي وئي.
نيٺ هڪ ڏينهن آيو جو ٻه هزار انڊين سول سروس جي ميمبرن، ڏهه هزار برطانوي فوجي
آفيسرن، ٻه لک هندوستاني ۽ ۶۰ هزار
برطانوي سپاهين ۳۰۰ ملين آبادي تي مڪمل ڪنٽرول ڪري
ورتو هو.
اهو
هندوستان هڪ پراڻي تهذيب هئي جنهن تي گورا چڙهي ويهي رهيا هئا. اهي انگريز ۴۰ سالن کانپوءِ وطن ويندا هئا. فوجي آفيسر غريب مزدورن ۽ سندس خاندان کي تنگ
ڪرڻ لڳا. ۱۸۵۳ع ۾ جڏهن برطانيا سرڪار برصغير
۾ ريل جي پٽڙي وڇائڻ شروع ڪئي ته ان وقت ڏاهي ڪارل مارڪس نيويارڪ ٽائمز ۾ چيو هو ته
“انگريز جيڪي ريل جي پٽڙي به وڇائي رهيا آهن اهو ئي سندن موت جو سبب بڻجندي.” پوءِ
واقع ائين ٿيو هو جو بنگال کان بلوچستان تائين، لاهور کان چٽا ڪانگ تائين ماڻهو هڪ
ٻئي سان ملي ويا هئا ۽ پوءِ انگريزن خلاف نفرت جو اظهار ٿيڻ لڳو هو. جيڪا پهرين مداخلت
ڪئي وئي ان کي اڄ پهرين جنگ آزادي ۱۸۵۷ع war
of independence جي نالي سان ياد ڪيو ويندو
آهي.
انگريز
هن خوبصورت ڌرتي تي قبضو ڄمائڻ جو جواز ئي ٻڌائي رهيا هئا ته راڄ جا حڪمران صحيح
هلت نه هلي رهيا آهن. تنهنڪري انگريز ثقافتي هئڻ ناتي، اهي سماجي ڀلائي، اميرن کان
زمينون واپس وٺڻ، نيون صعنتون قائم ڪرڻ ۽ جديد رياست قائم ڪرڻ لاءِ آيا آهن،
انگريزن انڊيا کي هندوستاني سپاهي هٿان فتح ڪيو هو. اصل ۾ قدامت پرست ۽ ڪمزور راجا
۽ مهاراجائن جي اها ڪمزوري هئي. برطانوي راڄ خلاف پوءِ برصغير ۾ بغاوت ڦهلجي چڪي
هئي. انگريزن ڪيترائي انقلابي نوجوان شهيد ڪيا. انهي بغاوت ۽ ننگر پارڪر جي ڪارونجهر
انقلابي نوجوان شهيد ڪيا. انهي بغاوت ۾ننگر پارڪر جي ڪارونجهر جبل تي رهندڙ روپلو ڪولهي
کي به ڦاسي ڏني وئي. ان وقت جي حيدرآباد سنڌ جو پوليٽيڪل سيڪريٽري جارج ڊبليو هو.
جيڪو اڄ به موجود آهي، انگريزن ڪارونجهر جبل جا مور مارڻ شروع ڪيا جنهن تي روپلو ڪولهي
کي ڪاوڙ لڳي ۽ پوءِ سندن ساٿين دينگاڻو ۽ مٽرو ڪولهي ۽ ٻين راجپوتن انگريزن کي نيڪالي
ڏيڻ لاءِ بغاوت ڪئي اها بغاوت اڳيئي پوري برصغير ۾ ڦهلجي چڪي هئي. جنهن کي
تاريخدانن “Mutiny” به سڏيو آهي ته روپلو ڪولهي ڪيترن
ئي انگريزن کي موت جي حوالي ڪيو. نيٺ جارج تروٽ فوج سميت ڪاهي روپلو ڪولهي کي
گرفتار ڪيو. گرفتاري کانپوءِ هن کي اذيتون ڏنيون ويون. سندس زال کي گهرايو ويو ته
هو سندس مڙس کي سمجهائي ته هو انگريزن سان ملي وڃي ۽ کين جاگير به ڏيڻ جي آڇ ڪئي.
جنهن تي روپلو جي وني چيو ته روپلا مري وڃجان پر هنن جي آڻ نه مڄجان جيڪڏهن آئون
زنده رهنديس ته ڪيترائي روپلا پيدا ڪنديس نيٺ روپلو ڪولهي کي تاريخ ۲۱ آگسٽ ۱۸۵۹ع تي ڪارونجهر جبل تي بيٺل ٻٻر
جي وڻ ۾ ڦاسي ڏئي شهيد ڪيو ويو هو.
ان
بغاوت ۾ نه رڳو روپلو ڪولهي کي امر ڪيو ويو. پر ٻين ڪيترن ئي نوجوانن کي موت جي ننڊ
سمهاريو ويو جنهن ۾ جهانسي جي راڻي به هڪ آهي. جهانسي جي راڻي کي ۸ هزار هندن ۽ پٺاڻن تي مشتمل فوج سميت جهانسي ۽ گواليار واري قلعي ۾ شهيد ڪيو
ويو. جهانسي سندس ساٿين کي چيو هو ته انگريز سندس بدن يا لاش کي به هٿ نه لڳائي
سگهن. آخري لڙائي ۾ جنرل روز (Rose) گواليار جي
قلعي ۾ گهڙي پيو. زبردست جنگ هلندي راڻي کي گولي لڳي سندس ساٿين ديش مک ۽ گل محمد
پٺاڻ راڻي کي گهوڙي تي کڻي جنگ ڪندي قلعي کان نڪري ويا ۽ اتي وهندڙ هڪ نديءَ ڪناري
تي راڻي جي لاش کي ساڙي خاڪ ڪيو هو.
عظيم
بغاوت شروع ٿيڻ کانپوءِ ۱۵ جولاءِ
۱۸۵۷ع تي مارڪس نيويارڪ ڊيلي ٽربيون،
(New York Daily Tribune) ۾ لکيو هو
ته “برطانيه ڏيڍ سئو سال سلطنت هندوستان تي پنهنجو اقتدار قائم رکڻ جي تدبير ڪئي.
مختلف نسلن، قبيلن، ذاتين، مذهبن ۽ گڏيل رياستن جو مجموعو جيڪو وحدت جي اعتبار کان
هندوستان سڏرائي ٿو. ان جي مختلف جزن جو گڏيل اختلاف ئي برطانوي اقتدار جو بنياد بڻجي
رهيو، تنهن کانپوءِ اقتدار جي حالتن ۾ تبديلي آئي آهي. سنڌ ۽ پنجاب جي فتح سان گڏوگڏ
انگريزن جي هندوستاني سلطنت نه رڳو قدرتي حدن تائين پهچي چڪي هئي پر خودمختيار
مقامي رياستن جا آخري آثار به مٽايا ويا.” اهڙي طرح سڀني بغاوت ڪندڙن کي شهيد ڪيو
ويو، پر آزادي اڃا جاري هئي، اها سلطنت هندوستاني عوام جي سِر تي سوار هئي ۽ سڄو
هندوستان ان جي قدمن هيٺ هو. فتح جو سلسلو ختم ٿي چڪو هو ۽ هاڻي سلطنت فاتح بڻجي چڪي
هئي. انهن ٽيڪس مڙهڻ شروع ڪيا، صنعتي انقلاب جي نالي پراڻيون انڊسٽريون ختم ڪيون،
لکين مزدرون کي بيروزگار ڪيو ويو هو. اسان جي آزادي اتي نه ٿي رڪجي. جڏهن ۱۹۱۹ع تي امرتسر جي جليان والا باغ ۾ ماڻهن انگريزن جي ظلم خلاف ريلي ڪڍي هئي ۽
ان پارڪ جو رڳو هڪ دروازو هو. برطانوي فوج پارڪ جو گهيرو ڪيو. برگيڊيئرR.E
Dyre ۵۰ سپاهين سميت هٿيارن جا
منهن کولي ڇڏيا. جنهن جي نتيجي ۾ ۱۵۰۰
بينگاهه ماڻهن کي شهيد ڪيو ويو. برطانوي سامراج ورهايو ۽ حڪومت ڪريو واري پاليسي
اختيار ڪئي هئي. مزدورن ۽ نوجوانن اها جدوجهد جاري رکي. پڙهيل لکيل عوام انگريزن
طرف ٿي چڪي هئي. اهي سڀ امير برطانيا ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا هئا.
اسان
جي آزادي ۱۹۴۷ع تي پنهنجي منزل تائين پهتي
جنن ۾ جديد تاريخ ۾ وڏو قتل عام ٿيو هو ڏهه لک ماڻهو قتل ٿيا ۽ هڪ ڪروڙ عوام دربدر
ٿيو. اسان جي آزادي جي ۷۲ سالن
کانپوءِ به پاڪستان جو اندروني ڍانچو سڌري ناهي سگهيو. ملڪ هڪ نه ٻئي مسئلي کي
منهن ڏئي رهيو آهي. پاڪستان ۾ سڀ کان وڏو مسئلو غربت ۽ بيروزگاري آهي. هتي حڪمران
عوام جي محرومين کي نظرانداز ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. جيڪڏهن اسان کي احساس هجي ته
اسان جي چوڌاري بک آهي غربت آهي ته ان وقت مون کي هڪ گرهه ماني نه وڻندي آهي. ڇا
اسان پنهنجي محدود زندگي کي پاڻ تائين رکون يا زندگي جو مقصد هجي ته اسان جيستائين
ٿي سگهي سماج کي تبديل ڪريون ته جيئن ماڻهن جي اڪثريت پرسڪون ۽ پرامن زندگي گذاري
سگهن. پاڪستاني معاشرو جنهن بحران مان گذري رهيو آهي ان ۾ زندگي جي معنيٰ تلاش ڪرڻ
مشڪل نظر اچي ٿو. قتل خوف، بيروزگاري، بيماري اهڙي ماحول ۾ به زندگي جي معنيٰ ٿي
ويندي آهي. اميد جي روشني وسامي وڃي ٿي اتي رڳو نااميدي رهجي ويندي آهي.
پاڪستان
جي عوام جمهوريت ۽ آمريت جي نالي تي گهڻو ڪجهه ڀوڳيو آهي. آمريت جي هيٺ جمهوريت
لاءِ عوام وڙهيو. اڳواڻن اهو چيو ته جمهوريت تحت انهن کي حق ملندا پر رڳو ڦرلٽ ڪئي
وئي. ڏک تڪليفون وڌي ويون آهن. مظلوم عوام تجربن مان سکي رهيو آهي. اهي هينئر چُپ
آهن پر انهن جون اکيون ۽ ڪن کليل آهن. اهي انقلاب لاءِ سوچي رهيا آهن ۽ انتظار ڪري
رهيا آهن اهوئي تاريخ جو فيصلو آهي. هڪ ڀيرو جيڪڏهن عوام اٿي پئي ته ڪير به روڪي
نه سگهندو ۽ پوءِ رڳو سوشلسٽ قيادت ئي انهن کي منزل تائين پهچائيندي. سامراج اڃان
به ورهايو ۽ حڪومت ڪريو واري پاليسي تي قدم رکي ته هتي ڪيترائي روپلا ڪولهي، شاهه
عنايت، دولهه دريا هوشو، هيمون، ڄام ساقي، راجا ڏاهر ۽ ڀڳت سنگهه پيدا ٿيندا رهندا
۽ جنگ جاري رهندي. مرڻ وارن سان گڏ ڪير به مرندو ناهي پر ملڻ جي تمنا ۽ خواهش
مستقبل ۾ گڏ هلڻ جا خواب ضرور مري وڃن ٿا. پر ان سان گڏ يادون ۽ جذباتي ملڻ جو اهو
احساس ۽ وري انقلاب لاءِ کاڌل قسم ڪڏهن به ناهن مرندا اهڙا زخم، ڏک، درد ۽ سور
انهن کي چڻنگ مان شعلو بنائين ٿا. اڄ انقلاب جي راهه ۾ اسان جا ساٿي مرندي پنهنجي
جرئتمند سفر کان جدا ٿيا آهن ۽ شهيد ٿيا آهن اها جنگ هر وقت هر حال ۾ جاري آهي اهي
رستا اسان فراموش ڪري نه ٿا سگهون جنهن تي اسان جا شهيد ڪامريڊ هليا هئا. هن
برصغير ۾ ۽ خطي جي تاريخ جي ورقن ۾ روپلو ڪولهي، ڄام ساقي، صوفي شاهه عنايت، جهانسي
جي راڻي، هوشو، هيمون ۽ ڀڳت سنگهه جا نالا خوبصورت لفظن ۾ هميشه قائم ۽ دائم
رهندا.
امر روپلو
ڪولهي
۲۱ آگسٽ
سنڌي سرويچ جي شهادت جو ڏينهن
روپلا
تنھنجي بھادر روپ کي سُرخ سلام
بشير ڪالاڻي
سنڌ جي
صوفي ۽ امن پسند ڌرتي تي املھ ماڻھن، املھ ڳالھيون ۽ املھ ڪردارن سان ھن مٽي جي
مانَ ۽ عزت مٿانھين ڪئي آھي. ڪنھن باغيچي جو اگر ھڪ گل، ھڪ وڻ به جيڪر خوشبو سان
سرشار ٿي بھار توڙي خزان ۾ پنھنجي فطرتي حسن ۽ سڳنڌ کي قائم رکي ته اھو گل ئي انھي
باغيچي جي پھچان ۽ سڃاڻ بڻجي ويندو آھي. سنڌ ڌرتي جي وارث صوفي شاعر شاه عبداللطيف
ڀٽائي جتي پنھنجي صوفي ازم انسان دوست ڪردار سان سمجھاڻي ۽ سبق ڏنو اتي سندس
تاحيات اَمر شاعري جو ھڪ ھڪ اکر توڙي سِٽ جنھن ۾ وڏو راز ۽ سبق پڻ لِڪيل آھي، پر
اھو راز تڏھن ئي بي پرده ٿي نروار ٿيندو جڏھن ھن کي پروڙڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. ان
جي شاعري جي ھڪ سٽ آھي ته “ڪنھن ڪنھن ماڻھوءَ منجھ، اچي بوءِ بھار جي”، اھا ھڪ سٽ
بيشڪ ڪنھن عام ماڻھو لاء نه پر انھن اَمر ڪردارن لاء لکي وئي آھي جن پنھنجي جسماني
۽ روحاني طاقت گڏائي پنھنجي فاني جسم کي مرڻ بعد به روح وانگر رکيو، جيڪي مرندي به
زنده ٿا رھن. انھن جا جسم فنا ٿي به ڪردار اَمر ۽ ڪامياب ٿي ڪري ڌرتي جو ڳاٽ فخر
سان اونچو ڪن ٿا. جيڪر اوھان ڪنھن جي عشق ۾ سرمست ٿيل عاشق کان ان سٽ بابت پڇندا
ته بيشڪ ھو اھا سٽ پنھنجي پياري محبوب لاء آڇيندو ڇو ته ان جي سڄي ڪائنات ۽ ان جون
خوشيون ان ھڪ فرد جنھن کي ھو محبوب، دل جو دوست ڪوٺي ٿو ان کي ئي ارپيندو، پر ھڪ
وطن، ڌرتي جو عاشق اھا سٽ ان جي ئي نانءِ ڪندو جنھن جو ڪردار عام ماڻھن کان وڌيڪ
مختلف ۽ ڪامياب ھجي.جنھن ڌرتي جي وڻ کي سائي ۽ تازي بنائڻ لاء ڪا قرباني ڏني ھجي.
اڄ اھڙي
ئي لازوال ڪردار جو ذڪر ڪنداسين جنھن ڌرتي کي ڌارين کان بچائيندي جان جون نذرانو ڏئي
ڦاھي گھاٽ کي چمندي ھميشه لاء تاريخ ۾ امر ٿي ويو.سنڌ جي ھيٺين لاڙ واري پاسي
موجود انبن جو شھر ميرپورخاص جنھن جا انب حسن جي ديوي ليڊي ڊيانا کي پڻ پيش ڪيا
ويا ھيا جنھن ان جي تعريف ڪندي تفصيل طلب ڪئي ھئي ته ايترا مٺا ۽ ذائيقيدار انب ڪھڙي
ديس جا آھن؟ ان تي سندس خدمتگذارن ٻڌايو ته اھي انب صوفين جي ڌرتي سونھاري سنڌ ديس
جي شھر ميرپورخاص جا آھن. ان شھر ۾ پاڪ ھنڌ ورھاڱي بعد توڙي اول جتي سنڌي ھندو وڏي
تعداد سان رھندا آھن. اتي ھندن جي ذات ڪولھي جا ماڻھو ڪافي تعداد ۾ رھندا آھن. رنگ
جا ڪارڙا دلين جي سچڙا ھي ڪولھي برادري جا ماڻھو سخت محنتي ھوندا آھن. گھڻي ڀاڱي
اھي ھارپو يا مزوري ڪن ٿا باقي ڪجھ سڌري ڪري وڏين نوڪرين تي توڙي اسيمبلي ۾ پڻ
موجود آھن. اھڙي ريت ضلعي عمرڪوٽ ۽ سڄي ٿرپارڪر ۾ انھن ڪولھي برادري جي اڪثريت
آھي. انھن جي ذات جي حوالي سان اھو به چيو وڃي ٿو ته ھندوستان جي گجرات جا ڪولھي
اصلوڪي رھواسي آھن جيڪي بعد ۾ سنڌ هجرت ڪري آيا. ۱۸۱۸ع تي ڪارونجھر جبل جي ڪڇ ۾ واقع ننگرپارڪر کان ۱۵
ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ڳوٺ ڪنڀاري ۾ شانتو ڪولھي ۽ مائي ڪيسر
ٻائي جي گھر ۾ روپلي ڪولھي جو جنم ٿيو. ۱۸۵۷ع جي آزادي واري جنگ جي لھر برطانيا جي سنڌ ۾ موجود انگريز سامراجن جي لالچ
جي باھ کي به ڀڙڪائي وڌو. انھن چاھيو پئي ته جيڪو علائقو ملي ان تي قبضو ڪري حڪومت
ڪري وٺون. انگريزن مان ئي ھڪ جنرل تروٽ جا ڪارا ڪرتوت تڏھن وائکا ٿيڻ لڳا جڏھن ھنن
ننگرپارڪر تي قبضي لاءِ سرگرم ٿي ويو ۽ ان جي ناپاڪ ارادن جي اڳيان ڍال وانگر روپلو
ڪولھي جيڪو ھڪ بھادر سچو سپاھي ۽ آزادي جو ويڙھاڪ ھيو اھو سينو تاڻي ڪري مھاڏو اٽڪائي
بيٺو. ڌرتي جي حفاظت جو پاڻي ان جي رت ۾ ۸۰ سيڪڙو کان ٽپي چڪو ھو. ان جي دوران جيڪر ھن منھن پئي موڙڻ جو سوچيو سندس
ضمير به ساٿ نه پئي ڏنو. جنرل جارج بوٿ تروٽ جي جبر ۽ ظلم خلاف روپلو ڪولھي، جيڪو
اتان جي قبيلن جو ڪمانڊر ۽ ھيڊ سمجھيو ويندو ھيو، سو سر تي ڪفن ٻڌي اڳتي نڪري پيو.
۱۵ اپريل ۱۸۵۹ع تي برطانوي انگريز سامراج خلاف
روپلي ڪولھي کلي عام بغاوت جو اعلان ڪري سر عام نڪري پيو.ان بغاوت ۾ روپلو ڪولهي
پنهنجي قبيلي جي ۸ ھزار کان مٿي ويڙهاڪ ماڻھو گڏ ڪري
انگريزن جي آفيسن جي ڀڃ ڍاھ ڪري باھيون ڏنيون، خزانا لٽيا، انھن جي ڪئمپن تي حملا ڪري
انھن کي ھر طرح جو نقصان ڏئي انھن مٿان واضح ڪيو ته اوھان جي جبر خلاف اسان به چوڙيون
ناھين پاتيون اسان به ڳاٽي ٽوڙ جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکون ٿا.اسان جي ڪلھن ۾ اڃا
ايتري پختگي آھي جو پنھنجي ڌرتي ماء جي حفاظت ڪري سگھون. اڌيرسنگھ جيڪو روپلي جو
ساٿي ھيو انھن ساڻ گڏجي روپلي انگريزن تي اوچتو حملو ڪري ڏنو ۽ انگريزن جا پير
ميدان جنگ ۾ ڏڪي پوئتي ٿيندا ويا. اوچتي حملي سبب جنرل تروٽ کي ھڪ غدار لاڌي
مينگھواڙ ۽ ٻين اُٺ تي چاڙھائي حيدرآباد فرار ڪري ڳجھ ڳوھ ۾ روانو ڪيو. انھي طرح
سان ننگرپارڪر جي اصل رھواسين سوڍن ۽ ڪولھين پنھنجي ننگرپارڪر جي حڪمراني پنھنجي ھٿ
۾ کنئي. انھي وڏي ڪاميابي تي اتي جا رھواسي گڏ ٿي جشن ملھائڻ لڳا، وڏي آب وتاب ۽
فخر سان سينو تاڻي پنھنجي فتح تي ڳائيندا جھومندا رھيا. پنھنجي ننگرپارڪر کي
انگريزن کان آزاد ڪرائي واڳون پنھنجي ھٿ ۾ جھلڻ اتان جي رھواسين لاءِ وڏي ڪاميابي
ھئي جنھن جي خوشي به انھن کي بي انتھا ٿي ھئي.گدڙن مثل لڪي پٺي پويان وار ڪرڻ وارا
انگريز لڪ لڪان ۾ سٽون سٽڻ لڳا. پوئتي پير ڪري ڀڄي ويل انگريز ۽ انھن جي فوج
رازداري ۾ وري ويجھا ٿي لڪ لڪان ۾ سازشون جوٽيندا ويا ۽ ننگرپارڪر جي ڏکڻ طرف واقع
راڻاسر تلاءَ وٽ ٻيھر خيما کوڙي ويھي رھيا. انھي دوران ھو ٻيھر حملي لاء ھر موثر
پلاننگ ڪندا ويا. حيدرآباد مان واپس آيل جنرل تروٽ ڪراچي جي ڪرنل ايونس سان ملي
احمد آباد ۽ ڏينسا مان گھرايل اضافي فوجين، جديد قسم جي ھٿيارن سان انھن ننگرپارڪر
جي اصلوڪين ڌڻين سوڍن ۽ ڪولھين تي خونخوار حملو ڪري ڏنو، ڀالن، تيرن، بڙڇين ۽
تلوارن سان مقابلو ڪندي ننگرپارڪر جا ڏات ڌڻي ڪجھ وقت ۾ ئي رتورت ٿي قربان ٿي ويا.
تيز تلوارون ڪولھين ۽ سوڍن جو سينو چيريندي جسم جي ٻي پار وڃي نڪتيون انھي سفر
دوران تلواريون ته چٻيون به نٿيون پر ويچارا بھادر ننگرپارڪري سپاھي جان تان وڃي چڪا
ھئا. خوشيون ۽ جشن ملھائيندڙن جي ننگري ۾ ماتم، روڄ راڙو ۽ سوڳ برپا ٿي ويو. روپلو
ڪولھي ۽ ان جا ڪجھ ٻيا ويجھا ساٿي ڪارونجھر ۾ لڪي مورچا ٺاھي ويھي رھيا. انگريز جڏھن
پوري زور آزمائي ۽ سوين پارڪري مارڻ جي باوجود پوري طرح تي قابض ٿيڻ ۾ ناڪام ٿيا
ته انھن اتان جي مقامي رھواسين کي لالچ ڏيئي غداري ڪرائيندي ساڙڌڙي تي واقع کوھ
منجھان پاڻي ڀريندي روپلي کي جبري طور اغوا ڪرائي پاڻ وٽ باندي بنائي ڇڏيو. جنرل
تروٽ مختلف قسم جون لالچون ڏئي روپلي کي ورغلائڻ لڳو. جنھن جي گفتگو ڪجھ ان ريت
ھئي:
جنرل
تروٽ: تمھارا نا کيا ھي؟
روپلو:
مارو نام روپلو ڪولھي. (تروٽ ڪنڌ ڌوڻي ٿو)
ٽماري ڊوسري
ساٿي ڪهان هين؟
روپلو:
ڀيٺ مان.
تروٽ:
نهين نهين وه ڊکاو.
تروٽ
روپلي جا هيئن ابتا سبتا جواب ٻڌي ان کي اٻوجھ سمجھڻ جي غلطي ڪندي ان کي لالچ ڏئي
پاڻ طرف اچڻ جي دعوت ڏيڻ لڳو. ان جي اڳيان ڪيترا ئي شرط رکي ھٿيار ڦٽا ڪرڻ جو چوندو
رھيو گڏوگڏ ان ڳالھ تي به زور پئي ڏنائين ته روپلو پنھنجي ويڙھاڪ ساٿين جا نالا ۽
انھن جي لڪڻ جو ھنڌ ٻڌائي، ٻي ضروري معلومات فراھم ڪري، پر انگريز ڪٿي ٿا ڄاڻي
سگھن سنڌي ھندن جون مائرون جڏھن ڄمڻ بعد پنھنجي ڄاول ٻار کي کير پيارينديون آھن ته
پھريون وچن ڌرتي جي حفاظت ۽ ان مٿان سر قربان ڪرڻ جو وٺنديون آھن، ۽ اھا به حقيقت
اھي ته دنيا ۾ موجود ڪوبه انسان دنيا سان ته غداري ڪري ويندو پر جنم ڏيندڙ ۽ کير
پياري وڏو ڪندڙ ماءُ سان ڪيل وچن ٽوڙڻ جو سوچڻ به انھن لاء ڪبيره گناھ کان گھٽ
ناھي، سو روپلي ثابت قدم رھندي ڌرتي ماءُ توڙي جنم ڏيندڙ ماءُ جي وچن جو ورجاء ڪندي
ڪجھ به ٻڌائڻ کان صاف انڪار ڪيو. ان جي انھي انڪار ان لاء نون ۽ ڇرڪائيندڙ عذابن
کي دعوت ڏئي ڇڏي. انگريز جنرل ڪاوڙ ۽ غصي منجھان طرح طرح جون جسماني اذيتون ڏئي
روپلي کي زنده ھوندي ئي جھنم جھڙي زندگي ڏيڻ لڳو ايتري قدر جو ڪپھ جي ٺهيل ڏيئي جي
وَٽين وانگر وٽيون ٺاهي سندس ڏهن ئي آڱرين کي ساڙيو ويو. پر هن سرويچ هڪ به ساٿي
جو نالو ٻڌائڻ بجاءِ امر ٿي مرڻ کي ترجيح ڏني. ھن بافخر سنڌيءَ، چپن کي سئي سان
سبي، ڪجھ نه ڪڇڻ جو قسم کڻي ڇڏيو. ڪڇان ته ڪافر جي جملي وانگي ھن پنھنجي ڌرتي ۽ ان
جي سچن وارثن جي حفاظت کي ئي پنھنجو دين سمجھي ڇڏيو. انگريز تروٽ جو جيءُ اڃا به
نه ڀَريو ۽ سندس زال ميڙواتي جيڪا ڪنڀاري ڳوٺ ۾ رھندي ھئي ان کي گھرائي سندن اڳيان
روپلي جو ايذائيندڙ روپ ڏيکاريو ويو. ھڪ عورت جي دل جيڪا صفا نازڪ ۽ نفيس ھوندي
آھي ان ۾ ڀلا ايتري طاقت ڪٿان جو پنھنجي ھمسفر کي يا ٻي ويجھي عزيز کي تڙپندي اکين
سان ڏسي سگھي.پر ان وقت خدائي طاقتون ميڙاوتي ۾ شايد لھي آيون ھيون ۽ ان ڪنھن بھادر
ويڙھاڪ شھزادي جيان روپلي سان مخاطب ٿي جنرل تروٽ جي سامھون وڏي واڪي چوڻ لڳي
روپلا! تروٽ مونکي انھي لاء ھتي گھرايو آھي ته تنھنجو زخمن سان چور وجود ڏسي ڪمزور
ٿي وڃان ۽ مان تنھنجي زندگي جي لالچ ۾ اچي توکي به غداري طرف راغب ڪريان.پر روپلا ٻڌ
ھي انگريز تقريبن پنج ھزار کان مٿي اسان جا ڪولھي ماري چڪا آھن.تنھنجا ڪجھ ويجھا
ساٿي لاڌو سنگھ ۽ ٻيا قيد ۾ آھن، ڪلجي سوڍو مارجي چڪو آھي ۽ ٻيا ڪجھ ساٿي سلامت
آھن. ھڪ عورت جو مڙس سان ناتو جئيري نه مرڻ بعد به ھوندو آھي. ھو مڙس جي مرڻ بعد
به ان جي بيواھ سڏائي فخر محسوس ڪندي آھي. ۽ سڄي عمر ان جي ئي نالي سان جڙيل ھوندي
آھي. تون قوم ۽ ڌرتي سان غداري ڪري مون سميت پنھنجي گھر وران جو ڪنڌ لڄي نه ڪجان.تون
ڪڏھن به انھن دشمنن جي اڳيان ھار نه مڃجان. تو تي ھي ڏکيو وقت آھي پر ڏکي مھل مڙسن
تي ايندي آھي تون جيڪر ڌرتي سان وفا ڪري موت جو جام پيتو ته ھتان جي رھواسين سميت
آسپاس ۾ موجود وڏي انگ جا ماڻھو توڙي ھڪ انگريز جابر توکي صدين تائين ياد ڪندا
رھندا.
روپلا!
تنهنجي قوم تنهنجي مرڻ تي ماتم ته برداشت ڪري ويندي پر غداري هر گز برداشت نه ڪندي
ڇو جو مائرون اڃا سنڍ نه ٿيون آهن. جيڪي اڃا ڪيئي روپلا پيدا ڪنديون. تون آخري ساھ
تائين انھن سان جنگ جوٽي رکجان تون وڙھندي ماريو وئين ته مان تنھنجي بيواھ سڏائي
فخر محسوس ڪنديس. ھي ڏس مون طرف روپا ھي ھڪ ٻيو روپو منھنجي پيٽ ۾ پلجي رھيو آھي
جيڪو تنھنجي ٻھروپ ئي آھي. ھاڻي روپلي جا حوصلا ماونٽ ايورسٽ جي چوٽي کان به وڌيڪ
اونچا پئسفڪ سمنڊ کان به وڌيڪ گھرا ۽ سنڌو دريا جي پاڻي جيان پوتر ٿي پيا ھئا. ھو
ھر طرح سان مظبوط ٿي چڪو ھو. ھن کي نه پنھنجي جان جي پرواھ ھئي نه ئي ٻي ڪنھن جي
سواءِ ڌرتي ۽ ان جي ڌڻين جي. شينھن واري گجگوڙ ان جي مزاج کي خوفناڪ بڻائي رھي
ھئي، باز واري اڏام ان جي روح کي ستن آسمانن تي گھمائي رھي ھئي. ھن دل ئي دل ۾
قربان ٿيڻ جو پڪو عھد ڪري ڇڏيو ھيو. ۲۱ آگسٽ ۱۸۵۹ع تي روپلي ڪولھي کي شام ۸ بجي
ننگر جي پاسي ۾ واقع سئي گام جي ڀرسان نئي جيڪا وھي ٿي ان جي ڪناري تي بيٺل ٻٻر جي
ھڪ جھڪيل ٽاري تي ٽنگي جنرل تروٽ طرفان بنا ڪنھن ڪيس ۽ ڪاروائي ھلائڻ جي ڦاھي ڏني
وئي. ھن سچي سنڌي سرويچ کي جنھن پنھنجي مٽي جو مان وڌائي ڦاھي جي رسي کي چمي ڳلي لڳايو
ان کي ياد ڪري ڀيٽا ڏيڻ اسانجو قومي فرض آھي. پر اسان جي بدقسمتي آھي اسان پنھنجي
ئي ھيرو ڪردارن کي وساري ويٺا آھيون. اڄوڪي ڏينھن تي روپلو ھميشه لاء مري ڪري امر ٿي
ويو ھيو. انھي جي ڪردار، دليري، ۽ وفاداري کي پنھنجي ايندڙ نسل تائين پھچائي انھن
منجھ احساس پيدا ڪيون ته سنڌ ڌرتي اھڙا پٽ به ڄڻيا جن ان جي حفاظت خاطر جان ڏئي ڇڏي.
سنڌ ڌرتي جي وڻ جنھن کي روپلي حوصلي جي تپش، رت جو پاڻي، ۽ جنھن جي پاڙن کي پنھنجي
وجود جي قرباني جي مٽيء سان وڏو ۽ سرسبز ڪرڻ لاء ھڪ ڪارنامو ڪيو آھي انھي روپلي ڪولھي
جي واٽ تي اسان به ھلندي ڌرتي ماءُ جي حفاظت ڪرڻ جي قسم کڻون. اڄ ھن بھادر جي ورسي
آھي. ۱۶ سالن کان مٿي دشمنن سان جنگ جوٽيندڙ
ڌرتي جي محافظ روپلي ۽ ان جي ۸۰۰۰ ساٿين
جي ۱۵۸ھين ورسي جي موقعي تي اڄ ۲۱ھين آگسٽ ۲۰۱۵ شام جو ۷ وڳي آل ڪولھي ايسوسيئشن سنڌ پاران ننگرپارڪر ۾ جتي روپلي جي آخري آرامگاھ
آھي اتي تقريب ڪوٺائي وئي آھي جنھن ۾ سنڌ واسين کي دعوت ڏني وئي آھي جئين سڀ جمع ٿي
روپلي ڪولھي کي خراج عقيدت پيش ڪري ان جي ڪردار جي عظمت کي پري پنڌ تائين وائکو ڪن.
مرنداسين
ته مٽيءَ تي، پنھنجي چنڊ ڪندو چانڊاڻ،
ساھ
اسان جي سانڀي جا، سا سونھن ڪندي سرھاڻ. (شيخ اياز)
(روزاني هلال
پاڪستان ڪراچي، جمعو تاريخ ۲۱ آگست ۲۰۱۵ع
روزاني
هلچل حيدرآباد، جمعو ۲۱ آگست ۲۰۱۵ع
روزاني
عوامي سنڌ لاڙڪاڻو، جمعو ۲۱ آگست ۲۰۱۵ع )
روپلو ڪولھي
عبدالرحيم گجيراڻي
روپلي ڪولهي جنهن ڪارونجهر ۽ ٿرپارڪر لاءِ جدوجهد ۽ مزاحمت
جي تاريخ پئي جوڙي اهو ٿر دنيا جو ارڙهون ريگستاني علائقو آهي. رڻ ڪڇ ۽ هندستان جي
ڀڪ سان ۲۲ هزار چورس ڪلوميٽرن تي مشتمل سنڌ جي ڏاکڻي علائقي جو هي منفرد
حيثيت رکندڙ خوبصورت علائقو آهي. ۱۸۵۸ ۾ هن علائقي کي چارلس نيپيئر ڪڇ
پوليٽيڪل ايجنسي ۾ شامل ڪيو. ۽ ۱۸۴۳ کان ۱۸۵۸ تائين حيدرآباد ڪليڪٽوريٽ
سان الحاق ۾ رهيو. پر ان دوران انگريز حڪمران هن ڌرتي تي ڪڏهن به سک جو ساھ کڻي رهي
نه سگهيا. بعد ۾ انتقامن هن علائق کي سنڌ کان الڳ ڪري ڪڇ سان ملايو ويو. روپلو ڪولهي
جيڪو اهڙي سامراجي فيصلي کان ڪجهه مهينا بعد مئي مهيني ۾ ۱۸۵۹ دوران گرفتار ڪيو ويو
۽ انگريز عذاب گهرن ۾ مٿس سخت تشدد ڪيو. کانئس سوڍن ۽ راجپوتن جا نالا گهريا ويا جن
سان گڏجي ڳچ عرصو روپلو ڪولهي هزارين ڪولهين سان گڏجي مزاحمتي ويڙھ وڙهندو رهيو. روپلو
ڪولهي جنهن لڳاتار ۱۶ سال ڏڦن، ڀالن، ڪرپان ۽ گليل سان ويڙھ وڙهي تنهن انگريزن
کي پنهنجي هڪ به ساٿي جو نالو نه ٻڌايو. جڏهن کيس چيو ويو ته سوڍا مال ملڪيتون جاگيرون
وٺي ٺاھ ڪري چڪا آهن، تون به ٺاھ ڪر ته روپلي چيو ته منهنجي ڌرتي تان ناپاڪ قدم کڻي
وڃو. مان پنهنجن امر شهيدن جي رت سان سودو نه ڪندس ۽ اوهان سان ڪڏهن به ٺاهه نه ڪندس.
ڪيسر ڪولهڻ جو پٽ روپلو ساھ ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويو پر هن انگريز سامراج آڏو ڪنڌ جهڪائڻ
ڪڏهن به قبول نه ڪيو.
ٿر جي تتل واري ۽ پارڪر جي پٿريلي زمين تي پيرن اگهاڙي انگريزن
سان ويڙھ وڙهندڙ بهادر پارڪرين سامراج کي للڪاريو، انهن ماڻهن ۾ اڳئين صف جو ويڙهاڪ
روپلو ڪولهي سامراجن جي خوني چنبن ۾ قيد دوران به بهادري ۽ جرئت جو پاڻ مثال هو.ڌناڻي،
تلوار، بڙڇ ۽ ڀالا کڻي معمولي هٿيارن سان برطانوي فوج کي ڀاڃ تي مجبور ڪندڙ هي ماڻهو
ڌرتي جو غيرت مند اولاد هئا.
جڏهن مئي مهيني ۾ روپلو گرفتار ٿيو تڏهن ننگر ۾ سخت برسات
وسي رهي هئي. پٽيالي ۽ گودروندي تيز وهي رهيون هيون. ان ڏينهن انگريزن سان دوبدو ويڙھ
وڙهي وئي، ڇهه هزار ڪولهي شهيد ٿيا. جن جو خون انهن برساتي ندين ۾ وهندو رهيو. پاڻي
ريٽو رت بڻجي ويو. ڌرتي ۽ وطن تان هزارين ڪولهي جان جو نذرانو
ڏئي شهادت جو جام پيئندا رهيا. هنن ساھ ڏئي،
ويساھ قائم
ڪري ورتو. جڏهن ته سندن راجا لاڏو سنگهه ۽ ڪرن سنگهه توڙي ٻاوا ۽ ٻيون برادريون ميدان
ڇڏي ڀڄي ويون. ڪن معافيون ورتيون پر هي دلير ۽ مڙس ماڻهو،
ٽارچر سيل
۾ ڪڙهندي به آڻ مڃڻ لاءِ هڪ سيڪنڊ به تيار نه ٿيو ۽ چوندو رهيو ته مان پنهنجي ڌرتيءَ
تان ٻاٽ
اونداهي مٽائي روشن سج اڀارڻ لاءِ آخري پساھ تائين جنگ ڪندو رهندس. روپلي ڪولهي جي
وني جڏهن ساڻس ملاقات ڪرڻ اچي ٿي ته انگريز کيس روپلي کي ٺاهه تي راضي ڪرڻ جي آسري
تي ملائن ٿا ۽ کيس چيو وڃي ٿو ته روپلي جيڪڏهن آڻ نه مڃي ته سندس لڄ سرعام لٽي ويندي.
بهادر زال جڏهن پنهنجي باغي مڙس سان ملي ٿي ته ان وقت رتن ٻائي ڪولهڻ پاڻ بهادري جي
علامت بڻجي پئي ٿي ۽ روپلي کي همت وٺرائيندي چئي ٿي ته نه ساٿين جا نالا ڏجانءِ نه
ئي وري انگريزن جي ڳالهين ۾ اچي انهن سان ٺاھ ڪجانءِ. توکي ماريو ويو ته وري منهنجي
ڪک مان ڄمندڙ ٻار تنهنجي جدوجهد ۽ مزاحمت کي جاري رکندو. هي منهنجي لڄ لٽين يا تو کي
ماري ڇڏين. ان سان اسين امر ٿي وينداسين. اهو ئي سبب آهي ته اڄ انگريزن جي قبرن تي
ڪير وڃڻ لاءِ تيار ناهي پر ڪارونجهر جي ڪور تي امر شهيد روپلو ڪولهي جي يادگار تي سنڌ،
هنڌ ۽ ٻين علائقن جا ماڻهو اچن ٿا. سنڌ جا نوجوان اتي پنهنجو
قومي ترانو پڙهن ٿا. روپلي ڪولهي ساھ ڏئي جيڪو ويساھ قائم ڪيو اڄ ڪولهين کان علاوه
سنڌ ۽ هند ۾ کيس قومي هيرو تصور ڪيو ٿو وڃي. قومي تحريڪ سندن ويڙھ کي پنهنجي جودجهد
لاءِ اتساھ سمجهي اڳيان وڌي رهي آهي. انگريزن کان اڄ تائين غلامي جي جنهن پاتال کي
سنڌ ڇهي رهي آهي. انهن هڪ سئو ۶۷ سالن تائين هلندڙ جدوجهد ۽ قومي
ويڙھ شهيد روپلي ڪولهي جي مزاحمت ويڙھ جو تسلسل آهي. نيٺ هر طرح جي غلاميءَ کان قوم
نجات ماڻيندي.
(بشڪريه عبدالرحيم گُجراڻِي) سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام.
روپلو
ڪولهي
اسان جو هيرو
انجنيئر
پرديپ ڪالاڻي
خبر نه آهي ته سنڌ
کي ڪنهن جي بددعا لڳي آهي يا سنڌي قوم ڪنهن جنم ۾ ڪهڙا گناهه ڪيا هئا، جو پنج هزار
سال پراڻي موهن جو دڙو جهڙي ثقافت رکندڙ قوم جنهن مان ڦيٿو مليو ۽ انهي ڦيٿي تي اڄ
سڄي دنيا جا سفر طئه ٿين ٿا، جنهن مان چرخو مليو ۽ انهي چرخي (گراڙي) تي اڄ سڄي دنيا
جا ڪارخانا هلن ٿا، سڄي دنيا ۾ اهو چيو وڃي ٿو ته جنهن گهر جو ڪچن ۽ باٿ روم صاف
نه آهي ته هو گهر مهذب نه آهي، اهي باٿ روم ۽ ڪچن موهن جي دڙي مان مليا. پر اڄ
افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته پنج هزار سال پراڻي ثقافت جا وارث جنهن وقت دنيا جا
ماڻهون جهنگلن ۾ اگهاڙا رهندا هئا ۽ ڪچو گوشت کائيندا هئا، اڄ اها غلام آهي ۽
اُنهي سنڌي قوم لاءِ عطا محمد ڀنڀري جي لفظن مطابق ته ”منهنجي قوم ۽ منهنجا هٿ
غلامي جي زنجيرن سان جڪڙيل آهن، تنهنڪري آئون هي ٻيو دفعو تمغه امتياز ايوارڊ نه
وٺندس“ اڄ ڇو اهڙي شاهوڪار ثقافت جا مالڪ غلامن واري زندگي گذاري رهيا آهن؟ شايد
اسان پنهنجا لڇڻ خراب ڪندي، پنهنجي شاهوڪار ثقافت جا هيرا شهيد روپلي ڪولهي جهڙا
بهادر انسان وساري ڇڏيا آهن. ڪيسر ڪولهڻ جو پُٽ روپلو ڪولهي جيڪو مسڪين لوئر ڪلاس
سان تعلق رکندو هو، جنهن جڏهن ۱۸۴۳ع ۾ سوڍن (راجپوتن) جو سپاهي
ٿي، ٿر جي تتل واري ۽ ڪارونجهر جي پٿرن تي انگريزن کي للڪاريو ته ٽي دفعه انگريز
ڪرنل تروت پنهنجون فوجون مارائي، تڏا ويڙهي ڀڄي ويو. سنڌ جو هي بهادر سپاهي ۱۸۴۳ع کان ۱۸۵۹ع تائين مسلسل ۱۶ سال انگريزن سان
پنهنجي ڪولهي برادري جي بهادر ۽ بااعتماد ساٿين سان گڏ اڳئين صفن ۾ وڙهندو رهيو.
انهيءَ وقت انگريز پوري برصغير ۾ هماليه جبل کان وٺي نئون ڪوٽ قلعي تائين پنهنجو
راج ڀاڳ قائم ڪري چڪا هئا ۽ پهاڪو مشهور ٿي ويو هو ته ”سڄي دنيا ۾ انگريزن جي
حڪومت ايتري وسيع آهي جو مٿان سج لهي ئي ڪو نه ٿو“. پر هن ڌرتي جي بهادر سپوت کي
ڪرنل تروت چوٿون دفعو ۲۱ آگسٽ ۱۸۵۹ع کان تقريبن ٽي
مهينا اڳ ۾ تڏهن گرفتار ڪري سگهيو جڏهن هن هزارين فوجي ڀڄ ڪڇ، ٻاڙمير، راڌن پور،
حيدرآباد، ميرپورخاص مان گهرائي بدين رستي آڻي، سڄي ٿر جي هزارين ڪلوميٽر ايريا کي
سخت ڪڙو چاڙهي ناڪابندي ڪئي. اُن وقت انگريزن وٽ جديد هٿيار، بم گولا مشينون،
رائفل، بندوق وغيره هيون پر روپلي ڪولهي ۽ سندس ساٿين وٽ صرف تير، ڌناڻي، تلوار،
ڀالا بڙڇ ۽ گليل وغيره جهڙا معمولي هٿيار هئا. جنهن ڏينهن روپلو گرفتار ٿيو، اُنهي
ڏينهن سخت برسات هلي رهي هئي، ننگرپارڪر جون گودرو ندي ۽ پٽياڻي ندي وهي رهي هئي،
اُنهي ڏينهن دوبدو آخري ويڙهه ٿي، جنهن ۾ روپلي جا ساٿي، ۷ هزار ڪولهي شهيد
ٿيا ۽ سندن خون اُنهن وهندڙ ندين ۾ وهيو ۽ اُهي نديون رت سان ڳاڙيون ٿي ويون.
ڪولهين ساهه ڏي ويساءِ بچايو ۽ سندس راجه لاڌو سنگهه ۽ ڪرن سنگهه ۽ ٻيون برادريون
ٻاووا ۽ ميگهواڙ ڀڄي ويا، پر هي سنڌ جو سرويچ سپاهي ۽ چريو پُٽ مسلسل ٽي مهينا ۲۱ آگسٽ تائين انگريزن
جي ٽارچر سيل ۾ سخت تشدد جو نشانو ٿيندو رهيو. ٽارچر سيل ۾ تشدد دوران انگريزن.
سندس ساٿين ۽ سوڍن جا نالا ۽ ڏس پتا پُڇڻ لاءِ روپلي جي هٿن جي ترين کي ڏيو ٺاهي
ٻاريو، ته هن سنڌ جي بهادر سرويچ پُٽ انگريزن کي اهو چيو ته شايد ”اوهان اهو سمجهو
ٿا ته منهنجون تريون ٻري رهيون آهن ۽ مونکي تڪليف ٿي رهي آهي“ پر آئون اهو سمجهان
ٿو ته ”اها روشني آهي جنهن سان منهنجو وطن ۽ منهنجي برادري سدائين لاءِ روشن ٿي
رهي آهي، جيڪا قيامت تائين روشن رهندي، تنهنڪري آئون پاڻ اها روشني مرڻ دم تائين روشن
رکندس“ اُتي وري روپلي ڪولهي جي اڻ پڙهيل ۽ سادي سودي ڳوٺاڻي زال جو ڪردار ته ڏسو
جڏهن انگريز سندس زال کي اهو سمجهائي روپلي وٽ وٺي آيا ته روپلي کي سمجهاءِ ته
انگريزن سان بغاوت بند ڪري، آڻ مڃي ۽ ساٿ ڏي ته اسان روپلي کي غريب سمجهي، زنده
سلامت آزاد ڪري ڇڏينداسون ۽ جيڪڏهن نه مڃائي سگهين ته روپلي اڳيان تنهنجي جسم جي
بي حرمتي ڪنداسون. اُن وقت روپلي جي زال جي ذهن ۾ ته هڪ ئي اڻ تڻ هئي ته اُنهي
بهاني آئون پنهنجي بهادر ورِ جو آخري ديدار ڪري وٺان. جڏهن انگريزن رتن ٻائي ڪولهڻ
کي روپلي وٽ ٽارچر سيل ۾ وٺي آيا ته سندس زال پنهنجي بهادر وَر روپلي ڪولهي کي ڏٺو
ته هو، سخت تشدد ڪري صرف ساهه کڻي رهيو هو ۽ سندس بهادر زال رتن ٻائي ڪولهڻ پنهنجي
وَر روپلي کي ڀاڪر پائي اهو چيو ته ”اي روپلا مونکي انگريزن ڌمڪي ڏني آهي، ته
جيڪڏهن تو آڻ نه مڃي ته هو مونکي تنهنجي اڳيان بي آبرو ڪندا پر تون پوءِ به پنهنجي
وطن ۽ ساٿين سان غداري نه ڪج. تون جيڪڏهن وطن تان شهيد ٿي وئين ۽ منهنجي آبرو
لُٽجي ويئي، پر توسان منهنجو وچن آهي ته منهنجي ڪُک مان جيڪو ٻار پيدا ٿيندو،
اُنهي جي آئون وري اهڙي تربيت ڪندس جو اهو وري روپلي ڪولهي جو روپ وٺي انگريزن سان
پنهنجي رت جي آخري ڦُڙي تائين وڙهندو رهندو. انگريزن جڏهن روپلي جي زال کان پُڇيو
ته روپلي ڇا چيو ته جواب ۾ ٿر جي سادي عورت انگريزن جي ڳالهه کي گهٽ اهميت ڏيندي
صرف اهو چيو ته اوهان واري ڳالهه ڪرڻ مونکي وسري ويئي.
رت ديــس تنهنجي
راهه ۾، ڦڙو ڦڙو ٿي وهي وڃي
منهنجو نصيب ٺهي
وڃي، تنهنجو قرض به لهي وڃي.
روپلي جي ٽارچر
دوران ئي سوڍي راجا لاڌو سنگهه ۽ ڪرن سنگهه انگريزن سان ٺاهه ڪري انعام طور
ننگرپارڪر جون جاگيرون ورتيون ۽ اڄ به سڄي ننگرپارڪر جي زمين جو رڪارڊ سوڍن (ٺڪرن)
جي نالي تي آهي ۽ اهي سوڍا ۱۹۴۷ع کانپوءِ جاگيرون ۽ زمينون ڇڏي
ڀڄي ويا ۽ روپلي ڪولهي جي يادگار به ٺهرائي ڪو نه سگهيا. پر ڪولهي اڄ به سنڌ ۾
جيڪڏهن وڌ ۾ وڌ ملندا ته اهي ننگرپارڪر ۾ مسڪيني ۽ رحم جوڳي حالت ۾ پنهنجو گذر سفر
ڪندي نظر ايندا. افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته شهيد روپلي ڪولهي جي بهادري جي ڪولهين جي
نئين ٽئي کي اها خبر ئي ڪونهي ته روپلو ڪولهي ڪير هو. ڇو جو انگريز انهن جاگيردارن
۽ وڏيرن کي سمجهائي ويا هئا ته ڪولهين ۽ ڀيلن کي موچڙي هيٺ رکجو ۽ اُنهن کي سُڌرڻ
نه ڏجو ۽ تعليم کان پرتي رکجو، جيڪڏهن اهي سُڌري ويا ته اوهان انهن سان ڪنهن به
فيلڊ ۾ مقابلو ڪري ڪو نه سگهندا. اها حقيقت آهي ته اسان سڀني شايد! ڪولهين کي
سڃاتو ئي ڪونهي. ڪولهي ايمانداري ۾ اهڙا ايماندار جو ڪو زميندار جيڪڏهن هاري رکندو
ته ڪولهي رکندو ۽ جيڪڏهن رکندو ته اُنهن کي ڇڏيندو ڪو نه، محنتي اهڙا جو ڪڻڪ،
سارين، مرچ ۽ ڦُٽي ۽ ڪمند ڪٽڻ جو سخت ڪم ڪولهين جهڙو ٻيو ڪو به ڪري ڪو به نه
سگهندو، سونهن ۾ ۲۰ سيڪڙو ڪولهي اهڙا سهڻا جو جيڪڏهن مس ورلڊ ۽ مس يونيورس
مقابلي ۾ موڪلجي ته اهو انعام به کٽي اچن، ايترو پرسينٽيج ٻئي ڪنهن برادري يا ذات
۾ ڪو نه ملندو. پنهنجي ڪمينٽمينٽ ۾ اهڙا پڪا جو ها ڪن ته نه ڪو نه ڪن ۽ جيڪڏهن نه
ڪن ته پوءِ ها ڪو نه ڪن.
روپلو ڪولهي
ويرجي ڪولهي
انگريز سامراج سان مهاڏو اٽڪائيندڙ امر ڪردار روپلو
ڪولهي جي پونئيرن متعلق هلندڙ بحث پڙهي سٺو لڳو، انهي
ڳالھ تي آئون به متفق آهيان ته اسان جا جيڪي به قومي هيروز آهن، انهن تي تحقيق ٿيڻ
کپي ۽ انهن کي سرڪاري طور “قومي هيروز ”، جو اعزاز ملڻ گهرجي، ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو
آهيان ته سرڪار جي تسليم ڪرڻ يا نه ڪرڻ سان ڪهڙو فرق ٿو پوي، قومي هيرو ته قومي
هيرو آهي، جيڪو تاريخ جي سُنهري ورقن تي هميشه ياد رهندو پر وري به اهو ضروري آهي
ته جنهن رياست جي قوم ۽ ڌرتي جي لاءِ جن ماڻهن جان جا نظرانا ڏيئي ڌارين کي ڌڪي
ڪڍيو هاڻ جڏهن اسان آزاد آهيون ته موجوده رياست ۾ بنا دير جي انهن سمورن قومي
هيروز کي سرڪاري اعزاز ڏيئي درسي ڪتابن ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن اسان جي اُڀرندڙ ۽
ايندڙ نسل کي به خبر پوي ته تاريخ ۾ اسان جا قومي هيرا ۽ قومي غدار ڪير هئا. قومي
غدار جن کي انگريز سرڪار پاران خان بهادر، نواب ۽ سر جا خطاب ڏنا انهن کي ته اسان
درسي ڪتابن ۾ هيرو ڪري پڙهايون ٿا پراصل جيڪي اسان جا هيروز آهن انهن کي درسي
ڪتابن ۾ شمل ڪرڻ لاء تيار ناهيون ڇو؟؟ امر روپلو ڪولهي اصُل ڳوٺ
ڪُونڀاري يونين ڪاوُنسل هاڙو، تپو مامچيرو جو رهاڪُو هو ، ڳوٺ ڪُونڀاري ، ڳوٺ ڪويا
کان اولھ طرف، کارسر کان اتر طرف، ۽ مامچيرو کان اوڀر طرف واقعي آهي. امر روپلو
ڪولهي جي پيءِ جو نالو سامتو، ماءُ جو نالو ڪيسر ٻائي چوهاڻ، ۽ زال جو نالو
ميڻاوتي هو. دوستن کپرو طرف رهندڙ سرڳواسي (مرحوم) ڪامريڊ سترام ڪولهي جو ذڪر
ڪيوته هُو امر روپلو ڪولهي جو وارث آهي، ائين ئي آئون به ڪيئي وڏن فورمن تي اها
دعوي ڪري چُڪو آهيان ته آئون امر روپلو ڪولهي جو وارث آهيان، ۽ آئون سمجهان ٿو ته نه
صرف ڪولهي قبيلي بلڪه سموري سنڌ جي هر مُحبِ وطن انسان کي اها دعوي ڪرڻ گهرجي. پر
تحقيق اها ڪجي ته هُو ڪهڙي خاندان سان تعلق رکندڙ هو.سرڳواسي ڪامريڊ سترام ڪولهي
سان تمام گهڻيون ڪچهريون ٿيل آهن، هُو سابق ايم اين اي، ۽ ڪولهي برادري جي معزز
اڳواڻ سرڳواسي (مرحوم) پارو مل ڪولهي جو تمام ويجهو دوست هوندو هو، ڪولهي برادري
جي هر خاص گڏجاڻي ۾ گولاڙچي جو سرڳواسي ڀڳوانداس موريو ڪولهي، وڪيل ڀورومل ڪولهي
(جيڪو هن وقت مٺي ۾ وڪالت ڪري ٿو)، سرڳواسي پارو مل ڪولهي، سرڳواسي
ڪامريڊ سترام داس ڳوئيل ڪولهي، پٽيل رامشي ڪولهي (جيڪو هينئر سامارو جي ويجهو رهي
ٿو پنهنجو ٻني ٻارو اٿس) وارا گڏ هوندا هئا.
سرڳواسي ڪامريڊ سترام داس ڪولهي اڪثر محفلن ۾ چوندو هو
ته هو امر روپلو ڪولهي جو اصل وارث آهيان، هُو ڪامريڊ هو ۽
عوام لاءِ جاکوڙيندو هو، ان ڪري ڪير به اعتراض ڪونه ڪندو هو، وري به پارومل صاحب
ٽوڪيندو هو ته ”تون امر روپلو ڪولهي جي پير جهڙو به ڪونه آهين“.
سرڳواسي ڪامريڊ سترام داس ڪولهي ڏاڍو سٺو کاهوڙي ماڻهو
هو، اُن ۾ ڪو به شڪ نه آهي، پر هن جو اصل ڳوٺ
پيٿاپُور آهي، جيڪو منهنجي ڳوٺ ڌنا ڳام کان ۶ ڪلوميٽر اُتر طرف
آهي، جتي اڄ به روپاڻي ڳوئيل رهن ٿا، ۽ هُو ”روپو“ جا پوٽا آهن، ۱. هن جو نالو روپو جيڪو
ٻيو هو، امر روپلو ڪو نه هو، هوُ پاڻ ۾ ۳ ڀائر هئا، روپو
پويان، روپاڻي ڳوئيل، ڀورو پويان ڀُوراڻي ڳوئيل، واهتو پويان
واهتواڻي ڳوئيل، اڃان به رهن ٿا.
هڪ دوست لکيو ته ڳوئيل اصل ڀوڏيسر جا آهن. ڀوڏيسر جي
نالي سان واقعي ۲ ڳوٺ آهن، هڪ ڀوڏيسر جيڪا نگر پارڪر ويندي مين روڊ تي
اچي ٿي، جتي پُراڻا جين مندر ۽ مسجد ٺهيل آهي، اُتي هن وقت ڪولهين جا ٽوٽل ۶ گهر آهن جيڪي
”ڪاهويا چوهاڻ“ نُک جا آهن، نئون دمبالو لڳ ڳوٺ ڪپري موري تي رهندڙ سيٺ هيرالال
ڪاهويو چوهاڻ اُنهن مان آهي، ۽ ۳۰ کن گهر ميگهواڙن جا
آهن. ٻيو ڳوٺ ڀوڏيسر ننگرپارڪر کان اوڀر طرف ڳوٺ ڀڙ تلاءُ۽ چوڙيو جي ويجهو بلڪل
انڊيا جي بارڊر تي واقع آهي، جنهن ۾ ڪولهين جا ۵ گهر ”ٿانوراڻي
ڳوئيل“ رهن ٿا، جن جو هن وقت چڱو مڙس ڳومدو ٿانوراڻي جيڪو واڍڪو ڪم ڪندو آهي، باقي
۱۲ کن گهر ٺڪرن جا ۽ ۴ گهر ٻانڀڻن
جا آهن. ڪو وري امر روپلو جو گيڏيو (لڪُڻ، لٺ) رکيو ويٺو آهي، جنهن
جي بُنياد تي وارثي جي دعوي ٿو ڪري، انهن دوستن جي لاءِ عرض آهي ته امر روپلو
ڪولهي تمام وڏو بهادر، سورهيه، ۽ همت وارو انسان هو، جيڪو هميشه پاڻ سان تلوار کڻي
هلندو هو، ڪيئي نالي وارا بهادر اُن جي سامهون بيهي نه سگهندا هئا، هُو جنگ وڙهندي
ئي گرفتار ٿيو ۽ ان کي ڦاسي ڏني ويئي. مونکي حيرت ٿي ٿئي ته امر روپلو ڪولهي گيڏيو
کڻي ڪڏهن هلندو هو؟
امر روپلو ڪولهي جي باري ۾ مذڪوره تاريخ اسان کي ننگر
پارڪر واسي هر جُهوني جي واتان ٻڌڻ لاءَ ملي ٿي، آئون سمجهان ٿو ته اها ئي اسان کي
حقيقت سمجهڻ گهرجي.
يقين ڪريو گذريل ۲۴ مارچ(هوش محمد شيدي
جي شهادت جو ڏينهن) تي جڏهن مون شهيد هوش محمد شيدي تي ڪجھ لکڻ ٿي چاهيو ته مون
الائي ڪيترن ڪتابن ۾ ڳولهيو ته هُو اصل ڪٿي جو هو؟ ڪٿان آيو؟ هُن جو خاندان(وارث)
ڪٿي رهن ٿا؟ پر حيرت جي ڳالھ ته
مونکي ڪٿان به ڪا به تاريخ نه ملي سگهي، صرف هڪ جملو ته ”مرسون، مرسون، سنڌ نه ڏيسون“ هن جو
تعارف ڪرايو، ۽ هُوءِ سڄي دُنيا ۾ سنڌ جو قومي هيرو طور سُڃاتو وڃي ٿو، هاڻي اڄ
بُڪيرا شريف (جيڪو شيدين جو تمام پُراڻو ڳوٺ آهي) چون ته شهيد حوش محمد جا وارث
اسان آهيون، ۽ حيدرآباد وارا چون ته نه اسان وارث آهيون، ته پوءِ ڇا ڪجي.؟
باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح اصل جهرڪ جو هو،
درسي ڪتابن ۾ پڙهون ٿا ته اصل ڪراچي جو هو، اسان کي ۶۳ سال ٿيا آهن پر اڄ
تائين بحث جاري آهي ته هو جهرڪ جو هو يا ڪراچي جو هو،
جڏهن ته جوگيندر ناٿ منڊل هٿان پاڪستان جو پهريون گورنر
جنرل طور حلف کڻندڙ قائد اعظم محمد علي جناح ته سيڪيولر پاڪستان جو خواب ڏٺو، انهي
جواسان سڀ گڏجي مطالبو ڇو نه ٿا ڪريون؟ اهڙي طرح اچو ته اسان سڀ گڏجي
امر روپلو ڪولهي جي حُب الوطني واري جذبي، پنهنجي ڌرتي ۽ قوم سان محبت جو وچن
ورجهائيندي پنهنجي قوم ۽ وطن جي خوشحالي ۽ وسيلن جي وارثي جي لاءِ امر ڪردارن جيان
گڏجي جدوجهد ڪريون.
رُوپلو ڪولھي
سنڌ جي عظيم امر ڪردار
کي سندس ورسيءَ تي قومي سلام پيش ڪجي ٿو.
معراج سنڌي
رُوپلو ڪولھي ۱۸۱۸ع ڌاري ڪيسر ٻائي جي ڪُک مان جنم ورتو سندس پتا جو نالو شانتو ڪولهي هيو.
روپلو ڪولھي انگريزن جي سنڌ تي
قبضي خلاف گوريلا ويڙه ڪندڙ هڪ آزاديءَ جو سپاهي هو. هن ڪارونجهر جي جبلن ۾ لڪي
انگريزن خلاف اثرائتيون ڪاروائيون ڪيون. روپلي جي ويڙه انگريزن کي تمام گهڻو
پريشان ڪيو، نيٺ هڪ ڏينهن کيس دوکي سان گرفتار ڪري ورتائون. انگريزن، روپلي ڪولهيءَ
تي ڪيس هلائي کيس بغاوت جي الزام هيٺ ۲۲ آگسٽ ۱۸۵۸ع تي سندس ساٿين سميت ڦاهيءَ چاڙهي ڇڏيو.
پتنگن پھ ڪيو، مڙيا مٿي مچ
پسي لهس نه لڇيا، سڙيا مٿي سچ
سندا ڳچين ڳچ، ويچارن وڃايا.
۱۸۴۳ع ۾
انگريزن جنهن چالاڪي مڪاري ۽ جديد هٿيارن سان جنگ وڙهي سنڌ جي مختلف علائقن کي فتح
ڪري سنڌ تي قبضو ڪر ورتو. ننگر پارڪر جي علائقي ۾ انگريزن کي ۱۶ سالن تائين راجپوتن جي فوج سان مهاڏو اٽڪائڻو پيو. جنهن فوج جو وڏو تعداد ڪولهين
تي مشتمل هو ۽ ان جو سپھ سالار دراوڙ نسل جو روپلو ڪولهي هو. ياد رهي ته ڪولهي سنڌ
۽ راجستان جي ٿر ۽ پارڪر جي علائقي ۾ اصلوڪن رهاڪن جي حيثيت رکن ٿا. ۱۸۴۳ کان ۱۸۵۹ تا ئين انگريزن سان جنگ جوٽيندڙ
روپلو ڪولهي نه فقط بهادر پر پنهنجي ڌرتي، ماڻهن ۽ حڪمرانن جو بنھ وفادار انسان
هو، بي پناھ ڪمنٽمينٽ جو مالڪ روپلو ڪولهي ٽي ڀيرا ان وقت انگريز فوج جي جنرل ٿروٽ
کي شڪست ڏيئي چڪو هو ۽ جنرل تروٽ پنهنجون فوجون واپس وٺي بار بار اچي ميرپور ڪئمپ
پهچندو هو.
جڏهن ته انگريزن وٽ توپون،
رائفلون، بندوقون، گولابارود ۽ جديد هٿيار هئا. تڏهن هماليه جبل کان سنڌي سمنڊ
تائين انگريز راڄ ته قائم ڪري ويا پر کين سنڌ جي نقشي تي موجود ڪارونجهر جبل ۽ ٿرپارڪر
۱۶ سالن تائين آزاد خودمختيار
علائقي جي حيثيت سان رهندي قبصو ڪرڻ نه ڏنو. بغاوت جو جهنڊو بلند ڪندڙ روپلو ڪولهي
طئه ڪري چڪو هو ته ڪنهن به صورت ۾ انگريزن کي ڪارونجهر جي ڪور تائين پهچڻ نه ڏبو.
روپلي ڪولهي جنهن ڪارونجهر ۽ ٿرپارڪر
لاءِ جدوجهد ۽ مزاحمت جي تاريخ پئي جوڙي اهو ٿر دنيا جو ارڙهون ريگستاني علائقو
آهي. رڻ ڪڇ ۽ هندستان جي ڀڪ سان ۲۲ هزار
چورس ڪلوميٽرن تي مشتمل سنڌ جي ڏاکڻي علائقي جو هي منفرد حيثيت رکندڙ خوبصورت
علائقو آهي. ۱۸۵۸ ۾ هن علائقي کي چارلس نيپيئر ڪڇ
پوليٽيڪل ايجنسي ۾ شامل ڪيو. ۽ ۱۸۴۳ کان ۱۸۵۸ تائين حيدرآباد ڪليڪٽوريٽ سان الحاق ۾ رهيو. پر ان دوران انگريز حڪمران هن
ڌرتي تي ڪڏهن به سک جو ساھ کڻي رهي نه سگهيا. بعد ۾ انتقامن هن علائق کي سنڌ کان
الڳ ڪري ڪڇ سان ملايو ويو. روپلو ڪولهي جيڪو اهڙي سامراجي فيصلي کان ڪجھ مهينا بعد
مئي مهيني ۾ ۱۸۵۹ دوران گرفتار ڪيو ويو ۽ انگريز
عذاب گهرن ۾ مٿس سخت تشدد ڪيو. کانئس سوڍن ۽ راجپوتن جا نالا گهريا ويا جن سان گڏجي
ڳچ عرصو روپلو ڪولهي هزارين ڪولهين سان گڏجي مزاحمتي ويڙھ وڙهندو رهيو. روپلو ڪولهي
جنهن لڳاتار ۱۶ سال ڏڦن، ڀالن، ڪرپان ۽ گليل
سان ويڙھ وڙهي تنهن انگريزن کي پنهنجي هڪ به ساٿي جو نالو نه ٻڌايو. جڏهن کيس چيو
ويو ته سوڍا مال ملڪيتون جاگيرون وٺي ٺاھ ڪري چڪا آهن، تون به ٺاھ ڪر ته روپلي چيو
ته منهنجي ڌرتي تان ناپاڪ قدم کڻي وڃو. مان پنهنجن امر شهيدن جي رت سان سودو نه ڪندس
۽ اوهان سان ڪڏهن به ٺاھ نه ڪندس. ڪيسر ڪولهڻ جو پٽ روپلو ساھ ڏيڻ لاءِ تيار ٿي
ويو پر هن انگريز سامراج آڏو ڪنڌ جهڪائڻ ڪڏهن به قبول نه ڪيو.
ٿر جي تتل واري ۽ پارڪر جي پٿريلي
زمين تي پيرن اگهاڙي انگريزن سان ويڙھ وڙهندڙ بهادر پارڪرين سامراج کي للڪاريو،
انهن ماڻهن ۾ اڳئين صف جو ويڙهاڪ روپلو ڪولهي سامراجن جي خوني چنبن ۾ قيد دوران به
بهادري ۽ جرئت جو پاڻ مثال هو. ڌناڻي، تلوار، بڙڇ ۽ ڀالا کڻي معمولي هٿيارن سان
برطانوي فوج کي ڀاڃ تي مجبور ڪندڙ هي ماڻهو ڌرتي جو غيرت مند اولاد هئا.
جڏهن مئي مهيني ۾ روپلو گرفتار ٿيو
تڏهن ننگر ۾ سخت برسات وسي رهي هئي. پٽيالي ۽ گودروندي تيز وهي رهيون هيون. ان ڏينهن
انگريزن سان دوبدو ويڙھ وڙهي وئي، ڇھ هزار ڪولهي شهيد ٿيا. جن جو خون انهن برساتي
ندين ۾ وهندو رهيو. پاڻي ريٽو رت بڻجي ويو. ڌرتي ۽ وطن تان هزارين ڪولهي جان جو
جذرانو ڏئي شهادت جو جام پيندا رهيا. هنن ساھ ڏئي ويساھ قائم ڪري ورتو. جڏهن ته
سندن راجا لاڏو سنگھ ۽ ڪرن سنگھ توڙي ٻاوا ۽ ٻيون برادريون ميدان ڇڏي ڀڄي ويون. ڪن
معافيون ورتيون پر هي دلير ۽ مڙس ماڻهو ٽارچر سيل ۾ ڪڙهندي به آڻ مڃڻ لاءِ هڪ سيڪنڊ
به تيار نه ٿيو ۽ چوندو رهيو ته مان پنهنجي ڌرتي تان ٻاٽ اونداهي مٽائي روشن سج اڀارڻ
لاءِ آخري پساھ تائين جنگ ڪندو رهندس. روپلي ڪولهي جي وني جڏهن ساڻس ملاقات ڪرڻ
اچي ٿي ته انگريز کيس روپلي کي ٺاھ تي راضي ڪرڻ جي آسري تي ملائن ٿا ۽ کيس چيو وڃي
ٿو ته روپلي جيڪڏهن آڻ نه مڃي ته سندس لڄ سرعام لٽي ويندي. بهادر زال جڏهن پنهنجي
باغي مڙس سان ملي ٿي ته ان وقت رتن ٻائي ڪولهڻ پاڻ بهادري جي علامت بڻجي پئي ٿي ۽
روپلي کي همت وٺرائيندي چئي ٿي ته نه ساٿين جا نالا ڏجانءِ نه ئي وري انگريزن جي ڳالهين
۾ اچي انهن سان ٺاھ ڪجانءِ. توکي ماريو ويو ته وري منهنجي ڪک مان ڄمندڙ ٻار تنهنجي
جدوجهد ۽ مزاحمت کي جاري رکندو. هي منهنجي لڄ لٽين يا توکي ماري ڇڏين. ان سان اسين
امر ٿي وينداسين. اهو ئي سبب آهي ته اڄ انگريزن جي قبرن تي ڪير وڃڻ لاءِ تيار ناهي
پر ڪارونجهر جي ڪور تي امر شهيد روپلو ڪولهي جي يادگار تي سنڌ، هنڌ ۽ ٻين علائقن
جا ماڻهو اچن ٿا سنڌ جا نوجوان اتي پنهنجو قومي ترانو پڙهن ٿا. روپلي ڪولهي ساھ ڏئي
جيڪو ويساھ قائم ڪيو اڄ ڪولهين کان علاوه سنڌ ۽ هند ۾ کيس قومي هيرو تصور ڪيو ٿو وڃي.
قومي تحريڪ سندن ويڙھ کي پنهنجي جودجهد لاءِ اتساھ سمجهي اڳيان وڌي رهي آهي.
انگريزن کان اڄ تائين غلامي جي جنهن پاتال کي سنڌ ڇهي رهي آهي. انهن هڪ سئو ۶۷ سالن تائين هلندڙ جدوجهد ۽ قومي ويڙھ شهيد روپلي ڪولهي جي مزاحمت ويڙھ جو
تسلسل آهي. اميد ته هر طرح جي غلاميءَ کان سنڌي قوم نجات ماڻيندي.
(محمد سليمان وساڻ جي فيسبڪ ٽائيم
وال تان ۲۳ آگسٽ ۲۰۲۱ع تي کنيل)
No comments:
راءِ ڏيندا