رام بخشاڻي
سنڌ ڄائو هڪ ڪامياب شخص
مسرور پيرزادو
اهو ڪنهن ٿي ڄاتو ته ۲ سيپٽمبر ۱۹۴۱ واري ڏينهن سنڌ جي حيدرآباد
شهر ۾ اهو ٻار ڄمندو جيڪو اڳتي هلي ڪاروبار جي دنيا جو هڪ وڏو ماڻهو ٿيندو. ان ٻار
جي قسمت شروعات ۾ هن لاءِ ڏک ۽ تڪليفون آنديون ڇاڪاڻ ته ننڍي عمر ۾ ئي هن جو والد هن
کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو ۽ هن کي پنهنجي ڌرتيءَ کان دُور ٿيڻو پيو. اهو ٻار جڏهن اٺن
سالن جو مس ٿيو هيو ته سياست جي تلوار هڪ ئي ملڪ جا ٻه ٽڪر ڪري ڇڏيا ۽ ڌرتيءَ جي نقشي
تي هندوستان ۽ پاڪستان جا ملڪ ٺهي پيا ۽ پوءِ ٻين هزارين خاندانن وانگر هن ٻار جو خاندان
پڻ پنهنجي ڌرتي، پنهنجو گهر، پنهنجا رستا ڇڏي ويو ۽ وڃي هندستان آباد ٿيو. اهو ٻار،
جنهن کي هن وقت دنيا هڪ تمام ڪامياب بزنس مين رام بخشاڻيءَ جي نالي سان سڃاڻي ٿي، سو
هينئر، ڇاهتر سالن جي عمر به، جڏهن وري سنڌ آيو ته هڪ ٻار وانگر هتان جي هر شيءَ کي
معصوميت ۽ حيرت سان ڏسندو رهيو. بلڪل ائين جيئن ڪو ماڻهو پنهنجي وڇڙيل ماءُ کي تمام
گهڻي عرصي کان پوءِ ڏسندو آهي ۽ سنڌودرياهه مان پاڻيءَ جا ٻُڪ ڀري پنهنجي مُنهن تي
هڻندو رهيو. اها سنڌ ۽ اها سنڌو هن لاءِ به اهڙي ئي مقدس آهي جهڙي شيخ اياز لاءِ هئي،
جنهن چيو هو ته:
تنهنجي ڪوثر توکي پهتي،
مون کي ڏينم ڇڏي،
ڪعبي ۾ ڀي ياد اچي ٿي،
مون کي ڪينجهر جي.
سنڌڙي توکي ساري ٿي
۽ توکي سنڌڙيءَ سارَ،
دلڙي توکان ڌار نه آهي، ڌار نه ٿي سگهندي.
اهو رام بخشاڻي جڏهن تقريبن اٺهٺ سالن کان پوءِ سنڌ آيو ته
هن کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ ته هو هڪ دفعو وري پنهنجي وڇڙيل ماءُ جي آغوش ۾ اچي ويو هجي.
اپريل ۲۰۱۵ ۾ جڏهن هن جي ڪتاب (TAKING THE HIGH ROAD) جي سنڌي ترجمي
جو مهورتي پروگرام ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ ٿيو ته ان موقعي تي هن چيو هو ته هو ارڙهن
سالن جو ڇوڪرو مس هيو جڏهن هو دبئيءَ ۾ آيو هو. تڏهن دبئيءَ ۾ نه بجلي هئي، نه روڊ،
نه گاڏيون. هن چيو ته دبئيءَ هن جي اکين جي اڳيان اها سڄي ترقي ڪئي آهي ۽ هن کي فخر
آهي ته دبئيءَ جي موجوده ترقيءَ ۾ هن جو به هٿ آهي. رام بخشاڻيءَ جو شمار هن وقت دبئي
۽ هندستان جي چوٽيءَ جي ڪاروباري ماڻهن (BUSINESSMEN) ۾ ٿئي ٿو. هن پنهنجي محنت ۽ قابليت سان اهو
مقام حاصل ڪيو آهي جنهن جي حاصلات لاءِ اڪثر ماڻهو خواب ڏسندا آهن.
رام بخشاڻيءَ دبئي ۾ ”اسين سنڌي“ جي نالي سان هڪ سنڌي ثقافتي تنظيم پڻ قائم ڪئي آهي
جنهن جي پليٽ فارم تان هو گڏيل عرب امارات (UAE) ۾ سنڌيت کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ سرگرميون ڪرائيندو
رهندو آهي. انهن سرگرمين ۾ اتان جا سنڌي ڪٽنب وڏي انگ ۾ پنهنجي ٻارن سان شرڪت ڪن ٿا.
اهڙن پروگرامن ۾ هند ۽ سنڌ جي فنڪارن کي پڻ گهرايو وڃي ٿو ۽ انهن جي همٿ افزائي ڪئي
وڃي ٿي. رام بخشاڻيءَ پنهنجي ماءُ جي محبتن جي اعتراف ۾ اشوري ٻائي بخشاڻي ٽرسٽ پڻ
قائم ڪيو آهي جنهن ذريعي هو سنڌي ليکڪن، شاعرن کي مڃتا ايوارڊ پڻ ڏيندو آهي. هن جهڙا
بزنس مين ته ٻيا به آهن پر انهن وٽ هن جهڙي دل ناهي جيڪا فن جو قدر به ڪندي هجي. هو
صحيح معنيءَ ۾ سنڌيت ۽ فن جو قدردان آهي ۽ انهن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ هر ڪوشش ڪندو رهي ٿو.
فن جي همٿ افزائيءَ کان علاوه رام بخشاڻيءَ سنڌي نوجوانن
جي تعليم ۽ راند روند ۾ پڻ همٿ افزائي ڪندو آهي. هن يو اي اي (UAE) ۾ قائم انڊين
هاءِ اسڪول ۽ انڊين اسپورٽس ڪلب دبئيءَ ۾ سنڌي نوجوانن لاءِ سٺيون سهولتون مهيا ڪيون
آهن. سنڌين کي اڳتي وڌڻ ۽ ترقي ڪندي ڏسڻ هن جو خواب آهي جنهن جي حاصلات لاءِ هو ڏينهن
رات پاڻ پتوڙي ٿو.
ارڙهن مختلف ڪمپنين جي ڊائريڪٽر هن شخص جي رت ۾ ئي سنڌيت
شامل آهي. هو جتي به آهي اُتي سنڌين جي ترقي ۽ خوشحالي جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ ان لاءِ پنهنجو
ڪردار ادا پڻ ڪري ٿو.
ٽن ڌيئرن جي پيءُ هن شخص کي پُٽ جي اولاد نه هجڻ جو ڪو به
ڏک نه آهي.هو چوي ٿو ته جيڪڏهن ڌيئرن کي سٺي تعليم ۽ تربيت ڏجي ته هو ڇوڪرن کان وڌيڪ
باصلاحيت ٿين ٿيون. هن جي ٽنهي ڌيئرن منجهان هڪ به هن جي بزنس ۾ شامل نه آهي. توڙي
جو هو چاهي پيو ته هو شامل ٿين پر پوءِ به پنهنجي اولاد کي انهن جي پسند جي زندگي گذارڻ
جي اجازت ڏي ٿو.
پراڻا سڪا، واچون ۽ پينيون جمع ڪرڻ جو شوق رکندڙ رام جيوترام
بخشاڻيءَ جو ڪاروبار ڪپڙي، اليڪٽرانڪس، انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ جي شين، بئنڪن ۽ ٻين
ڪيترن ئي شعبن ۾ پکڙيل آهي جيڪو دبئي، هندستان، اومان ۽ ٻين ملڪن ۾ هلي رهيو آهي. هن
جو ڪٽنب ۽ عزيز، مٽ مائٽ هن کي هڪ عاجز ۽ انڪساريءَ وارو ماڻهو چون ٿا ۽ اها شايد عاجزيءَ
ئي آهي جنهن جي ڪري قدرت هن کي اڏين ڪاميابين سان نوازيو آهي.
هٿ ۾ چار مُنڊيون پائيندڙ ھن شخص کان جڏهن اهو پڇيو ويندو
آهي ته ”اهو ڪهڙو سبب آهي جنهن جي ڪري توهان چار منڊيون ٿا پايو؟“ ته هو پنهنجي
مخصوص مرڪ سان جواب ڏيندو آهي ته ”اميتاب بچن وانگر مان به چار منڊيون پائيندو آهيان.“
پر هو ان ڳالهه کي پوءِ سنجيدگيءَ سان بيان ڪري ٻڌائيندو آهي ته هڪ مُنڊي هو ڪاوڙ کي
ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ، ٻي سٺي صحت لاءِ، ٽين پنهنجي روحاني گروءَ جي نشانيءَ طور ۽ چوٿين
پنهنجي پراڻي نشانيءَ طور پائيندو آهي.
آئي ٽي ايل (ITL) ڪاسموس جي ڊائريڪٽر، اوورسيز جي انڊين اڪنامڪ فورم (OIEF) جي قائم ڪندڙ
۽ چيئرمين هن شخص پرائمري تعليم بروڙا ۾ حاصل ڪئي. ارڙهن سالن جي عمر ۾ هو دبئيءَ آيو.
جڏهن دبئيءَ ۾ نه بجلي هئي، نه روڊ، نه ڪارون. هن جي ڀاءُ هن کي خط لکي منع ڪيو ته
دبئي نه وڃ پر شايد قسمت هن کي ان پاسي وٺي اچڻ پئي چاهيو. هن هڪ ڪمپنيءَ ۾ ڪم شروع
ڪيو جتي سندس پگهار ۱۲۵ روپيا هئي ۽ هينئر هو ان ئي ڪمپني جو مالڪ آهي. محنت ۾ يقين
رکندڙ هي شخص خليل جبران جو حوالو ڏيندي چوي ٿو ته “ڪاميابيءَ جي منزل تائين پهچڻ لاءِ
توهان کي هڪ هڪ ڏاڪو محنت سان چڙهڻو پوندو”۔ هو چوي ٿو ته ڪاميابيءَ لاءِ شارٽ ڪٽ ڪين
آهي. محنت ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏئي ماڻهو ڪاميابيءَ جي منزل ماڻي سگهي ٿو. رام بخشاڻي
چوندو آهي ته زندگي ۾ سُک ٿورا ۽ ڏُک گهڻا هوندا آهن ۽ ماڻهوءَ کي ڏکن کي قبول ڪرڻ
گهرجي.
هن سان جڏهن ماڻهن جي مدد ڪرڻ ۽ خيراتي ڪم ڪرڻ بابت ڳالهه
ٿي ته هن چيو ته هو عربن مان متاثر آهي جن جا جيڪڏهن ڏهه ڀاتي هوندا آهن ته هو ويهن
ماڻهن جي ماني پچائيندا آهن. پوءِ جيڪو کاڌو وڌيڪ هوندو آهي، هو اهو ٻين ماڻهن ۾ ورهائي
ڇڏيندا آهن. رام بخشاڻيءَ انهيءَ خيال جو انسان آهي ته توهان خدا جي مخلوق جو خيال
رکو، خدا توهان جو به خيال رکندو. هو چوي ٿو ته ماڻهوءَ کي ٻين ماڻهن جي هميشه مدد
ڪرڻ گهرجي. رام چوي ٿو ته انسان هٿين خالي آيو آهي ۽ هٿين خالي ٿي وڃڻو آهي. ان لاءِ
انسان کي اهو سڀڪجهه هن دنيا ۾ ئي خرچ ڪري ڇڏڻو آهي جيڪو هن کي خدا ڏئي ٿو. هو چوي
ٿو ته ڪفن ۾ ڪو کيسو ناهي هوندو، ان جو مطلب اهو ئي ته دنيا مان توهان ڪجهه به نه ٿا
کڻي وڃو. خيرات جي حوالي سان هو اهو پڻ چوي ٿو ته اهو نه ڏسو ته ڪير آهي جنهن جي مددڪجي،
هر ڪنهن جي مدد ڪجي، ڇو ته جڏهن خدا اها تفريق نه ٿو ڪري ته پوءِ ڀلا بندو ڇو ڪري؟
سڀاڻي جو ڪم اڄ ڪرڻ ۾ يقين رکندڙ رام بخشاڻيءَ ان ڳالهه تي
افسوس ٿو ڪري ته اڄ جي دور جون سنڌي مائرون پنهنجن ٻارن کي ننڊ ڪرائڻ وقت سنڌيءَ ۾
لوليون نه ٿيون ڏين. ۽ پوءِ هو اهي سهڻيون لوليون ياد ڪري پنهنجي ننڊپڻ ۾ هليو وڃي
ٿو جيڪي لوليون هن جي ماءُ هن کي ڏيندي هئي. هو چوي ٿو ته اهي لوليون ۽ اها مادرري
ٻولي ڪڏهن به نه ٿي وساري سگهجي. هو چاهي ٿو ته اڄ جي جديد دور ۾ ڀلي انسان ترقي ڪري
پر هو پنهنجي اصليت (Roots) کان نه ڪٽجي. هو چوي ٿو ته جيڪڏهن اسان جو نئون نسل سنڌي نه ٿو ڳالهائي
ته ان جا ذميوار ۽ قصور وار اسين هونداسين۔
مستقبل اسان کي معاف نه ڪندو. هو چاهي ٿو ته ٻارن کي سنڌي به پڙهائي وڃي ته
جيئن اهي پنهنجي اصليت (سنڌيت) کان واقف ٿين ۽ پوءِ جڏهن هو واقف ٿيندا ته انهن کي
سنڌي هجڻ تي فخر ٿيندو. رام بخشاڻيءَ اهو ڏسي خوش به آهي ته هر شعبي ۾ اڄڪلهه سنڌي
اڳتي وڌندي نظر اچي ٿو.
رام بخشاڻي هڪ ڪامياب بزنس مين ته آهي ئي پر هڪ ڪامياب انسان
به آهي. هڪ انسان طور هن جيڪي ٻين انسانن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪيا آهن، اهي حيرت جي حد
تائين سٺا ڪم آهن. اسان جي دعا آهي تہ ڌڻي هن کي وڏي ڄمار، سٺي صحت ڏي ته جيئن هو اهڙا
سٺا ڪم ڪندو رهي جن سان انسان به خوش ٿين ٿا ۽ خدا به.
No comments:
راءِ ڏيندا