; سنڌي شخصيتون: رجب علي آگاڻي - پروفيسر منظور ڇڄڙو

22 August, 2015

رجب علي آگاڻي - پروفيسر منظور ڇڄڙو

رجب علي آگاڻي
ھڪ اوجاڳيل انسان، جيڪو ڊگھي ننڊ سمهي پيو
پروفيسر منظور ڇڄڙو
رجب علي آگاڻي منهنجو دوست، منهنجو ساٿي، جدوجهدن ۽ ڏک سک ۾ گڏ رهندڙ پيارو پرين وڇڙي ويو. نه صرف مون کان وڇڙي ويو پر هو عزيزن ۽ سنڌ جي سمورن قومي ڪارڪنن کان وڇڙي ويو. هو پنهنجي محبوب دوست ڊاڪٽر منور ڪيهر کان به وڇڙي ويو. هنن ٻنهي جو ننڍپڻ کان پيريءَ تائين اڻ ٽٽ ڳانڍاپو آخر ٽُٽي ويو! هن پنهنجي عظيم دوستيءَ کي عظيم رشتيداريءَ ۾ ان ڪري تبديل ڪيو هيو، جو هن ساٿ ڇنڻ نه پئي چاهيو ۽ منور سان دوستيءَ مان رشتيداريءَ ۾ پاڻ کي ملايو پر موت منور کان جگري يار کسي ورتو!


رجب علي آگاڻيءَ جي ساهه جي سڳي ٽٽڻ کان چند ڪلاڪ اڳ صبح جو ۹ لڳي ويهن منٽن تي مون ڏانهن جيڪو آخري ميسيج موڪليو هئائين، ان مون کي ڏاڍو پريشان ڪيو. هن لکيو: ”ٻه معاملا عمر ڀر حل ٿي نه سگھيا، هڪ ننڊ پوري نه ڪئي، ٻيو خواب پورا نه ٿيا.“
واقعي به انسان جڏهن گھڻو سوچيندو آهي ته ننڊ هن کان تمام گھڻو پري ڀڄي ويندي آهي ۽ هو جڏهن سوچيندو آهي ته ان بابت سمهندي جاڳندي خواب ڏسندو آهي. اهي خواب هر ڪنهن جي سوچ مطابق هوندا آهن. رجب علي آگاڻيءَ جا ڪهڙا خواب هئا، جيڪي پورا نه ٿيا ۽ جن لاءِ هن اوجاڳا ڪاٽيا ۽ ننڊون حرام ڪيون؟ اڄ هو ڊگھي ننڊ سمهي پيو آهي، جتان وري نه جاڳندو.
جيڪي عزيز ۽ دوست هن کي ڄاڻن ٿا، اهي ئي ٻڌائي سگھن ٿا ته هن جا خواب ڪهڙا هئا. اهڙن دوستن ۽ ساٿين ۾ مان به هڪ آهيان. مون کي خبر آهي ته هن جي ذهن ۽ ضمير ۾ صرف هڪڙو ئي خواب هيو جيڪو پورو ٿي نه سگھيو ۽ گذاري وڃڻ کان چند ڪلاڪ اڳ، ان جو اظهار به ڪري ويو. رجب آگاڻي هڪ خاموش، نهٺو، سٻاجھڙو قومي ڪارڪن ۽ سنڌ ڌرتيءَ جو بي نام عاشق ۽ ڌرتيءَ جي ماڻهن سان انتها درجي جو پيار ڪندڙ انسان هيو. ان ڪري هن جو هڪڙو ئي خواب هيو. اهو خواب هيو: ”سنڌ جي خوشحالي ۽ سنڌ جي پورهيت ۽ پيڙهيل عوام جي حڪمرانيءَ جو خواب.“
هو ٻڌائيندو هيو ته؛ ”شعور اچڻ سان اسان جي ڳوٺ ۾ باشعور نوجوانن جو هڪ گروپ هوندو هيو، جنهن ۾ هو پاڻ، ملڪ آگاڻي، شوڪت ڪيهر، منور ڪيهر، زريت آگاڻي ۽ ٻيا شامل هوندا هئا، جيڪي سنڌ جي گھڻ گھرن ڏانهن خط و ڪتابت ڪندا هئا. هڪ ڀيري هنن رسول بخش پليجي صاحب کي به هڪ خط لکيو، جنهن کين حيدرآباد اچڻ جو چيو. پوءِ لطيف آباد ۾ هن سان تمام گھڻيون ۽ ڊگھيون ڪچهريون ٿينديون رهيون ۽ اسان جو ساٿ عوامي تحريڪ سان گهرو ٿيندو ويو.“ هي دور ۱۹۷۴ع جو هيو.
سنڌ جي پراڻن سمورن ڪارڪنن کي خبر آهي ته لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ان وقت صرف آگاڻين ۽ وارهه ۾ ڪم هوندو هيو. وارهه ۾ ڊاڪٽر قاضي غفار، ڪاڪو عبداللھ چانڊيو، رضا محمد عرف روزي چانڊيو، الهه رکيو ۽ حمزو هاري بنيادي ڪارڪن هئا. پر آگاڻين جي نوجوان آگاڻين ۽ ڀرپاسي جي هارين کي ايترو منظم ڪيو جو هو وڏيرن خلاف بغاوت تي لهي آيا. ان ڪري ان وقت آگاڻين جي ڳوٺ کي سنڌ جو هونان ڪوٺيو ويندو هيو.
رجب علي آگاڻي هڪ کاهوڙي ڪارڪن هيو، جيڪو بلڪل خاموش طبيعت، نهٺو ۽ نماڻو، مطلب ته اهڙو ڪارڪن ۽ اڳواڻ هيو جنهن لاءِ مرشد لطيف چيو آهي:
نڪي کڻن پاڻ سين، نڪي ساڻن پاڻ،
اهڙا جن اهڃاڻ، آءٌ نه جيئندي ان ري.
قنبر ۾ ۱۹۷۶ع ڌاران جڏهن پارٽيءَ جو ڪم شروع ٿيو ته اتي پهريون رابطي وارو رجب علي آگاڻي موڪليو ويو هيو. جنهن پارٽيءَ جو ضابطو، اهميت، جذبو وغيره سيکاريو هيو. مون هن کي هر محاذ تي ڪامياب ڏٺو. پوءِ اهو مورچو هارين کي منظم ڪرڻ جو هجي يا پارٽي ڪارڪنن جون هڙتالون يا ڪي ٻيون جدوجهدون هجن يا تنظيمي ميڙا، هُو هر معاملي ۾ سرگرم هيو ۽ مرشد لطيف جي هن شعر تي مڪمل عمل ڪندي نظر آيو:
هڻڻ هڪلڻ، ٻيلي سارڻ، مانجھياڻي مَرڪ،
وجھن تان نه فرق، رُڪ وهندي راند ۾.
جسماني طور رجب آگاڻي اسان جي صفن ۾ ناهي، پر هن جي عملن، ساٿ، ڪيل جدوجهدن ڪري اسان جي ذهنن ۾ زنده جاويد رهندو.

اهڙا مانجھي مرڻا ناهن، ويس مٽائي ورڻا آهن.

No comments:

راءِ ڏيندا