; سنڌي شخصيتون: رجب، علي، آگاڻي، اوجاڳيل، انسان، ننڊ، پروفيسر، منظور، ڇڄڙو،
Showing posts with label رجب، علي، آگاڻي، اوجاڳيل، انسان، ننڊ، پروفيسر، منظور، ڇڄڙو،. Show all posts
Showing posts with label رجب، علي، آگاڻي، اوجاڳيل، انسان، ننڊ، پروفيسر، منظور، ڇڄڙو،. Show all posts

22 August, 2015

رجب علي آگاڻي - پروفيسر منظور ڇڄڙو

رجب علي آگاڻي
ھڪ اوجاڳيل انسان، جيڪو ڊگھي ننڊ سمهي پيو
پروفيسر منظور ڇڄڙو
رجب علي آگاڻي منهنجو دوست، منهنجو ساٿي، جدوجهدن ۽ ڏک سک ۾ گڏ رهندڙ پيارو پرين وڇڙي ويو. نه صرف مون کان وڇڙي ويو پر هو عزيزن ۽ سنڌ جي سمورن قومي ڪارڪنن کان وڇڙي ويو. هو پنهنجي محبوب دوست ڊاڪٽر منور ڪيهر کان به وڇڙي ويو. هنن ٻنهي جو ننڍپڻ کان پيريءَ تائين اڻ ٽٽ ڳانڍاپو آخر ٽُٽي ويو! هن پنهنجي عظيم دوستيءَ کي عظيم رشتيداريءَ ۾ ان ڪري تبديل ڪيو هيو، جو هن ساٿ ڇنڻ نه پئي چاهيو ۽ منور سان دوستيءَ مان رشتيداريءَ ۾ پاڻ کي ملايو پر موت منور کان جگري يار کسي ورتو!