; سنڌي شخصيتون: امداد حسيني

20 August, 2013

امداد حسيني

امداد حسيني

رکيل مورائي



هاڻ جڏهن امداد کي ڪراچيءَ ۾ ڏسبو آهي ۽ ساڻس ملبو آهي ته پڪ سان محسوس ٿيندو آهي ته امداد هاڻ رول نه رهيو آهي. سندس رولاڪي سنڌيءَ ٻوليءَ جي جديد شاعرا ۽ سندس ونيءَ مئڊم سحر ختم ڪري ڇڏي آهي، هاڻ هو مئڊم جي ڊرائيونگ جي قيد ۾ آهي. هاڻ هو فقط ذهني رولاڪي ڪري سگهي ٿو. جيڪا ئي سندس وڏي عياشي هوندي، ان کان وڏي عياشي، هن احمد ۽ مون سان پنهنجي گهر ۾ سڄي رات پرھ ڦٽيءَ تائين اسڪاچ جون سرڪيون ڀريندي ڪئي هئي، پر ان رات مئڊم ڪراچيءَ پنهنجن ٻچن وٽ ڪراچي آيل هئي، تنهن هوندي به امداد مون کي رول محسوس نه ٿيو هئو، ۽ ان کان اڳ اهڙيون اڻ ڳڻيون گهڙيون گذريون هونديون ساڻس ويجهڙائي۾، ٻيءَ طرح “امداد آهي رول” سندس اها سڃاڻپ آهي سنڌي شاعريءَ ۾ جيڪا شمشير جي “لاٽ” جي معرفت آهي سنڌي شاعريءَ ۾.


“امدام آهي رول” اسان پنهنجي ٻاروتڻ کان جوانيءَ ڏانهن ايندڙ عمر ۾ پڙهيو ۽ يقين سان عتبار ڪرڻ گهرجي ته هڪ مقدس ڪتاب وانگر پڙهيو جيڪو منهنجي پياري دوست ادريس جتوئيءَ اسان کي پڙهايو. ۽ اهو به سچ آهي ته اهو ننڍڙو ڪتاب اسان لاءِ اڄ به ايتروئي اهم آهي جڏهن ته اڄ تائين سندس ٻيا ٻه شاعراڻا ڪتاب به سنڌي ادب خاص طور جديد شاعراڻي ادب ۾ هڪ نهايت اهم واڌاري طور داخل ٿيا آهن ۽ اهي ٻئي ڪتاب سندس شاعريءَ جو عيوضيپڻو به ادا ڪن ٿا، جن جي هر پني تي آيل هر نظم هر غزل، هر گيت، هر وائي، هر چئوسٽو، هر نئين ڪوتا توڻي هر سٽ ۾ سندس شاعراڻي رولاڪي سان گڏ سندس شاعراڻي حسناڪي به آهي ته سندس شاعراڻي تازگي به. اها تازگي جيڪا امداد کي پنهنجي سڀني همعصرن کان الڳ ڪري بيهاري ٿي ۽ کيس هڪ الڳ مرتبو عطا ڪري ٿي. جيتوڻيڪ هو اڳ ئي پنهنجي شخصي توڻي شاعراڻي سڀاءَ ۾ غضب جي انفراديت رکندڙ آهي. اهڙي انفراديت، جيڪا سندس مرڪ کان وٺي سندس سٽن تائين پنهنجي سڃاڻپ ڏيندي آهي.

مون کي اپ سيٽ ڪري

سيٽ ڪري پئي ڪمرو

يا

اداس آءٌ

دکائڻي ته هئي ڪا نه

پر دکي ويئي.

يا

ڊيٿ اسڪواڊ جي آڏو بيٺل

آهيان آنءٌ

پڇن ٿا مون کان

ته سندم آخري خواهش ڇا آهي؟

جهڙيون نئين ڪوتا جون سٽون پڙهي ڏسجن يا سندس تازگيءَ ڀرين خوشبودار هوائن جهڙن غزلن جون سٽون.

تنهنجي در تي پهچائي،

اهڙو ڪهڙو رستو هو!

تو ڏٺو ۽ جڙي وئي ڪوتا.

بس پني تي اتارڻي آهي.

چپ ۾ چڪ وجهي ڇڏيم،

اڌ ۾ گهٽجي ويو سڏڪو.

اهڙيون سٽون فقط امداد ئي لکي سگهي ٿو ۽ امداد جي اهڙي ئي انفراديت هن جي سنڌي ادب ۾ سڃاڻپ بڻيل آهي.

ورهاڱي کان پوءِ سنڌي شاعريءَ ۾ جنهن ورجاءَ سنڌي شاعريءَ جي تخليقي سفر کي گهڻي حد تائين روڪي رکيو آهي، تنهن کي امداد مسلسل محسوس به ڪندو رهيو آهي، ته اهڙي محدودگي کي الڳ الڳ وقتن تي اظهاريندو به رهيو آهي، پر هن جو اصل ڪمال ان کان وڌيڪ اهو آهي هو ان محدودگيءَ جي بدلي اهي تازگيءَ واريون تخليقون ڏيئي سنڌي شاعريءَ ۾ پنهنجو مثال به ڇڏيندو آيو آهي، سندس ٻئي ڪتاب، “هوا جي سامهون” ۽ “ڪرڻي جهڙو پل” اهڙا مثال آهن سنڌي شاعريءَ ۾. ۽ هي ڪتاب جيڪي پنهنجي هر حوالي ۾ انفراديت برقرار رکي بيٺا آهن، ان دور جي تخليق آهن. جنهن دور ۾ اياز، تنوير ۽ شمشير پڻ موجود آهن ۽ اهڙي غضبناڪ دور ۾ امداد جي هيءَ حسين افراديت سنڌي شاعري نه صرف صدين تائين ياد رکندي پر ان تي فخر به ڪندي.

امداد وٽ اکر کان وٺي احساس تائين ۽ احساس کان وٺي اظهار تائين سڀ منفرد آهي ۽ اهڙو منفرد، جنهن تي گمان ڪجي تڏهن به امداد جي نالي جو گمان ئي ٿيندو انهن شعرن تي، ٻيءَ طرح انهن شعرن کي پڙهندي توڻي ٻڌندي، اهي امداد جي مُهر لڳل محسوس ٿيندا. سنڌي شاعريءَ کي باريڪيءَ سان پڙهندڙ ان ڳالھ کان واقف آهن.

گذريل مني صدي سنڌي شاعري لاءِ ڪيترو سازگار رهي ۽ ڪيترو ناسازگار رهي آهي اهو ته وقت حاصل ڪري سنڌي شاعريءَ تي ڪو ڊگهو اڀياس ئي فيصلو ڏئي سگهندو پر ان مني صديءَ واري عرصي جي وچ ۾ سنڌي شاعريءَ کي سونهن، سندرتا، تازگي، بي ساختگي ۽ هوا ۾ اڏامڻ لاءِ حسين پر جن شاعرن ڏنا آهن امداد انهن ۾ اڳيا اڳيان آهي. اهو قبول ڪرڻ ادب سان ايماندار هجڻ آهي. ها اها ٻي ڳالھ آهي ته امداد جي شاعريءَ بابت بنھ گهٽ لکيو وڃڻ سبب هن جو اظهار سنڌي ادب ۾ ڀرپور نموني جيترو اڀري اچڻ گهرجي هان اوترو اڀري نه آيو آهي ۽ هاڻ ته سچ اهو به آهي ته امداد تي جن لکندڙن کي ڀرپور لکڻ گهرجي ها، اهي لکندڙ به آهستي آهستي موڪلائي رهيا آهن. مون کي احساس آهي ته مون سميت منهنجي عمر وارن لکندڙن جي لکڻي ۾ پڪ ئي پڪ هڪ شاعراڻي اڀياس کان وڌيڪ امداد لاءِ عقيدت جو عمل وڌيڪ هوندو جيڪو ممڪن آهي ته امداد لاءِ توڻي امداد جي شاعريءَ ۽ مجموعي سنڌي ادب لاءِ ايترو اهم نه هجي.

اسان جو سڀ لکڻ ان محبت جو اظهار ئي هوندو، جيڪا اسان پنهنجي محبوب شاعر امداد حسينيءَ سان ڪريون ٿا ڇاڪاڻ جو اهو سمجهون ٿا ته اڄ جي جديد سنڌي شاعريءَ جي ضمانت امداد جو نالو آهي. جڏهن هاڻ سندس همعصر دوستن، اديبن، عالمن ۽ نقادن جو وڏو حصو نه رهيو آهي، تڏهن اڄ جي نوجوان، ذهين ۽ سنجيده لکندڙن ۽ پڙهندڙن تي اهو فرض ٿو بڻجي ته هو پنهنجي قلم وسيلي، دعائن وسيلي، گلابن وسيلي ۽ محبتن وسيلي امداد ڏانهن ايتريون نيڪ خواهشون موڪلين جو هن جي عمر سان گڏ هن مرڪن ۾، هن جي قلم ۾ وڌيڪ نئين تازگي جو احساس جاڳي پوي، جيئن هو اسان کي، سنڌ کي ۽ سنڌي ادب کي اڻ ڳڻيا نوان گيت، نئون ڪهاڻيون ۽ ليک ڏيئي سگهي.

آھ اهو امداد ڪٿي

جيڪو شعر به چوندو هو


 

امداد آ انمول

مسرور پيرزادو

موجوده دور ۾ امداد حسينيءَ جي شاعري ائين آهي جيئن ڪنهن سرڪاري اسپتال جي پراڻي، ميري بيڊ تي تازي ڄاول ٻار جون چمڪندڙ ۽ زندگيءَ سان ڀرپور اکيون!! موجوده دور جنهن ۾ شاعريءَ جي نالي ۾ ڪافي گند ٿي رهيو آهي ۽ فن کان عاري لکڻين کي عظيم فن پارا چيو ٿو وڃي، ان دور ۾ امداد فن ۽ شاعريءَ جي آبرو برقرار رکيو پيو اچي. اسان جهڙن جڏن شاعرن لاءِ به هن جهڙي سينيئر ۽ تجربيڪار شاعر جو هجڻ وڏي غنيمت آهي، ڇو ته اسان جيڪي غلطيون ڪيون ٿا هُو انهن کي درست ڪرڻ لاءِ صلاحون ڏيندو رهي ٿو.

اڄ جڏهن هن جي سالگرھ آهي ته هڪ سوال ذهن مان اٿي رهيو آهي ته جنهن ماڻهوءَ سنڌي شاعري، ادب کي پنجاھ سال ڏنا آهن ان ماڻهوءَ جا ڪيترا ڪتاب سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ادارن ڇپرايا آهن؟ ڪيڏي عجيب ۽ افسوس جي ڳالھ آهي ته امداد جا هن وقت تائين فقط چار سنڌي شعري مجموعا ڇپيا آهن، جڏهن ته هن جي شاعريءَ جو مواد اٺن ڏهن مجموعن جيترو آهي. مسلسل ۽ تيزيءَ سان لکندڙ هن شاعر جي چئن ڪتابن مان به ٽي ڪتاب پرائيويٽ پبليڪيشنز پاران ڇپايل آهن ۽ فقط هڪڙو ڪتاب سرڪاري اداري پاران ڇپيو آهي ۽ ان ۾ به ان “سرڪاري اداري” پنهنجي روايتي سُست رفتاريءَ جو زبردست مظاهرو ڪيو ۽ سالن تائين اهو ڪتاب اُتي پيو رهيو. نيٺ پوءِ ڇپجي ويو. وڏي مهرباني انهن جي! اهو سرڪاري ادارو جنهن جي چڱن مڙسن لاءِ هن هڪ نظم ۾ چيو آهي ته:

ساري جنهن جي جوابداري آ،

سو ته آرام سان سُتل آهي،

ڦيٿ سان آھ جنهن ڇڏي ماپي.

آھ تنهن لاءِ زندگي جانان،

صرف ۽ صرف پيٽ ۽ کيسو،

سو ته هر پل اهو ئي چاهي ٿو،

جو به آهي اهو کڻي وٺجي،

وجھ آهي لپو هڻي وٺجي،

ڪير ڄاڻي سڀان رهون نه رهون،

هر پني تي ٺپو هڻي وٺجي!

پر هي درويش شاعر پنهنجو ڪم ڪندو رهي ٿو. لکندو رهي ٿو. گهاءَ کي گيت جي ۽ زخم کي نظم جي شڪل ڏيندو رهي ٿو ۽ چوي ٿو ته:

ها جلايو چراغ ديرو و حرم،

ها ٿئي ٿو وري اسان جو جنم.

ڪو وٺي ٿو، وٺي، وٺي نه وٺي،

هڪڙو شاعر ته شاعري ٿو ڏي.

سو هڪ شاعر شعر لکندو رهي ٿو. ائين جيئن گل خوشبو ڏيندو رهي ٿو، چنڊ روشني ڏيندو رهي ٿو- بغير ان سوچ جي ته ڪير ان جو قدر ڪري ٿو يا نه! ان خوبصورت غزل جا هي شعر ته ڏسو!

رب هر ڪنهن کي زندگي ٿو ڏي

خوش نصيبن کي عاشقي ٿو ڏي

ڪا ته ان ۾ به آھ رمز رکيل،

غم گهڻو، ٿورڙي خوشي ٿو ڏي.

پر هي شاعر وري جڏهن اردوءَ ۾ شاعري ٿو ڪري ته اردو ادب جا ادارا هن جا ڪتاب ڇپائڻ لاءِ تيار نظر اچن ٿا- (امداد حسينيءَ جو ٻه سال اڳ اردو شعري مجموعو “ڌوپ ڪرن” ڇپيو آهي.) هو جڏهن ڪراچي لٽريچر فيسٽيول ۾ اردوءَ جي چوٽيءَ جي شاعرن سان گڏ شعر پڙهي ٿو ته سڀ کان وڌيڪ داد حاصل ڪري ٿو ۽ هن جي شاعريءَ تي انتظار حسين جهڙو گهڻ پڙهيو اديب انگريزيءَ جي وڏي اخبار ۾ تبصرو ڪري ٿو ۽ هن جي شاعريءَ کي اردوءَ جي موجوده دور جي بهترين شاعري چوي ٻه سال اڳ هن جي اردو مجموعي کي اردو جا ادبي ادارا بهترين ڪتاب جا ايوارڊ ڏين ٿا. هتي امداد جي اردو شاعريءَ مان لطف اندوز ٿيڻ لاءِ مان هن جا ٻه شعر ڏيان ٿو:

اچهي دن بهي تو گذر جاتي هين

بُري دن بهي گذر جائينگي

امداد، اُهو جديد شاعر آهي جنهن جو پاڙون سنڌ جي قديم ڪلچر ۽ شاعريءَ ۾ کُتل آهن. دراصل جديد شئي جڙندي ئي قديم مان آهي. اڄڪلھ جيڪا جديد چئي ويندڙ شاعري آهي سا ته گهرائي ۽ نواڻ کان عاري آهي. نَون شاعرن کي اها ڳالھ سمجهڻي پوندي ته قديم شاعريءَ جون سموريون خوبيون ساڻ کڻي پوءِ ئي پنهنجو الڳ، جديد ۽ نئون رستو ٺاهڻ سان جدت ايندي آهي. امداد جي شاعريءَ ۾ ڪيڏيون نه سهڻيون ۽ من ڀاوڪ تخليقي سٽون/تشبيهون آهن. مثال طور:

تون نه کِل، جانِ بهاران! تون نه کِل!

هر طرف آهي گلن جو قتل عام،

زندگيءَ جي ميري بيٺل ڍنڍ ۾،

تون نه ڏس! تنهنجون ڪنول جهڙيون اکيون.

تنهنجو قد مسجد جي مينارن جو قد

جنهن کي سورج پهرين پهرين ٿو چُمي.

اهي سٽون امداد جي ان شاهڪار نظم مان کنيل آهن، جنهن کان سواءِ سنڌي جديد شاعري ناممڪل هوندي. اهو فقط هڪ نظم “شرط” ئي امداد جي شاعراڻي عظمت پيش ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. هي اهو نظم آهي جنهن ۾ هو پنهنجي محبوبا کي پهرين فقط پنهنجي سُونهن کي سنوارڻ لاءِ چوي ٿو، ڇو ته دنيا ڏاڍي ظالم آهي ۽ سونهن جي قاتل آهي. پر نظم جي آخر ۾ هو ان کي چوي ٿو ته:

آ ته زنجيرن جا نغما ڇيڙيون،

آ ته سينگاريون هلي سوريءَ جي سيج،

عشق جي راهن مٿان مرڪي هلون.

“شرط” نظم کان علاوه امداد جو اهو نظم پڻ سنڌي شاعريءَ جي تاريخ ۾ سدائين ياد رکيو ويندو، جنهن جو عنوان آهي” شهر”. اهو نظم هڪ نوحو آهي جو هن سنڌ جي خوبصورت ۽ تاريخي شهر حيدرآباد تي لکيو، اهو نظم سنڌ جي تاريخ آهي. هڪ شاعر جي هٿ سان لکيل سنڌ جي منظوم تاريخ. تاريخدانن خراب تاريخون لکيون آهن. ان نظم ۾ امداد ان حيدرآباد جي به ڳالھ ڪري ٿو جيڪا امن ۽ آشتيءَ جو گهوارو هوندي هئي، جتي انسانن کان وٺي جيت جڻين تائين هر جيءُ آزاد هوندو هو ۽ ان حيدرآباد جي به ڳالھ ڪري ٿو جتي انسان جو رت وهائڻ وارا، ٻُوٿ تي ٻُٽون ٻڌي شهر تي قابض ٿين ٿا. اهو نظم حيدرآباد جي نالي ۾ سنڌ جي سڀني شهرن جي ڪهاڻي پيش ڪري ٿو. اهي شهر جيڪي هاڻي دشمنن جا شهر ٿي ويا آهن. امداد ان صورتحال تي نوحه ڪنان آهي ۽ چوي ٿو:

هي منهنجو شهر آھ يا دشمن جو شهر آهه!

امداد حسينيءَ جي شاعريءَ ۾ به دنيا جي خوبصورت شاعري وانگر بغاوت جو پهلو نمايان آهي. اهو لازمي ۽ فطري آهي، ڇو ته خود شاعري ۽ عشق پڻ بغاوت آهن. امداد انهن سڀني شين سان بغاوت ڪئي آهي جيڪي انسان جي آزاديءَ کي روڪين ٿيون يا آزاديءَ ۾ رنڊڪ وجهن ٿيون. هن جي شاعريءَ ۾ ديس جي آزاديءَ لاءِ بغاوت کان وٺي جسمن جي ميلاپ جي آزاديءَ تائين هر قسم جي بغاوت ڀرپور نموني جلوه گر آهي. امداد جي شاعريءَ جو اهو پڻ سگهارو پاسو آهي، جيڪو جسم جي خوبصورتي ۽ جسم جي لذت وارو پاسو آهي. هو جڳمڳ جڳمڳ جسم کان اڳتي فقط اوڻٽيهينءَ جي اونداهي ڏسي ٿو ۽ ان اونداهيءَ کان نفرت ڪري ٿو، ڇو ته هو روشنيءَ جو شاعر آهي. روشني جيڪا عشق ۾ آهي، حُسن ۾ آهي، آزاديءَ ۾ آهي!

تنهنجي ڪپڙن جا اهي ريشمي گُهنج، اطلسي رنگ،

جن جا بخيا منهنجي هر گهُور تي اُڊڙي ٿا وڃن،

پوءِ ان گهور کي ڪهڙو به چڱو نالو

ڏئي تنهنجي دل ۾ به جي جاڳي پوي هي شوقِ هَوس،

ته رڳو ايترو تو کي ٿو ٻڌائي ڇڏيان،

تنهنجي خاطر منهنجا دروازا کُليا پيا هوندا،

دل جا دروازا ڪڏهن بند نه ٿيندا توتي.

اهڙي قسم جا کوڙ شعر آهن امداد جي شاعريءَ ۾ جن منجهان محبت ۾ جسم جي لذت جي فطري آرزو جو خوبصورت اظهار ڪيل آهي، هو ڪُوڙي حياءَ ۽ شرم کان به بغاوت ڪندڙ شاعر آهي.

امداد جو نظم “اهو پيار ئي ڪهڙو!” ان سڄي شرم ۽ حياءَ جي خلاف بغاوت ڀرپور اظهار آهي، جيڪو عشق جي راھ ۾ رنڊڪ وجهي ٿو. دراصل اهو پراڻو اظهار آهي، جنهن کي قديم هندي ۽ سنسڪرتي شاعرن به خوب ڳايو آهي. امداد جو اهو نظم ماڊرن شاعريءَ جو زبردست مثال آهي.

اُهو پيار ئي ڪهڙو جنهن ۾،

کُليي مُنهن سان سامهون،

اچڻ کان به گهٻرائجي!

امداد حسيني پنهنجي بغاوت تي ناز ڪندي اهو اعلان ڪري ٿو ته:

جُبي عمامي ۽ دستار مٿان

مئي ڇُلڪائيندا آيا آهيون

نوجواني جي نون رستن تي

جهومندا، ڳائيندا آيا آهيون.

امداد شاعريءَ جي پراڻين تشبيهن، استعارن خلاف به بغاوت ڪري نيون تشبيهون ۽ استعارا تخليق ڪري ٿو.

پيار ڪيو مون آهي

هڪڙي اهڙي گوريءَ سان

ڪاڪ محل جي ڇوريءَ سان

جنهنجي چيلھ نظر اچي ٿي

جنهنجو قد مينار نه ڪو شمشاد

جنهنجو تن اسلام نه ڪو الحاد

جنهنجو چهرو ويد نه ڪو قرآن

جنهنجيون اکيون اکين جهڙيون

تو جهڙي ۽ مون جهڙي جنهنجي چال

نه صبا خرام نه هرڻ جا ڇال

پراڻيون آهن سڀ تشبيهون

ڪُوڙ به آهي ڏاڍو پراڻو

مذهب وانگي!

اڄ هن جي سالگرھ تي اچو ته هن کي فون ڪري يا ايس ايم ايس ڪري ٻڌايون ته سنڌ جو عوام هن جي شاعريءَ سان پيار ڪري ٿو. هو جيڪو ٿورين ۽ ننڍين ڳالهين تي به اداس ٿي ويندڙ شاعر آهي ۽ ائين چوندو آهي ته:

مون کي ڪنهن دوست يا همدم جي ضرورت ناهي

آنءُ تنهائيءَ ۾ ڪجھ دير روئڻ ٿو چاهيان

اچو ته ان کي ٻڌايون ته اسين هن جي شاعريءَ جا مداح آهيون ۽ چاهيون ٿا ته هو وڏي ڄمار ماڻي، صحتمند هجي ۽ شاعري ڪندو رهي. اهڙي شاعري جنهن ۾ زندگيءَ جيان سُک به آهن ته ڏُک به! اچو ته هن کي ٻڌايون ته اسان کي فقط هن جو مشهور غزل

“مون جڏهن ڪو ڏيئو جلايو آ،

زور ڪيڏو هوا لڳايو آ.”

ياد آاهي پر اسان کي هن جو اهو به شعر ڏاڍو ياد ايندو آهي ته:

اڪيلي اڪيلي ۾ ميلا اسين،

۽ ميلي، جهميلي ۾ تنها اسين.

سمايا سين گوريءَ جي گهاگهر ۾ ڪئن؟

ستن ساگرن کان به گهرا اسين.

هو جنهن چيو هو ته “امداد آهي رول”، اچو ته ان رول ۽ آوارا بادل جهڙي سهڻي شاعر کي ٻڌايون ته توهان انمول آهيو.


 

امداد حسيني

ليجنڊ شاعر سان ڳالھ ٻولهه

انٽرويو: سارنگ منير سومرو

سنڌ جي جهر جهنگ ۾ شاعريءَ ذريعي مڃتا ماڻيندڙ ليجنڊ سنڌي شاعر ۽ سينيئر اديب سائين امداد حسينيءَ عوامي آواز سنڊي ميگزين کي خاص انٽرويو ڏيندي چيو آهي ته؛ “سنڌ ۾ سنڌي ٻولي تمام پٺتي پيل آهي، انهيءَ جي ترقيءَ لاءِ ڪجھ به نه پيو ٿئي، جيڪو ڪم ٿيڻ گهرجي اهو ٿئي ئي نه پيو ۽ جيڪو ڪم نه ٿيڻ گهرجي اهو ٿئي پيو. انڊيا ۾ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو حاصل آهي. اتي عام زندگيءَ کان وٺي اسميبليءَ تائين سڀ سنڌي ڳالهائين ٿا، جيڪڏهن ڪنهن کي سنڌي ٻولي نٿي اچي ته انهيءَ کي مائيڪ ذريعي اجلاس ۾ ئي ٽرانسليٽ ڪري سنڌي ٻولي ٻڌائي وڃي ٿي، پر سنڌ جو حال اهو آهي ته اسان وٽ ايوانن ۾ سنڌي ڳالهائڻ منع آهي. سنڌي ٻڌڻ، لکڻ ۽ سنڌيءَ ۾ حلف کڻڻ منح آهي. اسان کي ڪنهن به ٻوليءَ سان نفرت نه آهي، هر ٻوليءَ سان پيار آهي پر سنڌي ٻوليءَ سان اسان جي روح جو رشتو آهي. اسان کي جيتريون ٻوليون اينديون اوترو اسان جي لاءِ بهتر آهي. هتي آءُ مرحيات عبداللطيف ساقيءَ جو ذڪر ڪرڻ چاهيان ٿو جيڪو ۷ ٻوليون ڄاڻيندو هو. جڏهن ڀواني جنڪشن فلم، انگريزيءَ ۾ ٺهي پئي، انهيءَ وقت ساقيءَ انٽرويو ڏنو هو. جڏهن هن جي ستن ٻولين ڄاڻڻ واري خبر، انگريز ڊائريڪٽر کي پئي ته انگريز ڊائريڪٽر نه صرف فلم ۾ رول ڏنو پر هن کي پنهنجو اسسٽنٽ ڪري رکيو هو.

ناليواري شاعر، امداد حسينيءَ وڌيڪ چيو ته؛ آ گذريل جنمن ۾ به هوس پر هن جنم ۾ ۱۲ سالن جي عمر ۾ شاعري ڪئي. اسان جي ڳوٺ جو ماستر، سائين عبدالڪريم ميمڻ جيڪو نورمحمد هاءِ اسڪول ۾ پڙهائيندو هو ۽ اسان جو استاد به هو ان کان آ ۽ منهنجو سوٽ شبير عبدالحڪيم شاھ ٽيوشن وٺڻ ويندا هئاسين. اسڪول جي ڪاپين تي منهنجي شاعري لکيل هئي. شبير، جيڪو هاڻي پاڻ به شاعر آهي، تنهن سائين عبدالڪريم کي چيو ته؛ سائين امداد شاعري ڪندو آهي. جنهن تي سائين عبدالڪريم مونکان پڇو ته تنهنجو تخلص ڇا آهي. ان وقت مونکي تخلص جي معنيٰ جي به خبر نه هئي. اڄ تائين منهنجو ڪو به تخلص نه آهي. آ اڄ تائين تخلص طور پنهنجو نالو ڪتب آڻيندو آهيان، ڇو ته سنڌي شاعري روايت ۾ نالو ئي تخلص طور ڪتب ايندو آهي. جيئن لطيف سائينءَ ۽ سچل پنهنجو نالو ئي ڪتب آندو آهي. اها تخلص واري روايت فارسي شاعريءَ جي اثر جي ڪري عروض سميت اسان وٽ آئي. ائين ئي سنڌي شاعريءَ ۾ نوان موضوع آيا پر اهي فارسي شاعريءَ کان متاثر هئا. جيتوڻيڪ اسان جي ڪافي شاعرن عروض کي پنهنجي سريلي شاعري واري روايت سان سلهاڙي، بهتر نموني استعمال ڪيو پر پوءِ به اسان کان آهستي آهستي پنهنجي شعري روايت ڇڏجي وئي.

اسان جي دور ۾ شاعرن پنهنجي ڪلاسيڪل روايتن سان رشتو جوڙيو، جنهن ۾ شيخ اياز، تنوير عباسي، نياز همايوني، عبدالڪريم گدائي، تاجل بيوس، نارائڻ شيام ۽ ٻيا نالا اهم آهن. انهيءَ کان اڳي خليفو گل، حافظ حامد، مرزا قليچ بيگ، مير عبدالحسين خان سانگي به سنڌي شاعريءَ واري روايت سان جڙيل رهيا. ڪافي شاعر حافظ شاهه، مصري شاهه، کان طالب الموليٰ تائين انهيءَ ئي روايت سان جڙيل رهيا.

امداد حسينيءَ چيو ته؛ اسان جو ڳوٺ ٽکڙ جنهن کي وصي ملوڪ شاھ چيو وڃي ٿو، اهو سنڌي شاعريءَ جو هڪ مڪتبه فڪر رهيو آهي. جنهن جي لاءِ چيو وڃي ٿو ته عروضي شاعري، ٽکڙ ڳوٺ کان شروع ٿي. جيتوڻيڪ اهي شاعر، اسان جي اڳئين ڳوٺ وصي شهمير شاھ جا شاعر هئا ۽ اهو دور شاه ڪريم جو دور هو. خود منهنجو ڏاڏو اسدالله شاه فدا، عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ جو شاعر هو. جيڪو اسان جي ڳوٺ مان بهاالخلاق رسالو ڪڍندو هو ۽ اهو لاهور مان ڇپجندو هو. منهنجي ڏاڏي جو ننڍو ڀاءُ، محمد حافظ شاھ ڪافيءَ جو وڏو شاعر ٿي گذريو آهي. اسان جي ڳوٺ ۾ ٽي خاندان، علم ۽ ادب سان لاڳاپيل هئا. پهريون سيد خاندان، ٻيو ميمڻ خاندان، ٽِيون حافظ خاندان. انهن ٽنهي خاندانن ۾ وڏا شاعر ۽ اديب پيدا ٿيا. مثال طور؛ مون پنهنجي ڏاڏي ۽ سندس ڀاءُ جو ذڪر ڪيو آهي، پر اسان جي خاندان ۾ ميران محمد شاھ اول، سنڌي نثر جا پهريان ڪتاب لکيا. ميمڻ خاندان ۾، حافظ حامد، محمد هاشم مخلص ۽ محمد خان غنيءَ جهڙا شاعر پيدا ٿيا. حافظ خاندان مان، حافظ محمد يوسف، حافظ هارون دلگير ۽ حافظ عبدالله بسمل. انهن سڀني مان مون بسمل ۽ غنيءَ کي ڏٺو. انهن سڀني جو ذڪر تذڪره شعراءِ ٽکڙ ۾ موجود آهي.

امداد حسينيءَ وڌيڪ چيو ته؛ منهنجو سڀ کان پهريون شاعريءَ جو مجموعو “امداد آهي رول” آهي، جيڪو ۱۹۷۶ ۾ ڇپيو. ان کانپوءِ منهنجو ڪتاب طويل نظم “شهر” (۱۹۸۸ع ۾ لکيل ‘شهر آشوب’) مارچ ۲۰۰۰ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن کانپوءِ شاعريءَ جو ٽيون مجموعو “هوا جي سامهون” روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو پاران ۲۰۰۰ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. هن کانپوءِ، منهنجي شاعريءَ جو نئون مجموعو “ڪرڻي جهڙو پل” ڇپيو، جڏهن ته ٽکڙ پبليڪيشن پاران ڇپايل ڪتاب “مئل ماڻهو، جيئري پيڙا” مون ۽ سحر امداد سان گڏجي مرتب ڪيو آهي. ان کان علاوه مشهور سنڌي وير گاٿا “دودي چنيسر” جو اردوءَ ۾ ترجمو به ڪيل آهي، جيڪو لوڪ ورثي اسلام آباد جو ڇپايل آهي. مرزا قليچ بيگ جي ناول “زينت” جو اردو ترجمو به ڪيل آهي، جيڪو اڪادمي ادبيات اسلام آباد ڇپايو. احمد خان آصف جي ٻاراڻن ٻولن تي مشتمل ڇهن جلدن ۾ ڇپيل اهم تصنيف، سنڌيڪا پاران مون ايڊٽ ڪيو آهي. اردو اڪئڊميءَ لاءِ ٻارن جي اردو نظمن جا چار ڪتاب، سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل آهن، جنهن ۾ بابا فريد ۽ ماڌولال شاھ حسين جي پنجابي شاعريءَ کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ امداد حسينيءَ چيو ته؛ پنهنجا سڀ ڪتاب، پنهنجي پسند جا آهن. شاھ جو رسالو منهنجو آل ٽائيم فيوريٽ ڪتاب آهي، جيڪو آ روزانو پڙهندو آهيان. ان تي سوچيندو آهيان ۽ لکندو آهيان. مونکي شيڪسپيئر جا ڊراما ۽ ڪاليداس جي شاعري پسند آهي. پنهنجو لوڪ ادب ۾ لوڪ گيت، انهن ۾ منهنجي تمام گهڻي دلچسپي رهي آهي. سامي، سچل، خليفو نبي بخش، مصري شاهه، حافظ بيوس، مير عبدالحسين سانگي، نواز علي نياز، نياز همايوني ۽ ٻيا پسند جا شاعر آهن. جڏهن ته غالب، مير، اقبال، فيض جي شاعري به پنهنجي پسند جي شاعري آهي. هن چيو ته فيض احمد فيض کي مون سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي، جيڪو ڪلچر ڊپارٽميٽ ڇپيو آهي، جنهن ڪتاب ۾ اردو ۽ پنجابي شاعريءَ جي حوالي سان گهڻو مواد آهي.

“نئين ٽهيءَ ۾ جيڪا شاعري ٿئي پئي، ڇا اها شاعري پنهنجو مقصد ماڻي پئي؟” انهيءَ سوال جي جواب ۾ امداد حسينيءَ چيو ته؛ “اجتماعي سطح تي، جڏهن ڪو مقصد ئي ناهي ته ماڻڻ وري ڪهڙو. هڪ همراه رسالو ڪڍندو هو. اهو اوچتو شاعر ٿي ويو ۽ پنهنجي رسالي ۾ شعر ڇپڻ شروع ڪيائين. ان کان هڪ ڀيرو مون پڇيو ته؛ شاھ کي پڙهيو اٿئي؟ ته چيائين؛ نه! پوءِ ان تي مون ڪهاڻي لکي هئي. جنهن ۾ اها سڄي ڪٿا لکي هئم. اسان جو اليمو اهو آهي ته؛ اسان وٽ جن کي پڙهڻ کپي، اهي لکي رهيا آهن ۽ جن کي لکڻ نٿو اچي، اهي رسالن جا ايڊيٽر آهن. الميو اهو آهي ته، اسان جي سنڌ جو اڳوڻو وزير اعليٰ قائم علي شاهه، جڏهن سچل سرمت جي عرس جو افتتاح ڪندو هو ته هو تقرير اردوءَ ۾ ڪندو هو. اسان جو هڪ دوست هوندو هو سرفراز راڄڙ جيڪو پيپلز پارٽي ونگ جو صدر هو. جيڪو اڪثر مونکي چوندو هو ته؛ اوهان شهيد ذالفقار علي ڀٽو جي ورسيءَ ۾ اچو. مون ان کي ڪافي ڀيرا منع ڪيو. پر هڪ ڀيرو هن جي مجبور ڪرڻ تي ورسيءَ ۾ شرڪت ڪئي. ورسيءَ ۾ الميو اهو ئي هو ته هن مونکي اڳ ۾ ئي اهو چيو ته؛ اوهان شاعري اردو ۾ پڙهي سگهو ٿا. جنهن کانپوءِ مون شاعري سنڌيءَ ۾ به پڙهي ۽ اردوءَ ۾ به پڙهي. هنن جو اهو چوڻ هو ته؛ هي پروگرام ٽي ويءَ تي ڏيکاربو، اتي صرف اردو ئي هلي سگهندو آهي.


 

سنڌ کي امداد حسينيءَ جو جنم ڏينهن مبارڪ هجي

رکيل مورائي

هاڻ جڏهن امداد کي ڪراچيءَ ۾ ڏسبو آهي ۽ ساڻس ملبو آهي ته پڪ سان محسوس ٿيندو آهي ته امداد هاڻ رول نه رهيو آهي. سندس رولاڪي سنڌيءَ ٻوليءَ جي جديد شاعرا ۽ سندس ونيءَ مئڊم سحر ختم ڪري ڇڏي آهي، هاڻ هو مئڊم جي ڊرائيونگ جي قيد ۾ آهي. هاڻ هو فقط ذهني رولاڪي ڪري سگهي ٿو. جيڪا ئي سندس وڏي عياشي هوندي، ان کان وڏي عياشي، هن احمد ۽ مون سان پنهنجي گهر ۾ سڄي رات پرھ ڦٽيءَ تائين اسڪاچ جون سرڪيون ڀريندي ڪئي هئي، پر ان رات مئڊم ڪراچيءَ پنهنجن ٻچن وٽ ڪراچي آيل هئي، تنهن هوندي به امداد مون کي رول محسوس نه ٿيو هئو، ۽ ان کان اڳ اهڙيون اڻ ڳڻيون گهڙيون گذريون هونديون ساڻس ويجهڙائي۾، ٻيءَ طرح “امداد آهي رول” سندس اها سڃاڻپ آهي سنڌي شاعريءَ ۾ جيڪا شمشير جي “لاٽ” جي معرفت آهي سنڌي شاعريءَ ۾.

“امداد آهي رول” اسان پنهنجي ٻاروتڻ کان جوانيءَ ڏانهن ايندڙ عمر ۾ پڙهيو ۽ يقين اسان، عتبار ڪرڻ گهرجي ته هڪ مقدس ڪتاب وانگر پڙهيو جيڪو منهنجي پياري دوست ادريس جتوئيءَ اسان کي پڙهايو. ۽ اهو به سچ آهي ته اهو ننڍڙو ڪتاب اسان لاءِ اڄ به ايتروئي اهم آهي جڏهن ته اڄ تائين سندس ٻيا ٽي شاعراڻا ڪتاب به سنڌي ادب خاص طور جديد شاعراڻي ادب ۾ هڪ نهايت اهم واڌاري طور داخل ٿيا آهن ۽ اهي ٽئي ڪتاب سندس شاعريءَ جو عيوضيپڻو به ادا ڪن ٿا، جن جي هر پني تي آيل هر نظم هر غزل، هر گيت، هر وائي، هر چئوسٽو، هر نئين ڪوتا توڻي هر سٽ ۾ سندس شاعراڻي رولاڪي سان گڏ سندس شاعراڻي حسناڪي به آهي ته سندس شاعراڻي تازگي به. اها تازگي جيڪا امداد کي پنهنجي سڀني همعصرن کان الڳ ڪري بيهاري ٿي ۽ کيس هڪ الڳ مرتبو عطا ڪري ٿي. جيتوڻيڪ هو اڳ ئي پنهنجي شخصي توڻي شاعراڻي سڀاءَ ۾ غضب جي انفراديت رکندڙ آهي. اهڙي انفراديت، جيڪا سندس مرڪ کان وٺي سندس سٽن تائين پنهنجي سڃاڻپ ڏيندي آهي.

مون کي اپ سيٽ ڪري

سيٽ ڪري پئي ڪمرو

يا

اداس آءٌ

دکائڻي ته هئي ڪا نه

پر دکي ويئي.

يا

ڊيٿ اسڪواڊ جي آڏو بيٺل

آهيان آنءٌ

پڇن ٿا مون کان

ته سندم آخري خواهش ڇا آهي؟

جهڙيون نئين ڪوتا جون سٽون پڙهي ڏسجن يا سندس تازگيءَ ڀرين خوشبودار هوائن جهڙن غزلن جون سٽون.

تنهنجي در تي پهچائي،

اهڙو ڪهڙو رستو هو!

تو ڏٺو ۽ جڙي وئي ڪوتا.

بس پني تي اتارڻي آهي.

چپ ۾ چڪ وجهي ڇڏيم،

اڌ ۾ گهٽجي ويو سڏڪو.

اهڙيون سٽون فقط امداد ئي لکي سگهي ٿو ۽ امداد جي اهڙي ئي انفراديت هن جي سنڌي ادب ۾ سڃاڻپ بڻيل آهي.

ورهاڱي کان پوءِ سنڌي شاعريءَ ۾ جنهن ورجاءَ سنڌي شاعريءَ جي تخليقي سفر کي گهڻي حد تائين روڪي رکيو آهي، تنهن کي امداد مسلسل محسوس به ڪندو رهيو آهي، ته اهڙي محدودگيءَ کي الڳ الڳ وقتن تي اظهاريندو به رهيو آهي، پر هن جو اصل ڪمال ان کان وڌيڪ اهو آهي ته هو ان محدودگيءَ جي بدلي اهي تازگيءَ واريون تخليقون ڏيئي سنڌي شاعريءَ ۾ پنهنجو مثال به ڇڏيندو آيو آهي،

سندس ٽئي ڪتاب، “هوا جي سامهون” ۽ “ڪرڻي جهڙو پل” ۽ “هوءَ “ اهڙا مثال آهن سنڌي شاعريءَ ۾. ۽ هي ڪتاب جيڪي پنهنجي هر حوالي ۾ انفراديت برقرار رکي بيٺا آهن، ان دور جي تخليق آهن. جنهن دور ۾ اياز، تنوير ۽ شمشير پڻ موجود آهن ۽ اهڙي غضبناڪ دور ۾ امداد جي هيءَ حسين انفراديت سنڌي شاعري نه صرف صدين تائين ياد رکندي پر ان تي فخر به ڪندي.

امداد وٽ اکر کان وٺي احساس تائين ۽ احساس کان وٺي اظهار تائين سڀ منفرد آهي ۽ اهڙو منفرد، جنهن تي گمان ڪجي تڏهن به امداد جي نالي جو گمان ئي ٿيندو انهن شعرن تي، ٻيءَ طرح انهن شعرن کي پڙهندي توڻي ٻڌندي، اهي امداد جي مُهر لڳل محسوس ٿيندا. سنڌي شاعريءَ کي باريڪيءَ سان پڙهندڙ ان ڳالھ کان واقف آهن.

گذريل مني صدي سنڌي شاعري لاءِ ڪيترو سازگار رهي ۽ ڪيترو ناسازگار رهي آهي اهو ته وقت حاصل ڪري سنڌي شاعريءَ تي ڪو ڊگهو اڀياس ئي فيصلو ڏئي سگهندو پر ان مني صديءَ واري عرصي جي وچ ۾ سنڌي شاعريءَ کي سونهن، سندرتا، تازگي، بي ساختگي ۽ هوا ۾ اڏامڻ لاءِ حسين پر جن شاعرن ڏنا آهن امداد انهن ۾ اڳيان اڳيان آهي. اهو قبول ڪرڻ ادب سان ايماندار هجڻ آهي.

ها اها ٻي ڳالھ آهي ته امداد جي شاعريءَ بابت بنھ گهٽ لکيو وڃڻ سبب هن جو اظهار سنڌي ادب ۾ ڀرپور نموني جيترو اڀري اچڻ گهرجي ها، اوترو اڀري نه آيو آهي ۽ هاڻ ته سچ اهو به آهي ته امداد تي جن لکندڙن کي ڀرپور لکڻ گهرجي ها، اهي لکندڙ به آهستي آهستي موڪلائي رهيا آهن. مون کي احساس آهي ته مون سميت منهنجي عمر وارن لکندڙن جي لکڻي ۾ پڪ ئي پڪ هڪ شاعراڻي اڀياس کان وڌيڪ امداد لاءِ عقيدت جو عمل وڌيڪ هوندو جيڪو ممڪن آهي ته امداد لاءِ توڻي امداد جي شاعريءَ ۽ مجموعي سنڌي ادب لاءِ ايترو اهم نه هجي.

اسان جو سڀ لکڻ ان محبت جو اظهار ئي هوندو، جيڪا اسان پنهنجي محبوب شاعر امداد حسينيءَ سان ڪريون ٿا ڇاڪاڻ جو اهو سمجهون ٿا ته اڄ جي جديد سنڌي شاعريءَ جي ضمانت امداد جو نالو آهي. جڏهن هاڻ سندس همعصر دوستن، اديبن، عالمن ۽ نقادن جو وڏو حصو نه رهيو آهي، تڏهن اڄ جي نوجوان، ذهين ۽ سنجيده لکندڙن ۽ پڙهندڙن تي اهو فرض ٿو بڻجي ته هو پنهنجي قلم وسيلي، دعائن وسيلي، گلابن وسيلي ۽ محبتن وسيلي امداد ڏانهن ايتريون نيڪ خواهشون موڪلين جو هن جي عمر سان گڏ، هن جي مُرڪن ۾، هن جي قلم ۾ وڌيڪ نئين تازگي جو احساس جاڳي پوي، جيئن هو اسان کي، سنڌ کي ۽ سنڌي ادب کي اڻ ڳڻيا نوان گيت، نيون ڪهاڻيون ۽ ليک ڏيئي سگهي.

آھ اهو امداد ڪٿي

جيڪو شعر به چوندو هو.


 

امداد حسيني

ڪلاسيڪل ۽ ماڊرن شاعري کي ڳنڍيندڙ - جنم ڏينهن جي حوالي سان

امر پيرزادو

امداد حسيني جي شاعري اُهي مرحلا پوئتي ڇڏي آئي آهي جتي ڪنهن شاعر کي پنهنجي شاعري لاءِ ڪا مڃتا گهربي آهي، ڪي ايوارڊ گهربا آهن، مهورتون يا شامون گهربيون آهن، هاڻي امداد هڪ شاعر جي حيثيت ۾ ان مقام تي آهي جتي شاعري کيس صبح شام ڏينهن رات پاڻ مڃتا ڏيندي آهي، اُن جا ٿورا مڃيندي آهي ڇو جو امداد اُن جو حق ادا ڪيو آهي. باقي اسان ، سنڌ، پاڪستان توڙي دنيا جا ادارا هن وقت امداد صاحب کي جيڪا مڃتا پيا ڏين اُهي دراصل پنهنجو فرض پورو پيا ڪن ۽ تاريخ جو رڪارڊ صحيح رخ ۾ پيا درج ڪن.

امداد شاعري جو عاشق شاعر آهي اُن شاعريءَ سان لاڳاپيل هر شيءِ سان عشق ڪندڙ پوءِ اُها ٻولي هجي، سر هجي، گهاڙيٽا هجن، تجنيس حرفي هجي، خيال هجي. فن هجي، جماليات هجي، تصور هجي، موسيقي هجي، صنفون هجن، يا اظهار جا نت نوان انداز هجن هو انهن تان فدا ٿيندو رهيو آهي. هڪ سچي عاشق جان! بنا ڪنهن تمنا لالچ جي!

ڪو وٺي ٿو وٺي، وٺي نه وٺي

هڪرو شاعر ته شاعري ٿو ڏئي

امداد حسيني مزاحمتي شاعر آهي ۽ رومانس وڏي ۾ وڏي مزاحمت آهي ان ڪري جڏهن هو مزاحمت ڪري ٿو ته سندس مزاحمت ۾ رومانويت ان کي نعريبازي کان بچائي ٿي.

ٿي چڪي ٿي چڪي ٿي چڪي ٿي چڪي

جا به ٿيڻي هئي ماجرا ٿي چڪي

هر ستم ٿي چڪو هر جفا ٿي چڪي

هر ڏيئي جي مخالف هوا ٿي چڪي

ابتدا ڪا ڪريون انتها ٿي چڪي

ابتدا ڪا ڪريون! جڏهن حالتون انتها تي پهچنديون آهن ته شاعر ابتدا ڪرڻ جي صدا بلند ڪندا آهن جيئن ته شاعر جو وڏو هٿيار ۽ احتجاج ڪنهن پملفيٽ، ڪنهن بک هڙتال ڪنهن ڌرڻي کان وڌيڪ هن جو قلم هجي ٿو جيڪو ان قسم جي احتجاجن کي عوام ۾ ڪنهن سياسي سڏ کانپوءِ سرگرم ڪندو آهي اهڙي ابتدا ڪارو ڪاري خلاف، جبري گمشدگين خلاف، سنڌي ٻولي سان زيادتي خلاف، پاڻي تي اڏيندڙ ڊيمن خلاف هر دور جو شاعر ڪندو رهيو آهي. امداد، ناانصافين خلاف تخليقي احتجاج هر دور ۾ رڪارڊ ڪرايو آهي. هڪ اردو نظم ۾ لکي ٿو

جو بھی لکھنا ہے وه آج اور ابھی لکھ لیں

کیا پتا اگلے ہی پل ہاتھ قلم ہو یا نہیں

هو لکڻ ۾ باھ جو سمند ٿو تري ۽ لڙڪ کي لفظ ۾ ملائڻ جي شڪتي رکندڙ شاعر آهي.

لڙڪ کي لفظ ڪرڻ ايترو سولو ناهي

باھ جو سمنڊ ترڻ ايترو سولو ناهي

امداد هڪ ماهر جيان شاعري ٻڌندو آهي جڏهن اُها پنهنجي رستي تي هلندي هن جي دل تي پهچندي آهي ته هو بي ساخته واھ ڪندو آهي ۽ جڏهن اُها شاعري ٻولي فن يا خيال ڪري ڪٿي ٿاٻو کائيندي آهي ته امداد ان کي سهارو ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو آهي پر اُن سهاري مان جڏهن ڪير سبق ناهي سکندو ته هي شعرن جو عاشق اُداس ٿي ويندو آهي.

امداد هن دنيا لاءِ شاعري ۽ آرٽ کي ايئن لازم ٿو سمجهي جيئن سماج جا ٻيا اهم ترين شعبا سمجهيا ويندا آهن. اهو سمجهندو آهي ته ماڻهو جو علاج ته ڊاڪٽر ڪري سگهي ٿو پر ماڻهو کي انسان بڻائڻ جو ڪم ادب ڪندو آهي.

امداد پنهنجي ڪتابن مان پنهنجي مشاعرن توڙي ٽي وي تي پڙهيل شاعري سان هڪ اهڙي دنيا ٺاهي آهي جنهن ۾ داخل ٿيڻ سان انسان کي حسن،  عشق،  فطرت جي حسناڪي ۽ درد جي دائميت وارو قرار ملي ٿو. هو روز اُن دنيا کي پنهنجي شعرن سان سينگاري اُن کي اهڙو سهڻو ٺاهيندو آهي جو ان ۾ ايندڙ هر ادب جو ٽوئرسٽ حيران ۽ حسناڪ ٿي ويندو آهي.

امداد حسيني جي شاعريءَ جون ڪجھ خاص ڳالهيون

۱- امداد جي شاعري فڪري گهرائي رکندي مبهم اظهار کان پري آهي، هو گهرو فڪر، سادگي ۽ سُر ۾ بيان ڪري وڃڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو جنهن ڪري هن جي شاعري عوام جي دل تي نقش ٿي وڃي ٿي.

۲- امداد جي شاعري ۾ نج سنڌي ٻولي ان جا محاورا تجنيس حرفي ۽ ڪلاسيڪل شاعري سان گهرو سٻنڌ ملي ٿو.

۳- امداد جي شاعري جيئن ته پابند، سليس ۽ مترنم آهي ان ڪري هن ۾ ڳائڻ جي شڪتي آهي هن کي سنڌ جي وڏن راڳين ڳايو آهي

۴- امداد جو خاص ڪري نظم پنهنجي ٽريٽمينٽ ۾ بيحد اثر ڇڏيندڙ آهي ان جو ڪلائيمڪس ڇرڪائيندڙ هجي ٿو ۽ هر سٺي نظم وانگر اهو نظم ختم ٿيندي ئي پڙهندڙ جي ذهن ۾ سوچ جو سفر شروع ڪري ٿو.

۵- امداد جو لهجو ان جو ڊڪشن پنهنجو آهي ڪنهن کان اڌارو ورتل ناهي. امداد پنهنجي ڪلاسيڪل، همعصر توڙي پوءِ واري نسل کان سکندو رهيو آهي پر هن جي تخليق جو رنگ پنهنجو رهيو آهي.

۶- امداد جا ڪيترائي نظم پنهنجي محبوب سان هم ڪلامي واري انداز ۾ ائين لکيل آهن ڄڻ ڪا سريلي ڪچهري شاعري جو ويس پائي ڪنن ۾ امرت رس اوتيندي هجي.

۷- هر وڏي شاعر وانگر امداد جون ڪيتريون ئي سٽون ضرب المثل آهن. مثال

بحث ان تي ڪرڻ اجايو آهي

ابتدا ڪا ڪريون انتها ٿي چڪي

مان ويل وقت ته ناهيان جو پڪارين مونکي

باھ جو سمنڊ ترڻ ايترو سولو ناهي.

۸- امداد پنهنجي فن ۾ پرفيڪشنسٽ آهي ۽ پاڻ به پنهنجي شاعري جو ڪڙو احتساب ڪندي ان کي سنواريندو رهندو آھي،

۹- هو هڪ ئي وقت ڪلاسيڪل ۽ ماڊرن شاعري کي گڏ کڻي هلندڙ اڇوتو شاعر آهي.

۱۰- امداد حسيني جي شاعري وقت سان پوڙهائپ ڏانهن نه ٿي وڌي پر جيئن جيئن وقت گذري ٿو اُها جوڀن پئي ماڻي اهو به هڪ سبب آهي جو هن جا ڪيترائي ڀيرا ٻڌل شعر، نظم سدائين تازا ٿا رهن،  مثال

عيد جو چنڊ ته ناهيان

مون جڏهن ڪو ڏيئو جلايو آ.

۱۱- امداد کلندو آهي ته لڳندو آهي ته ڪو معصوم ٻار کلي رهيو آهي ۽ هو لکندو آهي ته هن ۾ ڪنهن ڳڀرو جوان واري چنچلتا به هوندي آهي.

ڪو نه ڇڏيندو سانءِ

لڏڻ اهڙي لوڏ تي

ٽيڙو لکندو سانءِ.

۱۲- امداد حسيني، ڪلاسيڪل ۽ جديد شاعري کي جوڙيندڙ شاعر آهي. هو هڪئي وقت ڪلاسيڪل ٻولي، صنفن، بحر وزن توڙي ڇند تي لکڻ جي مهارت پيو رکي ۽ ساڳي وقت سندس نظم جديد شاعريءَ جو نمايان مثال بڻجي سامهون اچن ٿا جنهن مان ظاهر پيو ٿئي ته ان جي شاعري وقت سان اپڊيٽ ٿيندي رهي آهي ان ڪري هو هر دور جو شاعر ٿي سامهون اچي ٿو.

 


 

امداد حسيني

مون سڄو گھر کڻي سجايو آ

نصير مرزا

ڪو مون کان پُڇي ته جديد سنڌي شاعريءَ ۾ مون ناچيز پڙهندڙ لکندڙ جو پسنديده ترين ۽ رول ماڊل شاعر ڪير!؟ ته ان جو جواب آهي، صرف امداد حسيني ۽ ويهين صديءَ جي جديد تر سنڌي شاعريءَ جو هي ئي ته اهو جهومندڙ مور ۽ ٽرينڊ سيٽر ڪويتاڪار، جنهن پنهنجي ڌار رومانوي ۽ جديد حِسيت واري ڊڪشن سان اياز، نياز، تنوير ۽ شمشير جهڙن جانئٽ شاعرن وچ ۾ پنهنجي ڪلادار قلم کي علم وانگر بلند ڪري ڏيکاريو آهي. آئون ڀانئيان ته اها خود امداد جي به وڏائي آهي، جو پنهنجي دور جي هر وڏي پيشرَو کي هن والهانه پئي واکاڻيو آهي ۽ خاص طرح سان پنهنجي ٻن سينيئرز کي هن هيءَ ڪهڙي نه شاندار مڃتا ڏيندي چيو، “ڪجھ نه هجي سنڌي ٻوليءَ ۾، اياز شيام آهي ئي آهي”. ان بعد هاڻي هي به پڙهو ته رسالو شاھ لطيف جو آڏو رکي امداد هي عقيدت منجهان ڇا ته چوي پيو؛ “لطيف هوندي ڇا جو ڀوء، سورج هوندي ڪهڙو انڌ؟” ۽ ان سان گڏ ئي هن جو هي به اعتراف، “سنڌڙي، سُر، سنگيت، سُڳنڌ، مون کي سائينءَ جو سوڳنڌ”. گڏوگڏ پنهنجي شاعراڻي انا جي وياکيا طور صرف اسانکي ئي نه، خود پاڻ کي به ياد ڪرائيندي هي چوڻ ته، “ڪارونجهر ٿجان امداد، جُهڪي وڃي سو ڪهڙو ڪنڌ”.

ڪو پيشانيءَ ۾ گهنج نه وجهي ته چوان سنڌ ۾ ڪلاسڪ، نيوڪلاسڪ يا ويندي ويهين صدي جي روايتي شاعريءَ جا جيڪي به ‘سامي سج وڙاءُ’ هئا، اهي ته وکون ويڙهي ڌرتيءَ ماءُ جي هنج ۾ لهي چُڪا، تڏهن ايڪهين صديءَ جي آسمان تي ڪيئي حال حيات ستارن وچ ۾ هي اسان جو امداد ئي ته آهي، دور حاضر جي سنڌي شاعرن ۾ ‘سامي سج وڙاءُ’.

سچ پڇو جڏهن کان ادب ۾ مون اکيون کوليون آهن، مون ته هر پاسي کان آواز پئي ٻُڌا، هو وحدت الوجود، هو وحدت الشهود، فلاڻو، ترقي پسند، فلاڻو روايت پسند، فلاڻو رجعت پسند يا هو ساڄي ڌر ۽ هو کاٻي ڌر ۽ هاڻي يقين ڪريو، هن پنهنجي امداد کي مون جڏهن پڙهڻ جو شروع ڪيو ته ڄاتو هو نه ساڄي ڌر، نه کاٻي ڌر، بلڪ پنهنجي ئي ڌر هو ۽ اهڙو ته منفرد ۽ جديد جينئس شاعر، جنهن جي ڪويتا ڄڻ پنهنجي اُڻت ۾ نيوڪلاسڪ به ته لوڪ ڪلاسڪ ۽ جديد حِسيت جو سنگم به. ڄڻ سڀ ڌارائون هن جي شاعريءَ ۾ رلمل. هتي هي به لکندي ڪائي مونکي هَٻڪ نٿي ٿئي ته ويهين صديءَ جي ڪيترن ئي وڏن شاعرن بابت مونکي وهم ته، انهن وسيع مطالعي آڌار ۽ ڪوشش وٺي ئي پئي شاعريءَ ۾ نالو پيدا ڪيو آهي. هونئن به اڄ به اردو يا سنڌي ۾ گهڻائي اهڙن شاعرن جي ته آهي، جيڪي ڏات بدران ڏانءَ آڌار شاعري ڪندا ٿا رهن. قطع نظر اهڙن سڀني شاعرن جي، منهنجي آڏو امداد حسيني قدرتي شاعر آهي، بنھ پراچين يُگ جي ڀرتري هري، امارو، اوڌو، چندي داس يا ميرا جيءَ جهڙو خالص ۽ جينئس شاعر، جنهن چيو هو،

آئون جُڳن کان جاڳيو آهيان،

تو لئه گيت رچڻ ٿو چاهيان

لفظ ملن ته لکان....

تنهنجا سپنا، ننڊ اچي ته ڏسان

پنجاھ ورهيه اڳ امداد جڏهن ڦوھ جوان هو ۽ اڪيلو.... يا هاڻي جڏهن محفلن، ميلن ۽ جهملين ۾ سگريٽن جي دونهين ۾ هن کي تحليل ٿيندي آئون ڏسندو آهيان ۽ پنهنجي گيان ڌيان ۾ گُم، تڏهن تصور ۾ ايندو اٿم ته کاجوراءِ جي گڦائن ۽ جنتا ايلورا اندر جن چترڪارن ڪلاڪارن چتر چٽيا هئا ديوارن ۾ ۽ مجسما ڪنده ڪيا، اهي به اهڙا ئي ته هوندا، جهڙو هي اسان جو امداد آهي. کيس جڏهن جڏهن به ڏسان، سندس هي شعر مونکي ضرور ياد اچي ويندو آهي،

ڪا ته هن شهر جي عاشق جي نشاني هوندي

ڪا ته هن شهر جي دلبر جي جواني هوندي

اڄ مُڙي ماضيءَ ڏانهن ٿو ڏسان، جڏهن آئون به ڇوڪرو هوس ۽ امداد ڦوھ جوان ۽ جڏهن هن وانگر منهنجي پيرن جي هيٺان به عشق جا ڪاوا اُڀا هئا ۽ محبوبائن جو هوا مثل خرام هو، ان وقت ڪنهن رسالي ۾ امداد جي پهرئين شعري مجموعي “امداد آهي رول” جي پبلسٽي اشتهار ۾ مون پڙهيو هو،

منهنجو ڪوئي گهر ڪونهي ڪو،

مونکي هُن جي گهر پهچايو

۽ گڏوگڏ هي سٽ به،

آئون جهليان ٿو جهول، تون موتي ائين نه رول

تڏهن اسين گول بلڊنگ لڳ سوسائٽيءَ واري هاءِ اسڪول ۾ پڙهندا هئاسين ۽ دراز قامت امداد کي صدر ۽ کوکر پاڙي واري علائقي ۾ نڀور ڪارين، اڌ جاڳيل ۽ ننڍاکڙين اکين سان مورچال مثل هلوتاڻي ۾ ئي ته پيا ڏسندا هئاسين. تڏهن ان ايريا ۽ آسپاس ۾ ڪيتريون نه هوٽلون هونديون هيون. “ڪراچي ريسٽورينٽ”، “ڪيفي جارج”، “ڪيفي شيزان”، “جبيس”، “اسٽار لائيٽ” ۽ جن جي ٽيبلن تي امداد ۽ ان جي منڊليءَ جا ساٿي عبدالحق عالماڻي، ماڻڪ، علي بابا، شوڪت حسين شورو ۽ مشتاق شورو اڪثر پيا نظر ايندا، تڏهن اهڙين هوٽلن ۾ راتيون به ته جاڳنديون هيون ۽ لڳندو هو هي سڀ دوست ۽ البيلا ليکڪ انهن ٽيبلن تي ويٺي ويٺي ئي حياتيون گذاري ڇڏيندا.

تڏهن ان زماني ۾ ٽه ماهي” مهراڻ”، روح رهاڻ ۽ سهڻي رسالي تي به ڇا ته جوڀن هو، جن ۾ امداد جي نظمن جي به ڇا ته ڀل ڀلان...

رات آهي اماس،

روح آهي اداس،

آهي ڏاڍي پياس،

هل ته ڪنهن مئڪدي ۾ هلون

پوءِ ون يونٽ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان هاڃا شروع ٿيڻ واري دور ۾ امداد جي هيءَ سٽ مون پڙهي.

سنڌ جي سَڏَ ۾ سڏُ جيڪو نه ڏي

ڪوڙهيو ٿي مري

۽ گڏوگڏ سندس هي دوهو به ته مون هر هڪ جي واتان ٻُڌو پئي،

مسجد ۾ ملي ٻانگ ۽ ديولَ ۾ وڳا گهنڊ

هن شهر جي ماڻهن کي اڃان ننڊ، اڃان ننڊ

هتي هيءَ به حقيقت ۽ سچي ڳالھ ته جديد سنڌي شاعريءَ ۾ صنفن جي گهاڙيٽي ۾ ويرائٽي ۽ انهن ۾ آرٽ ڪرافٽ جي جادوگري ۽ اها ته بس امداد تي ئي ختم ٿي هئي ۽ ڀرتيءَ جي لفظن کان پرهيز ۽ منڊيءَ تي ٽڪ بحرن وزن ۾ ٽو دي پوائنٽ ۽ ڇرڪائيندڙ ڳالھ ۽ اهو ئي ته امداد جي شاعريءَ جو وڏو گُڻ لڳندو هئم. مثال طور، شاعري ۾ غزل جو فارم ته صدين کان ساڳيو آهي، پر غزل جي ڊڪشن ۾ امداد جيڪا تخيل ۾ جدت ۽ نواڻ آندي، ان جي ڪهڙي ڳالھ ڪريان!

مون جڏهن ڪو ڏيئو جلايو آ

زور ڪيڏو هوا لڳايو آ

ڪجھ به سرجڻ يا تخليق ڪرڻ جو عمل ڪيترو نه پيڙاتمڪ هوندو آهي، امداد پنهنجي شعر ۾ ان جي خبر اسانکي هن ريت ڏني آهي،

لُڙڪ کي لفظ ڪرڻ، ايترو سولو ناهي

باھ جو سمنڊ ترڻ ايترو سولو ناهي

ائين ترائيل صنف ۾ امداد جون نواڻ ارپندڙ هي سٽون ڏسو،

بسنت رت ۾ هيڊو چهرو ڪين ٺهي ٿو، پيارا،

چهري تي رانڀوٽا پائي لال گلال ڪري ڇڏ

يا ....

وري ملون نه ملون زندگي رهي نه رهي،

ٻُڪن ۾ مُک جهلي جي ڀري ڏسي ته وٺون

امداد جي هڪ دلفريب گيت جو بند،

ڪهڙي ڪم جو آهي جيون

جاڙ جيئان ٿو جاني تو بن

زهر ملي ته پيان ....

سندس ٻئي شاهڪار گيت جو هي مصرع به ڇا ته آرٽسٽڪ!

جيئن ٿي ڦٿڪان، تيئن ٿي ڦاسان،

سوگهي آهيان چئني پاسان،

پيار ته آهي پَٽ جي ڏور

هاڻي هيءَ ڳالھ به عالم آشڪار ته ڪنهن به ٻوليءَ جو شاعر جي روماني شاعر آهي ۽ خوش بختيءَ سان سندس جي پرسنالٽي به موهيندڙ ته، صف نازڪ جي وچ ۾ اهو راجا اندر ته سڀاويڪ ئي بڻجي ويندو آهي. ان ڏس ۾ پريمڪائن يا شريڪ حيات جي پسمنظر ۾ امداد جون هي خوبصورت سٽون پڙهو،

مونکي اپ سيٽ ڪري،

سيٽ ڪري پئي ڪمرو

ياد اٿم، ڪنهن وقت سحر امداد صاحبه لکيو هو، سڄڻي هان امداد جي،

سحر سندم آ نانءُ

تڏهن رومانوي شاعر امداد پنهنجي انهيءَ شريڪ حيات لاءِ جوابن لکيو هو،

سحر امداد سڄڻ، ٻيو ته سڄو لوڪ ڏڄڻ

۽ سڄڻ ريءَ سُرڻ، ايترو سولو ناهي

۽ ڪيڏي نه زبردست ڳالھ ته امداد جي پهرئين ۽ هن آخري پيار ۽ شريڪ زندگي ۽ اسان سڀني جي محترم ڀاڄائي ۽ نامياري شاعره سحر امداد پاران سڀاڻي ڏهين مارچ جي شام جو ڪراچي آرٽ ڪائونسل جي سيد احمد شاھ هال ۾ اسان جو هي من ڀاوڪ شاعر امداد دوستن ۽ لاتعداد مداحن جي جهرمر ۾ پنهنجي ۸۰ هين سالگرھ جو ڪيڪ ڪاٽيندو. سڀاڻي ٿيندڙ انهيءَ جشن سالگرھ جو تصور ڪندي دور ڪراچي آرٽ ڪائونسل جي مکيه دروازي ۽ در و ديوار ڏانهن ڌيان جو هليو ويو اٿم ته اتان پريان کان اتي جي دري دري منجهان اهڙا آواز مونکي صاف صاف پيا ٻُڌڻ ۾ اچن.

هڪڙو مهمان آهي اچڻو پر

مون سڄو گهر کڻي سجايو آ


امداد حسيني ۽ اُن جي شاعري

سطحي لکڻين کان گهڻو مٿي جو موضوع - جنم ڏينھن جي نسبت سان...

مٺل جسڪاڻي

امداد حسيني ۽ اُن جي شاعري، ھاڻي سطحي لکڻين کان گهڻو مٿي جو موضوع آھي، ان ڪري مون جھڙو ڪو ليکڪ لکي، نه لکي، ان جو امداد حسيني يا ان جي شاعري تي، نه ڪو مثبت نه ئي منفي اثر پوندو. البت، مون جھڙن گهڻن گهٽ پڙھيلن ۽ ٿوري عقل وارن جي آبياري ٿيڻ ممڪن آھي.

امداد حسيني جي ھر شعر تي لکڻ وارو لکي سگهي ٿو، آئون به چاھيان، ته سندس گهڻن شعرن تي، ٿورو گهڻو لکي سگهندس، پر اڄ صرف ھڪ اھڙو اسم، اوھان جي نظر ڪجي ٿو. جنھن تان امداد جو نالو ھٽائي، شاعرن جي حضور ۾، راءِ لاءِ پيش ڪبو، ته پھريون متضاد رايو اھو ھوندو، ته ھڪڙا چوندا غزل آھي، پر ڪچو آھي، ٻيا چوندا نظم آھي، پر ڦِڪو آھي! ۽ جيترا شاعر ھوندا، اوترا مختلف وڻندڙ، اڻ وڻندڙ، دل خوش ڪندڙ، اندر ساڙي ڇڏيندڙ، انيڪ رايا، راين تي رايا ايندا، حمايتي ۽ اختلافي بحث شروع ٿي پوندو. ڇاڪاڻ ته اڪثر شاعرن ۾، عام ماڻھن واريون ساڳيون، ٺونٺيون ھڻي، ٻئي کان اڳتي نڪرڻ جون خصلتون گهڻيون آھن. پسند ناپسند، ٺاھ اڻ ٺاھ، لالچ بنا لالچ جي بنياد تي، رعايتون ڏيڻ وٺڻ جو رواج وڌي ويل آھي.

اھڙي ماحول ۾، امداد حسيني جي ھن اسم تي پھرين راءِ لکجي يا پھرين سڄو اسم مطالعي لاءِ عرض ڪجي؟ منھنجي خيال ۾ پھرين منھنجي محدود ۽ ناقص راءِ، ان کان پوءِ اسم پڙھو، ته بھتر ٿيندو.

منھنجي خيال ۾ ھي اسم لکڻ وقت امداد حسيني پھرين سندس ۽ پوءِ پڙھندڙ جو طعين ڪري، پوءِ ھڪ ڏاھي، ھڪ سونھي، سرت، سمجهه ۽ ساڃاھ واري، وڏي جي حيثيت ۾، پاڻ کان ننڍن جي رھبري ۽ رھنمائي ڪندي لکيو آھي ۽ خوب نڀاءُ سان لکيو آھي.

امداد حسيني جي ھن اسم ۾ روايتي ۽ غير روايتي، قديم ۽ جديد عشق نه آھي، ھُلڙ بازي، ھنبوشين واري، ھلڪڙائي ۽ نعريبازي نه آھي. ٿڌي دل، ٿڌي دماغ سان، علمي ۽ عقلي پھچ، مشاھدي، مطالعي ۽ تجربي جي بنياد تي، لکيل ھي ھڪ اھڙو سليس سبق آھي، جنھن کي سمجهڻ لاءِ ضروري اشارا ۽ ڪنايا به انتھائي سولي انداز ۾ موجود آھن.

“وِکَ وڌائي رکجو!” جھڙي بھترين ۽ سڦل سبق ڏيڻ جي شروعات ۾ ئي، امداد حسيني پنھنجا ڏک، سور پاڻ تائين محدود رکي، اکين ۾ لڙڪ لڪائي، مُک تي مُرڪ سجائڻ جي سھڻي صلاح ڏني آھي. سورن کي سرچائڻ ۽ پورن کي پرچائڻ جو چوندي، چئي ٿو راھ ڀلي ته ڪيتري به اڙانگي ڇو نه ھجي، ڀلي ته پير پٿون ٿي وڃن، پر ھمٿ ۽ حوصلي سان رھي وک وڌائڻي آھي. ڀلي ته “ڪاري ڪاري رات” ھجي، “مٿان برسات” ھجي، گُگهه اونداھي ۽ طوفاني صورتحال ۾ به ڏيئو ٻرندو رکجو. سِر ھڪ آھي، انتھائي اھم آھي، ان کي اجايو وڃائڻ بدران سوري تي سجائي، سجايو ڪجو، اکڙين کي جاڳائي رکجو، ته اھڙو وقت اوس ايندو، جنھن وقت رات به کٽندي، ته باک به ڦٽندي. امداد چئي ٿو ۽ صحيح به چئي ٿو، ته جيستائين باک ڦٽي، رات کٽي، تيستائين پنھنجا زخم لڪائي رکجو، متان انھن مٿان ماڻھو لُوڻَ جون لپُون ٻُرڪي، اوھان کي تڪليفون رسائي، ڪنڊن جا موڙ ٻڌرائي، اوھان کان ھيڻائي نه ٻولرائي وٺن. اوھان کي ھر صورت، ھر حال ۾ مکڙيون مھڪائي رکڻيون آھن. ان لاءِ ڀلي ته سمورا لڙڪ روئي به ڇڏجو، پر ھڪڙي بوند ضرور بچائي به رکجو، ته جيئن مُک تي مُرڪ به سجائي سگهجي.

ھاڻي اوھان امداد حسيني جي اھا سڦل سبق جھڙي شاعري پڙھو، ويچاريو، عمل ڪريو:

اک ۾ لڙڪ لڪائي رکجو،

مُک تي مُرڪ سجائي رکجو.

سُورن کي سَرچائي رکجو،

پُورن کي پرچائي رکجو.

پير پِٿون ۽ پَٿ پٿرائون،

ويتر وِکَ وڌائي رکجو.

گهُگھ اونداهي، تيز هوائون،

دل جو ديپ جلائي رکجو.

هڪ سِر آهي، سَوَ ته ناهن،

سوريءَ سيج سجائي رکجو.

رات به کٽندي، باک به ڦٽندي،

اکڙين کي جاڳائي رکجو.

ماڻهو لُوڻَ لپُون ڙي سائين،

دل جا زخم ڇُپائي رکجو.

ڪنڊا ڪنڊا موڙ مٿي تي،

مکڙين کي مهڪائي رکجو.

لڙڪ سمورا روئي ڇڏجو،

هڪڙي بُوند بچائي رکجو.

اڄ امداد حسيني جو جنم ڏينھن آھي. منھنجي طرفان سالگرھ جي مبارڪ سان گڏ انيڪ نيڪ تمنائون قبول پون...


امداد حسيني

سنڌي ٻولي جي ناليواري شاعر کي جنم ڏينهن جون واڌايون

محمد سليمان وساڻ

اڄ ۱۰ مارچ آهي، سيد امداد حسينيءَ جو جنم ڏينهن ۔ امداد حسيني (سڄو نالو: سيد امداد علي شاھ ولد سيد فضل محمد شاهه) ٽنڊو محمد خان ضلعي جي ٽکڙ شهر ۾ ۱۰ مارچ ۱۹۴۱ ۾ ڄائو. سندس ادبي نالو امداد حسيني/سانول آهي. پاڻ موجوده دؤر جو سرموڙ سنڌي شاعر آهي. پاڻ ايم اي سنڌ يونيورسٽي مان ڪيائين. پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ۽ ٽماهي مهراڻ رسالي جو ايڊيٽر ٿي رهيو. امداد تمام سٺي شاعري ڪئي آهي ۽ نوجوان ٽهيءَ جو هميشه هيرو رهيو آهي. امداد جي شاعريءَ جو پھريون مجموعو “امداد آهي رول” گهڻو مشهور ٿيو، هي ڪتاب ۱۹۷۶ ۾ ڇپيو هو. امداد جي شاعري جو ٻيو ڪتاب “هوا جي سامهون” ۲۰۰۰ع ۾ روشني پبليڪيش پاران ڇپايو ويو، سندس شاعريءَ جو ٽيون ڪتاب “ڪرڻي جھڙو پلُ” ۲۰۱۲ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو ۽ سندس شاعريءَ جو چوٿون ڪتاب “هوءَ” ۲۰۱۶ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي پاران ڇپايو ويو. امداد حسيني جي اردو شاعريءَ جو مجموعو “ڌوپ ڪرن” پڻ ڇپيل آهي.

امداد حسيني دراصل پيار ۽ پريت جو شاعر آهي پر شيخ اياز چواڻي، “شاعرِ محبت شاعرِ انقلاب ٿي سگهي ٿو پر شاعرِ انقلاب شاعرِ محبت ٿي نه ٿو سگهي” سو اسان جي نوجوان نسل کي شيخ اياز جي شاعريءَ سان گڏوگڏ امداد حسينيءَ جي شاعريءَ پڻ بيحد متاثر ڪيو آهي. ان جو سبب امداد حسينيءَ جا نڪورا خيال ٻوليءَ جي چاشني، شاعراڻيون خوبيون ۽ انتهائي سادگي ۽ بنا رک رکاءَ واري شاعري هئڻ ڪري، سندس شاعريءَ تي به ترقي پسند تحريڪ، ترقي پسند نظرئي ۽ سنڌي عوام جي مسئلن تي نظر واھ جا جوهر ڏيکاريا. هو جڏهن به ڪنهن محفل ۾ جلسي يا ڪنهن گڏجاڻيءَ ۾ پنهنجي شاعري پڙهندو آهي ته هر سنڌي هم تن گوش (ڪنائتو) ٿي کيس ٻڌندو ۽ سندس سٽ سٽ داد ٿيندو آهي. سندس شاعري جو مجموعو “امداد آهي رول” جي هڪ نظم “دانهن” ۾ ڏيهي دولتئي يا جاگيردار کي مخاطب ٿيندي ۽ پنهنجي هاري ناريءَ سان ڏاڍ جي هلت هلڻ ڏانهن اشارو ڪندي هيئن ٿو مخاطب ٿئي:

ڌارين کي ته شراب پيارين،

پنهنجن جو ٿو رت پئين تون،

ڌڻي نڌڻڪا ڪري ڇڏيئي ڙي،

بي ڏوهن کي ڏوھ ڏئين تون،

روھ رليا ڇا ڊوھ ڪيا ٿئي،

جو به جيين سو جاڙ جيين ٿو.

تو جو چاهيو سو ٿيو، هاڻي،

ٿيندو سو جو هيءَ چاهيندي،

هيءَ ڌرتي توتي دانهيندي.


امداد حسيني

امداد شاعريءَ جو عاشق ۽ شاعري امداد تي عاشق آهي

زيد پيرزادو

ڪجھ آرٽسٽ اھڙا ھوندا آھن جيڪي پنھنجي ڪم ۾ ھميشه ھڪ معيار جا قائل ٿيندا آھن. پنھنجي معيار کان ھيٺ لھي ڪم ڪرڻ ۾ عار محسوس ڪندا آهن. مثال طور جڳجيت سنگهھ جو ھرڪلام ھڪ معيار رکندو آهي، موسيقيءَ ۾، شاعري ۾، گائڪي ۾. ايئن ئي سائين امداد حسيني جي تمام گھٽ اھڙي شاعري ھوندي آھي جيڪا معياري نه ھجي. ادب ۽ شاعري جيتري وڌيڪ تخليقي ھوندي پڙهندڙن کي اوترو وڌيڪ پاڻ ڏانھن ڇڪيندي، ڇھندي ۽ ڇرڪائيندي. تخليقي سٽ نظم يا تشبيھ پنھنجو تعارف پاڻ ڪرائيندي آھي. سائين امداد جي شاعري اھڙي تخليقيت سان ٽمٽار ھوندي آھي. شاعر ڪيئن ته پنھنجي توڙي ٻين جي لڙڪن، پيڙائن، جذبن، احساسن کي پنھنجي خوبصورت لفظن جو روپ ڏئي، اڻ اظھاريل حقيقتن ۽ ناقابل بيان داستانن جو بيان بڻجي ٿا وڃن.

“لڙڪ کي لفظ ڪرڻ ايترو سولو ناهي”

اڪثر ماڻھو چوندا آهن ته امداد حسيني جي شروعاتي شاعري وڌيڪ سٺي ھئي. پر مون کي سائين جي ھاڻوڪي شاعري اڃان وڌيڪ موھيندي آهي. سنڌي سان گڏوگڏ سندس اردو شاعري به پنھنجو مثال پاڻ آھي. امداد حسيني پنھنجي اردو شاعري ذريعي ڪراچي جا ڪيترائي مشاعرا لٽي چڪو آهي جن ۾ اردو جا سڀئي وڏا شاعر موجود هوندا آهن.

ہم بھی زخموں کو ہرا رکھتے ہیں

جیسے آئے گا مسیحا کوئی

ملتے رہتے ہیں سبھی لوگوں سے

خود سے لیکن نہیں ملتا کوئی

ديکھ تو ليں ہم آپ کو پہلے

پھر جہاں کو بھی ديکھ لیں گے ہم

سائين امداد حسيني شخصي طور تي به تمام ٻاجھارو ۽ جيءَ ۾ جايون ڏيندڙ شخص آھي. تڪبر ۽ وڏائي کان بنھه پري. جيئن ته امداد حسيني ھن دور جو سنڌ ۽ ھنڌ جو وڏي ۾ وڏو شاعر آهي. ان حيثيت ۾ به ھو پنھنجو فرض تمام خوبي سان نڀائي رھيو آھي جو سنڌ جي نوجوانن جي شاعري نه فقط پڙھي ٿو پر ان جي اصلاح توڙي تقطيح ويندي مھاڳ به لکي ٿو ڏئي ۽ انھن جي ادبي گڏجاڻين ۾ به ڀرپور حصو وٺندو رھي ٿو. سينيئر ليکڪ ھئڻ باوجود فيسبڪ جھڙو جديد ٽول به سائين جي شاعراڻي جوھر کان محروم ناھي.

سائين امداد حسيني ھڪ رومانوي شاعر آهي. امداد شاعري جو عاشق آھي ۽ شاعري امداد تي عاشق آھي. ھن پنھنجي اندر ھڪ معصوم ٻار جيئرو رکيو آهي. جڏھن امداد کلندو آهي ته اھو معصوم ٻار ٽھڪ ڏئي ٻاھر اچي ويندو آهي. اھا اسان جي خوشقسمتي آھي جو اسان امداد حسيني جي دور ۾ زندھ آھيون. امداد سان ملي، ڳالھائي، ڪچھري ڪري ٿا سگھون. خبر ناھي اسان کي ان خوشقسمتيءَ جو احساس آھي الاءِ نه.

ڪو وٺي ٿو وٺي، وٺي نه وٺي

ھڪڙو شاعر ته شاعري ٿو ڏئي.


 

امداد حسيني

امداد سائين! اچو ته ڇۡٽل ڦٽ تان ڪڙي لاهيون!

اعظم ڀٽي

ياد ٿو پويم ۽ مون لاءِ اعزاز به آهي ته مون جڏهن سنڌ جي مانائتي شاعر ۽ گهڻ رۡخي شخصيت سائين امداد حسينيءَ جي زندگيءّ، خدمتن ۽ ڪردار بابت مختصر ليک لکيو هو ته هۡن مونکي لکيو هو ته:

“ھا! تمام سٺو۰ توھين لکندا رھو ٿا- اھا ڏاڍي سٺي ڳالھ آھي۰ گھڻيون شخصيتون - ڳالھيون توھان لکت ۾ آنديون آھن۰”

مون کيس عرض ڪيو هو ته

“سائين! سموري سنڌ سميت ٽنڊو محمد خان ضلعي جا اڪثر ڪتب خانه ائين ئي تباھ ۽ برباد ٿي ويا! ٽنڊو محمد خان جي لائبريرين جي مختصر تاريخ تي منهنجو ڪم هلندڙ آهي، ٽکڙ ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون ۽ ڪنهن جون لائبريريون رهيون، ان لاءِ رهنمائي جو منتظر رهندس، سائين!

جواب مليم ته:

“ها! ٽکڙ ۾ سڀ کان پھرين لائبرري حافظ محمد يوسف جي ھئي جيڪا پاڻ وسين شھمير شاھ يعني ٽکڙ کان پھريئين ڳوٺ مان پاڻ سان کڻي آيو ھو۰ اُن ۾ شايد ڪجھ قيمتي مخطوطا ھئا۰ جيڪي پوءِ سندس پُٽن حافظ “دلگير”۽ اُن کان پوءِ حافظ عبدالله “بسمل” جي حصي ۾ آيا۰

ماسي آست (حافظ عبدالله “بسمل” جي گھر واري) ٻڌائيندي ھئي ته اُھي مخطوطا ۽ پنا وغيره اسد الله شاھ “اسد” / “بيخود” حُسيني ھُن کان وٺي ويو ھو۰ جنھن مان حافظ يوسف جو فارسي ڪلام؛ حافظ ھارون “دلگير” ۽ حافظ عبدالله “بسمل” جو ڪلام پوءِ “تذڪرهء شعرائي ٽکڙ “۾ ڇپيو ۰ اصل مخطوطا ڪيڏانھن ويا ان جو ڪو ڏس پتو ڪونھي!

اُن کان پوءِ ٻي وڏي لائبرري علامه اسد الله شاھ “فدا” جي ھئي۰

وري لکيائين ته:

“اعظم! اصل ۾ ڇاھي ته انھن لائبررين؛ جيڪي تباھ ٿي ويون/ دريا بُرد ڪيون ويون؛ جو ذڪر ڪرڻ ائين آھي جيئن ڇٽل ڦَٽَ تان ڪڙي لاھڻ۰

بھرحال احوال جي ھيءَ پھرين قسط آھي۰ مون کي ياد ڏياريندو رھج.

سو امداد سائين اوهانکي ياد ڏيارڻ چاهيان ٿو ته “اچو ته ڇٽل ڦٽ تان ڪڙيون لاهيون!”

 

(اعظم ڀٽي، ٽنڊو محمد خان جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱ نومبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)


امداد حسيني جي مهانتا

رکيل مورائي

هاڻ جڏهن امداد کي ڪراچيءَ ۾ ڏسبو آهي ۽ ساڻس ملبو آهي ته پڪ سان محسوس ٿيندو آهي ته امداد هاڻ رول نه رهيو آهي. سندس رولاڪي سنڌيءَ ٻوليءَ جي جديد شاعرا ۽ سندس ونيءَ مئڊم سحر ختم ڪري ڇڏي آهي، هاڻ هو مئڊم جي ڊرائيونگ جي قيد ۾ آهي. هاڻ هو فقط ذهني رولاڪي ڪري سگهي ٿو. جيڪا ئي سندس وڏي عياشي هوندي، “امداد آهي رول”سندس اها سڃاڻپ آهي سنڌي شاعريءَ ۾ جيڪا شمشير جي “لاٽ”جي معرفت آهي سنڌي شاعريءَ ۾.

“امداد آهي رول”اسان پنهنجي ٻاروتڻ کان جوانيءَ ڏانهن ايندڙ عمر ۾ پڙهيو عتبار ڪرڻ گهرجي ته هڪ مقدس ڪتاب وانگر پڙهيو جيڪو منهنجي پياري دوست ادريس جتوئيءَ اسان کي پڙهايو. ۽ اهو به سچ آهي ته اهو ننڍڙو ڪتاب اسان لاءِ اڄ به ايترو ئي اهم آهي جڏهن ته اڄ تائين سندس ٻيا شاعراڻا ڪتاب به سنڌي ادب خاص طور جديد شاعراڻي ادب ۾ هڪ نهايت اهم واڌاري طور داخل ٿيا آهن ۽ اهي ڪتاب سندس شاعريءَ جو عيوضيپڻو به ادا ڪن ٿا، جن جي هر پني تي آيل هر نظم هر غزل، هر گيت، هر وائي، هر چئوسٽو، هر نئين ڪوتا توڻي هر سٽ ۾ سندس شاعراڻي رولاڪي سان گڏ سندس شاعراڻي حسناڪي به آهي ته سندس شاعراڻي تازگي به. اها تازگي جيڪا امداد کي پنهنجي سڀني همعصرن کان الڳ ڪري بيهاري ٿي ۽ کيس هڪ الڳ مرتبو عطا ڪري ٿي. جيتوڻيڪ هو اڳ ئي پنهنجي شخصي توڻي شاعراڻي سڀاءَ ۾ غضب جي انفراديت رکندڙ آهي. اهڙي انفراديت، جيڪا سندس مرڪ کان وٺي سندس سٽن تائين پنهنجي سڃاڻپ ڏيندي آهي.

مون کي اپ سيٽ ڪري

سيٽ ڪري پئي ڪمرو

يا

اداس آءٌ

دکائڻي ته هئي ڪا نه

پر دکي ويئي.

يا

ڊيٿ اسڪواڊ جي آڏو بيٺل

آهيان آنءٌ

پڇن ٿا مون کان

ته سندم آخري خواهش ڇا آهي؟

جهڙيون نئين ڪوتا جون سٽون پڙهي ڏسجن يا سندس تازگيءَ ڀرين خوشبودار هوائن جهڙن غزلن جون سٽون.

تنهنجي در تي پهچائي،

اهڙو ڪهڙو رستو هو!

تو ڏٺو ۽ جڙي وئي ڪوتا.

بس پني تي اتارڻي آهي.

چپ ۾ چڪ وجهي ڇڏيم،

اڌ ۾ گهٽجي ويو سڏڪو.

اهڙيون سٽون فقط امداد ئي لکي سگهي ٿو ۽ امداد جي اهڙي ئي انفراديت هن جي سنڌي ادب ۾ سڃاڻپ بڻيل آهي.

ورهاڱي کان پوءِ سنڌي شاعريءَ ۾ جنهن ورجاءَ سنڌي شاعريءَ جي تخليقي سفر کي گهڻي حد تائين روڪي رکيو آهي، تنهن کي امداد مسلسل محسوس به ڪندو رهيو آهي، ته اهڙي محدودگي کي الڳ الڳ وقتن تي اظهاريندو به رهيو آهي، پر هن جو اصل ڪمال ان کان وڌيڪ اهو آهي هو ان محدودگيءَ جي بدلي اهي تازگيءَ واريون تخليقون ڏيئي سنڌي شاعريءَ ۾ پنهنجو مثال به ڇڏيندو آيو آهي، سندس ڪتاب، “هوا جي سامهون”۽ “ڪرڻي جهڙو پل”اهڙا مثال آهن سنڌي شاعريءَ ۾. ۽ هي ڪتاب جيڪي پنهنجي هر حوالي ۾ انفراديت برقرار رکي بيٺا آهن، ان دور جي تخليق آهن. جنهن دور ۾ اياز، تنوير ۽ شمشير پڻ موجود آهن ۽ اهڙي غضبناڪ دور ۾ امداد جي هيءَ حسين انفراديت سنڌي شاعري نه صرف صدين تائين ياد رکندي پر ان تي فخر به ڪندي.

امداد وٽ اکر کان وٺي احساس تائين ۽ احساس کان وٺي اظهار تائين سڀ منفرد آهي ۽ اهڙو منفرد، جنهن تي گمان ڪجي تڏهن به امداد جي نالي جو گمان ئي ٿيندو انهن شعرن تي، ٻيءَ طرح انهن شعرن کي پڙهندي توڻي ٻڌندي، اهي امداد جي مُهر لڳل محسوس ٿيندا. سنڌي شاعريءَ کي باريڪيءَ سان پڙهندڙ ان ڳالھ کان واقف آهن.

گذريل مني صدي سنڌي شاعري لاءِ ڪيترو سازگار رهي ۽ ڪيترو ناسازگار رهي آهي اهو ته وقت حاصل ڪري سنڌي شاعريءَ تي ڪو ڊگهو اڀياس ئي فيصلو ڏئي سگهندو پر ان مني صديءَ واري عرصي جي وچ ۾ سنڌي شاعريءَ کي سونهن، سندرتا، تازگي، بي ساختگي ۽ هوا ۾ اڏامڻ لاءِ حسين پر جن شاعرن ڏنا آهن امداد انهن ۾ اڳيا اڳيان آهي. اهو قبول ڪرڻ ادب سان ايماندار هجڻ آهي. ها! اها ٻي ڳالھ آهي ته امداد جي شاعريءَ بابت بنھ گهٽ لکيو وڃڻ سبب هن جو اظهار سنڌي ادب ۾ ڀرپور نموني جيترو اڀري اچڻ گهرجي ها اوترو اڀري نه آيو آهي ۽ هاڻ ته سچ اهو به آهي ته امداد تي جن لکندڙن کي ڀرپور لکڻ گهرجي ها، اهي لکندڙ به آهستي آهستي موڪلائي رهيا آهن. مون کي احساس آهي ته مون سميت منهنجي عمر وارن لکندڙن جي لکڻي ۾ پڪ ئي پڪ هڪ شاعراڻي اڀياس کان وڌيڪ امداد لاءِ عقيدت جو عمل شامل هوندو جيڪو ممڪن آهي ته امداد لاءِ توڻي امداد جي شاعريءَ ۽ مجموعي سنڌي ادب لاءِ ايترو اهم نه هجي.

اسان جو سڀ لکڻ ان محبت جو ۽ عقيدت اظهار ئي هوندو، جيڪا اسان پنهنجي محبوب شاعر امداد حسينيءَ سان ڪريون ٿا ڇاڪاڻ جو اهو سمجهون ٿا ته اڄ جي جديد سنڌي شاعريءَ جي ضمانت امداد جو نالو آهي. جڏهن هاڻ سندس همعصر دوستن، اديبن، عالمن ۽ نقادن جو وڏو حصو نه رهيو آهي، تڏهن اڄ جي نوجوان، ذهين ۽ سنجيده لکندڙن ۽ پڙهندڙن تي اهو فرض ٿو بڻجي ته هو پنهنجي قلم وسيلي، دعائن وسيلي، گلابن وسيلي ۽ محبتن وسيلي امداد ڏانهن ايتريون نيڪ خواهشون موڪلين جو هن جي عمر سان گڏ هن مرڪن ۾، هن جي قلم ۾ وڌيڪ نئين تازگي جو احساس جاڳي پوي، جيئن هو اسان کي، سنڌ کي ۽ سنڌي ادب کي اڻ ڳڻيا نوان گيت، نيون ڪهاڻيون ۽ ليک ڏيئي سگهي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۰ مارچ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

سائين امداد حسيني

انڊلٺي رنگن ۽ مٽيءَ جي خوشبو جهڙا شعر لکندڙ

الطاف ملڪاڻي

ڪائنات جي خلقڻهار جي، هن جهان ۾ انسان ته انيڪ آهن، پر ڪجھ اهڙا حساس دل انسان هوندا آهن، جن جو جيئڻ توڙي مرڻ هن جهان لاءِ بامعنيٰ هوندو آهي، جڏهن اهي زنده هوندا آهن ته ماڻهو انهن سان ملڻ لاءِ مشتاق هوندا آهن ۽ جڏهن اهي جهان ڇڏيندا آهن ته سوين دليون اداس ڪري ويندا آهن ۽ امداد حسينيءَ جو نالو به انهن ئي انسانن مان آهي، جن زندگي گذاري ته اهڙي طرح گزاري جو سندن ڏات ۽ ڏانءَ گلابن جهڙي خوشبو پکيڙيندڙ رهيا. سندن شخصيت ۾ هميشه مٽيءَ جي محبت ۽ ماروئڙن سان پيار جو اتساھ رهيو ۽ اهوئي سبب هو جو امداد جي وڇو ڙي تي اڄ سموري سنڌ سوڳوار آهي.

امداد حسيني بابت انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا مان هيءَ ڄاڻ ملي ٿي ته، سندن اصل نالو سيد امداد علي شاھ ولد سيد فضل محمد شاھ آهي. پاڻ ۱۰ مارچ ۱۹۴۰ع تي ٽکڙ ۾ ڄائو. پرائمري تعليم ڳوٺ جي کُٿاب (مڪتب) ۾ ورتائين. مئٽرڪ نورمحمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۽ انٽرميڊيئيٽ سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد مان ڪري، بي اي (آنرز) ۽ ايم اي (سنڌي)، سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. شاگرديءَ واري عرصي ۾ سنڌي ڊڪشنري آفيس ۽ سنڌي لوڪ ادب رٿا ۾ نوڪري (پارٽ ٽائيم) ڪيائين، پوءِ سنڌي ادبي بورڊ ۾ لائبريرين مقرر ٿيو. ۱۹۷۰ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۾ ريسرچ فيلو مقرر ڪيو ويو. ۱۹۷۳ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ (سنڌي) مقرر ٿيو. اتي نوڪريءَ دوران ۱۹۷۷ع کان ۱۹۷۹ع تائين ٽه- ماهي “مهراڻ” جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. ۱۹۹۲ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽريءَ طور خدمتون سرانجام ڏنائين. حيدرآباد جهڙي ثقافتي مرڪز ۾ پليو نپنو ۽ زندگيءَ جا آخري سال ڪراچيء ۾ گذاريائين، جتي ئي ڪجھ عرصو بيمار رهڻ بعد ۲۷ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي لاڏاڻو ڪيائين. امداد حسينيءَ جي خاندان ۾ وڏا عالم، اديب ۽ شاعر ٿي گذريا آهن. سندس ڏاڏو علامه اسدالله شاھ “فدا” پنهنجي دور جو جيد عالم ۽ سنڌي، فارسي ۽ عربيءَ جو شاعر ٿي گذريو آهي. امداد جي شاعريءَ جو هڪ مختصر مجموعو، “امداد آهي رول” ۱۹۷۶ع ۾ سنڌي اڪئڊمي حيدرآباد پاران ڇپيو. سندس طويل نظم “شهر” (۱۹۸۸ع ۾ لکيل ‘شهر آشوب’) مارچ ۲۰۰۰ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. “هوا جي سامهون” (شاعري) روشني پبليڪيشن ڪنڊياري پاران ۲۰۰۰ع، “ڪرڻي جهڙو پل” (شاعري) ۲۰۱۰ع ۽ “مئل ماڻهو، جيئري پيڙا” هن سحر امداد سان گڏجي مرتب ڪيو آهي. ان کان علاوه مشهور سنڌي وير گاٿا “دودي چنيسر” جو اردوءَ ۾ ترجمو به سندس جو ڪيل آهي، جيڪو لوڪ ورثي اسلام آباد جو ڇپايل آهي. مرزا قليچ بيگ جي ناول “زينت” جو اردو ترجمو به سندس ڪيل آهي، جيڪو اڪادمي ادبيات اسلام آباد ڇپايو. احمد خان آصف جي ٻاراڻن ٻولن تي مشتمل ڇهن جلدن ۾ ڇپيل اهم تصنيف سنڌيڪا پاران امداد حسينيءَ ايڊٽ ڪئي آهي. اردو اڪئڊميءَ لاءِ ٻارن جي اردو نظمن جا چار ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل اٿس. هن بابا فريد ۽ ماڌو لال حسين جي پنجابي شاعريءَ کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي.

امداد حسيني بزم طالب الموليٰ حيدرآباد شاخ ۽ سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد شاخ جو سيڪريٽري پڻ رهي چڪو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي حقن جي بحاليءَ واري تحريڪ، سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ ووٽر لسٽن جي ڇپائڻ واري تحريڪ ۽ ون يونٽ مخالف تحريڪ ۾ امداد حسينيءَ عملي طور ڀرپور بهرو ورتو. امداد حسينيءَ “سانول” جي نالي سان ڪهاڻيون به لکيون، ريڊيو لاءِ ناٽڪ، ڪهاڻيون ۽ گيت لکيائين. ريڊيو جي مقبول پروگرام “جهڙا گل گلاب جا” جا اڪثر اسڪرپٽ به امداد حسينيءَ جا لکيل آهن. امداد حسينيءَ ٽيليويزن لاءِ گيت ۽ ناٽڪ پڻ لکيا. هن فلمن لاءِ گيت لکيا، جن مان ڪجھ ھي آهن: (۱) ڌرتي لال ڪنوار (۲) سڄڻ سائين (۳) سائين ‘حاضر سائين‘ (۴) جانيئڙا. ۲۰۰۰ع ۾ امداد حسينيءَ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ مان رٽائرمينٽ ورتي. ان کان پوءِ به ڪانٽريڪٽ تي، ڪجھ عرصو اتي سبجيڪٽ اسپيشلسٽ جي حيثيت ۾ ڪم ڪيائين. ۲۰۰۴ع کان ۲۰۰۶ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جي ٽن رسالن ٽماهي “مهراڻ”، ماهوار “سرتيون” ۽ “گل ڦل” جي چيف ايڊيٽر جون ذميواريون نڀايائين، ان کان پوءِ ڪجھ عرصو اُتي چيف پبلڪيشن آفيسر پڻ رهيو، امداد حسيني سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرز جو ميمبر پڻ رهي چڪو آهي. هن پنهنجي ادبي خدمتن عيوض ڪيترائي اوارڊ پڻ حاصل ڪيا، جن ۾ “طلوع پرائيز”، “طالب الموليٰ اوارڊ” ۽ “نارائڻ شيام اوارڊ”، “تمغه امتياز” (۲۰۰۳ع) ۽ “جوش مليح آبادي اوارڊ” (۲۰۰۷ع) اهم آهن. امداد حسيني بنيادي طور هڪ شاعر ھو، پر تخليق سان گڏ، مختلف موضوعن تي به هن جو اهم ڪم موجود آهي. جهڙوڪ ٻولي، تنقيد، ٻارن جو ادب ۽ لطيفيات، وغيره.

امداد حسيني ان ٽهيءَ جو شاعر آهي جنهن سنڌ ۾ وطن دوستي، مٽيءَ سان محبت، ماروئڙن جي ڏکن سورن کي پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ جو حصو بنايو، نه رڳو اهو پر هن حسن، رومانس، ۽ پيار جي پوپٽ رنگن کي به قلم جي خوشبو ذريعي پکيڙيو سچ ته امداد حسيني جي شاعريءَ ۾ گلابن جي مهڪ سان گڏ انڊلٺ جهڙا انيڪ رنگ به ملندا سندس وڇوڙو سنڌي ادب لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي. 

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۹ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


سنڌ جو ناليوارو شاعر ۽ اديب امداد حسيني وڇڙي ويو

پنھنجي اخبار ڪراچي (خبر)

ڪراچي: ناليوارو شاعر امداد حسيني ساھ جي تڪليف سبب لاڏاڻو ڪري ويو، امداد حسيني کي ۱۰ڏينهن اسپتال ۾ علاج ڪرائڻ بعد ۲۱ آگسٽ تي گهر منتقل ڪيو ويو هو، جتي سندس ساھ جي تند ٽٽي پئي

امداد حسيني ۱۰ مارچ ۱۹۴۰ع تي اک کولي هئي، هُن شاعري ۽ ڪهاڻين سوڌو مختلف موضوعن تي ڪتاب لکيا

امداد حسيني سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ۽ سنڌالاجي ۾ به پنهنجون خدمتون انجام ڏنيون، کيس صدارتي ايوارڊ سوڌو جوش مليح آبادي ۽ علامه اقبال ايوارڊ سان نوازيو ويو هو

امداد حسيني جي لاڏاڻي تي ادبي حلقن ۾ سوڳ جي لهر ڇانيل آھي، وڏي وزير مراد علي شاھ نامياري شاعر جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آھي

مراد علي شاھھ چيو تھ امداد حسيني جهڙا اديب صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن، امداد حسيني پنهنجن گيتن ۽ نظمن ۾ هميشه زنده رهندو.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۹ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)



امداد حسيني

سنڌي شاعريءَ جي چمڪندڙ ستاري جو وڇوڙو

طارق عزيز شيخ

وري مِلون نه مِلون، زندگي رهي نه رهي. . . . .

ڪالھہ صبح ساڻ امداد حسيني جي وچوڙي جي ڏکوئيندڙ خبر، سندن پل پل جي ساٿياڻي مئڊم سحر امداد جي فيس بڪ واري پوسٽ مان پئي، جيڪا ادبي کيتر لاءِ يقيني طور تي ھاڃيڪار ۽ تمام ڏکوئيندڙ خبر ھئي. امداد حسيني سنڌي شاعريءَ جو روشن ستارو آهي، ھو ھميشه ادب جي آسمان تي چمڪندو رھندو. امداد حسيني جون خدمتون وسارڻ جهڙيون ناھن، ھو سنڌ جو سرمايو ھو. ڪافي عرصي کان سندن طبيعت ۾ بھتري ايندي ايندي وري ھڪ لھر لڳندي ھئس ته طبيعت ھيڻي ٿي پوندي ھئس.

جديد سنڌي شاعريءَ کي ترقي وٺرائڻ ۾ امداد حسينيءَ جو اهم ڪردار آهي. ھن وٽ نواڻ، انفراديت ۽ شاعريءَ ۾ تجربا نظر آيا. علمي ادبي طور تي هو نثر نگار، نقاد، ٻوليءَ جو ماهر، مختلف علمي ادبي ادارن جو منتظم ۽ ٻانهن ٻيلي رهيو آهي. پاڻ بنيادي طور تي شاعر آهي. هن جي شاعريءَ ۾ پيار پاٻوهه، جذبا، احساس، قومي امنگ، مزاحمت، خودداري، سونهن، سچ، ترنم ۽ موسيقيت نظر اچي ٿي:

“تنهنجي منهنجي

منهنجي تنهنجي

پنهنجي پريت ڪهاڻي

نئين نڪور به ايڏي آهي

جيڏي آهي پُراڻي. “

امداد حسينيءَ جو ڪلام گھڻن ئي موضوعن تي چيل آهي. هن وٽ اظهار جو پنهنجو انداز آهي ۽ جڏهن پيار جو اظهار ڪري ٿو تڏهن ته ان گھرائي ۾ هليو وڃي ٿو:

“مون جڏهن ڪو ڏيئو جلايو آ،

زور ڪيڏو هوا لڳايو آ،

توکي چاهيون ٿا، توکي چاهيون ٿا،

بحث ان تي ڪرڻ اجايو آ،

هڪڙو ماڻهو ئي آهي اچڻو،

مون سڄو گھر کڻي سجايو آ،

حال امداد جو پڇو ٿا ڇا،

اڄ مڙئي سور ڪجهه سوايو آ.”

 امداد حسيني سنڌي ٻوليءَ جي جدوجهد ۾ نمايان رهيو. هن شعوري سجاڳيءَ لاءِ ون يونٽ کان وٺي آمريت جي مختلف دورن ۾ پاڻ ملهايو آهي. هن سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي حق ۾ شاعريءَ ذريعي ماڻهن کي پيغام ڏنو. هن جو شعري مجموعو “امداد آهي رول” تمام گھڻو مقبول ٿيو. هي مجموعو ۱۹۷۶ع ۾ شايع ٿيو. سندس شاعري سنڌ جي اهم رسالن ۾ شايع ٿيندي رهندي آهي. هن جي ڪلام ۾ جيترو پيار ملي ٿو، اوتروئي بي باڪي سان قومي جذبو به ملي ٿو. هن وٽ ڏاڍن ۽ ظالمن خلاف للڪار آهي جيڪا بي خوفيءَ سان اڀري ٿي:

“جو به چاهي اهو اڳاڙي ٿو

هي سڪي سائي کي لتاڙي ٿو

ڄڻ ته ڪو فيل مست آهي هو

نه وطن دوست ۽ نه قوم پرست

صرف مطلب پرست آهي هو.“

سنڌ جي ٻرندڙ حالت ڏسي هن جي اندر ۾ به باهه لڳي ٿي. جڏهن سنڌين کي وارث هئڻ باوجود نڌڻڪو ڪري ماريو ويو، تڏهن امداد حسينيءَ جي تڪليف هنن لفظن ۾ نمودار ٿئي ٿي:

“اي سنڌ امان

اي سنڌ امان

زرد ڳل جي مٿان، اي سنڌ امان،

رت ويٺو رئان، اي سنڌ امان.

هيءَ اخبار جا پئي آهي،

ڇا پڙهي ڇا پڙهان، اي سنڌ امان.

هيءُ جھيڙا جھٽا، ڦرون ڌاڙا،

الامان الامان، اي سنڌ امان.“

جديد شاعراڻين صنفن ۾ جڏهن هائيڪو آيو، تڏهن امداد حسينيءَ انهي جو سنڌي نالو “ٽيڙو” رکيو جيڪو بعد ۾ مروج ٿي ويو. امداد حسينيءَ نهايت خوبصورت ٽيڙو چيا آهن. هن مختصر ترين شاعريءَ ۾ مقصديت پوري ڪئي اٿس. هر شاعر سمورين صنفن سان سٺي نموني نڀائي نه سگھندو آهي. ٽيڙو به ڪنهن ڪنهن شاعر جا پنهنجي فني جوڙجڪ ۽ معنيٰ سان ملن ٿا، امداد حسيني انهن ۾ نمايان آهي:

* پنکڙين تي ايئن؛

موتئي چمڪيا ماڪ جا،

ڳل تي ڳوڙها جيئن.

* سري، وچ ۽ لاڙ؛

پرهه ڦٽي، نڪري پيا،

ڪاهي ڌڻ ڌراڙ.

امداد حسيني شاعري ننڍي ڄمار کان شروع ڪئي هئي، اهوئي سبب آهي جو سندس ڪلام ۾ پختگي ملي ٿي. امداد حسيني جو اصل نالو امداد علي شاهه آهي. سندس ولادت ۱۰ مارچ ۱۹۴۰ع ۾ ٽکڙ ۾ ٿي. ابتدائي تعليم ڳوٺ جي مڪتب ۾ ورتائين ۽ بعد ۾ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان ميٽرڪ، سچل سرمست آرٽس ڪاليج مان انٽر ۽ سنڌ يونيورسٽي مان سنڌيءَ ۾ ماسٽرس ڪيائين. هو سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ ۽ سنڌالاجي ۾ ذميواريون نڀائيندو رهيو. سندس شعري مجموعن ۾ “امداد آهي رول” (۱۹۸۶ع)، “شهر آشوب “ (۱۹۸۸ع)، “هوا جي سامهون” (۲۰۰۰ع) ۽ “ڪِرڻي جهڙو پل” (۲۰۱۲ع) شامل آهن.

 

(ڏھاڙي سوڀ ڪراچيءَ ۾ ۲۸ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

امداد حسيني

انسائيڪلوپيڊيا آف ٽنڊو محمد خان

سنڌي شاعري جي صف اول جي شاعر امداد حسيني جو اصل نالو سيد امداد علي شاهه ۽ سندس والد جو نالو سيد فضل محمد شاهه آهي. امداد حسيني ۱۰ مارچ ۱۹۴۰ع ٽکڙ ضلعي ٽنڊو محمد خان ۾ ڄائو، پرائمري تعليم ڳوٺ جي مڪتب مان ورتائين، مئٽرڪ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان، انٽر سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد مان، بي اي (آنرز) ۽ ايم اي (سنڌي) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان پاس ڪيائين. شاگردي واري زماني ۾ پارٽ ٽائيم طور سنڌي لوڪ ادب رٿا ۽ سنڌي ڊڪشنري آفيس ۾ نوڪري ڪيائين بعد ۾ سنڌي ادبي بورڊ ۾ لائبريرين مقرر ٿيو. ۱۹۷۰ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌيالاجي ۾ ريسرچ فيلو ۽ ۱۹۷۳ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ طور مقرر ٿيو. ۱۹۷۷ع کان ۱۹۷۹ تائين ٽه ماهي “مهراڻ” جو ايڊيٽر بڻيو. ۱۹۹۲ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري طور خدمتون سرانجام ڏنائين. امداد حسيني جي خاندان ۾ وڏا عالم، اديب ۽ شاعر ٿي گذريا. سندس ڏاڏو سيد اسدالله شاهه”فدا” وقت جو جيد عالم، شاعر ۽ ڏاهو ٿي گذريو. امداد جي شاعري جو پهريون مجموعو ۱۹۷۶ع ۾ “امداد آهي رول” جي عنوان سان سنڌي اڪيڊمي حيدرآباد پاران شايع ٿيو. سندس طويل نظم “شهر” (۱۹۸۸ع ۾ لکيل “شهر آشوب”) مارچ ۲۰۰۰ع ۾ ڇپيو، سندس شاعري جو ٽيون مجموعو “هوا جي سامهون” ۲۰۰۰ع ۾ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو، امداد جي شاعري جو چوٿون مجموعو “ڪرڻي جهڙو پل” سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو پاران ۲۰۱۲ع ۾ ڇپيو. هن ٽکڙ پبليڪيشن پاران پنهنجي ونيءَ سحر امداد سان گڏجي ڪتاب “مئل ماڻهو، جيئري پيڙا” مرتب ڪيو. ان کان علاوه امداد حسيني مشهور سنڌي وير گاٿا “دودي چنيسر” جو اردو ۾ ترجمو پڻ ڪيو، جيڪو لوڪ ورثي اسلام آباد ڇپايو. مرزا قليچ بيگ جي ناول “زينت” جو اردو ترجمو ڪيو جيڪو اڪيڊمي ادبيات اسلام آباد ڇپايو. ماڌو لال حسين ۽ بابا فريد جي پنجابي شاعري جو سنڌي ترجمو ڪيائين، احمد خان آصف جي ٻاراڻن ٻولن تي مشتمل ۶ جلدن ۾ ڇپيل اهم تصنيف سنڌيڪا پاران امداد حسيني ايڊٽ ڪئي، اردو اڪيڊمي لاءِ ٻارن جي اردو نظمن جا چار ڪتاب سنڌي ۾ ترجمو ڪيل اٿس. سانول جي نالي سان ڪهاڻيون به لکيائين، ريڊيو ۽ ٽي وي، لاءِ ناٽڪ، گيت ۽ ڪهاڻيون به لکيون،، ريڊيو جي مقبول پروگرام “جهڙا گل گلاب جا “ اج اڪثر اسڪرپٽ امداد حسيني جا لکيل آهن، هن سنڌي فلمن “ڌرتي لال ڪنوار”، “سڄڻ سائين”، “حاضر سائين” ۽ “جانيئڙا” جا گيت به لکيا. امداد حسيني “بزم طالب الموليٰ” ۽، سنڌي ادبي سنگت شاخ حيدرآباد جو سيڪريٽري پڻ رهي چڪو آهي. امداد سنڌي ٻولي جي حقن جي بحالي واري تحريڪ، سنڌي ٻولي ۾ ووٽر لسٽن ڇپائڻ واري تحريڪ، ون يونٽ مخالف تحريڪ ۾ ڀرپور عملي ڪردار ادا ڪيو، هن ۲۰۰۰ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ مان رٽائرمينٽ ورتي. ان بعد ڪانٽريڪٽ تي ڪجهه عرصو اتي سبجيڪٽ اسپيشلسٽ، طور ڪم ڪيائين. ۲۰۰۴ع کان ۲۰۰۶ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جي ٽن رسالن “ٽماهي مهراڻ “، “ماهوار سرتيون” ۽ “گل ڦل” جو چيف ايڊيٽر رهيو ۽ ڪجهه عرصو اتي چيف پبليڪيشن آفيسر طور ذميواريون به نڀايائين. سنڌي ادبي بورڊ جي “بورڊ آف گورنرز” جو ميمبر پڻ رهيو، علمي ۽ ادبي خدمتن عيوض ڪيترائي ايوارڊ ماڻيائين جن ۾ “طلوع ايوارڊ “، “طالب الموليٰ ايوارڊ”، “نارائڻ شيام ايوارڊ”، “تمغه امتياز (۲۰۰۳ع)، ۽ “جوش مليح آبادي ايوارڊ (۲۰۰۷ع)، اهم آهن. امداد حسيني بنيادي طور سنڌي ٻولي جو صف اول جو شاعر آهي پر ان سان گڏوگڏ مختلف موضوعن تي هن اهم ڪم ڪيو. جهڙوڪ؛ ٻولي، تنقيد، ٻارن جو ادب، ترجما، ۽ لطيفيات وغيره، امداد سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، جي “انسائيڪلوپيڊيا” شاهه عبدالطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽي جي “انسائيڪلوپيڊيا شاهه عبدالطيف ڀٽائي”، جهڙين اهم رٿائن جي ايڊيٽري واري سٿ ۾ شامل رهيو. (بحوله انسائيڪلپيڊيا آف ٽنڊومحمد خان جلد ٻيو صفحو نمبر ۱۰۰)

(حڪيم يوسف کتريءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۸ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي کنيل)


 

ليجينڊ امداد حسيني جي لاڏاڻي تي اسين سڀ سوڳوار آهيون

عوامي آواز ايڊيٽوريل

سنڌ جو ليجينڊ اديب امداد حسيني اسان کان ڪالهه جسماني طور وڇڙي ويو، ھن جي حياتي جي ڏئي کي موت جي ھوا وسائي ڇڏيو. ھو ڇنڇر جي صبح جي پھرين پھر ڪراچيءَ ۾، سوين مداحن کي سوڳوار ڪري ويو. سنڌ سندس وڇوڙي تي ڏکاري آھي.

ھو ضرور سنڌ ۽ ھند کان جدا ٿي ويو آھي پر پنھنجي شاعري ۽ ادبي خدمت جي وسيلي ھو ھميشھ حيات رھندو. ھو امر رھندو. ھي جھان فاني آھي ھر ڪنھن کي ھتان ھلڻو آھي پر پئي پڄاڻان دنيا انھن کي ئي ياد ڪندي آھي جيڪو دنيا کي ڪجھ ڏئي ويندا آھن. اسان جو ھي ڪلاسڪيل اديب ۽ شاعر ادبي خدمتن ڪندڙن واري فھرست ۾ سڀني کان مٿي آھي.

امداد حسيني ۱۹۴۰ ۾ جنم ورتو ھو ۽ سندس ساھ جي سڳي ھن سان ۲۰۲۲ تائين وفا ڪئي، پينگھي کان لحد واري ان وقفي ۾ امداد حسيني سنڌ کي گھڻو ڪجھ ڏئي ويو. پاڻ ڪوھستان جي بيلٽ ۾ واقع تاريخي شھر ٽکڙ ۾ ھڪ وڏي علمي ادبي ۽ عالم فاضل گھراڻي ۾ اک کولي. امداد حسينيءَ جي خاندان ۾ وڏا عالم، اديب ۽ شاعر ٿي گذريا آھن، سندس ڏاڏو علامه اسدالله شاهه “فدا” پنهنجي دور جو جيد عالم ۽ سنڌي، فارسي ۽ عربيءَ جو مڃيل شاعر ھو. ٽکڙ اڳي ضلعي حيدرآباد ۽ ھاڻوڪي درجا بندي موجب ٽنڊي محمد خان ۾ شامل آھي.

امداد حسيني سنڌ جي انھي قافلي جو شايد ھاڻي آخري ئي شريڪ ھو جنھن سنڌ ۾ روشن خيالي جي تحريڪ ھلائي ھئي. سنڌ جي مٽيءَ ۾ جيڪا مزاحمت آھي ھن اھا به خوب ملھائي ھئي. سنڌ جي اديبن جي وڏي تحريڪ ووٽر لسٽون سنڌي ۾ تيار ڪرڻ ۽ ون يونٽ خلاف جدوجھد ۾ به شامل رھيو ھو. سنڌي ٻوليءَ جي حقن جي بحاليءَ واري تحريڪ، سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ ووٽر لسٽن جي ڇپائڻ واري تحريڪ ۽ ون يونٽ مخالف تحريڪ ۾ امداد حسينيءَ بهرو ورتوھو

امداد حسيني اھو شاعر ھو جنھن جي شاعري ھن جي سنڌ يونيورسٽي ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ سنڌي مضمون جي نصاب ۾ شامل ڪئي وئي ھئي، کيس سنڌ جي رومانوي شاعرن ۾ بلند مقام حاصل ھو.

ھو شاعر طور گھڻي شھرت رکندو ھو پر تخليقي ادب سان ٻين شعبن ۾ سندس ڪم ۽ خدمتون نمايان رھيو آھن. جنھن ۾ٻولي. تنقيد، ٻارن جو ادب ۽ لطيفيات ۽ ترجمانگاري ڳڻي سگھجن ٿا.

پاڻ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي جامع رٿا “انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا” ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽيءَ جي “انسائيڪلوپيڊيا- شاهه عبداللطيف ڀٽائي” جي ايڊيٽرن واري سٿ ۾ شامل رهيو.

امداد حسيني سنڌ جي ٿورڙن انھن اديبن ۾ شامل آھي جيڪي ھڪ ئي وقت سنڌي ۽ اردو جي ادب ۾ پڻ ڪم ڪيو ۽ ان جي مڃتا پڻ ماڻي. پاڻ ادب وسيلي سماج جي خدمت تي يقين رکندڙ ھو، گڏوگڏ سنڌي اديبن جي مزاحمتي مورچي تان پڻ ملھايو. شاگرديءَ واري زماني ۾ ھن سنڌي ڊڪشنري آفيس ۽ سنڌي لوڪ ادب رٿا ۾ جز وقت نوڪري ڪئي، جتان کان سندس ادبي خدمتن جي شروعات ٿئي ٿي. جنھن بعد ادبي بورڊ ۾ لائبريرين مقرر ٿيو. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۾ ريسرچ فيلو مقرر به رھيو. سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ سنڌي مضمون جي سبجيڪٽ اسپيشلسٽ طور پڻ پنھنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. ادبي بورڊ جي مشھور ٽ ماهي “مهراڻ” جي ايڊيٽر رھڻ جو کيس اعزاز حاصل ھو. تھ سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽريءَ طور به خدمت ڪئي. سندس عمر جو ڳچ وقت سنڌ جي ٻئي وڏي ۽ ثقافتي شھر حيدرآباد ۾ گذري.

امداد حسيني جي شاعريءَ جو هڪ مختصر مجموعو، “امداد آهي رول” ۱۹۷۶ع ۾ حيدرآباد ۾ ڇپيو جنھن سان ھو ان وقت جي سنڌي نوجوانن جي جذبن جو ترجمان ٿي ويو ۽ سندس شھرت بلندين تي پھتي. “سانول” جي نالي سان ھن ڪهاڻيون به لکيون ان کانسواءِ ھن ريڊيو لاءِ ناٽڪ، ڪهاڻيون ۽ گيت پڻ لکيا، ريڊيو جي پروگرام “جهڙا گل گلاب جا” جا اڪثر اسڪرپٽ به امداد حسينيءَ جا لکيا، ھن ان دور ۾ٽيليويزن لاءِ گيت ۽ ناٽڪ پڻ لکيا آهن تھ ڪيترين ئي فلمن گيت پڻ سندس قلم مان جڙيا ھئا. ۲۰۰۰ ۾ پاڻ امداد سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ مان رٽائرمينٽ ورتي. جنھن کانپوءِ به ڪجھ وقت سبجيڪٽ اسپيشلسٽ جي حيثيت ۾ ۽ ٻن سالن جي لاءِ ادبي بورڊ جي ٽنھي ڪامياب رسالن مھراڻ، گل ڦل ۽ سرتيون جي چيف ايڊيٽر طور پڻ ذميواريون نڀايون.

امداد حسيني اردو ۾ پڻ شاعري ڪئي آھي، ھن مشهور سنڌي وير گاٿا “دودي چنيسر” جو اردوءَ ۾ ترجمو به ڪيو، جيڪو لوڪ ورثي پاران شايع ٿيل آھي، مرزا قليچ بيگ جي ناول “زينت” جو اردو ۾ ترجمو به سندس ڪيل آهي، امداد حسيني بابا فريد ۽ ماڌو لال حسين جي پنجابي شاعريءَ کي سنڌيءَ ۾ ترجمو به ڪيو آهي. سندس طويل نظم “شهر” (۱۹۸۸ع ۾ لکيل ’شهر آشوب‘) ۲۰۰۰ع ۾ پڌرو ٿيو ھو.

امداد حسيني کي سندس ادبي خدمتن عيوض ڪيترائي ايوارڊ پڻ مليا ھئا جن ۾ “طلوع پرائيز”، “طالب الموليٰ اوارڊ” ۽ “نارائڻ شيام اوارڊ”، “تمغه امتياز” (۲۰۰۳ع) ۽ “جوش مليح آبادي اوارڊ” (۲۰۰۷ع) اهم آهن.

امداد حسيني حياتي جا آخري ڏينھن ڪراچي ۾ گھاريا ۽ ان دوران ھو اڪثر ادبي پروگرامن ۽ محفلن ۾ نظر ايندو ھو کيس سنڌي سان گڏ اردو جي ترقي پسند ادبي لڏي ۾ پڻ وڏي مڃتا مليل ھئي. جيڪي ڪوشش ڪندا ھئا تھ امداد حسيني سندن ھر محفل ۾ ضرور شريڪ ٿئي.

امداد حسيني ڪجھ وقت کان ساھ جي تڪليف سبب ناچاڪ ھو ۽ سندس علاج ھلندڙ ھو پر موت برحق آھي، ان کان ڪنھن کي انڪار ناھي پر سندس جدائي سنڌ جي ادب جو وڏو نقصان آھي. پنھنجي بيماري وري عرصي دوارن پاڻ ڪڏھن به سرڪار کي علاج جي لاءِ اپيل نه ڪئي ھئي پر سرڪار چاھي ھا تھ سندس پرڏيھ ۾ علاج جي آڇ ڪري پئي سگھي، پر ڪٿان به اھڙي ڳالھ سامھون نه آئي ۽ سنڌ جو ھڪ يگانو ۽ ليجينڊ مفڪر اسان کان ھميشھ جي لاءِ جدا ٿي ويو. .

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۸ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

امداد حسيني

سنڌ جي سرموڙ شاعر جو وڇوڙو سنڌي ادب لاءِ وڏو صدمو آ

حسن پٺاڻ

انتھائي ڏک جي خبر! هن دور جو صف اول جو شاعر سائين امداد حسينيءَ صاحب، “سنڌ جو سانول” ڪالهه صبح اٺين وڳي پنهنجي ڪراچي واري گهر ۾ اسان کان ھميشه لاءِ وڇڙي ويو. سندس وڇوڙو سڄي سنڌ کي سوڳوار ڪري ويو آهي. هن ڏک جي گهڙي ۾ سندس ڪٽنب سميت سڄي سنڌ سان تعزيت جو اظهار ڪجي ٿو.

سائين امداد حسيني جو اصل نالو سيد امداد علي شاھ ولد سيد فضل محمد شاھ، پاڻ ۱۰ مارچ ۱۹۴۰ع تي ٽکڙ ۾ ڄائو. پرائمري تعليم ڳوٺ جي مڪتب ۾ ورتائين. ميٽرڪ نورمحمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۽ انٽرميڊيٽ سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد مان ڪري، بي اي (آنرز) ۽ ايم اي (سنڌي)، سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين.

شاگرديءَ واري عرصي ۾ سنڌي ڊڪشنري آفيس ۽ سنڌي لوڪ ادب رٿا ۾ نوڪري پارٽ ٽائيم ڪيائين، پوءِ سنڌي ادبي بورڊ ۾ لائبريرين مقرر ٿيو. ۱۹۷۰ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۾ ريسرچ فيلو مقرر ڪيو ويو. ۱۹۷۳ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ (سنڌي) مقرر ٿيو. اتي نوڪريءَ دوران ۱۹۷۷ع کان ۱۹۷۹ع تائين ٽه ماهي “مهراڻ” جو ايڊيٽر رهيو. ۱۹۹۲ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽريءَ طور خدمتون سرانجام ڏنائين. حيدرآباد جهڙي ثقافتي مرڪز ۾ پليو، نپنو، ٽيهن سالن کان علم جي مرڪز ڄام شوري ۾ رهائش پذير هو. ۽ زندگي جا آخري سال ڪراچي ۾ گذاريائين.

امداد حسينيءَ جي خاندان ۾ وڏا عالم، اديب ۽ شاعر ٿي گذريا آهن. سندس ڏاڏو علامه اسدالله شاھ “فدا” پنهنجي دور جو جيد عالم ۽ سنڌي، فارسي ۽ عربيءَ جو شاعر ٿي گذريو آهي. امداد جي شاعريءَ جو هڪ مختصر مجموعو، “امداد آهي رول” ۱۹۷۶ع ۾ سنڌي اڪيڊمي حيدرآباد پاران ڇپيو. سندس طويل نظم “شهر” ۱۹۸۸ع ۾ لکيل ’شهر آشوب‘ مارچ ۲۰۰۰ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. سندس شاعريءَ جو ٽيون مجموعو “هوا جي سامهون” روشني پبليڪيشن ڪنڊياري پاران ۲۰۰۰ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. سندس شاعريءَ جو نئون مجموعو “ڪرڻي جهڙو پل”. ٽکڙ پبليڪيشن پاران ڇپايل ڪتاب “مئل ماڻهو، جيئري پيڙا” هن سحر امداد سان گڏجي مرتب ڪيو آهي. ان کان علاوه مشهور سنڌي وير گاٿا “دودي چنيسر” جو اردوءَ ۾ ترجمو به سندس جو ڪيل آهي، جيڪو لوڪ ورثي اسلام آباد جو ڇپايل آهي. مرزا قليچ بيگ جي ناول “زينت” جو اردو ترجمو به سندس ڪيل آهي، جيڪو اڪادمي ادبيات اسلام آباد ڇپايو. احمد خان آصف جي ٻاراڻن ٻولن تي ٻڌل ڇهن جلدن ۾ ڇپيل اهم تصنيف سنڌيڪا پاران امداد حسينيءَ ايڊٽ ڪئي آهي. اردو اڪيڊميءَ لاءِ ٻارن جي اردو نظمن جا چار ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل اٿس. امداد حسيني، بابا فريد ۽ ماڌو لال حسين جي پنجابي شاعريءَ کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي.

امداد حسيني بزم طالب الموليٰ حيدرآباد شاخ ۽ سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد شاخ جو سيڪريٽري پڻ رهي چڪو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي حقن جي بحاليءَ واري تحريڪ، سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ ووٽر لسٽن جي ڇپائڻ واري تحريڪ ۽ ون يونٽ مخالف تحريڪ ۾ امداد حسينيءَ عملي طور ڀرپور بهرو ورتو. امداد حسينيءَ “سانول” جي نالي سان ڪهاڻيون به لکيون، ريڊيو لاءِ ناٽڪ، ڪهاڻيون ۽ گيت لکيائين. ريڊيو جي مقبول پروگرام “جهڙا گل گلاب جا” جا اڪثر اسڪرپٽ به امداد حسينيءَ جا لکيل آهن. امداد حسينيءَ ٽيليويزن لاءِ گيت ۽ ناٽڪ پڻ لکيا آهن. هن فلمن لاءِ گيت لکيا آهن، جن ۾ ڌرتي لال ڪنوار، سڄڻ سائين، حاضر سائين، جانيئڙا شامل آهن.

۲۰۰۰ع ۾ امداد حسينيءَ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ مان رٽائرمينٽ ورتي. ان کان پوءِ به ڪانٽريڪٽ تي، ڪجھه عرصو اتي سبجيڪٽ اسپيشلسٽ جي حيثيت ۾ ڪم ڪيائين. ۲۰۰۴ع کان ۲۰۰۶ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جي ٽن رسالن ٽماهي “مهراڻ”، ماهوار “سرتيون” ۽ “گل ڦل” جي چيف ايڊيٽر جون ذميواريون نڀايائين، ان کان پوءِ ڪجھ عرصو اُتي چيف پبلڪيشن آفيسر پڻ رهيو، امداد حسيني سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرز جو ميمبر پڻ رهيو. هن پنهنجي ادبي خدمتن عيوض ڪيترائي ايوارڊ پڻ حاصل ڪيا، جن ۾ “طلوع پرائيز”، “طالب الموليٰ ايوارڊ” ۽ “نارائڻ شيام ايوارڊ”، “تمغه امتياز” ۲۰۰۳ع ۽ “جوش مليح آبادي ايوارڊ” ۲۰۰۷ع اهم آهن.

امداد حسيني بنيادي طور هڪ شاعر آهي، پر تخليق سان گڏ، مختلف موضوعن تي به هن جو اهم ڪم موجود آهي. جهڙوڪ ٻولي، تنقيد، ٻارن جو ادب ۽ لطيفيات. امداد حسيني سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي “انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا” ۽ شاھ عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽيءَ جي “انسائيڪلوپيڊيا شاھ عبداللطيف ڀٽائي” جهڙين اهم رٿائن جي ايڊيٽرن واري سٿ ۾ شامل رهيو.

سنڌ جي سرموڙ شاعر امداد حسينيءَ جو وڇوڙو سچ هي آهي ته سنڌي ادب لاءِ هڪ وڏو صدمو آهي، امداد حسيني هند سنڌ جي قدآور شاعرن مان هڪ هو. هن سان روح رچنديون هيون. سوين يادون آهن، جيڪي دل ۽ دماغ ۾ هميشه هرنديون رهنديون. ڏک جي هنن ناقابل برداشت گھڙين ۾ ميڊم سحر امداد ۽ سندس سڄي ڪٽنب سان تعزيت ڪندي دعا ڪجي ٿي ته رب سندس درجا بلند ڪندو. واقعي جسماني طور امداد حسيني اسان کان پري ٿي ويو آهي يا پري ٿي وڌيڪ ويجهو ٿي ويو. پر هو پنهنجي امر لکڻين ۾ هميشه زنده رهندو.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۸ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

امداد حسيني صاحب

موڪلاڻي ناهي، سدائين گڏ

زرار پيرزادو

¨ “مون جڏهن ڪو ڏيئو جلايو آ، زور ڪيڏو هوا لڳايو آ. . . “ جي سرجڻهار جي زندگي جي ڏيئي کي ڪالهه موت جي هوا هميشه هميشه لاءِ وسائي ڇڏيو.

¨ امداد حسيني، ڪلاسڪ سنڌي ادب جو آخري ڪلاسيڪل اديب هو. جيڪو جديد سنڌي ادب جي تاريخ جو هڪ يادگار باب طور زنده رهندو.

¨ امداد حسيني صاحب کي ڏسي ڪري لڳندو هو ته هن کي “شاعر” طور ئي پيدا ٿيڻ گهرجي ها ۽ هيءُ واقعي به شاعري ڪرڻ لاءِ ئي پيدا ٿيو هو.

¨ سندس زندگي جو نصب العين ئي ادب سرجڻ هو. هو چوندو هو ته، جيئن ڪنهن ملڪ کي انجنيئرن، ڊاڪٽرن، بينڪ ڪارن، معيشت دانن، سياستدانن ۽ سائنسدانن جي ضرورت هوندي آهي تيئن شاعرن جي به ملڪن کي ضرورت هوندي آهي. ان ڪري هو ذاتي طور تي شاعر ڳوليندو به وتندو هو ته سندن وڏي پئماني تي همت افزائي به ڪندو وتندو هو. هن سحر ۽ انور پيرزادي سميت ڪيرائي شاعر متعارف ڪرايا.

¨ امداد صاحب هر شاعر کان پهريون اهو ئي سوال پڇندو هو ته ڪا نئين شاعري ڪئي اٿئي، ڪو ڪتاب ڇپائين ٿو، ڪتاب ڇپجڻ کانپوءِ ڪا شاعري ڪرين ٿو يا بس ڪري ويهي رهيو آهين؟ اهو هو امداد حسيني جيڪو ايترا ڀيرا شايد ساهه به نه کڻندو هو جيترا ڀيرا شاعري جي اڌمن کي ساهه بڻائي ٻاهر ڪڍندو هو.

¨ امداد حسيني سنڌي ادب جو ته ليجينڊ هيو ئي هيو پر سندس اردو شاعري به اعليٰ درجي جي آهي سنڌي ادبي ادارن ۽ رسالن لاءِ به سندس املهه خدمتون هيون. تنهن ڪري حڪومت کي گهرجي ها ته امداد حسينيءَ جي صحت جو مڪمل طور ذمو کڻي سندس علاج پرڏيهه مان سرڪاري سطح تي ڪرائي ها جيئن مشهور مزاحيه اداڪار عمر شريف جو پرڏيهه مان علاج ڪرائڻ جو بندوبست ڪيو ويو هو، پر افسوس ته سنڌ حڪومت ايئن نه ڪيو. هاڻي رڳو اها تعزيتي بيان پڌرا ڪندي رهندي.

¨ سحر امداد ته امداد حسيني جي صحتيابي لاءِ پنهنجا سڀ وسيلا ۽ حيلا هلايا. امداد رڳو سندس ور نه هو پر محبوب به هو ته گهرو دوست به هو، پر پرڏيهه ۾ علاج جو خرچ حڪومت ئي ڪري سگهي پئي، حڪومت جيڪڏهن چاهي ها ته امداد حسيني جي نوبت لاعلاجيءَ جي سرحد تائين پهچي ئي نه ها.

¨ مون امداد صاحب جي زندگيءَ ۾ سندس سالگرهه جي موقعي تي هڪ ڪالم لکيو هو ته “امداد حسيني لاءِ جيڪو ڪجهه ڪرڻو آ سو اڄ ئي ڪريو. امداد حسيني سنڌي ادب کي جيڪو ڪجهه ڏنو سو ته عالم آشڪار آ پر سوال اهو آهي ته اسان امداد حسيني جهڙي ان عظيم شاعر کي ڇا ڏنو آهي ۽ ان لاءِ اسان ڇا ڪري سگهيا آهيون؟

¨ مون ان ڪالم ۾ لکيو هو ته ڇا امداد حسيني جي نالي تي ڪو ادبي انسٽيٽيوٽ قائم ڪيو ويو آهي، ڇا ان جي نالي تي ڪا شاهراهه يا روڊ ٺهيل آهي، ڇا ان جي نالي تي سنڌ ۾ ڪا لائبريري قائم ٿيل آهي؟ نه بلڪل به نه. اهي سڀ ڪم ضرور ٿيندا پر اسان وٽ اهي سڀ ڪم ليجنڊ شخصيت جي مرڻ پڄاڻان ئي ٿيڻ جي روايت رهي آهي.

¨ مون لکيو هو ته هاڻي اسان کي اهي سڀ ڪم ڪنهن به ليجنڊ شخصيت جي جيئري ڪرڻ جي روايت قائم ڪرڻ گهرجي سو امداد حسيني لاءِ جيڪو ڪجهه ڪرڻو آهي سو اڄ ئي ڪرڻ گهرجي پر ٻيو ته ڇڏيو اسان امداد حسينيءَ کي اهڙو سنڌ سطح جو ڪو يادگار ٽربيوٽ ئي اڃا تائين نه ڏئي سگهيا آهيون جو ڪنهن تقريب ۾ سڀ ماڻهو اٿي بيهي ڪافي دير تائين تاڙيون وڄائي کيس زبردست ڀيٽا پيش ڪري سگهون”

¨ مٿي ڄاڻايل ان ڪالم جو ذڪر مان امداد حسيني سان بيماري دوران عيادت ڪندي به ڪيو هو جيڪا هاڻي آخري ملاقات ثابت ٿي آهي.

¨ سو هاڻي اهو سڀ ٿيندو جنهن جو ذڪر مان ان ڪالم ۾ ڪيو هو، هاڻي امداد صاحب جي ياد ۾ جيڪو پهريون پروگرام ٿيندو تنهن ۾ سڀ کان اڳ ۾ ماڻهو اٿي بيهي امداد صاحب کي ٽربيوٽ پيش ڪندا، سندس نالي ۾ هاڻي ادارا ٺهندا وغيره وغيره پر ڪاش اهي ڪم سندس زندگيءَ ۾ ڪجن ها، جيتوڻيڪ امداد حسيني صاحب کي ذاتي طور تي اهڙي ڪا حسرت نه هئي پر اسان جو ضمير ضرور ان ڳالهه تي ندامت ڪندو رهندو ته حڪومت کيس هڪ عظيم شاعر طور اهو جوڳو مقام نه ڏنو جنهن جو هو حقدار هو.

¨ امداد حسيني تي وفاقي اردو يونيورسٽي ۾ پروفيسر جاويد شيخ پي ايڇ ڊي به ڪئي هئي ۽ اهو پي ايڇ ڊي جو مواد امداد حسيني صاحب ڏٺو به هو پر ان جي زندگيءَ ۾ ان پي ايڇ ڊي کي ڊگري طور منظور نه ڪيو ويو نه ته امداد حسيني پهريون اديب هجي ها جنهن جي حياتي ۾ پي ايڇ ڊي ٿيل هجي ها.

¨ امداد حسيني شاعر هو، زندگي سان بي تحاشا پيار ڪندڙ ڪوي هو، هو زنده رهڻ پيو چاهي. آخري وقت تائين هن اکيون نه ٻوٽيون، مرڻ مهل به سندس اکيون کليل ئي رهيون. دنياکان موڪلائڻ وقت ۽ آخري ديدار ڪرائڻ تائين هو دنيا ۽ اسان کي ڏسندو رهيو ۽ ڏسندو ڏسندو هليو ويو.

¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته اسان به پوءِ امداد حسيني کي الوداع نه چونداسين تنهنڪري امداد صاحب موڪلاڻي ناهي، سدائين گڏ.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۸ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

امداد حسيني

(امداد تو کي ڄامشوري جون ھوائون سڏينديون رھنديون)

امداد سھتو

پرھ جا پکي جئن جاڳيا ته انھن پکين جي چون چون به آئي ۽ سويري سويري پولار ڏي ھلي وئي، اھا چون چون شايد امداد حسيني جي روحڙي کي به ساڻ پولار ڏي کڻي ويئي،

سندس روحڙي جي پرواز ٿيندي ئي جيئن جيئن دوستن کي خبر پوندي وئي، تيئن تيئن سوشل ميڊيا تي انھن طرفان تعزيتي پيغام لکجڻ شروع ٿي ويا.

ھن ڏک جي گھڙيءَ ۾ سندس ڪئي شعر منھنجي ذھن ۾ پتنگن جيان مڙي پيا آھن. جن مان ڪجھ ھيءُ به آھن :

مون جڏھن ڪو ڏيئو جلايو آ،

زور ڪيڏو ھوا لڳايو آ.

حال امداد جو پڇو ڇا ٿا،

اڄ مڙئي سور ڪجھ سوايو آ.

وري ملون نہ ملون، زندگي رھي نہ رھي،

چپن کي ٿورڙو ويجھو ڪري ڏسي تہ وٺون

اکين ۾ پوءِ اھا روشني رھي نہ رھي

وري ملون نہ ملون زندگي رھي نہ رھي!

زندگي جي ميري بيٺل ڍنڍ ۾،

تون نه ڏس تنهنجون ڪنول جهڙيون اکيون.

تو فقط تارن کي ڏس، سورج کي ڏس،

تون نه روءُ تنهنجون غزل جهڙيون اکيون.

اسان روئي روئي کلايو ٿي جن کي

اڪيلا جي ٿيندا ته روئندا ته هوندا

سائين امداد حسينيءَ عمر جي ھر حصي ۾ شاعريءَ کي مختلف رنگ ڍنگ سان پيش ڪيو آهي، خاص طور رومانوي ۽ مزاحمتي شاعريءَ کي ڪمال سان سرجيو آھي. مون کيس تڏھن کان پڙھڻ آھي، جڏھن کان مون کي اھا خبر نه هئي ته شاعري ڇا آھي، ڪيئن لکبي آھي. بس ھڪ سٽ، ھڪ بند، ھڪ غزل، ھڪ نظم ھئو، جيڪو من کي ڇھي ويندو ھو، جڏھن ڪجھ سمجھ آئي ته لڳو ته سندس شاعريءَ ۾ گلابن جي خوشبوءِ آھي، جيڪا رنگبرنگي پوپٽن کي پاڻ طرف سڏي ٿي يا ڪا مقناطيس جھڙي ڇڪ آھي، جيڪا پاڻ ڏانھن متوجهہ ڪرائي ٿي. مونکي به ھونئن ته سائين امداد حسينيءَ جي سڄي شاعري گھڻي وڻندي ھئي، پر طارق عالم ابڙي جي ناول “رھجي ويل منظر” جو اھو صفحو کولي وري وري پڙھندو ھئس جنھن ۾ سائين امداد حسينيءَ جي ھيٺيون سٽون لکيل ھونديون ھيون؛

وري ملون نہ ملون، زندگي رھي نہ رھي،

چپن کي ٿورڙو ويجھو ڪري ڏسي تہ وٺون

اکين ۾ پوءِ اھا روشني رھي نہ رھي

وري ملون نہ ملون زندگي رھي نہ رھي! (امداد حسيني)

سائين امداد حسينيءَ جو ادب ۾ ۽ خاص طور نئين ٽھيءَ جي اوسر ۾ وڏو ڪردار رھيو آھي، اڪثر مان نون شاعرن جا ڪتاب پڙھندو آھيان تہ گھڻي ڀاڱي مھاڳ سائين امداد حسينيءَ جا لکيل آھن.

سائين امداد حسيني ته اڄ وڇڙي ويو آھي پر سنڌ جون، خاص طور ڄامشوري جون ھوائون کيس سڏينديون رھنديون.

 

(امداد سھتو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۸ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي کنيل)


 

امداد حسيني

هل ته ڪنهن مئڪدي ۾ هلون

نصير مرزا

ڪو مون کان پُڇي ته جديد سنڌي شاعريءَ ۾ مون ناچيز پڙهندڙ لکندڙ جو پسنديده ترين ۽ رول ماڊل شاعر ڪير!؟ ته ان جو جواب آهي. صرف امداد حسيني، ۽ ويهين صديءَ جي جديد تر سنڌي شاعريءَ جو هي ئي ته اهو جهومندڙ مور ۽ ٽرينڊ سيٽر ڪويتاڪار، جنهن پنهنجي ڌار رومانوي ۽ جديد حسيت واري ڊڪشن سان اياز، نياز، تنوير ۽ شمشير جهڙن جانئٽ شاعرن وچ ۾ پنهنجي ڪلادار قلم کي علم وانگر بلند ڪري ڏيکاريو آهي. آئون ڀانئيان ته اها خود امداد جي به وڏائي آهي جو پنهنجي دور جي هر وڏي پيشرَو کي هن والهانه واکاڻيو پئي آهي ۽ خاص طرح سان پنهنجي ٻن سينيئرز کي هن هيءُ ڪهڙي نه شاندار مڃتا ڏيندي چيو، “ڪجهه نه هجي سنڌي ٻوليءَ ۾، اياز شيام آهي ئي آهي. “ ان بعد هاڻي هي به پڙهو ته رسالو شاهه لطيف جو آڏو رکي امداد هي عقيدت منجهان ڇا ته چوي پيو: “لطيف هوندي ڇا جو ڀؤ، سورج هوندي ڪهڙو انڌ؟” ۽ ان سان گڏ ئي هن جو هي به اعتراف، “سنڌڙي، سُر، سنگيت، سُڳنڌ، مون کي سائينءَ جو سوڳنڌ. “ گڏوگڏ پنهنجي شاعراڻي انا جي وياکيا طور صرف اسان کي ئي نه خود پاڻ کي به ياد ڪرائيندي هي به چوڻ ته، “ڪارونجهر ٿجان امداد، جُهڪي وڃي سو ڪهڙو ڪنڌ. “

ڪو پيشانيءَ ۾ گهنج نه وجهي ته چوان سنڌ ۾ ڪلاسڪ، نيو ڪلاسڪ يا ويندي ويهين صدي جي روايتي شاعريءَ جا جيڪي به “سامي سج وڙاءُ” هئا، اهي ته وکون ويڙهي ڌرتيءَ ماءُ جي هنج ۾ لهي چُڪا، تڏهن ايڪهين صديءَ جي آسمان تي ڪيئي حال حيات ستارن وچ ۾ هي اسان جو امداد ئي ته آهي، دور حاضر جي سنڌي شاعرن ۾ “سامي سج وڙاءُ”

سچ پڇو جڏهن کان ادب ۾ مون اکيون کوليون آهن، مون ته هر پاسي کان هي آواز پئي ٻُڌا، هو وحدت الوجود شاعر، هو وحدت الشهود، فلاڻو، ترقي پسند، فلاڻو روايت پسند، فلاڻو رجعت پسند يا هو ساڄي ڌر ۽ هو کاٻي ڌر جو شاعر ۽ هاڻي يقين ڪريو، هن پنهنجي امداد کي مون جڏهن جڏهن پڙهڻ شروع ڪيو ته ڄاتو هو نه ساڄي ڌر، نه کاٻي ڌر، بلڪه پنهنجي ئي ڌر. . ۽ اهڙو ته منفرد ۽ جديد جينئس شاعر، جنهن جي ڪويتا ڄڻ پنهنجي اُڻت ۾ نيو ڪلاسڪ به ته لوڪ ڪلاسڪ ۽ جديد حِسيت جو سنگم به. ڄڻ سڀ ڌارائون هن جي شاعريءَ ۾ رلمل، هتي هي به لکندي مون کي ڪا هَٻڪ نٿي ٿئي ته ويهين صديءَ جي ڪيترن ئي وڏن شاعرن بابت مون کي وهم ته، انهن وسيع مطالعي آڌار ۽ ڪوشش وٺي پئي شاعريءَ ۾ نالو پيدا ڪيو آهي، هونئن به اڄ اردو يا سنڌيءَ ۾ گهڻائي اهڙن ئي شاعرن جي ته آهي، جيڪي ڏات بدران ڏانءَ آڌار شاعري ڪندا ٿا رهن، قطع نظر اهڙن سڀني شاعرن جي، منهنجي آڏو امداد حسيني قدرتي شاعر آهي. بنهه پراچين يُگ جي ڀرتري هري، امارو، اوڌو، چندي داس يا ميرا جيءَ جهڙو خالص ۽ جينئس شاعر، جنهن چيو هو:

آئون جُڳن کان جاڳيو آهيان،

تو لئه گيت رچڻ ٿو چاهيان،

لفظ ملن ته لکان...

تنهنجا سپنا، ننڊ اچي ته ڏسان.

پنجاهه ورهيه اڳ امداد جڏهن ڦوهه جوان هو ۽ اڪيلو... يا هاڻي جڏهن محفلن، ميلن ۽ جهملين ۾ سگريٽن جي دونهين ۾ هن کي تحليل ٿيندي آئون ڏسندو آهيان ۽ پنهنجي گيان ڌيان ۾ گُم، تڏهن تصور ۾ اچي ويندا اٿم، کاجوراءِ جي گڦائن ۽ جنتا ايلورا اندر جن چترڪارن چتر چٽيا هئا، ديوارن تي مجسما ڪنده ڪيا هئا، اهي به اهڙا ئي ته هوندا، جهڙو هي اسان جو امداد آهي. کيس جڏهن جڏهن به ڏسان، سندس هي شعر مون کي ضرور ياد اچي ويندو آهي.

ڪا ته هن شهر جي عاشق جي نشاني هوندي

ڪا ته هن شهر جي دلبر جي جواني هوندي

اڄ مُڙي ماضيءَ ڏانهن ٿو ڏسان، جڏهن آئون به ڇوڪرو هئس ۽ امداد ڦوهه جوان ۽ جڏهن هن وانگر منهنجي پيرن جي هيٺان به عشق جا ڪاوا اُڀا هئا ۽ محبوبائن جو، هوا مثل خرام هو، ان وقت ڪنهن رسالي ۾ امداد جي پهرئين شعري مجموعي “امداد آهي رول” جي پبلسٽي اشتهار ۾ پڙهيو هئم.

منهنجو ڪوئي گهر ڪونهي ڪو،

مون کي هُن جي گهر پهچايو.

۽ گڏوگڏ هيءَ سٽ به:

آئون جهليان ٿو جهول، تون موتي ائين نه رول.

تڏهن اسين گول بلڊنگ لڳ سوسائٽيءَ واري هاءِ اسڪول ۾ پڙهندا هئاسين ۽ دراز قامت امداد کي صدر ۽ کوکر پاڙي واري علائقي ۾ نڀور ڪارين، اڌ جاڳيل ۽ ننڊاکڙين اکين سان مورچال مثل هلوتاڻي ۾ ئي پيا ڏسندا هئاسين. تڏهن ان ايريا ۽ آسپاس ۾ ڪيتريون نه هوٽلون هونديون هيون. “ڪراچي ريسٽورينٽ”، “ڪيفي جارج”، “ڪيفي شيزان”، “جبيس”، “اسٽار لائيٽ” ۽ جن جي ٽيبلن تي امداد ۽ ان جي منڊليءَ جا ساٿي عبدالحق عالماڻي، ماڻڪ، علي بابا، شوڪت حسين شورو ۽ مشتاق شورو اڪثر پيا نظر ايندا هئا، تڏهن اهڙين هوٽلن ۾ راتيون به ته جاڳنديون هيون ۽ لڳندو هو هي سڀ دوست ۽ البيلا ليکڪ انهن ٽيبلن تي ويٺي ويٺي ئي حياتيون گذاري ڇڏيندا.

تڏهن ان زماني ۾ ٽماهي “مهراڻ”، روح رهاڻ ۽ سهڻي رسالي تي به ڇا ته جوڀن هو، جن ۾ امداد جي نظمن جي به ڇا ته ڀل ڀلان...

رات آهي اماس،

روح آهي اداس،

آهي ڏاڍي پياس،

هل ته ڪنهن مئڪدي ۾ هلون

پوءِ ون يونٽ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان هاڃا شروع ٿيڻ واري دور ۾ امداد جي هيءَ سٽ مون پڙهي:

سنڌ جي سَڏَ ۾ سڏُ جيڪو نه ڏي

ڪوڙهيو ٿي مري

۽ گڏوگڏ سندس هي دوهو به ته مون هر هڪ جي واتان ٻُڌو پئي:

مسجد ۾ ملي ٻانگ ۽ ديول ۾ وڳا گهنڊ

هن شهر جي ماڻهن کي اڃان ننڊ، اڃا ننڊ

هتي هيءَ به حقيقت ۽ سچي ڳالهه ته جديد سنڌي شاعريءَ ۾ صنفن جي گهاڙيٽي ۾ ويرائٽي ۽ انهن ۾ آرٽ ڪرافٽ جي جادوگري ۽ اها ته بس امداد تي ئي ختم هئي ۽ ڀرتيءَ جي لفظن کان پرهيز ۽ منڊيءَ تي ٽڪ بحرن وزن ۾ ٽو دي پوائنٽ ۽ ڇرڪائيندڙ ڳالهه ۽ اهو ئي ته امداد جي شاعريءَ جو وڏو گُڻ لڳندو هئم. مثال طور: شاعري ۾ غزل جو فارم ته صدين کان ساڳيو آهي، پر غزل جي ڊڪشن ۾ امداد، جيڪا جدت ۽ نواڻ آندي، ان جي ڪهڙي ڳالهه ڪريان!

مون جڏهن ڪو ڏيئو جلايو آ

زور ڪيڏو هوا لڳايو آ

ڪجهه به سرجڻ يا تخليق ڪرڻ جو عمل ڪيترو نه پيڙاتمڪ هوندو آهي، امداد پنهنجي هڪ شعر ۾ ان جي خبر اسان کي هن ريت ڏني آهي:

لڙڪ کي لفظ ڪرڻ، ايترو سولو ناهي

باهه جو سمنڊ ترڻ ايترو سولو ناهي

ائين ترائيل صنف ۾ امداد جون نواڻ ارپيندڙ هي سٽون ڏسو:

بسنت رت ۾ هيڊو چهرو ڪين ٺهي ٿو، پيارا،

چهري تي رانڀوٽا پائي لال گلال ڪري ڇڏ

يا...

وري ملون نه ملون زندگي رهي نه رهي،

ٻُڪن ۾ مُک جهلي جي ڀري ڏسي ته وٺون

امداد جي هڪ دلفريب گيت جو هي بند ڏسو:

ڪهڙي ڪم جو آهي جيون

جاڙ جيئان ٿو جاني تو بن

زهر ملي ته پيان...

سندس ٻئي شاهڪار گيت جو هي مصرع به ڇا ته آرٽسٽڪ!

جيئن ٿي ڦٿڪان، تيئن ٿي ڦاسان،

سوگهي آهيان چئني پاسان،

پيار ته آهي پَٽ جي ڏور

هاڻي هيءَ ڳالهه به عالم آشڪار ته ڪنهن به ٻوليءَ جو شاعر جيڪڏهن روماني شاعر آهي ۽ خوش بختيءَ سان سندس جي پرسنالٽي به موهيندڙ ته، صنف نازڪ جي وچ ۾ اهو راجا اندر ته سڀاويڪ ئي بڻجي ويندو آهي، ان ڏس ۾ پريمي ڪائن يا شريڪ حيات جي پسمنظر ۾ امداد جون هي خوبصورت سٽون پڙهو:

مون کي اپ سيٽ ڪري،

سيٽ ڪري پئي ڪمرو

ياد اٿم، ڪنهن وقت سحر امداد صاحبه لکيو هو:

سڄڻي هان امداد جي،

سحر سندم آ نانءُ

تڏهن رومانوي شاعر امداد پنهنجي انهيءَ شريڪ حيات لاءِ جوابن لکيو هو:

سحر امداد سڄڻ، ٻيو ته سڄو لوڪ ڏڄڻ

۽ سڄڻ ريءَ سَرڻ، ايترو سولو ناهي

(۱۰ مارچ تي امداد حسيني جي هين ۸۲ سالگره جي موقعي تي لکيل)

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۸ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

امداد حسيني

تون نه ڳالهائين ته ڇا ڳالهائجي

ڊاڪٽر غفور ميمڻ

سنڌ جو هڪ دور، قدر، نظريو ۽ رومانس موڪلائي رهيو آهي، اسان اهڙي دور جي پڄاڻي تي پهتا آهيون جتي اڳيان ٻيو دور آهي. جت جماليات ناهي، جتي نظريا ناهن، جتي انقلاب ناهي، جيڪو دور موڪلائي پيو اهو سنڌ جو سونهري دور هو، جنهن سنڌ کي قوم بنايو، سنڌ کي وحدت ۾ پوئيو، سنڌ کي شعور ڏنو، سنڌ جي حسن کي نکاريو، هي شيخ اياز جو دور هو هي استاد بخاري جو دور هو هي امداد حسيني جو دور هو. امداد حسيني اهڙي وقت تي اسان کان وڇڙيو آهي جتي سنڌ ۾ هر طرف شور آهي، افراتفري آهي، سنڌ جي عوام هڪ عذاب ۾ مبتلا آهي. حڪمرانن جو عذاب، ظالم وڏيرن جو عذاب، راشي ۽ ڦورو ڪامورن جو عذاب ان دور ۾ هڪ ٻي بري خبر آئي ته امداد به هليو ويو.

امداد جو حال پڇو ڇا ٿا، اڄ سور مڙئي سوايو آهي،

رات آهي اماس

روح آهي اداس،

آه ڏاڍي پياس

 هڪ ته ڪنهن ميڪدي هلون.

امداد حسن جو شاعر هو، ڪائنات جي ازل مان هن عشق چونڊيو هو. جيڪو زندگي سان هو، سنڌ سان هو. سچ پچ ته جڏهن انسان جو اندر اجرو هجي ته ڪائنات جو حسن هن کي جيئڻ جو اتساه ڏيندو آهي.

رب هر ڪنهن کي زندگي ڏي ٿو

خوشنصيبن کي عاشقي ڏي ٿو

ڪا ته ان ۾ آهي رمز رکيل

غم گهڻو، ٿوري خوشي ڏي ٿو.

امداد جو عشق سحر امداد کان ٿيندي سنڌ ۽ عالم انسانيت تائين پهچي ٿو. امداد خوشنصيب هو جنهن کي سحر امداد جهڙي زال ملي جنهن هن سان هر ڏک ۽ سک ۾ نڀايو. امداد خوشنصيب هو جو هن کي سنڌ جو انقلابي دور مليو، جنهن کي سنڌ جي حسن جو احساس مليو. هن کي ڏات ملي،

امداد ڏاڍو اميد افزا ۽ بهادر انسان هو. هن هر لفظ ۾ زندگي جو ترنم هو. امدا د نه صرف شاعري بلڪ ٻولي جو به بادشاه هو هن جو “موکي مٽ اپٽيا” شاعريءَ جي ڪتاب ۾ لکيل مهاڳ به ڪمال جو آهي جنهن ۾ لفظن جي موسيقي ۽ نج سنڌي ادائگي تي موسيقي جو وزن سمجهايل آهي. امدا حسيني ڪمال جو ترجمي نگار به هو. هن ڪيترا ئي ترجما ڪيا، جن ۾ زينت ناول، جو اردو ترجمو، مادو لال ۽ بابا فريد جي شاعر جو سنڌي ترجمو، امداد ڪهاڻيون به لکيون، ڊراما به لکيا. سندس قابليت مان فائدو وٺندي انسائڪلوپيڊيا سنڌيا ۽ انسائڪلوپيڊيا شاهه لطيف جهڙين رٿائن ۾ به ايڊيٽوريل بوردن ۾ شامل ڪيو ويو. امداد حسيني جي شاعري تمام گهڻن فنڪارن ڳائي. پر ۱۹۸۰ع جي دور ۾ بيدل مسرور “اسان روئي روئي کلايو ٿي جن کي” ڳائي انقلابي ڪارڪنن کي جهومائي ڇڏيندو هو. امداد وحدانيت جو شاعر هو، هن هوائن کي جهٽيو، هن چنڊ، ڪتيون تارن کي پنهنجي وجود ۾ سمائي ڇڏيو. هن جي شاعري ۾ موسمن جو هڳاءَ هو. هن جي شاعري ۾ سنڌ جا بسنت رت هئي.

هيل بسنتي رت جي آئي، لال ليار پٽينداسين،

ميرو سيرو ڦاٿل ساٿل، جهول اسين به جهلنداسين.

سنڌ جو سڪيولر ذهن، سنڌ جو انقلابي ذهن، سنڌ جو لبرل، مزاحمتي ذهن، سنڌ جو رمانٽڪ ۽ صوفي ذهن ۱۹۶۰ع کان ۱۹۹۰ع تائين پنهنجي عروج تي رهيو. ان وقت جي دور ۾ جنهن به شعور جي اک کولي ان کي سنڌ سُتيءَ ۾ ملي. ان وقت جي ڪردارن ۾ اهڙو ڪو ڪردار نه هوندو جنهن ون يونٽ جي خلاف تحريڪ ۾ حصو نه ورتو هوندو، جنهن مارشلا جي خلاف مزاحمت نه ڪئي هجي. جنهن رجعت پسندي جي خلاف بغاوت نه ڪئي هجي. ان وقت سنڌ جي سياست کي اديب نعرا ڏيندو هو، سياسي نظريو ڏيندو هو. ان وقت اديب ئي سنڌ جو سرواڻ هو. امداد ان وقت جو ڪردار هو جنهن جو پهرين مجموعو” امداد آهي رول” ۱۹۷۶ع ۾ ڇپيو. جنهن ۾ انقلاب، حسن ۽ آوارگي هئي. هي اها آوارگي هئي جنهن ۾ انسانيت جون حسناڪيون هيون ڇو ته بقول امداد جي

زندگي آهي بس رڳو ايتري

يار جي رخسار تي تر جيتري.

يا

اسان روئي روئي کلايو ٿي جن کي

اڪيلا جي ٿيندا ته روئندا ته هوندا.

جڏهن ترقي پسند دور عروج تي هو، دنيا ۾ انقلابي جدوجهد ۽ نظرين جي پرچار تي ادب سرجي رهيو هو. ادب ۾ تنقيد جا نوان رخ ۽ نوان خيال جنم وٺي انسان کي سندس آجڪو ڏَسي رهيا هئا. ان وقت سنڌ جو ادب انقلابي به هو ته صوفي مت جي سلسلي جي ڳنڍيل ڪڙي طور حسن ۽ رومانس جو حسين ڳنڍاپو به هو. تخليقڪار الوداع نه ٿيندو آهي. هو پنهنجي تخليقن ۾ زنده رهندو آهي.

جوڳي پنهنجي جوء ويا، جهڙ جيئن نيڻ ٽمن،

سخن ساميڙن جا، هيئنڙي منجهه هرن،

سڄو موت مڱن، اڌ ڪٺا آرام لاءِ.

 

(ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد جي ڪاوش دنيا ۾ ۲۸ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

Imdad Hussaini

Gul Muhahammad Umrani

Tributes to Imdad Hussaini is a indeed a researcher’s Predicament and my present Facebook posting has no such claim whatsoever. I had submitted a dedicated introduction for an exclusive literary function at Pakistan Arts Council on saeen Imdad Hussaini which is to be published in a compendium on his life by Dr Sahar Shah The present concise humble “Shardhanjli” is under state of personal shock and bond between my adorable poet and his cultural literary intellectual image and impact on me. I have known Imdad Hussaini since very long time when I first time I saw him at Jashn e Rooh Rehan at Besant Hall in 1967 or 68 a young Bohemian long haired Muse, reciting his Poetry in his too innate Mystical philosophic and artistic impressive way different from the rest of the lesser mortals in the crowd. After that I remained enchanted by his magical aura of innovative poetic expressions, not at all deliberately and obviously following Ayaz or other greater poets of post-independence Sindhi Literature without fear of losing his ability to use his native perspective of Classical Prosodic imagery. He was one of the great names in our contemporary Sindhi kaleidoscopic scenario of popular poetry, charmingly individual and unique in style, modern in content, rooted in the glorious traditions of lower Sindh Tikhar school of Poetic art and organic craftsmanship. Critics rank Imdad Hussaini as original urbane poet who has taken the task of urbanizing poetry without flaunting artificial sophisticated and hazy, abstract, unfamiliar diction and figures of speech as is evident in the modern Sindhi poetry with forced content and complex self-conscious redundant verbiage. He doesn't stage the histrionics of post Ayaz modernist bards who indulge in funny equivocation and double glib talk usually to flabbergast readers with inane similies and curious Metaphysical metaphors from Hindi or Persian. Overwhelming is Imdad Hussaini's obsession with chaste Latifian Sindhi with simple, pristine Sufistic lore, which indubitably makes him the linguistic heir of Bhittai with his characteristic intellectual interpretation of Life, in his passionate ,emotional poems based on serious issues of Culture and History, expectedly fluent, melodious, with running away rhymes emitting lustily fragrance of the mother Earth and human dignity reflective of his genius equally excelling in his prose and poetry. We have lost the last of the Classical Romantic poet.

 

(Taken from Gul Muhammad Umranis FaceBook Time wall on 29th August 2022 AD)

 

امداد حسيني به موڪلائي ويو!

نسيم بخاري

سنڌ جو نامور اديب امداد حسيني، سدائين لاءِ اسان کان وڇڙي ويو آهي. هن جي ٽُٽي ويل ساهه جي سڳي هڪ فرد کان ان جي حياتي ئي نه کسي آهي پر سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جي ساهه کي سَٽَ ڏئي سندس وجود جي حرارت کي هميشه هميشه لاءِ ڄڻ ته هڪ هنڌ بيهاري ڇڏيو آهي. بول ريزيڊنسي ڀرسان ڊي سي ايسٽ آفيس ڪراچي ڀرسان واري مسجد ۾ هن جو جنازو نه پڙهيو ويو آهي، ڄڻ سنڌي ادب جو تڏو وڇائجي ويو آهي. سچ پچ ته ائين ٿو لڳي ڄڻ ته سنڌي شاعريءَ جي شامِ غريبان ٿي وئي آهي.

ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هر انسان کي فنا ٿيڻو آهي، امداد جو جسماني انت به نيٺ ٿيڻو هو پر هو پاڻ سان گڏ جديد سنڌي شاعريءَ جون سموريون حسناڪيون کڻي ويو آهي.

جهڙيءَ ريت ڪنهن گهر جي وڏي جي اوچتي وڇوڙي واري خبر گهر ڀاتين جا حواس خطا ڪري ڇڏيندي آهي، بلڪل ساڳي طرح کان سنڌ جا شاعر اديب به پنهنجو پاڻ کي ڄڻ “يتيم” محسوس ڪري رهيا آهن. ڇو ته هن کان پنهنجي ادبي وڏڙي جو ساٿ ڇڏائجي ويو آهي. ادب جي اُها ڇانوَ هنن کان هاڻ گهڻو دور هلي وئي آهي جنهن جي آسيس ۽ اطمينان کين دلي ۽ روحاني سڪون محسوس ڪرائيندي هئي.

امداد حسيني لڳ ڀڳ ئي چار ڏهاڪا اڳ ئي پنهنجي جسماني جدائي لاءِ ذهني تياري ڪري ڇڏي هئي ۽ شايد ان ڪري ئي هن لکيو هو ته:

وڃبو هاڻي لڏي لڏي،

بي قدرن کي ڇڏي ڇڏي،

موٽي مور نه اُتڙي اچبو،

ٿڪجي پوندي سڏي سڏي.

زندگيءَ جي فنا ٿيڻ کي امداد حسين پنهنجي پوري گهرائيءَ سان رڳو محسوس ئي نه ڪندو هو پر ان جي پل پل جي حساب جو هو پورو پورو ليکو چوکو به رکندو هو. اهوئي سبب آهي ته نه رڳو تيز رفتاريءَ سان هن جو قلم هلندو هو پر اهو پنهنجو معيار به برقرار رکندو ايندو هو. امداد کي اهو شدت سان احساس هو ته،

جيون کيل تماشو،

ائين جيئن؛

پاڻيءَ منجهه پتاشو.

’امداد‘ جي تخلص سان ادب ۽ شاعريءَ ۾ پنهنجو تعارف رکندڙ امداد علي شاهه ٽکڙ ۾ ۱۲ مارچ ۱۹۴۰ع جي سيد اسدالله شاهه “خدا” جي ننڍي پُٽ فضل شاهه جي گهر پيدا ٿيو. شاعري هن انگريزي چوٿين درجي کان شروع ڪئي، وري جو کيس مولانا گراميءَ جي شفقت، حوصلو ۽ اصلاح جو موقعو ميسر ٿيو ته سندس وارا نيارا ٿي ويا، جنهن جي جي تغزل جي انداز تخيل جي رنگيني ۽ انداز بيان جي آڌار تي اڳواٽ ئي کيس سنڌي ادب جي چوٽيءَ جي شاعر بڻجڻ جي خوشخبري ٻڌائي هئي. بزم طالب الموليٰ جو پڻ سندس ادبي اوسر ۾ بنيادي ڪردار رهيو آهي، جنهن جو پاڻ بعد ۾ سيڪريٽري به بڻيو هو.

امداد حسينيءَ کي جيترا ايوارڊ مليا آهن، جيترا عهدا ماڻيائين، جيڪي محبتون ۽ عزتون وصول ڪيائين، پنهنجي پڄاڻان هاڻ انهن ۾ اڃا وڌيڪ وسعت اچڻي آهي. ڇو ته هن حياتيءَ جو هر لمحو سجايو ڪيو آهي ۽ پل به وڃايو ناهي. شايد ان ڪري ئي قدرت کيس وڏي ڄمار عطا ڪئي ته جيئن هو وڌ کان وڌ علم ۽ ادب جي دنيا ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندو رهي.

هن جي ڄمار جيترو اڄ ڪو به هن جي سطح جهڙو اديب موجود نه آهي. شيخ اياز، نارائڻ شيام، تنوير عباسي، رشيد ڀٽي سميت هو جن جن جو به همعصر رهيو آهي، اهي هڪ هڪ ٿي کيس وڇوڙي جا وڍ ڏيندا ويندا رهيا. هو انهن کي ساري سُڏڪي پوندو هو ۽ پنهنجو پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪندو هو. سنڌ جي مشاعرن جي ڪاميابي ۽ ناڪاميءَ جو معيار هن جي موجودگي ۽ عدم موجودگيءَ سان مشروط سمجهيو ويندو هو. هو ادبي محفلن جي رونق ۽ جان هوندو هو. پر هاڻ هن جون فقط ساروڻيون ئي رهجي ويون آهن. هن جا ڪتاب ۽ انٽرويوز رهجي ويا آهن، جيڪي جسماني جدائي باوجود به سندس موجود هئڻ جي ڀرپور احساس جي تاثر جون تجليون ڏئي رهيا آهن.

امداد حسيني بدترين حالتن ۾ بهترين ڪردار ادا ڪيو ۽ اهڙي ڇڪتاڻ وارن تجربن جي پس منظر ۾ پاڻ سندس هيٺين غزل جا بند به پڙهي سگهون ٿا.

مون جڏهن ڪو ڏيئو جلايو آ،

زور ڪيڏو هوا لڳايو آ.

حال امداد جو پڇو ڇا ٿا،

اڄ مڙئي سور ڪجهه سوايو آ.

امداد حسيني لڙڪ وٺي مرڪ ڏيڻ وارو ماڻهو هو. شاعريءَ جي هن شاندار حوالي جي وڇوڙي جي خبر سچ پچ ته هر سنڌيءَ لاءِ وڄ بڻجي ڪِري آهي. هو جڏهن لکندو هو ته،

اسان روئي روئي کلايو ٿي جن کي،

اڪيلا جي ٿيندا ته روئيندا ته هوندا.

ڪلهي تي رکي ڪنڌ جيڪي ستا ٿي،

اهي ننڊ ۾ ڇرڪ لهندا ته هوندا.

امداد حسينيءَ جي عدم موجودگيءَ جو احساس جيڪڏهن اسان اڄ سچ پچ به محسوس ڪيون ٿا ته پاڻ کي امداد جي ادبي پختگيءَ واري حوالي جو سهارو وٺي پاڻ کي به ادبي حوالي سان پختو ڪرڻو پوندو. ڇو ته امداد حسيني جيڪو سوچيو، لوچيو ۽ نور نچوڙيو سو فقط هن جي ذاتي ۽ روحاني تسڪين جو سامان نه هو. هن جي اندر جي آنڌ مانڌ فقط هڪ فرد جي درد جي عڪاس نه هئي، پر هن سان گڏوگڏ اُها ٻين لاءِ به اهو نياپو هئي ته اهي ته ان واٽ تي هلن جنهن ۾ اجتماعيت کي اهميت هوندي آهي ۽ ذاتي مفاد پٺتي اڇلائي ڇڏبا آهن.

ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ڪو به ڪنهن جو خال ڀري نه سگهندو آهي پر ان جو مطلب اهو به نه هوندو آهي ته ڪو ذهني ۽ فڪري اوسر جي حوالي سان وک ئي نه کڻي!

سو اڄ جيڪي امداد حسيني جي تڏي تي ويٺا آهن، جن هن جي جنازي نماز پڙهي ۽ ميت کي ڪلهو ڏنو آهي يا جنهن جنهن کي به سندس وڇوڙو وڍ ڏئي ويو آهي، ان جو اهو اخلاقي فرض آهي ته سوڳ جي غم کي فڪري ۽ ذهني طاقت ۾ تبديل ڪندي امداد جيتري محنت جي ڪوشش جو ارادو ڪرڻو پوندو.

امداد عمر جي آخري حصي تائين جهڙيءَ ريت قلم جي لڄ رکي، اهو لحاظ رکڻو پوندو ۽ هو جهڙيءَ ريت جونيرز سان پيار ۽ پاٻوهه سان ملندو رهيو، ان روايت کي هڪ ڀيرو وري نئين زندگي بخشڻي پوندي. امداد حسيني جنهن کليل دل جو مالڪ هو، اهڙي دل ڌارڻي پوندي، تڏهن ئي وڃي پاڻ امداد جي انفراديت کي ڪو اعزاز ميسر ٿي سگهندو.

سو سوال اهو آهي ته اسان امداد جي فڪري ۽ ادبي وارثيءَ جي حوالي سان پاڻڻ تي لاڳو ٿيندڙ ذميوارين کي نڀائڻ جي نيت به رکون ٿا امداد حسيني شعر ۽ نثر جي صورت ۾ سنڌي ادب تي جيڪي عنايت جا مينهن وسايا آهن، پاڻ ان حوالي سان ڀلا ڪا ننڍي ڪڪري به ٿيڻ لاءِ تيار آهيون؟

جيڪڏهن مٿين حوالي سان پاڻڻ ڪا سنجيده سوچ ويچار ڪري ممڪن حد تائين ڪو مثبت ڪردار ادا ڪيون ٿا ته پڪ سمجهو اسان مان ۽ اسان کان امداد حسيني جو روح راضي ٿي ويندو. اها الڳ ڳالهه آهي ته سندس زندگيءَ ۾ اسان مان ڪيترن ئي جي شعوري يا لاشعوري عملن ۽ ڪوششن جي ردعمل ۾ اهو رنجيو به هوندو.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۹ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

سوڳ

سنڌي ٻولي جي سگهاري شاعر امداد حسيني لاڏاڻو ڪري ويو، سنڌي ادبي سنگت ضلعي ٽنڊو محمد خان پاران ٽي ڏينهن سوڳ جو اعلان

ٽنڊو محمد خان:

سنڌي ٻولي جو انتهائي سگهارو شاعر امداد حسيني اسان کان هميشه لاء وڇڙي ويو، سندس وڇوڙي تي سنڌ جي علمي ۽ ادبي حلقن ۾ گهري ڏک جي لهر ڇانيل آهي ۽ سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان سندس وڇوڙي تي ٽي ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪندي سندس وڇوڙي کي سنڌي ٻولي، علم، ادب ۽ خاص طور سنڌي شاعري لاء هڪ وڏو نقصان سمجهي ٿي, سنڌي ادبي سنگت ضلعي ٽنڊو محمد خان جي ضلعي رابطا سيڪريٽري اعظم ڀٽي, شاخ ٽنڊو محمد خان جي سيڪريٽري آغا جان آغا، جوائنٽ سيڪريٽري رفيق آس لغاري،خزانچي گل خاصخيلي، آڊيٽر ڊاڪٽر جمال ناصر سولنگي, ڪائونسلر اعجاز علي جسڪاڻي, ساس شاخ آبادگار شگرملز جي سيڪريٽري سيد اسلم شاهه, ڪائونسلر لال بخش” لالڻ” سٺيو, شاخ گاجا جي سيڪريٽري شرف نظاماڻي, ڪائونسلر اعجاز نظاماڻي, عاشق علي ڳاهو, مختيار نظاماڻي ۽ ٻين پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته “امداد حسيني جديد سنڌي شاعري کي پنهنجي ڏات وسيلي انيڪ رنگ عطا ڪيا، هو موجوده دور جي سنڌ اندر شاعري جي دنيا ۾ سرواڻي ڪندڙ پهرين صف جو وڏو شاعر هو, جنهن جون ادبي خدمتون وسارڻ جوڳيون ناهن, سندس وڇوڙو سنڌي ٻولي, علم ۽ ادب لاء ھڪ وڏو خال آهي, جيڪو خال ڀرجڻ مشڪل آهي

 

(اعظم ڀٽي جي فيبڪ ٽائيم وال تي ۲۷ آگسٽ ۲۰۲۲ع بمطابق / ۲۸ محرم الحرام ۱۴۴۴ هجري/ بروز ڇنڇر تي رکيل)


 

 

امداد حسيني

مئڪدي جو دروازو بند ٿي ويو

تحرير: شهباز پيرزادو

جڏهن پرينءَ جي سارّ اندر ۾ هُرکر پيدا ڪندي آهي ۽ اڪيلي وجود جي اکين مان ڳوڙهن جا موتي ٽمندا آهن تڏهن فقط “مئڪدو” ئي وڃي بچندو آهي جتي بيخوف ڳوڙها رخسارن تي ڊوڙون به پائيندا آهن ته خماريل اکيون محبوب جي عڪس سان جرڪي به پونديون آهن

مئڪدو جيڪو شاعر جي دل هوندو آهي جيڪو پڙهندڙ جي پناهگاه هوندو آهي جتي مڪمل بيخودي باوجود محبوب جي ذڪر دوران زبان ناهي هٻڪندي.

جتي موکي ۽ متارا ياد ايندا آهن جتي “ڪلاڙڪي هٽ ڪُسڻ جو ڪوپ وهي“ واري سٽ سمجهه ۾ ايندي آهي، جتي آسماني انڊلٺ رات جي پهر ۾ ظاهر ٿيندي آهي، جتي ٿيندڙ ڳالهيون آزاد نظم بڻجي وينديون آهن.

سائين امداد حسيني به سنڌي شاعريءَ جو مئڪدو هيو جنهن ۾ داخل ٿيڻ جي الجتا هو محبوب کي هن طرح به ڪندو هيو ته “گهر هلي ڇا ڪيون هل ته ڪنهن مئڪدي ۾ هلون”

اڄ ان مڪئدي جو دروازو بند ٿي ويو جنهن اندر ويهي امداد حُسيني” هوءَ” جهڙو شاهڪار شاعري مجموعو لکيو هو “سستي مان ڇا هڙ حاصل “کان ويندي “مون جڏهن ڪو ڏيئو جلايو آ” تائين سائين امداد انهن عاشق مزاج ماڻهن جو ترجمان شاعر هيو جن جي دل پرينءَ جي سارّ سان ڌڙڪندي آهي

هو هن دور جو تمام وڏو ڪوي هيو جنهن وٽ بحر وزن جو درياه به هيو ته سمندر جيتري خيال جي گهرائي به هئي هو مومل جي ماڻن سان گڏ سومل جي ذهانت کي به ڳائيندو هيو تنهنڪري هن جي شاعري جو رنگ ڪجهه وڌيڪ نمايان ٿي بيهندو هيو

سنڌ جو امداد سحر جو امداد ۽ سڌي ادب جو امداد وڇڙي ويو جنهن جي تعزيت لطيف جي تنبوري سان گڏ اياز جي ڪتابن سان به ڪجي ٿي ڇو جو امداد به انهن جي ڪڙم قبيلي منجهان هيو

سڄي سنڌ اڄ درد جون دانهون ڪري رهي آهي برسات ۽ ٻوڏ عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي باغي نوجوان روڊن تي رياست خلاف سراپا حتجاج آهن اچانڪ شاعري گوڏا ڪُٽي امداد صاحب جي لاڏاڻي جو ماتم ڪيو هوا جو رنگ بدلجي ويو ۽ سحر جي ماٿي جو تلڪ ڊهي ويو.

امداد حسيني وڇڙي ويو، امداد حسيني وڇڙي ويو .ڄڻ مئڪدي جو دروازو بند ٿي ويو.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۹ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

امداد حسيني

سونهن ۽ سنڌ جو شاعر

عمر قاضي

گذريل ڏينهن سنڌ جو سريلو شاعر امداد حسيني گذاري ويو. هن جي سار ۾ جڏهن قلم ۽ ڪاغذ کڻي ويٺس ۽ مون اهي لفظ لکيا ته “سونهن ۽ سنڌ جو شاعر امداد حسيني” تڏهن مون کي خيال آيو ته ڇا دنيا ۾ ڪو به اهڙو شاعر ٿي سگهي ٿو، جيڪو حسن ۽ وطن سان محبت نه ڪندو هجي؟

خوبصورتيءَ ۽ ڌرتيءَ سان محبت ته شاعريءَ جو بنياد آهي. اهي شاعر ئي هوندا آهن، جيڪي ماڻهن کي محبت سيکاريندا آهن. شاعر محبت جا سفير هوندا آهن. انهن جي معرفت اسان کي معلوم ٿيندو آهي ته محبت ڪيتري اهم ۽ ضروري هوندي آهي. جيڪڏهن شاعر نه هجن ها ته محبت جي باري ۾ اسان کي ايترو ڪجهه معلوم نه ٿي سگهي ها. ڇو ته سونهن جي ساگر ۾ تمام هيٺ لهي، اسان کي ان محبت جا موتي ميڙي ڏيڻ وارا شاعر ئي ته هوندا آهن. اهو ئي سبب آهي ته شيخ اياز لکيو هو ته “جنهن ڏينهن تي ڌرتيءَ تي پکي ۽ شاعر نه رهندا، ان ڏينهن قيامت اچي ويندي” ڇو ته حسن ۽ محبت کان سواءِ ته هيءَ دنيا صرف ڪاروبار ۽ سرمايو آهي. سرمايو ۽ دولت جا انبار انسان کي وحشي ۽ خودغرض ته بڻائي سگهن ٿا پر اهي هن کي بهتر انسان بڻائي نه ٿا سگهن. ان ڪري اسان کي بهتر انسان ٿيڻ جي لاءِ شاعريءَ جو شعور حاصل ڪرڻو پوي ٿو.

سنڌ سان سنڌي ماڻهن جي محبت جو سبب سياست نه پر اها شاعري آهي، جيڪا لطيف جي لات کان وٺي اياز جي ڪلام ۽ امداد جي ڪويتا تائين سنڌي ماڻهن جي سماعت ۾ محبت جي موسيقي پيدا ڪندي رهي آهي. لطيف ته سنڌ جي سڃاڻ آهي. لطيف ته سنڌ جو سج آهي. لطيف کان پوءِ سچل به آهي. سامي به آهي. پر جيڪو اهاءُ اياز جي شاعريءَ ۾ آهي، اهو اسان کي لطيف جي لئه ياد ڏياري ٿو. جڏهن ته امداد حسيني جي واٽ الڳ رهي آهي. هو پنهنجي انداز جو البيلو شاعر رهيو. هن ۾ جيڪو عشق ۽ انقلاب جي ميلاپ وارو انداز هو، اهو ڪنهن ٻي شاعر جي حصي ۾ نه آيو. اهو صرف ۽ صرف امداد ۾ هو.

امداد حسيني جي شاعريءَ ۾ تمام گهڻي موسيقيت به هئي ۽ ان ۾ هڪ خاص قسم جي مڌرتا سدائين اسان جي دل کي پنهنجي طرف ڇڪيندي رهندي هئي. هن جڏهن به ڪو گيت لکيو ته ان ۾ عجيب قسم جي دلربائي نظر آئي. اهو ئي سبب آهي ته هن کي سنڌي ادب ۾ تمام گهڻو مختلف ۽ اوچو مقام مليو. هن جو پهريون شعري مجموعو “امداد آهي رول” تمام گهڻو مقبول ٿيو. ڇو ته ان ۾ آزاد شاعريءَ جي منظوم انداز واري جيڪا رواني هئي، ان سنڌ ۾ هڪ نئين روايت پيدا ڪئي.

امداد حسيني جي شاعريءَ ۾ شوخي به هئي ۽ تمام گهڻي بي باڪي به هئي. هن جي شاعريءَ ۾ جيڪو مزاحمت جو پيغام هو، اهو تمام گهٽ شاعرن ۾ موجود رهيو آهي. هن ۾ زماني جي شڪايت به هئي پر هن ۾ زماني جي مخالف هوائن سان ٽڪرائڻ جو جيڪو جوش ۽ جذبو هو، اهو ڪنهن ٻي شاعر ۾ تلاش ڪرڻ تمام گهڻو مشڪل هوندو. هن جو هڪ نظم جيڪو مون کي هن مهل تمام گهڻو ياد اچي رهيو آهي، اهو هو ته:

“مون جڏهن به ڏيئو جلايو آ

زور ڪيڏو هوا لڳايو آ”

هن جي شاعريءَ کي جڏهن به ڳايو ويو، تڏهن ان مان هڪ قسم جي هٻڪار آئي. هو وطن جي محبت سان گڏ عورت جي حسن ۽ ان جي محبت ۾ به سرشار شاعريءَ جي علامت هو.

امداد جي شاعريءَ ۾ جيڪو منفرد انداز هو، اهو ڪنهن ڪنهن شاعر ۾ هوندو آهي. مثال طور تي هن جو اهو نظم جيڪو هڪ گيت جي صورت ۾ ڳاتو به ويو ۽ ان کي تمام گهڻو پسند به ڪيو ويو. اهو گيت آهي:

“سمنڊ ڪناري واريءَ جو گهر ٺاهيو سي

توکي چاهيو سي”

ان قسم جي شاعري امداد جي سڃاڻ آهي. هن جا ٻيا به ڪيترائي مٺڙا ٻول مون کي ياد اچي رهيا آهن ۽ انهن ٻولن ۾ جيڪو حسن آهي ۽ جيڪا بيتاب تمنا آهي، اهو ڪنهن ٻي جي شاعريءَ ۾ ناهي. امداد حسينيءَ جو هڪ وڏو ڪارنامو اهو به هو ته هن پنهنجي دور کي تمام گهڻي ترقي پسند شاعري ڏني. هن جي شاعريءَ ۾ پراڻي سماج کان جيڪا بغاوت آهي ۽ هن جي شاعريءَ ۾ جيڪو نئين دور لاءِ پيار آهي، اهو هن کي مختلف ۽ تمام حسين شاعر بڻائڻ ۾ اهم ڪردارا ادا ڪري ٿو. اهو امداد جو ڪارنامو آهي ته هن پنهنجي دور کي شاعريءَ ۾ نه صرف موضوعن پر ٻوليءَ ۽ ان ۾ استعمال ٿيندڙ لفظن جي حوالي سان به تمام گهڻو استعمال ۾ آندو. اهو امداد حسيني هو، جنهن جي شاعريءَ ۾ عجيب قسم جي سرمستي هئي. هن جي شاعريءَ ۾ محبت جو بي باڪ اظهار هن کي منفرد بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. هن جا اهي ٻول هن مهل به تمام گهڻا گونجي رهيا آهن ۽ خاص طور تي هن مهل سنڌ جي سوشل ميڊيا تي هن جو اهو شعر تمام گهڻو شيئر ٿي رهيو آهي ۽ ان کي ماڻهو تمام گهڻو پسند به ڪري رهيا آهن، جنهن ۾ هو عجيب قسم جي بي باڪي ۽ بهادريءَ سان اظهار ڪندي چوي ٿو ته:

“توکي چاهيون ٿا توکي چاهيون ٿا

بحث ان تي ڪرڻ اجايو آ”

ان جو مطلب اهو ٿيو ته ڪجهه ڳالهيون بحثن کان بلند هونديون آهن ۽ محبت به هڪ اهڙي ڳالهه آهي، جنهن تي بحث نه ٿو ڪري سگهجي. ڇو ته محبت جو خيال ناهي. محبت ته هڪ جذبو آهي. جذبن کي ڪير ٿو قيد ڪري سگهي؟ جذبن کي ڪير ٿو روڪي سگهي؟ اهو ئي هن نظم جو مطلب آهي. اهڙا نظم امداد حسينيءَ جي شاعريءَ ۾ اسان کي تمام گهڻا ملن ٿا.

امداد حسينيءَ جي شاعريءَ ۾ جيڪا آمريت جي خلاف نفرت آهي، ان جو الڳ حصو آهي. هن سنڌ ۾ جيڪا سجاڳيءَ واري تحريڪ هلي هئي، ان ۾ تمام گهڻو ڪردار ادا ڪيو هو. هن پنهنجي ادب ۽ پنهنجي شاعريءَ کي تمام گهڻي بامقصد انداز سان استعمال ڪيو. هن جي ٻوليءَ سان محبت هن جي شاعريءَ مان پڌري آهي. هن کي سنڌ جي ڪلچر ۽ سنڌ جي سونهن سان تمام گهڻي رغبت هئي. هن هڪ هڪ موضوع کي پنهنجي شاعريءَ ۾ پيش ڪيو ۽ اهو هن جو هنر هو ته هو ڪنهن به طرح سان ڪنهن به موضوع کي شاعريءَ ۾ شامل ڪري ان کي محبت جي لائق بڻائڻ جو گر رکندو هو ۽ اها ڳالهه هن جي تخليقي سگهه جي سڃاڻ آهي. ڇو ته روايت تي وڏا شاعر نه هلندا آهن. وڏا شاعر ان ڪري وڏا شاعر هوندا آهن جو هو روايتن سان بغاوت ڪندا آهن. جهڙي ريت شيخ اياز پنهنجي شاعريءَ ۾ بغاوت جي باهه ڀري، ساڳي طرح سان امداد حسيني به پراڻيون ۽ مدي خارج روايتون جاري رکڻ بدران نوان لاڙا ۽ نوان خيال پنهنجي شاعريءَ جو موضوع بڻائي هڪ اهم قسم جو مقام ماڻيو آهي.

امداد حسينيءَ جي شاعري هن جي سڃاڻ هئي. هو منفرد شاعر هو. هن پنهنجي محنت ۽ محبت سان جيڪو مقام حاصل ڪيو آهي، اهو هن جي موت کان پوءِ به هن جي ملڪيت رهندو. امداد حسينيءَ جي شاعريءَ کي هن جي موت کان پوءِ به هڪ محبت ۽ هڪ مهان قسم جي عزت ملندي رهندي. ڇو ته هن جي شاعري ايتري محبت جي حقدار آهي. هن جيڪو ڪجهه به لکيو، اهو پنهنجي وطن ۽ پنهنجي قوم لاءِ لکيو. هن کي ڪنهن به وقت جي دوران ۽ ڪڏهن به فراموش نه ٿو ڪري سگهجي. ڇو ته هو هڪ عظيم ۽ منفرد شاعر هو. اهڙا شاعر ڪڏهن ڪڏهن جنم وٺندا آهن. انهن کي وسارڻ تمام مشڪل هوندو آهي. هو سدائين ياد رهندا آهن. انهن جي ياد اصل ۾ حسن جي ياد هوندي آهي. محبت جي ياد هوندي آهي.

 

(ڏھاڙي سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد ۾ ۲۸ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

امداد حسيني - يادگيريون

اندرا پوناوالا شبنم اندو

امداد حسيني صاحب مهان شاعر به ڇڏي ويا. وڇوڙو ۲۷ آگسٽ تي ڏئي ويا. واسديو موهي به ساڳي تاريخ وڇوڙو ڏيئي ويا.

ڪشور اوسٿا ٽين ايج کان رابطي ۾ هيس انڊيا ۾ ملاقات ٻه دفعا انٽرنيشنل مشاعري انڊو پاڪ سنڌي مشاعري ۾ دهلي ۾ ٿي.

مون کين ڪُڇ پنهنجا غزل ڏيکاريا مشوري لاءِ.

مان هند ۾ شاعر نارائڻ شيام کان پنهنجن غزلن تي اصلاح ورتو هو.

منهنجي غزل

ڀيڙ ۾ تنها رهڻ ايندو اٿم،

فرش تي ويهي اڏڻ ايندو اٿم.

ان غزل تي امداد حسيني صاحب کان اصطلاح انڊيا دهلي ۾ ورتو هيو ۲۰۱۲ ۾ سنڌ ۾ مچ ڪچهري ۾ ڳايو ترنم ۾ هو تمام گهڻو خوش ٿيا.

امداد حسيني صاحب خوشمزاج جذباتي قرب پيارا انسان آهن منهنجو اندو نالو هنن کي بيحد وڻندو آهي صرف آندو نالي سان سڏيندا هئا.

سوشل ميڊيا جي ڪري دنيا ننڍي ٿي وئي آهي اسين ۱۵ سالن کان فيس بڪ فريندس آهيون.

هر دل عزيز شخصيت سدا موجود هوندي آهي هنن جون تخليقون امر آهن.

 

(اندرا پوناوالا شبنم اندو جي فيسبڪ ٽائيم وال تي ۲۷ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)



امداد حسيني

حال امداد جو پڇو ڇا ٿا

ڊاڪٽر اسلم سنديلو

ڏک ۽ افسوس واري خبر آهي ته ناميارو شاعر امداد حسيني اسان کان وڇڙي ويو آهي. سنڌ جي صف اول جي شاعر امداد حسينيءَ جو اصل نالو سيد امداد علي شاھ ولد سيد فضل محمد شاھ آهي. پاڻ ۱۰ مارچ ۱۹۴۰ع تي ٽکڙ ۾ ڄائو. پرائمري تعليم ڳوٺ جي مڪتب ۾ ورتائين. ميٽرڪ نورمحمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۽ انٽرميڊيٽ سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد مان ڪري، بي اي (آنرز) ۽ ايم اي (سنڌي)، سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. شاگرديءَ واري عرصي ۾ سنڌي ڊڪشنري آفيس ۽ سنڌي لوڪ ادب رٿا ۾ پارٽ ٽائيم نوڪري ڪيائين، پوءِ سنڌي ادبي بورڊ ۾ لائبريرين مقرر ٿيو.

1970ع ۾ کيس انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۾ ريسرچ فيلو مقرر ڪيو ويو. 1973ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ سنڌي مقرر ٿيو. اتي نوڪريءَ دوران 1977ع کان 1979ع تائين ٽه ماهي مهراڻ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. 1992ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽريءَ طور خدمتون سرانجام ڏنائين. حيدرآباد جهڙي ثقافتي مرڪز ۾ پليو نپنو ۽ گذريل ٽيهن سالن کان علم جي مرڪز ڄامشوري ۾ رهائش پذير هو.

امداد حسينيءَ جي خاندان ۾ وڏا عالم، اديب ۽ شاعر ٿي گذريا آهن. سندس ڏاڏو علامه اسدالله شاھ ”فدا” پنهنجي دور جو جيد عالم ۽ سنڌي، فارسي ۽ عربيءَ جو شاعر ٿي گذريو آهي. امداد جي شاعريءَ جو هڪ مختصر مجموعو، امداد آهي رول ۱۹۷۶ع ۾ سنڌي اڪيڊمي حيدرآباد پاران ڇپيو. سندس طويل نظم ۱۹۸۸ع ۾ لکيل شهر آشوب مارچ ۲۰۰۰ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. سندس شاعريءَ جو ٽيون مجموعو هوا جي سامهون روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو پاران ۲۰۰۰ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. سندس شاعريءَ جو نئون مجموعو ڪرڻي جهڙو پل. ٽکڙ پبليڪيشن پاران ڇپايل ڪتاب مئل ماڻهو، جيئري پيڙا هن سحر امداد سان گڏجي مرتب ڪيو آهي. ان کان علاوه مشهور سنڌي وير گاٿا دودي چنيسر جو اردوءَ ۾ ترجمو به سندس ئي ڪيل آهي، جيڪو لوڪ ورثي اسلام آباد جو ڇپرايل آهي. مرزا قليچ بيگ جي ناول زينت جو اردو ترجمو به سندس ڪيل آهي، جيڪو اڪادمي ادبيات اسلام آباد ڇپرايو. احمد خان آصف جي ٻاراڻن ٻولن تي مشتمل ڇهن جلدن ۾ ڇپيل اهم تصنيف سنڌيڪا پاران امداد حسينيءَ ايڊٽ ڪئي آهي. اردو اڪيڊميءَ لاءِ ٻارن جي اردو نظمن جا چار ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل اٿس.

امداد حسيني، بابا فريد ۽ ماڌو لال حسين جي پنجابي شاعريءَ کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. امداد حسيني بزم طالب الموليٰ حيدرآباد شاخ ۽ سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد شاخ جو سيڪريٽري پڻ رهيو. سنڌي ٻوليءَ جي حقن جي بحاليءَ واري تحريڪ،

سنڌي ٻوليءَ ۾ ووٽر لسٽن جي ڇپائڻ واري تحريڪ ۽ ون يونٽ مخالف تحريڪ ۾ امداد حسينيءَ عملي طور ڀرپور بهرو ورتو.

امداد حسينيءَ سانول جي نالي سان ڪهاڻيون به لکيون، ريڊيو لاءِ ناٽڪ، ڪهاڻيون ۽ گيت لکيائين. ريڊيو جي مقبول پروگرام جهڙا گل گلاب جا جا اڪثر اسڪرپٽ به امداد حسينيءَ جا لکيل آهن. امداد حسينيءَ ٽيليويزن لاءِ گيت ۽ ناٽڪ پڻ لکيا آهن. هن فلمن لاءِ گيت لکيا آهن، جن ۾ ڌرتي لال ڪنوار، سڄڻ سائين، حاضر سائين، جانيئڙا شامل آهن.

سال ۲۰۰۰ع ۾ امداد حسينيءَ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ مان رٽائرمينٽ ورتي. ان کان پوءِ به ڪانٽريڪٽ تي، ڪجھه عرصو اتي سبجيڪٽ اسپيشلسٽ جي حيثيت ۾ ڪم ڪيائين. ۲۰۰۴ع کان ۲۰۰۶ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جي ٽن رسالن ٽه ماهي مهراڻ، ماهوار سرتيون ۽ گل ڦل جي چيف ايڊيٽر جون ذميواريون نڀايائين، ان کان پوءِ ڪجھ عرصو اُتي چيف پبلڪيشن آفيسر پڻ رهيو. امداد حسيني سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرز جو ميمبر پڻ رهيو. هن پنهنجي ادبي خدمتن عيوض ڪيترائي ايوارڊ پڻ حاصل ڪيا آهن، جن ۾ طلوع پرائيز، طالب الموليٰ ايوارڊ ۽ نارائڻ شيام ايوارڊ، تمغه امتياز ۲۰۰۳ع ۽ جوش مليح آبادي ايوارڊ ۲۰۰۷ع اهم آهن. امداد حسيني بنيادي طور هڪ شاعر هو، پر تخليق سان گڏ، مختلف موضوعن تي به هن جو اهم ڪم موجود آهي. جهڙوڪ: ٻولي، تنقيد، ٻارن جو ادب ۽ لطيفيات.

امداد حسيني سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۽ شاھ عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽيءَ جي انسائيڪلوپيڊيا شاھ عبداللطيف ڀٽائي جهڙين اهم رٿائن جي ايڊيٽرن واري سٿ ۾ شامل رهيو. سندس وڇوڙي سان سنڌ هڪ بهترين اديب، شاعر ۽ سنڌي ادب جي گهڻ گهري شخصيت کان محروم ٿي ويو آهي جنهن ڪري سندس وڇوڙي جي ڪري پيدا ٿيل خال ڀرجي نه سگهندو.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱ سيپٽمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

امداد حسيني

ڌرتي جي شاعر جي موڪلاڻي

دولترام کتري

سنڌ ۾ جديد سنڌي شاعري جو پنهنجو ھڪ وسيع ڪئنواس رھيو آهي جديد سنڌي ادب ۾ جتي اياز جي شاعري جي ڇاپ رھي آهي ته اتي سنڌ ۾ جديد شاعري جي حوالي سان ٻين شاعرن جي شاعري پڻ پنهنجو مٽ پاڻ رھي آهي.جديد سنڌي ادب ۾جن تخليقڪارن پنهنجو مقام جوڙيو آهي انهن ۾ ھڪڙو نالو امداد حسيني جو پڻ آهي جنهن جي شاعري ۽ نثر جا ھزارين نوجوان مداح رھيا آهن. ھي ۱۹۹۸ع جي ڳالهه آهي جو سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهڻ دوران اسان اياز جا ڪتاب خريد ڪري پڙھندا ھياسين ته ساڳئي وقت اسان کي ٻين جديد سنڌي شاعرن جا ڪتاب پڙهڻ جو موقعو پڻ ملندو ھوانھن ڏينهن ۾ اسان امداد حسيني، راشد مورائي، حليم باغي، ايازگل، ادل سومرو جي شاعري جا مداح ھياسين ۽ ھاسٽلن جي ڇتين تي انهن جي شاعري پنهنجي منهن پيا جھونگاريندا ھياسين. ڪڏهن ڪڏهن اسان جي يونيورسٽين جي ھاسٽلن تي صادق فقير، اياز قادري ۽ ٻيا ڪلاڪار مھمان ٿيندا ھيا پوءِ ڪڏهن اسان صادق جي آواز ۾ ڪڏهن اسان پروفيسر اياز قادري جي آواز ۾ شيخ اياز، استاد بخاري، امداد حسيني، راشد مورائي، حسن درس، ايازگل۽ ٻين شاعرن جي شاعري ٻڌندا ھياسين. ھڪ ڀيرو صادق کان جڏهن امداد حسيني جي شاعري جي فرمائش ڪئي تڏھن ھن امداد جو ھي غزل نھايت خوبصورت انداز سان ڳايو ھو

مون جڏهن ڪو ڏيئو جلايو آ

زور ڪيڏو ھوا لڳايو آ

ايئن ھن امداد جا ٻيا ڪلام پڻ ڳايا ھيا انھن ۾ ڪجهه ھي

اسان روئي روئي کلايو ٿي جن کي

اڪيلا جي ٿيندا روئندا ته ھوندا

يا ھل ته ھلون ڪنهن مئڪدي ۾ ھلون

اھڙي ريت صادق فقير جي معرفت منهنجوسائين امداد صاحب سان مکان ميلو ٿيو ھو پوءِ امداد صاحب سان مختلف وقتن تي ڪچھريون ٿينديون رھيون پنهنجي مزاج ۾ ماٺيڻي طبيعت رکندڙ ھن شاعر جي تخليقي اڏار کان ڪو انڪار نٿو ڪري سگهي. ھي سنڌي ٻولي جو اھو ٻھڳڻو شاعر ھو جنهن وٽ خيالن جي گھرائي ۽ انفراديت ھوندي ھئي يونيورسٽي واري ڏينهن ۾ حيدرآباد۽ ڄامشوري ۾ جتي ڪافي شاعرن اديبن سان ملاقاتون ٿينديون ھيون ته اتي وري امداد صاحب پنهنجي ڪچھرين ۾ اسان نوجوانن کي اتساھيندو ھو ۽ چوندو ھو ته اسان کي دنيا جو ادب پڙهڻ گھرجي، شاعرن کي محنت ڪرڻ گھرجي. ھن پنهنجي ادبي سفر ۾ جتي خوبصورت نظم گيت لکيا ته اتي ھن شاھڪار ڪھاڻيون لکيون. ريڊيو ٽي وي لاءِ فيچر لکيا، اھڙي ريت ھو سنڌي ادب کي گهڻو ڪجهه ڏئي ويو،هن جي سگھاري سڃاڻپ ھڪ شاعر طور ھئي پر گل ڦل ۽ مھراڻ رسالي جي ايڊيٽري واري وقت ۾ ھن سنڌي ٻولي جي ترقي واڌ ويجھه لاءِ پاڻ پتوڙيو ھو. ھن جي خواهش ھئي ته سنڌي ٻولي کي قومي جي حيثيت ملي. ھو سگھارو شاعر ۽ بھترين ترجمي نگار پڻ ھو. ھن مرزا قليچ بيگ جي ناول “زينت” جو اردو ترجمو پڻ ڪيو. اردو اڪئڊميءَ لاءِ ٻارن جي اردو نظمن جا چار ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل اٿس. سنڌي ٻوليءَسان پيار ڪندڙ سنڌ جي ھن ٻھڳڻي شاعر مختلف وقتن تي ٻولي جي تحريڪن ۾، سنڌي ٻولي کي قومي حيثيت ڏيارڻ ،سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ ووٽر لسٽن جي ڇپائڻ واري تحريڪ ۽ ون يونٽ مخالف تحريڪن ۾ ھن پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. مختلف مشاعرن ۾ اسان ھن جي شاعري ٻڌندا ھياسين. ھن جي شاعري پيش ڪرڻ جو انداز پڻ نرالو ھو. امداد جڏهن ھي سٽون پيش ڪندو ھو ته ھال ۾ويٺل سندس مداح ڀرپور داد ڏيندا ھيا

موتي ايئن نه رول ، تون موتي ايئن نه رول

آءُ جھليان ٿو جھول ، تون موتي ايئن نه رول

يا وري

جي تون چاهين

رات به تو سان رس ۾ آهي،

چنڊ به تنهنجي گس ۾ آهي.

سڀ ڪجهه تنهنجي وس ۾ آهي.

ھن جي شاعري رومانس سان ڀرپور رھي آهي پر هن جي شاعري ۾ مزاحمت جو عنصر نمايان نظر اچي ٿو. فني ۽ فڪري حوالي سان ھن جي شاعري تمام گهڻي سگھاري آهي. اسان جو ھڪ ليکڪ دوست جاويد شيخ هن جي شاعري تي پي ايڇ ڊي پڻ ڪري رھيو آهي. ڪالھه تڏي تي جڏهن جاويد شيخ ٻڌايو ته ھن جو امداد جي شاعري تي پي ايڇ ڊي ٿيسز جي حوالي سان ڪم ھلندڙ آهي ته مون کي ڏاڍي خوشي ٿي. هن جي شاعري جو اھو ڪمال آهي ته ھن جي شاعري جي سادي سلوڻي ٻولي کي عام ماڻهوَ پڻ سمجهي سگهي ٿو. ھو فطرت جي رنگن جو عاشق ھو. ٿر تي جڏهن مينهن وسندا ھيا تڏهن ھو فون ڪري مون کان ٿر جي وسڪاري جا احوال پڇندو ھو مينھن مند ۾ ھو چوندو ھو ته

ھيل وسي جي وڏڦڙو

دل کولي مان ھوند رئان

گذريل سال جڏهن ڪراچي آيو ھيس تڏهن گلشن اقبال واري پرل ريذيڊنسي تي خوب ڪچھري ڪئي. ٻه ٽي ڪلاڪ ڪچھري دوران ٿر جا وسڪارا ٿر جا مور ڪارونجھر موضوع ھيا

ھيل ٿر تي جڏهن مينھن مند ھئي، وسڪارا جوڀن تي ھيا، ٺيڪ انهن ڏينهن ۾ ۲۷ آگسٽ تي ڌرتي جو ھي شاعر وڇڙي ويو. سچ پڇو ڏک جي انهيَ ڪيفيت کي بيان ڪري نٿو ڪري سگھجي پر امداد جا گيت امر آهن ۽ امر رھندا. امداد صاحب ڌرتي ماءَ جي ھنج ۾ سمھي پيو ۽ سنڌ ۾ ھن جا گيت ڳائبا رھبا.

سا ڪاش اسان جي سنڌ ھجي!

جِت پيار رڳو بس پيار ھجي

ھر دل باغ بھار ھجي

جِت سُونھَن ڀريو سنسار ھجي!

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱ سيپٽمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)



ڌرتي جي شاعر امداد حسيني جون ساروڻيون

دولترام کتري

سنڌ ۾جديد سنڌي شاعري جو پنهنجو ھڪ وسيع ڪئنواس رھيو آهي. جديد سنڌي ادب ۾ جتي اياز جي شاعري جي ڇاپ رھي آهي ته اتي سنڌ ۾ جديد شاعري جي حوالي سان ٻين شاعرن جي شاعري پڻ پنهنجو مٽ پاڻ رھي آهي. جديد سنڌي ادب ۾جن تخليقڪارن پنهنجو مقام جوڙيو آهي، انهن۾ ھڪڙو نالو امداد حسيني جو پڻ آهي. جنهن جي شاعري ۽ نثر جا ھزارين نوجوان مداح رھيا آهن. ھي 1998ع جي ڳالهه آهي جو سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهڻ دوران اسان اياز جا ڪتاب خريد ڪري پڙھندا ھئاسين ته ساڳي وقت اسان کي ٻين جديد سنڌي شاعرن جا ڪتاب پڙهڻ جو موقعو پڻ ملندو ھو. انھن ڏينهن ۾ اسان امداد حسيني، راشد مورائي، حليم باغي، ايازگل، ادل سومرو جي شاعري جا مداح ھئاسين ۽ ھاسٽلن جي ڇتين تي انهن جي شاعري پنهنجي منهن پيا جھونگاريندا ھئاسين. ڪڏهن ڪڏهن اسان جي يونيورسٽين جي ھاسٽلن تي صادق فقير ۽ پروفيسر اياز قادري ۽ ٻيا ڪلاڪار مھمان ٿيندا ھئا پوءِ ڪڏهن اسان صادق جي آواز ۾ ڪڏهن وري اسان پروفيسر اياز قادري جي آواز ۾ شيخ اياز، استاد بخاري، امداد حسيني، راشد مورائي، حسن درس، ايازگل ۽ ٻين شاعرن جي شاعري ٻڌندا ھئاسين. ھڪ ڀيرو صادق کان جڏهن امداد حسيني جي شاعري جي فرمائش ڪئي تڏھن ھن امداد جو ھي غزل نھايت خوبصورت انداز سان ڳايو ھو:

مون جڏهن ڪو ڏيئو جلايو آ

زور ڪيڏو ھوا لڳايو آ.

ايئن ھن امداد جا ٻيا ڪلام پڻ ڳايا ھيا انھن ۾ ڪجهه ھي ھئا

اسان روئي روئي کلايو ٿي جن کي

اڪيلا جي ٿيندا روئندا ته ھوندا.

يا

ھل ته ھلون ڪنهن مئڪدي ۾ ھلون

روئي روئي ڳل ڳراٽي پائجي

اڄ ھلي ان کي پرچائجي

اھڙي ريت صادق فقير جي معرفت منهنجو سائين امداد صاحب سان مکا ميلو ٿيو ھو. پوءِ امداد صاحب سان مختلف وقتن تي ڄامشورو ۾ڪچھريون ٿينديون رھيون. پنهنجي مزاج ۾ ماٺيڻي طبيعت رکندڙ ھن شاعر جي تخليقي اڏار کان ڪو انڪار نٿو ڪري سگهي. ھي سنڌي ٻولي جو اھو ٻھگڻو شاعر ھو جنهن وٽ خيالن جي گھرائي ۽ انفراديت ھوندي ھئي. يونيورسٽي واري ڏينهن ۾ حيدرآباد ۽ ڄامشوري ۾ جتي ڪافي شاعرن اديبن سان ملاقاتون ٿينديون ھيون ته اتي وري امداد صاحب پنهنجي ڪچھرين ۾ اسان نوجوانن کي اتساھيندو ھو ۽ چوندو ھو ته اسان کي دنيا جو ادب پڙهڻ گھرجي. جيتوڻيڪ انھي جي سگھاري سڃاڻپ ھڪ شاعر طور ھئي پرسنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ واري نوڪري دوران گل ڦل ۽ مھراڻ رسالي جي ايڊيٽري واري وقت ۾ ھن سنڌي ٻولي جي ترقي ۽ واڌ ويجھه لاءِ پاڻ پتوڙيو. ھن جي خواهش پڻ ھئي ته سنڌي ٻولي کي قومي حيثيت ملي. ھو سگھارو شاعر ۽ بھترين ترجمي نگار پڻ ھو. ھن مرزا قليچ بيگ جي ناول “زينت” جو اردو ترجمو پڻ ڪيو. اردو اڪئڊميءَ لاءِ ٻارن جي اردو نظمن جا چار ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل اٿس. سنڌي ٻوليءَ سان پيار ڪندڙ سنڌ جو ھي ٻھگڻو شاعر مختلف وقتن تي ٻولي جي تحريڪن ۾، سنڌي ٻولي کي قومي حيثيت ڏيارڻ سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ ووٽر لسٽن جي ڇپائڻ واري تحريڪ ۽ ون يونٽ مخالف تحريڪن ۾ ھن پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. مختلف مشاعرن ۾ اسان ھن جي شاعري ٻڌندا ھئاسين. ھن جي شاعري پيش ڪرڻ جو انداز پڻ نرالو ھو. امداد جڏهن ھي سٽون پيش ڪندو ھو ته ھال ۾ ويٺل سندس مداح ڀرپور داد ڏيندا ھئا.

موتي ائين نه رول، تون موتي ائين نه رول

آءُ جھليان ٿو جھول، تون موتي ائين نه رول

ڇا لاءِ نيريءَ ڍنڍ ۾، ترندڙ ڪنول ٻڏن،

ڪجھه ٻول ڪجھه ته ٻول، تون موتي ائين نه رول

بازار ۾ هَٽَنِ تي خريدار سَڀُ سُڃا،

موتين جو مَٽُ نه مول، تون موتي ائين نه رول

تون ٻارَ وانگي روئي پَئِين ٿي، اي منهنجي دل،

مون وَٽِ شَئي نه ٽول، تون موتي ائين نه رول

آواره بادلن جي پُٺيان ڪهڙو ڊوڙبو ؟

امداد آهي رول، تون موتي ائين نه رول

يا وري

جي تون چاهين

رات به تو سان رس ۾ آهي،

چنڊ به تنهنجي گس ۾ آهي.

سڀ ڪجهه تنهنجي وس ۾ آهي.

ھن جي شاعري رومانس سان ڀرپور رھي آهي، پر هن جي شاعري ۾ مزاحمت جو عنصر نمايان نظر اچي ٿو. فني ۽ فڪري حوالي سان ھن جي شاعري تمام گهڻي سگھاري آهي. ھو فطرت جي رنگن جو عاشق ھو، ٿر تي جڏهن مينهن وسندا ھئا تڏهن ھو فون ڪري مون کان ٿر جي وسڪاري جا احوال پڇندو ھو. مينھن مند ۾ ھو چوندو ھو ته:

ھيل وسي جي وڏڦڙو

دل کولي مان ھوندرئان

امداد صاحب مختلف وقتن تي ٿر پڻ آيو ھو. ٿر جي فطرت سان ھن کي بي انتھا پيار ھوندو ھو. ٿر ۾ جڏهن مورن جي مرڻ ۽ ھرڻين جي شڪار جون خبرون ميڊيا تي اينديون ھيون ته ھو تمام گهڻو جذباتي ٿي پوندو ھو. گذريل سال آءٌ جڏهن ڪراچي آيو ھيس تڏهن گلشن اقبال واري پرل ريزيڊنسي تي ھن سان خوب ڪچھري ڪئي. ٻه ٽي ڪلاڪ ڪچھري دوران ٿر جا وسڪارا ٿر جا مور ڪارونجھر موضوع رھيا.

ھيل ٿر تي جڏهن مينھن مند ھئي، وسڪارا جوڀن تي ھئا، ٺيڪ انهن ڏينهن ۾27 آگسٽ تي ڌرتي جو ھي شاعر وڇڙي ويو. سچ پڇو ڏک جي انهيَ ڪيفيت کي بيان ڪري نٿو سگھجي. امداد جا گيت امر آهن ۽ امر رھندا. امداد صاحب ڌرتي ماءُ جي ھنج ۾ سمھي پيو ۽ سنڌ ۾ ھن جا گيت ڳائبا رھبا.

سا ڪاش اسان جي سنڌ ھجي !

جِت پيار رڳو بس پيار ھجي

ھر دل باغ بھار ھجي

جِت سُونھَن ڀريو سنسار ھجي !

جت موج ڀريو مھراڻ ھجي

جِت ڌرتيَ سرتيَ کي پھريل

نِت ساوڪ جو پھراڻ ھجي

جِت محنت جو نِت مانُ ھجي

ھر پاسي امن امان ھجي

انسان جتي انسان ھجي

ھر ڏُک کان آجي جند ھجي

سا ڪاش اسان جي سنڌ ھجي

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۳ سيپٽمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

امداد حسيني

گلابي گيتن جو شاعر

نعيم ملڪ

امداد حسينيءَ جي پيدائش سنڌو درياهه جي کاٻي ڪنڌي ٽکڙ ۾ سيد فضل محمود شاهه جي گهر ۾ ڏهين مارچ ۱۹۴۰ع تي ٿي، سندس والد سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر ميران محمد شاهه جو سڳو سئوٽ هو، امداد حسيني پرائمري جي تعليم ٽکڙ هاءِ اسڪول ۽ ڪاليج تائين تعليم حيدرآباد ۾، ايم اي سنڌيءَ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پاس ڪئي، شاگرديءَ واري دور ۾ سنڌي لوڪ ادب ۽ سنڌي ڊڪشنري آفيس ۾ پارٽ ٽائيم نوڪري ڪيائين جتي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جهڙي بلند پايه عالم ۽ اسڪالر جي سرپرستي حاصل رهيس، جنهن هن ادبي هيري امداد حسينيءَ جي ذهني ۽ شعوري اوسر ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو، هن جي علمي حيثيت کي ڏسندي کيس سنڌي ادبي بورڊ ۾ لائبريرن مقرر ڪيو ويو، انهيءَ دور ۾ امداد حسيني هر رسالي ۾ شايع ٿيڻ شروع ٿيو هو، سندس شاعريءَ ۾ جدت، بهترين اسلوب هئڻ ڪري سندس شهرت ڏيهان ڏيهه پهتي، 1970ع ۾ سنڌ يونيورسٽي سندس قدر داني ڪندي کيس سنڌيالوجيءَ ۾ ريسرچ فيلو مقرر ڪيو، 1973ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ طرفان مختلف مضمونن ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ جون پوسٽون پڌريون ڪيون ويون، امداد حسيني به سنڌي مضمون جي ماهر طور نوڪريءَ لاءِ درخواست ڏني ۽ انهيءَ وقت جي ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي عالمن اڳيان امداد حسيني اهڙو شاندار انٽرويو ڏنو جو کيس سنڌي مضمون لاءِ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ مقرر ڪيو ويو، سنڌي ادبي بورڊ ۾ امداد جي بورڊ مان نڪري وڃڻ جي ڪري هڪ وڏو خال محسوس ٿيو ۽ کيس تعليم کاتي پاران ٽن سالن جي ڊيپوٽيشن تي سنڌي ادبي بورڊ ۾ مقرر ڪرايو ويو، ٽه ماهي مهراڻ انهي وقت به پنهنجي اوج تي هو پر ڏاها چوندا آهن ته هر هڪ شيءِ ۾ بهتري جي هر وقت گنجائش موجود هوندي آهي، امداد حسيني کي ان وقت ٽه ماهي مهراڻ جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو ته امداد حسيني ٽه ماهي مهراڻ کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا ۽ ٽه ماهي مهراڻ کي عروج تي پهچائي ڇڏيو.

امداد حسيني جي سوانح عمري تي نظر ڦيرائجي ته اسي واري ڏهاڪي امداد حسيني جي عزت، دولت ۽ شهرت ۾ بي پناهه اضافو ڪيو، انهيءَ عرصي ۾ هر طرف کان امداد حسيني کي ڪم ڪرڻ جون آفرز اچي رهيون هيون، هن ٽي وي ڊرامه لکڻ شروع ڪيا، ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون ۽ هن ريڊيو حيدرآباد تان ريڊيو تي ڊرامه ۽ گيتن ڀريون ڪهاڻيون لکيون، انهن گيتن ڀرين ڪهاڻين ۾ امداد حسينيءَ جا گيت ڏاڍو مشهور ٿيا، جن جي موسيقي غلام نبي عبداللطيف، استاد محمد جمن ۽ ٻين موسيقارن ڏني، جڏهن ته عابده پروين، روبينه قريشي، منظور سخيراڻي، زرينه بلوچ ۽ بعد ۾ بلقيس خانم ۽ ارشد محمود جهڙن گلوڪارن ڳايا، انهي چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه آهي ته امداد حسينيءَ جي شهرت جو وڏو سبب ريڊيو حيدرآباد ۽ پي ٽي وي ڪراچي بڻيا جتي نظم توڙي نثر ۾ امداد حسيني ڇانيل رهيو، جڏهن ته سنڌي فلمن ۾ لکيل نغمن به امداد جي شهرت کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا هئا، هڪ پاسي هو ٽه ماهي مهراڻ جهڙي علمي ادبي رسالي جو ايڊيٽر هو ته ٻئي پاسي امداد جا لڳاتار ڪتاب شارٿ ٿي رهيا هئا، سنڌ جي ديني ادب جو ڪئٽلاگ ڪتاب 1971ع ۾ شايع ٿيو جنهن کي انسٽيٽيوٽ آف سنڌيالوجي شايع ڪرايو، مئل ماڻهو جيئري پيدا، ٽکڙ پبلڪيشن شايع ڪرايو، هن اردو شاعري سهيڙي جنهن کي ڌوپ ڪرن جي نالي سان شهرزاد پبليڪيشن ڪراچي شايع ڪيو، هن بابا فريد ۽ ماڌو لال حسين جي شاعريءَ جو منظوم ترجمون ڪيو، اردو ٻولي ۾ ٻارن جي شاعري جا چار ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمون ڪيائين، هن دودو چنيسر کي اردوءَ ۾ ترجمو ڪيو، جنهن کي پئشنل انسٽيٽيوٽ آف فوڪ اينڊ پريڊيشنل هئريٽيج اسلام آباد 1975ع ۾ شايع ڪيو، امداد حسيني بهترين ترجمي نگار طور به اڀريو، هن مرزا قليج بيگ جو ناول زينت، اردو ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو جنهن کي اڪيڊمي آف ليٽرس اسلام آباد 1978ع ۾ شايع ڪيو، امداد حسيني جا پنهنجا طبعزاد چار ڪتاب شايع ٿيل آهن، جن ۾ هوا جي سامهون، سحر، امداد آهي رول، ڪرڻي جهڙا پل شامل آهن، امداد حسيني نثر ۽ نظم ۾ هڪجهڙو مقبول هو پر عوامي طور کيس هڪ شاعر جي طور تي وڏي مڃتا ملي آهي، امداد حسيني جديد ۽ ترقي پسند شاعريءَ جو مهندار شاعر آهي، هن هر صنف تي شاندار نموني طبع آزمائي ڪئي آهي پر گيت، نظم، غزل ۽ ٽيڙو سندس پسنديده صنفون رهيون آهن، جاپاني صنف هائيڪو تي جڏهن پهريان نارائڻ شيام لکيو هو جيڪو پوءِ سنڌي شاعريءَ ۾ مروج ٿي ويو پر هائيڪو کي ٽيڙوءَ جي سڃاڻپ امداد حسيني ڏني، امداد حسيني جو هائيڪو جي صنف کي ٽيڙو جو نالو ڏيڻ کانپوءِ سڄي سنڌ اڄ تائين انهيءَ کي ٽيڙو سڏي ٿي امداد حسيني جو هڪ شاهڪار ٽيڙو آهي ته،

ڪو نه ڇڏيندوسانءِ،

لڏڻ اهڙي لوڏ تي،

ٽيڙو لکندو سانءِ.

يا امداد حسيني جو هيءُ ٽيڙو به ڪيڏو شاندار آهي.

سوچان، لوچان ائين،

متان سڏڪو ٿي وڃي،

ٽهڪ ڏيان ته ڪئين.

امداد حسيني نه صرف ادب جو شهسوار هو پر هو عملي دنيا جو به هڪ برجستو اڳواڻ رهيو آهي، ون يونٽ خلاف تحريڪ هجي تڏهن به امداد اڳيان اڳيان رهيو هو، ووٽرلسٽون سنڌيءَ ۾ شايع ڪرائڻ واري تحريڪ ۾ پڻ امداد حسيني جو نمايان حصو آهي، هارين ۽ مزدورن جي هر مظاهري ۾ اڳيان اڳيان رهيو، امداد حسيني سنڌ ۾ ٿيندڙ هر مشاعري جي جان رهيو، سنڌي ادبي سنگت ۽ بزم طالب الموليٰ جو ته هو ننڍي وهيءِ کان ميمبر رهيو، اڳتي هلي سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد جو سيڪريٽري رهيو، انهيءَ وقت ۾ سنڌ جا وڏا وڏا اديب سندس ميمبر هئا ۽ هر دستوري گڏجاڻي ائين هوندي هئي ڄڻ ڪو وڏو ادبي پروگرام ٿي رهيو هجي، امداد حسيني بنيادي طور تي ڌرتي پرست شاعر آهي، ماءُ جي هنج کان ٽکڙ ۾ ابدي آرامي ٿيڻ تائين سندس سوچن ۽ تخليق جو محور سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو هئا.

لڙڪ کي لفظ ڪرڻ ايترو سولو ناهي،

باهه جو سمنڊ ترڻ ايترو سولو ناهي،

سنڌ جي لاءِ جيئڻ ايترو سولو به هجي،

سنڌ جي لاءِ مرڻ ايترو سولو ناهي.

امداد حسيني هڪ حساس دل رکندڙ حسن پرست، سنڌ ۽ سنڌي قوم جو عاشق آهي، پاڻ ئي پنهنجي لفظن ۾ چئي ٿو.

هي جي شاعر هوندا آهن،

جهٽ عاشق ٿي پوندا آهن،

۽ پوءِ ميري سيري گل تان،

ريٽو رت پيا روئيندا آهن.

سنڌ جي ترقي، خوشحالي ۽ تعليم جو هر وقت کيس اونو رهندو هو، اهڙي جهلڪ سندس هن شعر ۾ نمايان آهي.

سڀني هٿن ۾ ڪتاب هوندا،

تمام چهرا گلاب هوندا.

کيس نئين سنڌ اڏڻ جو اونو هر وقت رهندو هو.

ٿي چڪي، ٿي چڪي، ٿي چڪي، ٿي چڪي،

جا به ٿيڻي هئي ماجرا ٿي چڪي،

هر ستم ٿي چڪو هر جفا ٿي چڪي،

ابتدا ڪا ڪريون، انتها ٿي چڪي.

امداد حسيني کي هر وقت سنڌ جو اونو تڙپائيندو رهيو آهي، هو سنڌ لاءِ سڏڪندو رهيو آهي،

حسين آرزو کي به وڪڻي ڇڏيائون،

جوان جستجو کي به وڪڻي ڇڏيائون،

مقدس شهيدن جو آهي لهو پر،

مقدس لهو کي به وڪڻي ڇڏيائون.

امداد حسيني جتي ڌرتي پرست شاعر آهي، اتي سندس عشقيه شاعري به مٿاهين درجي جي آهي،

غزل اکڙيون کڻي نهار کڻي،

پيار مان مُرڪ سُرڪ پيار کڻي،

هيڪلي رات ڪئين گذاريندين.

امداد حسيني سنڌ ڌرتي جو اهو سڀاڳو شاعر آهي جنهن پنهنجي شاندار تخليق جي ڪري جواني ۾ ئي شهرت جي بلندين کي ڇهيو، اها امداد کي خبر هئي ته قوم سندس هر موڙ تي هر لکڻي ۽ شاعري تي کيس قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي، انهي جي کيس خبر هئي ته هو پنهنجي لکڻين ۾ صدين تائين جيئرو رهندو.

مان جو تنهنجو ٿي ويو آهيان،

مرندي مرندي جيءَ ويو آهيان،

گهڻو ڪري نڪري ويو آهيان،

حق، لاحق اُڪري ويو آهيان.

سچ پچ امداد حسيني پنهنجي تحريرن ۾ جيئرو رهندو، منهنجي اها ذاتي راءِ آهي ته سنڌ ۽ سنڌي قوم سان جيڪو عشق ڪري موٽ ۾ انهي کي اهڙو مانُ، شانُ، ۽ عزت ملي ٿي جنهن ڪري صدين تائين اهڙي شخصيت کي ياد رکيو ويندو آهي، امداد حسيني به انهن شاعرن ۾ نثرنگارن مان هڪ آهي، اهي تيستائين جيئرا رهندا جيستائين سنڌ ۽ سنڌي قوم زنده آهي.

سنڌ سان جو به واڳيو آهي،

سو سچو سون ساڳيو آهي،

مٺ ان ۾ ڪٿي مليل آهي،

۽ انهي لاءِ ڪسوٽي آهي،

اها تحرير جا لکيل آهي.

سنڌي قوم امداد حسيني جو جيئري به وڏو قدر ڪيو هو، امداد کي اها پڪ هئي ته حياتي بقادار نه آهي، پر بقا صرف سنڌ کي آهي.

جندڙي ڪوڙ هجي ته هجي،

سنڌڙي ڪوڙ نه آهي.

يا هي سندس شعر آهي.

ڪچي تند جيئن جند،

مرنداسين تون آنءُ به،

مرڻي ناهي سنڌ.

امداد حسيني کي زندگي ۾ سوين ايوارڊ، مڊل مليا ڪجهه جو ذڪر ڪريون ٿا، سنڌي ادبي سنگت ايوارڊ، طالب الموليٰ ايوارڊ صدارتي ايوارڊ، تمضه امتياز، جوش مليح آباد ايوارڊ، هندستان مان امداد حسيني جي سنڌي ٻولي جي خدمتن تي سهيوگ، فائونڊيشن طرفان نارائڻ شام ايوارڊ، عظيم ڪلاڪار دليپ ڪمار جي هٿان ڏياريو ويو، دليپ ڪمار امداد حسيني سان ملي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ڪافي دير تائين ساڻس سنڌي ۾ ڳالهائيندو رهيو واضح رهي ته دليپ ڪمار جي فئملي پاڪستان کان اڳ ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير هئي، پاڪستان جي پهرين فلم تيري ياد جو هيرو به دليپ ڪمار جو ڀاءُ هو، امداد حسيني لڳ ڀڳ سنڌي ٻولي جي سڀني اهم ادارن جو ميمبر رهيو، جن ۾ انسائيڪلو پيڊيا سنڌيا ۽ شاهه لطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽي طرفان شايع ٿيل انسائيڪلو پيڊيا جي ايڊيٽرز بورڊ جو ميمبر، ٽه ماهي مهراڻ، گل ڦل، سرتيون جو چيف ايڊيٽر، سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر رهيو، امداد حسيني عمر جا سٺ سال پورا ڪري سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ کي الوداع پئي ڪيو پر سندس علمي اهميت ۽ عظمت کي مدنظر رکي ڪيترائي سال کيس ايڪسٽيشن ڏني وئي ۽ آخر ۾ کيس پبليڪشن آفيسر مقرر ڪيو ويو. امداد حسيني جتي به رهيو اهو سندس سڃاڻپ بڻجي ويو، امداد حسيني ٻه شاديون ڪيون هڪڙي ڏاڏي پوٽي سان ۽ ٻي سحر امداد سان مرڻ پڄاڻا به امداد جا ٻن جاين تي تڏا وڇايا ويا، هڪ ٽکڙ ۽ ٻيو ڪراچي. سنڌ جي ماڻهن امداد حسيني کي هميشه اکين تي ويهاريو ۽ جيءَ ۾ جايون ڏنيون،

تو قبولي ورتو، امداد کي اشعار سميت.

امداد حسيني جسماني طور اسان سان گڏ موجود نه آهي پر هو پنهنجي شاهڪار ادب ۽ شاعري سان صدين تائين اسان جي قوم سان گڏ هوندو.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۶ سيپٽمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا