; سنڌي شخصيتون: اداڪار عبدالحسين ساريو مصطفيٰ ملاح/ڪراچي

19 August, 2013

اداڪار عبدالحسين ساريو مصطفيٰ ملاح/ڪراچي

اداڪار عبدالحسين ساريو
مصطفيٰ ملاح/ڪراچي
سنڌ جي مٽيءَ اسان کي هميشه ٽيلينٽ ڀريا فنڪار ڏنا آهن، جيڪي پنهنجي فن سان سنڌي قوم جو ڳاٽ اوچو ڪيو بيٺا آهن. اهڙن ئي فنڪارن مان لالا عبدالحسين ساريو به هو. هن اسٽيج تي بي شمار ڊراما ڪيا. جڏهن ته هن جو استاد شهنشاهه عباس هو. اهڙيءَ طرح اسٽيج ۾ هن خوب نالو ڪمايو. پر جڏهن ڪي ٽي اين آيو ته هن اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکارڻ شروع ڪيا ۽ مڃتا ماڻيندو ويو. پر ۲۰۰۷ع ۾ هن کي تيز بخار ٿيو. جنهن آخر تائين هن جي جِند ڪو نه ڇڏي.

پاڻ بيماريءَ جي پرواهه ڪرڻ بنا ڊراما ڪندو رهيو. جڏهن ڪي ٽي اين جي ڊرامي ”سنگرام“ جي رڪارڊنگ ٿر ۾ ٿي رهي هئي ته، اتي هن کي ڪاريهر نانگ ڏنگي وڌو. پر هن ان جي پرواهه به ڪو نه ڪئي ۽ اهو نانگ جو زهر هن جي جسم ۾ پکڙجي چڪو هو، جيڪو ڪينسر جي صورت اختيار ڪري چڪو هو، حالانڪ ان نانگ کي هن اتي ماريو به هو. بعد ۾هن ڪيترا ئي آپريشن ڪرايا، ڪراچي، لاهور ۽ پوءِ ملڪ سنگاپور ۲۰۱۰ع ۾ علاج لاءِ ويو. اتان واپسيءَ تي هي چاڪ چڱو ڀلو ٿي آيو ۽ ڊرامن ۾ ٻيهر ڪم ڪرڻ جون تياريون شروع ڪري ڏنائين. پر ٻيهر اوچتو هن کي بيماريءَ جو لوڏو آيو. پيٽ ۾ زخم وڌي وڃڻ ۽ پيٽ ۾ پاڻي ڀرجي وڃڻ ڪري، سندس تڪليف وڌي وئي هئي. هن جي بيماريءَ تي سندس هر مداح پريشان هوندو هو. هن قلندر شهباز جي درگاهه تي صحت لاءِ دعا گهري ته اتي هڪ نوجوان هن جي بيماريءَ جو ٻڌي هن سان مليو ۽ هن کي پنهنجو گڙدو ڏيڻ جي هام ڀريائين. ان کانسواءِ پوري سنڌ جي شهرن ۾ هن جي سرڪاري علاج لاءِ جلسا جلوس ڪڍيا ويا.
عبدالحسين ساريو هر ماڻهوءَ سان پيار محبت ۽ اخلاق سان پيش ايندو هو. زندگيءَ جي پڇاڙڪن ڏهاڙن ۾ هن دوستن ۽ مٽن مائٽن کي ايس ايم ايس ڪري موڪلاڻي ڪئي ۽ آخرڪار ڪيموٿراپي علاج جي دوران ۸ اپريل ۲۰۱۱ع تي هو لاڏاڻو ڪري ويو. جڏهن ته سندس ڪيل ڪم کي هميشه ياد رکيو ويندو.


No comments:

راءِ ڏيندا