مامو احمد خان
چانڊيو
سنڌ دوست سياست
جو مثالي ڪردار
وزير فرهاد سولنگي
منهنجي نظر ۾ دنيا جو سڀ کان ڏکيو ڪم ڪنهن جي دل ۾ جڳهه ٺاهڻ آهي. سنڌ
اها ڌرتي جنهن ڪيترائي اهڙا ماڻهو پيدا ڪيا آهن جن سنڌي ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪيو آهي.
انهن ماڻهن ۾ شهيد الله بخش سومرو، جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي، قاضي فيض محمد ۽ ٻيا
ڪيترائي نالا اچي وڃن ٿا. ان سلسلي ۾ مامو احمد خان به قومي ڪارڪنن جي دلين تي راڄ
ڪندڙ ماڻهو هيو. مامو احمد خان جنهن کي سنڌ جا قومي ڪارڪن پنهنجائپ ۽ پيار مان مامو
ڪري سڏيندا هئا.
احمد خان چانڊيو ۶۰ع
واري ڏهاڪي ۾ ڳوٺ گامڻ خان چانڊيو لڳ نيو جتوئي ۾ ڄائو ۽ پرائمري تعليم نيو جتوئي
۾ حاصل ڪيائين. پر بدقسمتي سان اڳتي نه پڙهي سگهيو. هن انهي دوران هڪ ننڍڙي ڪيبن نيو
جتوئي ۾ کولي. هي ۱۹۷۲ع جو دور هيو. چوڌاري ڀٽي صاحب جا جلوس ۽ نعرا ٻڌي
هي جوشيلو ماڻهو انهيءَ جي سحر ۾ اچي ويو. جڏهن ڀٽي کي ۱۹۷۹ع ۾ ڦاهي تي چاڙهيو ويو ته هي جذباتي نوجوان، لٺيون کڻي جيئي ڀٽو جا نعرا
هڻندو، بغاوت جو اعلان ڪري رهيو هو.
انهن ڏينهن ۾ قومي تحريڪ تمام گهڻو متحرڪ ڪردار ادا ڪري رهي هئي ۽ جيئي
سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن، جيئي سنڌ محاذ جي ساٿين جن ۾ ادريس جتوئي ۽ ڪامريڊ هاشم کوسي
جي صحبت هيٺ رهندي، مامي احمد خان پنهنجي سياست جو رخ قومي تحريڪ ۽ جي ايم سيد جي فڪر
ڏانهن ڪيو. اهڙي طرح مامي احمد خان چانڊئي ۱۹۸۰ع ۾ قومپرست سياست جي شروعات ڪئي ۽ باقاعده جيئي سنڌ محاذ ۾ شموليت اختيار
ڪيائين. اهڙي طرح هي نوجوان سنڌ جي عشق ۽ جي ايم سيد جي فڪر سان سلهاڙجي ويو.
مامو احمد خان ڪردار جي حوالي سان تمام عظيم ۽ بلند ترين شخص هو. هن جي
قول ۽ فعل ۾ ڪڏهن به تضاد نظر نه آيو. هي واعدي جو پڪو ۽ کرو انسان هو. هي ماڻهن جي
ڏکن دردن ۽ دلين جي پيڙاءُ کي محسوس ڪندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن پراون ڏکن تي پاڻ روئي ويهندو
هو. ڪنهن هاري، مزدور، پورهيت عام شهري سان جڏهن به ڪا رياستي ڏاڍائي ٿيندي هئي، ته
هي مانجهي مرد سينو تاڻي اڳيان ٿي بيهندو هيو، پوءِ اهو ڌرڻو هجي، جلوس هجي، يا بک
هڙتال هجي هي سڀني ماڻهن جي اڳيان اڀ ڏاريندڙ نعره هڻندو، احتجاج ڪندو هو. هن هميشه
عدم تشدد واري سياست ۾ يقين رکيو. هي سنڌ جو سچو عاشق هو ۽ جي ايم سيد جي فڪر جو پيروڪار
هيو. مامو احمد اڄ جي قومي ڪارڪن جي لاءِ هڪ مثالي ڪردار جي حيثيت رکي ٿو.
هي سادو ماڻهو سڄي زندگي سنڌ جي آزاديءَ لاءِ اکين ۾ خواب سجائي وڏي جوش
۽ ولولي سان قومي ڪاڄن ۾ ۽ قومپرست سياست ۾ تمام گهڻو متحرڪ رهيو. جيئي سنڌ محاذ ۾
ضلعي صدر، سينٽرل ڪاميٽي جو ميمبر، پورهيت سنگت جو صدر، مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري طور ۽
ٻين مختلف عهدن تي پنهنجو خدمتون ڏيندو رهيو. هي سڄي عمر سيد جون سالگرهون ملهائيندو
رهيو.
هي هميشه سنڌ جي محبت سان سرشار، جذباتي انسان جڏهن به سنڌ جي حقن لاءِ
آواز اٿاريندو هيو ۽ تقرير ڪندوهيو ته پنڊال ۾ ويٺل ماڻهن تي سناٽو ڇائنجي ويندو هو
۽ هن جو اڀ ڏاريندڙ آواز ميڊيا ۽ ايوانن تائين پڄندو هيو ته ”سنڌ گهري ٿي آزادي“.
مامو احمد خان ڪڏهن به پنهنجي فرضن کان قومي تحريڪ ۾ غافل نه رهيو ۽ ڀٽائي
جي انهن سٽن جيان ته؛ ’تتي ٿڌي ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي‘ جي مترادف مسلسل ڪم ڪندو رهيو. مامو احمد خان اڄ جي
قومپرست سياست ۾ پنهنجو هڪ منفرد مقام رکندڙ ۽ اتساهه ڏيندڙ سنڌي ماڻهن ۾ سنڌ جي آزادي
جي تبليغ ڪندڙ هڪ پيارو انسان جيڪو سڄي سنڌ جو مامو سڏائي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري
ويو ۽ هي آخري دم تائين جيئي سنڌ محاذ ۾ ڪم ڪندو رهيو.
۷ جنوري ۲۰۱۲ع جي اڀاڳي صبح جو هي موري ڏانهن پنهنجي موٽر سائيڪل
تي اچي رهيو هو جو کيس پريس تان جي ايم سيد جي سالگرهه جا دعوتناما کڻي ورهائڻا هئا.
جڏهن هي باءِ پاس کان نيشنل هاءِ وي تي اچي رهيو هو ته اوچتو هڪ ٽرالر جي ٽڪر ۾ سندس
ايڪسيڊنٽ ٿيو، جنهن کي ترت ئي تعلقه اسپتال موري ۾ پهچايوويو. پر سندس حالت ڳڻتي جوڳي
هئڻ ڪري نوابشاهه نيو ويو پر شام جو ۴:۱۵ وڳي هي هميشه لاءِ اسان کان
وڇڙي وڃي پنهنجي جيجل ماءُ سنڌ جي هنج ۾ آرامي ٿيو.
مامو احمد جي جنازي ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. ۽ سڄي سنڌ مان قومي ڪارڪن
سون جي تعداد ۾ سندس آخري رسمن ۾ شريڪ ٿيا. هي هزارين دلين کي روئاري ابدي آرامي ٿيو.
اڄ به کيس ياد ڪري سنڌ جا قومي ڪارڪن هن جي ڀرپور جدوجهد مان اتساهه وٺي قومي جدوجهد
لاءِ وڌيڪ ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
مامو احمد خان
چانڊيو
قومي تحريڪ جو
اتساھ ڏيندڙ ڪردار
وزير فرهاد سولنگي
مامو احمد خان به قومي تحريڪ جو اهڙو ئي هڪ ڪميٽيڊ ڪردار هيو. جنهن پنهنجي
سڄي زندگي سنڌي ماڻهن جي خوشحالي، ۽ جي ايم سيد جي نظريي سان وفا ڪندي گذاري. ڪامريڊ
احمد خان قومي تحريڪ ۾ ان وقت شامل ٿيو جڏهن قومي تحريڪ ۾ بهترين ذهنن جي نشوو نما
ڪئي ويندي هئي ۽ انهيءَ کيپ ۾ ڪامريڊ احمد خان جي تربيت ٿي جيڪو اڳتي هلي قومي تحريڪ
جو بي مثال ڪردار بڻجي ويو.
ڪامريڊ احمد خان چانڊئي جو جنم ۱۹۶۲ع ڌاري نيو جتوئي لڳ ڳوٺ گامڻ خان
چانڊيو ۾ ٿيو. پاڻ پرائمري تعليم نيو جتوئي مان حاصل ڪيائين پر سنڌ سان والهانه محبت
سبب هي عملي سياست ۾ وڌيڪ سرگرم ٿي ويو ۽ اڳتي پڙهي نه سگهيو، ۱۹۷۷ع ڌاري ضياءِ الحق
جي مارشلا جي دور ۾ ڪامريڊ احمد خان سياسي طور ميدان ۾ قدم رکيو جڏهن ذوالفقار علي
ڀٽي کي ڦاهي چاڙهيو ويو تـ ڪامريڊ احمد خان انهيءَ وقت دوستن سان گڏ سن ۾ سائين جي
ايم سيد سان ملاقات ڪري سن کي پنهنجو سياسي قبلي طور تسليم ڪيو ۽ قومي تحريڪ ۾ فعال
ڪردار ڪرڻ لاءِ اڳڀرو رهندو آيو. ڪامريڊ خان چانڊيو جيئي سنڌ محاذ ۾ يونٽ نوان جتوئي
کان پنهنجي سياسي ڪردار جي شروعات ڪئي ان کان پوءِ هو جيئي سنڌ محاذ تعلقي موري جو
ضلعي نوابشاھ، ضلعي نوشهرو فيروز ۾ مختلف عهدن تي ڪم ڪندو رهيو ۽ جيئي سنڌ محاذ جي
چيئرمين عبدالخالق جوڻيجو جي اڳواڻي ۾ سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ٿيندڙ قومي پروگرامن
۾ ڀرپور حصو وٺڻ لڳو، ان کان علاوه پاڻ جيئي سنڌ محاذ جي ساهتي ڊويزن جو ڪوآرڊينيٽر
۽ جيئي سنڌ محاذ جي سينٽرل ڪميٽي جو ميمبر، ۽ مرڪزي باڊي ۾ رابطا سيڪريٽري جي حيثيت
۾ پنهنجون ذميواريون نڀائيندو رهيو، هي ٻه سال جيئي سنڌ محاذ جي ذيلي فرنٽ سنڌي پورهيت
سنگت جو مرڪزي آرگنائيزر پڻ رهيو اهڙي طرح ڪامريڊ احمد خان سنڌ ۽ سنڌي قوم کي خودمختيار
۽ خوشحال بنائڻ لاءِ سڄي سنڌ ۽ خصوصن ضلعي نوشهروفيروز ۾ پنهنجي ساٿين ڪامريڊ هاشم
کوسو، محمد چانڊيو ۽ منظور خاصخيلي سان گڏجي جدوجهد ڪئي. احمد خان چانڊيو سنڌ جي قومي
تحريڪ ۾ جستجو، جاکوڙ واري عمل کي سدائين پنهنجو ايمان سمجهندو هو هن سماجي طور پنهنجي
طبقي جي سياست ۾ يقين رکيو ۽ اهڙي طرح ڪامريڊ احمد خان پنهنجي سڄي زندگي جي ايم سيد
جي فڪر ۽ سنڌي ماڻهن سان عشق ڪندي گذاري. هن سدائين سنڌي ماڻهن جي سياسي سماجي ۽ ذاتي
مسئلن تي هڪ آواز ٿي جدوجهد ڪئي ۽ هارين، پورهيتن جي جدوجهد ۾ هميشـ اڳڀرو رهندو آيو
۽ زندگي جي آخري گهڙي تائين سرگرم رهيو. هن سدائين ماڻهن جي ڏکن ۽ مصيبتن ۾ هميشـ ڀرجهلو
ٿي پنهنجو ڪردار ادا ڪيو پاڻي جو مسئلو هجي يا ٻوڏ متاثر جي مدد هجي يا ٻين سياسي سماجي
احتجاجن ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندو هو. سنڌ جي هن اتساھ ڏيندڙ ڪردار آخر ۷ جنوري ۲۰۱۲ع
تي جڏهن هي سائين جي ايم سيد جي سالگرھ جا ڪارڊ ڇپائي لاءِ مورو اچي رهيو هو ته باءِ
پاس مورو تي هڪ ٽرالر جي ايڪسيڊنٽ ۾ سخت زخمي ٿي پيو ۽ نوابشاھ اسپتال ۾ شام ۵ بجي
زخمن جا سور نه سهندي اسان کان هميشـ لاءِ جدا ٿي ويو. ڪامريڊ احمد خان جاگيردارن جي
ڳڙھ ۾ رهندي پنهنجي سياسي ۽ قومي جدوجهد جاري رکي ۽ ڪڏهن به ڪنهن آمر اڳيان نه
جهڪيو هن هميشـ قومي تحريڪ ۾ سچائي واري جذبي سان ڪم ڪري قومي ڪارڪنن لاءِ هڪ مثالي
ڪردار ڇڏيو. ڪامريڊ احمد خان جنهن اسان جي علائقي ۾ پنهنجي ڪردار جو جيڪو مثبت اثر
ڇڏيو انهي جا اثر گهڻي عرصي تائين ياد رکيا ويندا. اڄ به قومي تحريڪ جي جدوجهد واري
عمل ۾ اهڙن سچن ۽ کاهوڙي ڪردارن جي سخت ضرورت آهي. ڪامريڊ احمد خان جي سموري زندگي
قومي تحريڪ جي ڪارڪنن لاءِ هڪ مثال جي حثيت رکي ٿي جنهن مان اڄ جو ڪارڪن سندس جدوجهد
مان اتساھ وٺي سنڌ جي روشن مستقبل لاءِ پنهنجي راهن جو تعين ڪري سگهي ٿو.
مامون احمد
خان چانڊيو ڪير سڏائي
ڪامريڊ غلام رسول سهتو
مون کي سڄي سنڌ گهمڻ ڪري خاص طور سنڌ جي قومي ڪارڪنن سان پڻ ملڻ يا
بحث ڪرڻ جا موقعا ملندا رهيا آهن، ”سواءِ روپوش سڏائيندڙن ۽ رهندڙن جي“ جن کي ڏٺو
ئي ڪونهي ته انهن جي ڪيئن خبر پوندي، ته انهن جو ڪردار ڪيئن آهي؟ اسان وارن پراڻن ڪميونسٽ
روپوش اڳواڻن جون به خبرون پوءِ پيون پون ته اهي مڙس ماڻهو ڪيترا آهن ۽ صاحب ڪردار
ڪيترا آهن، باقي نه ته سڄي سنڌ جي قومي عوامي طبقاتي جدوجهد ڪندڙن ۽ جمهوريت جي سرواڻن سان جيڪا ڏيٺ
ويٺ ٿي ويئي آهي. ان سڄي قومي ڌارا ۾ معتبر صاف سٿرن ۽ غيرتمند اڳواڻن جي ٽاپ ٽين
جي لسٽ ٺاهجي ته انهن ۾ هڪ ڪامريڊ احمد خان چانڊيو به شمار ٿي سگهي ٿو. هونئن به
چانڊيه قبيلي ۾ سياسي ۽ قومي جدوجهد ۾ سڀ کان وڌيڪ جيل ڪاٽيندڙ ۽ اڏول ڪردار وارو
چانڊيو ڪامريڊ امداد به آهي، جنهن جي اڄ به اوتري ئي عزت آهي. هونئن به جيڪڏهن
سياست ڀلي ماڻهو ڇڏي به وڃي ٿو ۽ حلال روزي واري نوڪري ڪري ٿو پوءِ به حاڪمن جي
دلالي ڪيل نه اٿس ۽ اڄ به دلالي نه ٿو ڪري ته اهو اڄوڪي دنيا ۾ واقعي معتبر آهي. اڄ
جي صورتحال ۾ جتي غيرتمند سياستدانن ۽ قومي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جو ڪال ٿيندو وڃي ٿو،
سياست به ڪمرشل ٿي وئي آهي، چڱي ڀلي ڪارخاني هڻڻ کان به وڌيڪ امير ليڊر ٿي ويا
آهن، اتي ڪامريڊ احمد چانڊيو جو پنهنجو رول هڪ مثالي ڪامريڊ جهڙو هو. سندس والد
گامڻ خان مڪمل غير سياسي ماڻهو هو، ليڪن روائتي انسان هو. سندس گوءِ جو ڏاند ”ٿري“
ٻن ضلعن ۾ ميل کٽيو بيٺو هو، کيس ان ڏاند تي ”ٽريڪٽر“ ٿي مليو، پر شوق تي واپار کي
ترجيح نه ڏيڻ ڪري وڪرو ڪو نه ڪيائين ۽ پنهنجي پٽ جي وهانو تي ڪُهي محبتين کي
کارائي ڇڏيائين. سندس ڀاءُ محمد خان به روائتي ماڻهو آهي. هيءَ محبت جا ماريل آهن،
محبت ۾ ڪسڻ لاءِ تيار ٿي ويندا. محمد خان ٻڌائي ٿو؛ بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ
فيصلو ڪيم ته ووٽ انهي کي ڏيندم. پوءِ واقعي جاگيردارن جي حدود ۾ رهندي، ووٽ کلم
کلا ڏيارامانس. هاڻي به قومپرست ڪامريڊن سان گڏ آهيان پر کين چيو اٿم؛ مان هر سال
بينظير جي قبر تي ضرور ويندس، ڪڏهن به اعتراض نه ڪجو.
ڪامريڊ احمد جي به سياست جي شروعات، ڀٽي صاحب جي سياسي قتل کان پوءِ ٿي
هئي. پنهنجي شهر نيو جتوئي ۾ پنهنجي ڪيبن تي ويٺل هو، ڀٽي جي قتل کان پوءِ فوجين ٽرڪن
۾ چڙهي گشت ٿي ڪيو، ته هي نوجوان ڪهاڙي کڻي انهن جي پٺيان وڙهڻ لاءِ ڊوڙندو ويو
هو. ڀٽي صاحب جي قتل، هن جي من ۾ مانڌاڻ مچائي ڇڏيو هو. سائين راشد مورائي ۽ حيدري
چانڊيو کيس سن ۾ سائين جي ايم سيد سان وڃي ملرايو. تنهن سندس جذبن کي پنهنجي محبت
سان ريٽو لال بڻائي ڇڏيو. تنهن کانئس ٻيا سڀ نعرا وسارائي ڇڏيا. پنج درجا سنڌي پاس
ڪامريڊ احمد هڪ مڪمل قومي ڪارڪن بڻجندو ويو. سڄي عمر نه هن کي ڪوڙ هڻڻ جي بيماري لڳي!
نه هن کي ڊاڙ ۽ شوبازي جي بيماري لڳي!! نه مٿس چورن ۽ ڌاڙيل ڪارڪنن جا اثر پيا، نه
چنده خور قومپرست ٿيو! مامون احمد خان ”سام“ جهليندڙ غيرتي چانڊيو هو. سوين
قومپرست اهڙا اڳواڻ به هيا جن جي ايم سيد جي ۳۱ سال جيل ياترا ۽ نظربندي کي به وڪيو ته شاهه عنايت شهيد جي مقدس
قومي طبقاتي جدوجهد کي به وڪيائون. قوم وڪيائون! اها به سستي وڪيائون!!!
اهڙي ڪا به لعنت، ڪامريڊ احمد خان چانڊيو سان چنبڙيل ڪا نه هئي. هن
جي اندر ٻاهر ڪا به اهڙي ليڊرن واري پليتي ڪا نه هئي. خود سندس جيئي سنڌ محاذ ۾، ڪامريڊ
احمد کان وڌيڪ صاف سٿرو ڪو به نه هيو. شيخ اياز ڪنهن رهزن ليڊر لاءِ لکيو آهي ته؛
”هو جو ذاتي تعلقاتن ۾ وڏو رهزن آهي، ان کي اونو وري قومي معاملات جو آهي.“ مامون
احمد خان چانڊيو، جي ايم سيد جي ٺاهيل جيئي سنڌ محاذ جو ميمبر ٿيو ته وري ڪنهن به ٻي
تنظيم جو ميمبر ڪو نه ٿيو. مون سان ڪڏهن به پنهنجي ليڊر جي وڏي ثنا ڪو نه ڪيائين،
پر وفا جو ڪامريڊ ۾ ڪٽي ڪٽي ڀريل هئي، تنهن ڪري ٻئي خيال ۾ هٿ ڪو نه وڌائين. مان
سندس حياتي ۾ به دوستن کي چوندو هئس ته مامون احمد چانڊيو ڪير سڏائي؟ اڪثر چيو
ويندو آهي ته جيڪو بهادر هوندو آهي ته اهو عقل ۾ يا ڪردار ۾ کٽل هوندو آهي، پر
اسان جو مامون احمد چانڊيو هر طرح سان پورو قوم پرست به هو ۽ ڪامريڊ به هو. سندس
ذاتي زمين پنج ايڪڙ مس هئي ۽ هو چانڊيو به هو پوءِ به چور-خانن کان متاثر ڪو نه ٿيو.
حيرت جهڙو محبتي ماڻهو هو. پنج درجا سنڌي پاس، فقط پنج ايڪڙ زمين جو مالڪ، پوءِ به
مڪمل روزو رکي ڏيکاريائين ۽ ڪٿي به نه ترڪيو!
اهڙن مڙسن جون ئي ڳالهيون، پوءِ به پيون ڳائبيون. مون گهڻا نعريباز،
تقريرباز ۽ لٻاڙي سياسي ڪارڪن ڏٺا آهن، جيڪي پنهنجي ڳوٺ ۾ وڏيرن اڳيان ائين
گذاريندا آهن ڄڻ ڪڪڙ تي مينهن پيل هجي! پر ڪامريڊ احمد خان جاگيردارن جي جوءِ ۾ نه
رڳو ڳاٽ اوچو ڪري گذاريو پر انهن جاگيردارن جي جوءِ ۾ پنهنجي قومي عليحده سڃاڻپ
سان گذاريو ۽ انهن جي اجازت کان سواءِ اليڪشن ۾ بيٺو به! سرڌڙ جي بازي لائي اليڪشن
کٽي ڏيکاريائين، پوءِ انهن جڏهن عوام جي گڏيل مسئلن تي توجهه نه ٿي ڏنو ڪرپشن تي
لهي آيا ته سندن سخت مخالفت ڪيائين. پر ذاتي ڪمن توڙي لالچ ۽ لوڀ لاءِ، ڪڏهن به
رئيسن جي درن تي ڪو نه ويو. سياست کي مڪاري نه بڻايائين ۽ ڪاروبار به ڪو نه ڪيائين.
ورندو ٻيهر اليڪشن ۾ بيٺو. سندس فارم رد ڪرايائون. اهو بهادريءَ سان ڪورٽ مان بحال
ڪرايائين. اليڪشن ۾ ڊٽڪي ورڪ ڪيائين. وري به اليڪشن يعني پولنگ دوران ڏٺائين ته هاڻي
جاگيردار جا واٺا صفا وائکا ۽ وحشي ٿي خون ڪرائڻ کان به ڪو نه مڙندا ته پوءِ سنگت
کي چيائين؛ “پاڻ کي پنهنجا ساٿي مارائڻا ڪونهن. اليڪشن پئسا ڪمائڻ لاءِ به ڪو نه ٿا
وڙهئون، پاڻ ماڻهن ۾ سياسي شعور وڌائڻ لاءِ هن جمهوري رستي مان فاعدو وٺڻ چاهيندا
آهيون. انهي ۾ ڪامياب ٿيا آهيون. ساٿين جون زندگيون قيمتي آهن انهن کي بچائڻ به
اسان جي ڊيوٽي آهي.” پوءِ پولنگ تان بائيڪاٽ ڪري هليا آيا.
هڪ دفعي رئيسن جي بنگلي تي ڪنهن ڏيتي ليتي يعني حساب لاءِ ويل هو ته
رئيس جي منشي اتي ڪامريڊ کي چانهه پيش ڪندڙ هڪ ٻئي منشي کي چيو ته ڪامريڊ کي چانهه
ڇو ڏني اٿئي؟ هيءُ رئيس جو سخت دشمن آهي. ڪو اهڙو جملو به ڳالهايائين ته ڪامريڊ
اتي جو اتي رئيسن جي بنگلي ۾ کيس پادر هڻي ڪڍيو. پوءِ فيصلي ۾ به ان منشي جو ڏوهه
نڪتو، جنهن تي ورندو ڪامريڊ کان معافي وٺڻي پيس، اهو رئيسن جي بنگلي ۾ سندن منشيءَ
کي پادر لڳڻ شايد پهريون واقعو هوندو. ساڳي ڳوٺ نيو جتوئي ۾ رئيسن، باگڙي هارين جا
گهر خالي ڪرائڻ لاءِ جڏهن ڊهرائڻ شروع ڪيا ته ڪامريڊ، سڀ کان پهريون باگڙين جي
حمايت ۾ نيو جتوئي روڊ بلاڪ ڪري ويهي رهيو. ۴۰ هزار ايڪڙن جي مالڪ وڏيرن اڳيان، رئيسن جي شهر ۾ پهريون ايڏو وڏو
سخت احتجاج بڻجي ويو، پوءِ ته اهو سڄي شهر جي قومي ڪارڪنن جو ڪامياب ڌرڻو بڻجي
ويو. سينيٽر ڊاڪٽر غفار خان جي پيجارو کي به سندس ئي شهر ۾ بيهارڻ جي وڏي ڪوشش ڪيائون،
پوءِ رئيسن خلاف سخت نعري بازي به ڪيائون. پوءِ وڃي اڳوڻي ضلع ناظم باگڙين کي گهر ٺاهڻ
لاءِ پنهنجي زمين ڏني. انهي جدوجهد ۾ سڄي شهر نيو جتوئي جي چڱن گڻن وارن سڀني
جمهوريت پسند قومي ڪارڪنن جو به ڪردار هو. پر انهي ڪاميابي جو سهرو ڪامريڊ احمد
خان چانڊيو ڏانهن وڃي ٿو. هاڻي به سندس حادثاتي موت تي اڳوڻو ضلع ناظم لکي ويو آهي
ته؛ ڪامريڊ احمد خان چانڊيو، ضلع جو بهادر ترين سياسي ڪارڪن هو.
منهنجي خدا در وينتي آهي ته مالڪ اسان جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن ۾ سامراج ۽
ڌرتي جي دشمنن خلاف ڪامريڊ احمد خان چانڊئي جيان قومي شعور پيدا ڪري. ڇو ته
غيرتمند قومون ئي پنهنجا حقوق حاصل ڪري سگهنديون آهن.
احمد خان چانڊيو
محبِ سنڌ
انقلابي اڳواڻ
هاشم کوسو
ڪامريڊ احمد خان چانڊيو ۱۹۶۲ع ۾ ڄائو ۽ ۷
جنوري ۲۰۱۲ع تي روڊ حادثي ۾ وفات ڪري ويو. ڪامريڊ احمد خان
سياست جي شروعات تڏهن ڪئي، جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاسي ڏني وئي ۽ ان وقت سنڌ جي
شهرن ۽ ڳوٺن ۾ مظاهرا ٿيا، ان وقت نيو جتوئي شهر ۾ لٺ کڻي فورس جي پويان ويو ۽ شهر
بند ڪرايو، ان دور ۾ جيئي سنڌ محاذ جو نئين انداز سان آرگنائيزيشن (تنظيم ڪاري) جو
ڪم جاري هو. جيئي سنڌ محاذ جي دوستن احمد خان جي ان همت ۽ بهادري کي ڏسي خاص ڪچهريون
شروع ڪيون ۽ انهن ڪچهرين جي نتيجي ۾ احمد خان جيئي سنڌ محاذ يونٽ نوان جتوئي جو
باقاعدي ميمبر ٿيو ۽ زندگيءَ جي آخري گهڙي تائين جيئي سنڌ محاذ جو ميمبر رهيو.
آخري ڏينهن به هو ضلعي نوشهروفيروز پاران مورو ۾ ۱۷ جنوري تي ٿيندڙ سالگرهه تقريب جا ڪارڊ کڻڻ وڃي رهيو هو ته حادثي جو
شڪار ٿي ويو.
احمد خان جيئي سنڌ محاذ ۾ يونٽ نوان جتوئي کان شروعات ڪئي، پوءِ هو
تعلقي موري، ضلعي نوابشاهه، ضلعي نوشهروفيروز ۾ عهديدار جي حيثيت ۾ جيئي سنڌ محاذ
ساهتي ڊويزن جي ڊويزنل ڪوآرڊينيٽر جي حيثيت ۾ جيئي سنڌ محاذ جي پاليسي ساز اداري
سينٽرل ڪميٽي جي ميمبر ۽ مرڪزي باڊي ۾ رابطا سيڪريٽري جي عهديدار جي حيثيت ۾
پنهنجون ذميواريون نڀايون، هو ٻه سال جيئي سنڌ محاذ جي ذيلي فرنٽ سنڌي پورهيت سنگت
جو مرڪزي آرگنائيزر پڻ رهيو.
سنڌ ۽ سنڌي قوم کي آزاد خودمختيار ۽ خوشحال بنائڻ لاءِ سڄي سنڌ ۾
عمومن ۽ خصوصن ضلعي نوشهروفيروز ۾ اسان ٻنهي گڏجي جدوجهد ڪئي آهي. پنهنجي ساٿي
دوست ڀاءُ احمد خان جي وڇڙي وڃڻ تي هي تاثراتي نوٽ لکڻ ائين آهي جيئن مان پنهنجو
پاڻ تي لکي رهيو آهيان. احمد خان ۽ مان هن تر جي به ڳوٺ يا شهر مان موٽر سائيڪل تي
گذارندا هئاسين ته ننڍڙا ٻار به چوندا هئا ته اهي وڃن پيا چاچا ”جيئي سنڌ وارا“
اسان کي اڪثر ماڻهو ڀائر سمجهندا هئا، اتفاق سان جيڪڏهن ڪنهن دوست سان مان اڪيلو
ملندو هئس ته مون کان احمد خان جو پڇندا هئا ۽ جڏهن احمد خان ڪنهن سان ملندو هو ته
ان کان منهنجو پڇندا هئا، اسان الڳ الڳ جسمن هوندي به هڪ هئاسون. اسان نه رڳو
سائين جي ايم سيد جي فڪر کي اپنايو، پر سيد جي ڪردار ۽ جدوجهد جي حوالي سان حڪمت
عملي ۾ به هڪ هئاسين. اهو ئي سبب آهي.
سنڌ لاءِ ٿيندڙ جدوجهد ۾ احمد خان چانڊيو سنڌ سان، قوم سان ۽ پارٽي
سان لطيف جي بيت وانگر نڀائي ويو.
جيسين هئي جيئري ورچي نه ويٺي
وڃين ڀون پيٺي ساريندي کي سڄڻين
احمد خان جنهن ڏک سک ۽ غربت ۾ قومي تحريڪ سان نڀايو آهي، سندس اهو ڪردار
مون کي ته هميشه اتساهيندو رهندو، پر جيئي سنڌ محاذ جي هر ڪارڪن ۽ احمد خان کان
واقف هر ماڻهوءَ کي جذبا بخشيندو رهندو.
احمد خان منهنجي اهڙن دوستن ۽ ساٿين مان هڪ هو، جنهن سان مان سوچي
سمجهي ڪونه ڳالهائيندو هئس، منٽ ۾ رسندا هئاسين ته منٽ ۾ پرچي ويندا هئاسون. احمد
خان جي وفات سان سنڌ پنهنجي هڪ مُحب کان، جيئي سنڌ محاذ پنهنجي هڪ ايماندار پرخلوص
جذبن سان ڀرپور ڪارڪن ۽ اڳواڻ کان ۽ مان پنهنجي هڪ دوست ڀاءُ ۽ ساٿي کان محروم ٿي
ويو آهيان.
احمد خان جو ايڪسيڊنٽ ۷ جنوري ۲۰۱۲ع
تي منجهند جو ساڍي ۱۲هين
وڳي مورو باءِ پاس تي ٿيو. اسان موٽر سائيڪل تي گڏ نڪتا هئاسون، مان پارٽيءَ جي
چيئرمين ڊاڪٽر برڪت جتوئي جو پريس ڪلب مورو ۾ انتظار ڪري رهيو هوس. اسان کي گڏجي
دوڙ شهر ۾ رکيل گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيڻو هو. انتظار دوران مون کي صحافي دوست فون تي
حادثي جو اطلاع ڏنو. مان ڀڄندو اسپتال پهتس، ڊاڪٽر برڪت صاحب به اسپتال پهتو ۽
پوءِ ضروري فرسٽ ايڊ ڏياري نوابشاهه اسپتال روانا ٿياسين، رستي ۾ سفر دوران گفتگو ڪندا
وياسين. عبدالخالق جوڻيجي جو فون آيو، جنهن احمد خان سان گفتگو ڪئي ۽ فون تي کيس
اهو ئي جملو چيو، جيڪو هو اڪثر دوستن کي چوندو هو ته ”سائين ڀلايون“ اسپتال پهچڻ
کانپوءِ ڊاڪٽرن علاج شروع ڪيو ئي مس ته احمد خان جي طبيعت خراب ٿيڻ شروع ٿي، ڊاڪٽرن
جي ڪوشش باوجود احمد خان اسان کان جدا ٿي ويو، اسپتال ۾ شام جو 5 وڳي ڌاري اسان
کان هميشه موڪلائي ويو. مون جڏهن عبدالخالق جوڻيجو کي اسپتال مان فون تي اطلاع ڏنو
ته هن چيو ته ”يار ياري ٽٽي پئي“ هو غريبن سان ڏاڍائي ڪندڙ خلاف آواز بلند ڪرڻ ۾ ڪنهن
به ڳالهه جي پرواهه نه ڪندو هو. ان سلسلي ۾ ڪيل جدوجهد مان صرف هڪ مثال ڏيان ٿو،
نيو جتوئي شهر ۾ جڏهن سالن کان ويٺل باگڙين کي زبردستي اٿاريو ويو ته هن باگڙين
سان گڏجي احتجاج ڪرڻ جي شروعات ڪئي، پوءِ ٻيا سياسي ۽ سماجي ڪارڪن ۽ نيو جتوئي شهر
جا ماڻهو به احمد خان سان گڏ بيٺا ۽ اها جدوجهد ڪامياب ٿي ۽ باگڙين کي ويهڻ لاءِ جڳهه
ملي. ان جدوجهد ڪرڻ کانپوءِ نيو جتوئي شهر جي ڪيترن عام ماڻهن اهو تبصرو ڪيو ته اڄ
اسان جو شهر آزاد ٿي ويو.
احمد خان درياهه جي آيل وڏي ٻوڏ وقت يا برساتي ٻوڏ وقت جيڪا متاثرين
جي پرگهور ۽ خدمت ڪئي، ان کان هن تر جا عام ماڻهو توڙي سياسي ڪارڪن واقف آهن. آئون
دعويٰ سان چوان ٿو ته ڪنهن به جاگيردار يا ڪنهن پارٽي متاثرين جي ايتري خدمت يا
انهن لاءِ جاکوڙ نه ڪئي هوندي جيتري هن اڳواڻ ڪئي.
احمد خان جنهن گجگوڙ سان عوامي جلسن ۽ مظاهرن ۾ تقريرون ڪندو هو، ان
ئي انداز سان پارٽيءَ جي اجلاسن ۾ ڳالهائيندو پنهنجا رايا ڏيندو هو، اختلاف رکندو
هو ۽ اڪثريت سان ڪيل فيصلن تي ان جي روح مطابق عمل ڪندو هو، هو واقعي هڪ انقلابي ڪارڪن
۽ اڳواڻ هو.
No comments:
راءِ ڏيندا