; سنڌي شخصيتون: راما ٻائي - تولارام سوٽهڙ

10 August, 2013

راما ٻائي - تولارام سوٽهڙ

راما ٻائي
تولارام سوٽهڙ
هند سنڌ جا ڪيترا سنت ۽ صوفياڻي مت جا صاحبَ، ڌڻيءَ جي يادگيريءَ ۾، جيون تياڳي رب کي راضي ڪرڻ لاءِ پنهنجو سمورو وقت عبادت ۽ انسانيت جي خدمت کي حياتيون ارپيندا رهيا آهن. انهن مان هڪ راما ٻائي پڻ هئي. پاڻ سال ۲۰۱۳ع جي پهرئين ڏينهن صبح جو ۵ وڳي ڌاري هن فاني دنيا مان ديهانت ڪري ويئي.
راما ٻائيءَ جو جنم ڀارت جي گجرات صوبي ۾ واڳڙ علائقي جي ڳوٺ کڙِير ۾ ۱۹۲۹ع ڌاري، لاڌارام ڪڇيءَ جي گهر ۾ ٿيو. ننڍيءَ ڄمار ۾ ئي جوڳ وٺي، پوڄا شروع ڪيائين. ان دوران اُن وقت جي مشهور سنت ’سوامي رامداس‘ (۱۸۸۴- ۱۹۶۳ع) کي هن پنهنجو گرو بڻايو.

ورهاڱي جي حالتن سبب ۱۹۴۸ع ۾ راما ٻائيءَ جا مائٽ گجرات مان لڏي، سنڌ ۾، ٿر ۽ بئراجي علائقي جي ڪناري تي، ڪلوئيءَ ويجهو ڳوٺ لت ۾ اچي رهيا ۽ اُتي هارپو ڪرڻ لڳا. راما ٻائيءَ پنهنجن والدين سان گڏ هتي اچڻ کانپوءِ به پوڄا جو سلسلو جاري رکيو. هڪ مقامي ڀڳت ڀلجي رام پاران، راما ٻائيءَ کي ڏيپلي شهر ۾ موجود پير پڇمائيءَ (ڪڇ جي مشهور صوفي درويش) جي مَٺ/ مڙهيءَ جو گادي نشين بڻايو ويو. جنهن بعد هو اتي مستقل ديرو ڄمائي ستسنگ ۽ عبادت ڪندي رهي. ڏيپلي جي مکيه بازار ۾ موجود هن مشهور مندر ۾ اڄ به ڪيترا ساڌو ۽ سنت اچي عبادت ڪندا آهن. جنهن بعد سندس روحاني راز کُلڻ لڳا، ۽ هند سنڌ ۾سندس هاڪ ٿي وئي. چون ٿا ته ڏيپلي جي ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ موجود کوهن جو کارو پاڻي راما ٻائيءَ جي دعا سان مٺو ٿيڻ لڳو. مائٽن پاران رشتو طئي ڪرڻ باوجود به هن شادي نه ڪئي ۽ پنهنجي پوڄا جاري رکي.
ورهاڱي سبب ٿر جي مشهور بزرگ پاربرهم جو ميلو جيڪو بند ٿي چڪو هو، سو راما ٻائيءَ جي ڪوششن سان، ۱۹۵۶ع ڌاري وري ٻيهر ڌام ڌوم سان لڳڻ شروع ٿيو. راما ٻائيءَ ميلي ۾ عورتن جي شرڪت جي اجازت ڏني. ۱۹۹۰ع ۾ پاڻ ڀارت جي گجرات صوبي جي شهر ڌانيرا ۾ موجود شري ڪرشن مندر ۾ وڃي رهڻ لڳي. جڏهن ته ڏيپلي واري مڙهيءَ جي گادي پنهنجي چيلي ’نرملانند‘ (لڌوءَ) جي حوالي ڪري ڇڏيائين.
لکن جي تعداد ۾ سندس عقيدتمند موجود آهن.



سامي کڻي سنک، وڄائي واٽ ٿيا.
تولارام سوٽهڙ
سنڌ ڌرتيءَ جو شروع کان ئي سنتن ۽ صوفين سان سنٻنڌ رهندو آيو آهي. هند سنڌ جا ڪيترا سنت ۽ صوفياڻي مت جا صاحبَ پنهنجي سرير کي تياڳ ڏئي، ٻَريون ٻاري، رام پسڻ جون راهون جوڙي، پنهنجو جيوَن سڦل ڪري ويا آهن. هند سنڌ جي قديم مندرن ۽ آسٿانن تي رشين ۽ ٻاون جي تپسيائن جو ڏَس ملي ٿو. اسان جي لطيف سائينءَ به اهو گروءَ وارو گس ورتو هو، جنهن ’ٻري جن ٻاري، آءٌ نه جيئندي ان ريءَ‘ وارا گيڙو لفظ چوڻ سان گڏ هنگلاج جي جهروڪي واري مشهور آسٿان ’نانيءَ‘ جي ياترا دوران اهو بيت چيو هو:
نانگا نانيءَ هليا، هنگلاجان هلي،
ديکي جن دوارڪا، مهيسين ملهي،
آڳهه جن علي، آءٌ نه جيئندي اُن ريءَ!
انهن ۾ سنت ستگرو پوجيه شري راما ٻائي (ٻائي صاحب) جو نالو به شمار ٿئي ٿو. نئين سال جي ٻيءَ صبح جو ۵ وڳي ڌاري پنهنجي سرير ۽ هن فانيءَ دنيا کي تياڳ ڏيندڙ پوجيه شري راما ٻائي، ڀارت جي گجرات صوبي ۾ واڳڙ علائقي جي ڳوٺ کڙِير ۾، سنبت ۱۹۸۵/ ۱۹۲۹ع ۾ گوئيل نُک جي ڪڇي گهراڻي ۾ لاڌارام جي گهر ۾ جنم ورتو هو. ننڍيءَ ڄمار ۾ ئي سندس ڌيان رام پوڄا ڏانهن راغب ٿيو، ۽ ٻائي صاحب، يوگ ۽ ٻريون ٻاري رام پوڄا شروع ڪئي. ان دوران پاڻ اُن وقت جي مشهور سنت ’سوامي رامداس‘ (۱۸۸۴- ۱۹۶۳ع) کي گرو بڻايو. وقت جي حالتن سبب، ۱۹۴۸ع ۾ ٻائي صاحب جا مائٽ گجرات مان لڏي، سنڌ ۾، ٿر ۽ بئراجي علائقي جي ڪناري تي، ڪلوئيءَ ويجهو ڳوٺ لس ۾ اچي ويٺا ۽ اتي هارپو ڪرڻ لڳا. ٻائي صاحب پنهنجن والدين سان سنڌ اچڻ کانپوءِ به رام پوڄا ۽ پرڀوءَ جي ڌيان ۾ مگن رهڻ لڳا. راما ٻائيءَ پاران سنڌ ۾ چلا ڪڍڻ ۽ دونهي دکائڻ جو ذڪر به ملي ٿو. مشهور مقامي ڀڳت ۽ پرڀوءَ جي پريميءَ ڀلجي رام پاران راما ٻائيءَ کي ڏيپلي شهر ۾ پير پڇمائيءَ (ڪڇ جي مشهور صوفي درويش) جي مَٺ/ مڙهيءَ جو گادي نشين بڻائڻ کانپوءِ پاڻ اتي مستقل ديرو ڄمائي ستسنگ ۽ سمرڻ ڪندا رهيا، جتي اڄ به ڪيترا ساڌو ۽ پريمي شيوا سمرڻ ۾ مشغول رهندا آهن. راما ٻائي، سنڌ ۾ جڏهن چلو ڪاٽي رهيا هئا، ته ڪنهن اچي سندس ڀاءُ همير جي مرتيي جي خبر ٻُڌائي، ٻائي صاحب اهو چلو اڌ ۾ روڪي، اتي وڃي پنهنجي ڀاءُ کي شڪت سلوڪن ذريعي جيئاريو، ان واقعي کانپوءِ سندس روحاني راز کُلڻ لڳا، ۽ هر هنڌ هاڪ ٿي وئي. ٿر جي مشهور بزرگ پارو فقير (پاربرهم) جي ميلي ۾ اڳي عورتن جي شرڪت نه برابر هوندي هئي، پر راما ٻائي ميلي ۾ حاضر ٿي ٻين عورتن کي به ميلي ۾ شرڪت جي اجازت ڏني. ورهاڱي سبب فقير پاربرهم جو ميلو لڳڻ بند ٿي چڪو هو، پر ٻائي صاحب جي ڪوششن سان، ۱۹۵۶ع ڌاري اهو ميلو وري ڌام ڌوم سان لڳايو ويو. ۱۹۹۰ع ۾ پاڻ ڀارت جي گجرات صوبي جي شهر ڌانيرا ۾ وڃي رهڻ لڳا ۽ اُتي به جپ تپ جو سلسلو جاري رکيائون، جڏهن ته پاڻ ڏيپلي واري مڙهيءَ جي گادي، حياتيءَ ۾ ئي پنهنجي شش ’نرملانند‘ (لڌوءَ) جي حوالي ڪري ڇڏي هئائون. ٻائي صاحب جا عقيدتمند ڏيپلي تعلقي کانسواءِ ٿر ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ لکن جي تعداد ۾ موجود آهن. ٻائي صاحب جي ديهانت جي خبر ٻڌڻ کانپوءِ ڏيپلي واري مڙهيءَ ۾ ڀڳتن: سالورام ۽ ڍالورام پاران ستسنگ جو سلسلو جاري آهي. ڏيپلي واري مڙهيءَ جي گاديءَ جي منصب تي جلد راما ٻائيءَ جو پيارو شش نرملانند ويهندو.
اڄ نه اوطاقن ۾ تازا پٿر ڪک،
لاهوتي لڏي ويا، رڳو پئي اُڏامي رک،
ساميءَ کڻي سَنک، وڄائي واٽ ٿيا.
(شاهه)




No comments:

راءِ ڏيندا