عاجز اڄڻ
راجا رشيد ڪنڀر/ کپرو
مارچ ۱۹۴۷ع ۾، کپري جي مين اردو اسڪول پاڙي ۾، جمعا خان اڄڻ جي گهر اندر
اک کوليندڙ، شير محمد اڄڻ البيلي شاعري سرجي، ’عاجز اڄڻ‘ طور پاڻ مڃرايو. ڳوٺ ۱۸ ميل
کان اڌ ڪلو ميٽر اُڀرندي ڏانهن، پنهنجي نالي ويڙهو وسايائين ۽ پاڻ بهترين شاعر هجڻ
سان گڏ سٺو استاد، کلمک انسان ۽ ڪچهريءَ جو ڪوڏيو، سريلو سگهڙ پڻ هو. سندس شاعريءَ
۾ عشق جي اڏار سمايل هئي. ان ڪري شعري مجموعي جو نالو ’عشق آڏيري ول‘ رکيائين.
سندس شاعري سنڌ جي ناليوارن فنڪارن انور حسين وسطڙو، جلال چانڊيو، فوزيه
سومرو، ثمينه ڪنول، چاڪر چانڊيو، جميلا ناز، ڦوٽو زرداري، قمر سومرو، ثريا حيدر آبادي
۽ ٻين فنڪارن ڳائي.
سندس ڪلام؛
”چيم دل کي روئين ڇو ٿي،
چيائين يار وڇڙي ويو“
۽
”اهڙو سڄڻ اڄ ڇو ٿو وڻين،
ڏاڍو ٿو وڻين؛ ”
بيحد مقبوليت ماڻي.
آسماني ۽ اڇي رنگ کي پسند ڪندڙ ۶۶ سالن جي هن سريلي شاعر جو اڃا به کوڙ
سارو ڪلام اڻ ڇپيل آهي. ڪجهه سالن کان سائيءَ جي مرض ۾ مبتلا رهيو. هن البيلي شاعر،
رات جو پوئين پهر ۾، بهرام بري امام جي نگريءَ مان نماڻا نيڻ ٻُوٽي، سنڌ ۾ پنهنجي هزارين
پرستارن کي روئاري، اتي هليو ويو، جتان ڪوئي ناهي ورندو.
ڪندين ياد عاجز اڄڻ کي
زمانا!
محمد يامين مسرور سومرو/ڇور
رات جو دير سان آيل ميسيج جيءَ کي جهوري وڌو، سائين عاجز اڄڻ جي موت جي
جڏهن خبر پئي، اکيون آليون ٿي ويون. سچ پچ ته هڪ دلربا دوست ۽ عظيم انسان کان محروم
ٿي وياسين، اڄ جڏهن سندس وڇوڙي تي يادگيرين جا ورق ورايان ٿو، تڏهن انيڪ ساروڻيون ذهن
جي صحن تي لهي اچن ٿيون، ننڍي هوندي جڏهن اڃا ايف ايم چئنل نه آيا هئا، تڏهن ريڊيو
حيدرآباد تي هلندڙ گيتن عاجز اڄڻ جي نالي کان آشنا ڪيو هو، ڪڏهن ڪڏهن دل چوندي هئي،
شاعريءَ ۾ خوبصورت لفظ ڀريندڙ هن شاعر سان ملاقات ڪجي، وڏي وقت کانپوءِ مئي ۲۰۱۰ع جي مهيني ۾ تڏهن سانگهڙ جي سر زمين تي سائين عاجز
سان پهرين ملاقات ٿي هئي، ڳالهين جا ڳوٺ اڏيندي دوستيءَ جو رشتو قائم ٿي ويو، سائين
عاجز اڄڻ جي شخصيت ۾ ڪٿي به ڪا وڏائي نه هئي، هماليه جيڏو حوصلو رکندڙ هن شخص سنڌ يونيورسٽيءَ
مان سنڌيءَ ۾ ايم اي ڪرڻ کانپوءِ وڪالت جي ڊگري به حاصل ڪئي، انگريزيءَ جي سٺي ڄاڻ
هوندي به هن هميشه ڪچهرين ۽ شاعريءَ ۾ نج سنڌي ٻوليءَ جا لفظ ڪتب آندا، ننڍن توڙي وڏن کي هڪ جيتري محبت ڏيندڙ
هن شخص جو ڳوٺ سانگهڙ کان پر ڀرو ارڙهون ميل موريءَ وٽ آهي. هن جي شاعريءَ کي ڦوٽو
زرداري ۽ انور حسين وسطڙي سميت سنڌ جي مختلف فنڪارن ڳايو، هن جتي دل جي دردن کي قلمبند
ڪيو، اُتي سنڌ جي سورن کي به نه وساريو هو، هن جڏهن ”لکي خط سڄڻ ڏي، سڀئي سور سلبا، روئڻ کان نماڻا، نه هي نيڻ جهلبا.“ لکيو اتي هن ”ڏاڍن جي هن ڏيهه ۾، سنڌڙي تنهنجو نانءُ“ واريون سٽون به سرجيون. سائين عاجز اڄڻ جي توڙي جو ڪيترن ئي ڪتابن جيتري
شاعري اڻ ڇپيل آهي، پر سندس ويجهڙائيءَ ۾ هڪ شعري مجموعو ”عشق آڏيري ول“ به ڇپجي چڪو
آهي، بهار جي مند ۾ ۶۲ سالن جي وچ ۾ وڇڙيل گلن جهڙو ماڻهو توڙي جو ڪالهه مقامي
قبرستان ۾ هميشه لاءِ آرامي ٿي ويو آهي، پر جڏهن به ارڙهون ميل وٽان بحر مبري ڏانهن
ويندي سندس ڳوٺ وٽان گذر ٿيندو، تڏهن دوستن کي هو ياد ضرور ايندو ۽ سندس هي سِٽون هميشه
دل تي اُڪريل رهنديون ته،
ڪندين ياد عاجز اڄڻ کي زمانا
اسان نينهن پنهنجو نڀائي وڃون ٿا
No comments:
راءِ ڏيندا