ظفر ڪاظمي
سچ جو سپاهي
گل محمد عمراڻي
هڪ مهان ڏاهي جو چوڻ آهي ته ”سچائيءَ جي خاطر ميدان ۾ مارجي وڃڻ سڀ کان
عظيم انت آهي.“ سنڌ جي مهان چترڪار ظفر ڪاظمي سڄي ڄمار برجسته سچ چوندي ۽ منافقن جي
مڪروه چهرن تان برملا نقاب چاڪ ڪندي، تمام ٿورا دوست، ڳچ دشمن ۽ کوڙ بدخواهه پويان
ڇڏيا. هونئن ته سندس زندگيءَ جو موازنو ”موازنه اَنيس و دبير“ جيان مائيڪل اينجلو
۽ ليونارڊو ڊوانچي سان ڪري سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته پاڻ هنن ٻنهي مهان ۽ آدرشي ڪلاڪارن وانگر
مشاق مصور ۽ سنگتراش، آرڪيٽيڪٽ ۽ شاعر هو، پر سندس اصل موازنو يونان جي جهوني فيلسوف
استاد ديوجانس ڪلبي سان ڪرڻ گهرجي، جنهن پنهنجي زندگي ڪمال سادگي سان هڪ ننڍڙي ٽب ۾ گذاري ڇڏي ۽ اُهو ٽب به ماڻهن پراڻو سمجهي رستي
تي ڦٽو ڪري ڇڏيو!
جڏهن ۲۰۰۲ع ۾ مان ڪلچر ڊپارٽمينٽ ۾
بدلي ٿي آيس تڏهن ڪاظمي صاحب سان تمام گهڻيون ڪچهريون سنڌ ميوزيم ۾ ٿينديون هيون، جنهن
جو هُو باني، خالق ۽ عاشق هو. سندس ”منهن تي سچ چوڻ“ واري بيڌڙڪ ۽ مستقل عادت عام
۽ روايتي نوڪر شاهيءَ کي اصل ڪانه وڻندي هئي، پر مان هميشه کيس ”سچ جو سپاهي“ ڪوٺيندو
هوس ۽ ذاتي طرح کيس گهڻو پسند ڪندو هوس. ڪاظمي صاحب پنهنجي سرڪاري رهائشي ڪوارٽر کي
”ديوجانس وارو ٽب“ سمجهندو هو. هڪ ڏينهن موڊ ۾ اچي ديوجانس بابت پاڻ ٻڌايائين ته ”جڏهن
سڪندراعظم ديوجانس کان پڇيو ته مان تنهنجي لاءِ ڇا ٿو ڪري سگهان؟“ تڏهن عظيم فيلسوف
ڪمال بيزاري ۽ بي نيازيءَ مان وراڻيو ته ”مهرباني ڪري منهنجي ۽ اُس جي درميان هڪدم
هٽي وڃ!“ ديوجانس کي ”ڪلبي“ (عربيءَ ۾ ڪتن وارو) انهيءَ ڪري چوندا هئا ته هن جي نظريه
مطابق ”ڪتو انسان کان وڌيڪ وفادار ۽ سچو سڄڻ آهي. انسان کان وڌيڪ دغاباز ۽ بيوفا جِيو
شايد ئي ڪوئي ورلي ملي!“ ظفر ڪاظمي هڪ حساس دل، روشن ضمير، صاحبِ طرز مصور هو. سنڌي
لوڪ ادب کي ڊاڪٽر بلوچ جهڙو عظيم ۽ اورچ ريسرچ اسڪالر بيشڪ مليو، پر ظفر ڪاظمي جهڙي
اڻٿڪ، جاکوڙي، بيباڪ ۽ سڄاڻ ”فيلڊ آرٽسٽ“ ۽ ڪامل مصور Implementer کانسواءِ
ڀٽ شاهه ڪلچرل سينٽر، سنڌ ميوزيم، دائودپوٽه لائبرري ۽ مهراڻ آرٽس ڪائونسل دراصل اَڌورا
اڌورا رهجي وڃن ها. ظفر بيشڪ ڪؤڙو (Bitter) ڳالهائيندو
هو، پر اِهو ڪؤڙو سچ، هن جي ذات ۽ ڏات جي سڃاڻپ هو.
ظفر ڪاظمي
ثقافت کاتو کيس ياد ڪري به ڇو؟
گل محمد عمراڻي
ٻاجهاري سنڌ جو هڪ باڪمال آرٽسٽ
آهي ظفر ڪاظمي، جنهن جو جيترو وڏو ڪم آهي، اوتري کيس مڃتا نه ملي آهي. هُو منهنجو
حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج (پرڪٽسنگ اسڪول) ۾ ڊرائنگ جو استاد هو. هن پاران سنڌي فنڪارن
جا ٺاهيل پينسل اسڪيچ ۽ مس سان ٺاهيل انوکيون تصويرون ان زماني ۾ ٽه ماهي مهراڻ
رسالي ۾ اينديون هيون. هن جي فنڪارن سان محبت جو اظهار، جيڪڏهن ڪنهن کي ڏسڻو آهي
ته اهو مهراڻ آرٽس ڪائونسل جي يادگار ڪتابن ۽ سنڌ ميوزيم جي ترتيب ۽ تعمير، خاص
طور تي آرٽيفيڪٽس ۾ ڏسي سگهي ٿو. هن جو ٻيو وڏو ڪم انڊس وئلي تهذيب جي شاندار عڪاسي
ڪرڻ آهي. لکين ماڻهن کي هڪ لحظي ۾ سنڌ جي شاندار ماضي ۽ پٿر جي دور کان ارتقا جي ڪهاڻي
تصويرن سان ٻڌائي وئي آهي. هڪ عظيم آرٽسٽ کان وڌيڪ هو هڪ عجيب ارڏو ۽ بيباڪ انسان
هو، جنهن وڏين وڏين نام نهاد ڪلچرل ۽ ادبي محفلن کي پنهنجي کري سچ سان لوڏي ڇڏيو
هو. هن گهڻن مصنوعيت وارن نقلي چهرن تان نقاب ٿي لاٿا، حق سچ جي ڳالهه ٿي ڪئي ۽
اها به وڏي واڪي! آئون جڏهن ڪلچر کاتي جو ڊي جي هئس، تڏهن هو رٽائر ٿي چڪو هو ۽
گهر ۾ وقت گذاريندو هو. مون سان هر هفتي ٿيندڙ ”کُلي ڪچهري“ ڪري اهڙيون سچايون
بيان ڪندو هو جو، جيڪر هاڻي به لکجن ته پڪ ڪنهن ککر ۾ کڙو لڳي ويندو ۽ سچ ته بيٺو
نچ واري چوڻي مونکي ماڳهين ڪٿي نچائي نه ڇڏي، مطلب ته ڪاٺ ۾ نه وجهرائي ڇڏي. ڪاظمي
صاحب جهڙو سرگرم ۽ وکرو انداز مون فقط حليم بروهي ۾ ڏٺو. باقي اسان وٽ سڄو لوڪ
پنهنجي ڪم سان لڳو پيو آهي. ظفر ڪاظمي سنڌ جو يگانو آرٽسٽ ۽ انسان هو، جنهن لاءِ ڪلچر
ڊپارٽمينٽ وٽ نه ڪو وقت آهي نه ڪا بجيٽ. ڇو ته هر نئين انتظاميا جا پنهنجا پاليسي
پروگرام هجن ٿا ۽ پنهنجو واسطو فقط ڪاظمي صاحب جي ان ورثي سان آهي، جنهن جا نشان ڪڏهن
به مٽجي نٿا سگهن. ظفر ڪاظمي جيئن ته هڪڙو انا وارو آرٽسٽ هو ۽ اسانجي سماج ۾ اهڙن
ماڻهن کي جڏهن جيئري ئي مڃتا نٿي ڏني وڃي ته دنيا ڇڏڻ کانپوءِ کين ڪٿي ٿو ياد ڪيو
وڃي. ڇا ڪاظمي صاحب ان اعزاز جو به مستحق نه آهي، جو ڪلچر کاتو هن جي ياد ۾ ڪا
تقريب رٿي ها. هڪ اهڙو آرٽسٽ جنهن سنڌ ميوزم پنهنجن هٿن سان ڊاڪٽر بلوچ ۽ حميد
آخوند صاحب جي رهنمائي ۾ تعمير ڪيو. اسان هاڻ لڳي ٿو ته ”زندهه پرست“ ٿي ويا آهيون
۽ ويا سي وينجهار هيرا لعل وندڌين جي جاءِ تي فقط
آئي جي آڌر ڀاءُ ۽ واهه واهه ڪرڻ ۽ وڃڻ وارن تي دعا پڙهڻ جا قائل ٿي ويا آهيون. اڄ
ظفر ڪاظمي کي ياد ڪندي فقط اهو چوندس ته هن جي سچائي، ارڏائي ۽ سنڌ دوستي جو ڪهڙو
يادگار ڪم وڃي بچيو آهي؟ جنهنجي سار ڪنهن ادبي ميلي يا ثقافتي شو ۾ لهجي، ان تي ڪو
سيشن رکجي؟ ان ڪري جو هُو اهڙن ماڻهن لاءِ شايد منافعي بخش نه هوندو، جيڪي صرف
منافعي جو ڪم ڪرڻ چاهين ٿا، تڏهن ئي ڪاظمي صاحب کي وساريو ويو آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا