; سنڌي شخصيتون: مراد صاحب - فقير محمد ڍول

14 August, 2013

مراد صاحب - فقير محمد ڍول

مراد صاحب
فقير محمد ڍول
اهو اکر ’صاحب‘ ٺهيو ئي ڪو ’مراد صاحب‘ لاءِ هو. سندن نالو ’صاحب‘ کان سواءِ اُچارڻ ۾ نه زبان کي مزو اچي نه ڪنن ۾ رَسُ گُهلي، بلڪ اڃا کڻي ايئن چئجي ته جيئن نه ڪِن ماڻهن جي هِن جهانِ رنگ و بُوءِ مان موڪلائي وڃڻ کان پوءِ سندن گهرُ، درُ ۽ ترُ به ٻُسو لڳندو آهي، تيئن مراد علي مرزا جهڙي اسان جي نشانبر نثرنگار جو نالو به ’صاحب‘ کان سواءِ اُچارڻ ۾ ٻُسو پيو لڳندو آهي، تنهن ڪري پاڻ ته، کين سڏيون ئي ’مُراد صاحب... اسان جي مراد صاحب جو نالو سنڌ جي نشانبر ليکڪن ۾ شمار ٿئي ٿو، ورهاڱي واري وڍ تي ملم پاشيءَ لاءِ قدرت واري اسان سنڌ وارن کي جيڪا ليکڪن جي کيپ سنڌي ادب لاءِ عطا ڪئي، تن ۾ محمد ابراهيم جويو، شيخ اياز، گرامي صاحب، اياز قادري، ع.ق.شيخ، غلام رباني آگرو، جمال ابڙو، ماهتاب محبوب، تنوير عباسي، قمر شهباز، امر جليل، امداد حسيني ۽ ٻيا به ڪيئي شامل آهن، پر جيڪڏهن انهي لسٽ ۾ مراد صاحب جهڙي لکڻ واري ماڻهوءَ جو نالو شمار نه ڪبو ته اِها فهرست يقيناً نامڪمل رهندي.

۱۹۳۰ع جي جنوريءَ ۾ جنم وٺندڙ ۽ ۲۰۱۱ع جي پهرين مارچ تي موڪلائيندڙ مراد صاحب، پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪي ۸۰-۸۱ بهارون ماڻيون، هُو نهايت ئي صاف شفاف، اڇي اُجري ۽ روشن صبح جهڙي شخصيت جو مالڪ هئو ۽ ان ڪري ئي شايد پنهنجي شخصي اثر هيٺ، هنن جي نصيب ۾ جيڪو به ڪم آيو، سو به صاف شفاف ۽ آئنيدار هو. مراد صاحب جي ادب ۾ ابتدا هڪڙي ڪهاڻيڪار طور ٿي، ان کان سواءِ مترجم جي حيثيت ۾ مراد صاحب وڏو ڪم ڪيو آهي، جنهن لاءِ قوم سندن ٿورا لاهي نٿي سگهي بلڪِ ڳائيندي رهندي. سندن مترجم واري حيثيت لاءِ ائين به چئي سگهجي ٿو ته مرزا قليچ بيگ کان پوءِ سنڌي ادب کي مراد صاحب جي صورت ۾ هڪڙو ٻيو ’مرزا قليچ بيگ‘ ميسر ٿيو، جنهن سنڌي ادب کي عالمي ادب سان مالا مال ڪيو ۽ آگاهه رهو ته مراد صاحب هڪڙي براڊڪاسٽر جي حيثيت ۾ ريڊيو پاڪستان تي پروگرام پروڊيوسر کان پروگرام مئنيجر طور خدمتون سرانجام ڏنيون، جنهن ۾ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب لاءِ سندن ڪيل خدمتن کي اڄ به وڏي احترام جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو، ريڊيو لاءِ ڪيل سندن ڊرامن نيشنل ليول تي مڃتا ماڻِي ۽ اڄ سُوڌو انهن ڊرامن جو ذڪر اذڪار وڏي طمطراق ۽ ساراهه سان ريڊيائي دنيا توڙي ادبي حلقن ۾ ٿيندو رهي ٿو. سندن ڪريڊٽ تي ٻيا به ڪيئي مقبول ريڊيائي پروگرام آهن، پر ريڊيو جي سنڌي ڊرامي کي مراد صاحب وڏي تقويت بخشي. دراصل هي اُهو دؤر هو جڏهن ريڊيو لاءِ  اُن جي فني گهرجن پٽاندر اصلوڪا ڊراما نٿي لکيا ويا، ڇو ته انهي فن جي اڃا ابتدا هئي، جنهن ڪري  اِهو فن اڃا سنڌي ليکڪن کي ڪونه ٿي آيو، سو  اردو ڊرامن کي سنڌيءَ ۾ ترجمو / آلٿو ڪري پيش ڪيو ويندو هو. اهڙي صورتحال ڏسندي مراد صاحب پاڻ سنڌيءَ ۾ ريڊيو لاءِ ڊراما لکيا، جن ۾ هوشو شيديءَ تي سندن لکيل ڊرامو هڪڙو شاهڪار ڊرامو آهي، ان کان سواءِ ٻيا به ڪيئي سنڌي ڊراما ۽ فيچر هنن پاڻ ئي ريڊيو لاءِ لکيا، نه صرف اهو پر اڳتي هلي هنن سنڌي تاريخ کي ۽ ثقافت کي نظر ۾ رکندي ٻين ليکڪن کان به اهڙا ڪيئي ڊراما لکرايا، جن ۾ ڄڻ ته سنڌ جي جيئري جاڳندي تاريخ هوائن جي لهرن آڌار اوهان جي ڪنن کان ٿيندي دل ۾ لهي ايندي. اهڙن تاريخي ڊرامن ۾ ’پنرو بڊام‘ ۽ موهن جي دڙي واري موضوع تي ’آخري رات‘ ڊرامو به شامل آهن. اهو ڊرامو مراد صاحب سنڌي ادب، موسيقي ۽ پنهنجي نموني جي نج نبار حيدرآبادي سنڌي لهجي ۾ مٺو نثر لکڻ واري ممتاز مرزا کان لکرايو. ممتاز مرزا جي لکيل اِنهيءَ ڊرامي کي ريڊيو ڊرامن جي تمثيل ۾ نيشنل ليول تي ايوارڊ به مليو. جنهن جي موضوع، مواد ۽ آئيڊيا جي سلسلي ۾ مراد صاحب جو هٿ ۽ حوصلو ممتاز صاحب سان هر گهڙيءَ ڀاڱي ڀائيوار رهيو. انهن مڙني ڳالهين کان به اهم ڳالهه ته اڃا هيءَ آهي ته، هُن سنڌي ٻوليءَ جي ٻن برک ڪهاڻيڪارن علي بابا ۽ عبدالقادر جوڻيجي کي ريڊيو لاءِ سنڌي ڊرامو لکڻ لاءِ اُتساهيو ۽ ڊرامو لکڻ جي حوالي سان سندن رهنمائي ۽ فني تربيت پڻ ڪئي.
نصير مرزا چوندو آهي، ته ممتاز مرزا ڄائو ئي صرف هڪڙي ڪم لاءِ هو ۽ اُهو ڪم هيو ’شاهه جي گنج‘ جي نئين سِر سهيڙ... ۽ هيڏانهن اسان جي مراد صاحب جي حصي ۾ به ڪيترائي هيرن جواهرن جهڙا چمڪدار ۽ رنگا رنگ ڪم آيا پر هُن هڪڙو ڪم اهڙو ڪيو آهي، جو ٻيا ڪم نه به ڪري ها ته به ڪو فرق نه پئي ها، جو اُهو هڪڙو ڪم ئي اُنهن سڀني کان سرس آهي... ۽ اهڙو ڪهڙو ڪم ڪري ويو آهي هِي مراد صاحب؟ ته غور سان ٻُڌي وٺو، مراد صاحب اسان جي ۽ سموري عالم جي دعاگو حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي حياتيءَ متعلق ’سامي سڄ وڙاءُ‘ نالي سان ناول لکيو آهي، جيڪو ڄڻ ته ٻين سڀني هيرن جواهرن منجهه ’ڪوهه نُور‘ آهي... هتي مون کي انهيءَ ناول جي حوالي سان ٻه يادگار مهورتي تقريبون به خاص طور ياد اچن ٿيون، جن مان هڪڙي ته سنڌ جي بادشاهه عمر سومري جي نالي واري شهر عمر ڪوٽ ۾ اڪبر بادشاهه جي نالي ڀائي اڪبر لغاريءَ ڪرائي هئي ۽ واهه جي ڪرائي هئي، مراد صاحب لاءِ اڻ ڳڻيا تحفا تحائف ۽ طعام و ڪلام جا ڪيترائي لوازمات هڪ ئي وقت حاضر ڪري ڄڻ ته عمر ڪوٽ جي ڊي. سي. هائوس کي عمر بادشاهه جي دربار جيان سجايو ويو هو. علاوه ازين ٻي تقريبَ وري ملڪِ خداداد جي گاديءَ واري شهر اسلام آباد ۾ ٿي، جنهن کي رِٿڻ ۾ نامياري ڪهاڻيڪار ۽ سنڌي ادب دوست مظهرالاسلام، نوجوان نثرنگار نياز نديم، سگا اسلام آباد جي تڏهوڪي صدر يوسف ميمڻ، نصير مرزا ۽ عرفان علي انصاريءَ جو هٿ هو ۽ اُها تقريب جيڪا شاهه لطيف جي ناول لاءِ رٿيل هئي، سا سگا جي شاهه لطيف جي نالي سان منسوب ’شاهه لطيف هال‘ ۾ ئي ٿي هئي، جتي سمورا اسلام آبادي سنڌي پتنگن جيئن پهچي ويا هئا... ۽ جڏهن اهڙي تقريب کان اڳي ’شاهه لطيف هال‘ کي ڌوئاريو پئي ويو، ته عرفان انصاريءَ جا ههڙا ڪلمات ته اڄ به منهنجي ڪَنن ۾ روان دوان آهن: ’لڳي ٿو ته اڄ هن هال ۾ شاهه لطيف پاڻ بنفسِ نفيس پهچي رهيا آهن، تڏهن ئي ته هال کي غسل ڏياري پاڪ و پاڪيزه پيو ڪيو وڃي.‘
مراد صاحب جون هتي هِن ڪالم ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون ويهي ڪجن، هر ڳالهه ٻي ڳالهه کان ڳري آهي ۽ دل فيصلو ئي نٿي ڪري سگهي ته ڪهڙي ڳالهه کڻجي ۽ ڪهڙي ڇڏجي. دعا آهي ته موليٰ سندس مغفرت ڪري. (آمين)


No comments:

راءِ ڏيندا