; سنڌي شخصيتون: حاجي نثار بزمي - ناصر قاضي

06 August, 2013

حاجي نثار بزمي - ناصر قاضي

حاجي نثار بزمي
عوام کان اوجھل هڪ سريلو آواز
ناصر قاضي
سرلتا ۽ ڏات هڪ اهڙو تحفو آهي، جيڪو قدرت طرفان ڪجھه چونڊ ماڻهن کي ئي نصيب ٿيندو آهي. اڪثر ڏٺو ويو آهي ته جن ماڻهن کي خدا طرفان ڏات نصيب ٿيندي آهي، اهي پنهنجي سڀاءَ ۾ ماٺيڻا ۽ عاجز هوندا آهن، هن سونهاري سنڌ ۾ پڻ ڪيترائي اهڙا ڏات ڌڻي ۽ ڪلا ڌڻي پيدا ٿيندا رهيا آهن، جن فن جو عروج ڄاڻندي به پنهجو پاڻ کي لڪل رکيو آهي. هڪ چوڻيءَ ته ”هر ميويدار وڻ هميشه جھڪيل هوندو آهي.“ وانگر ضلعي لاڙڪاڻي جي شهر رتيديري سان تعلق رکندڙ حاجي نثار بزمي به وڏو ڪلا ڌڻي ڪلاڪار آهي، جيڪو پنهنجي رنگ ۽ درويشاڻي انداز سان سنڌي موسيقيءَ جي خاموشيءَ سان خدمت ۾ مشغول آهي، بنا ڪنهن لوڀ لالچ جي، بنا ڪنهن موٽ، مڃتا ۽ شهرت جي هو سنڌي موسيقيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو آهي. ايتريقدر جو نثار بزميءَ جهڙي سچي ڪلاڪار فن سان سچائي ۽ محبت جو ثبوت ڏيندي ڪڏهن به هن فن کي روزگار جو ذريعو ناهي بڻايو. جيئن ته هر سچي آرٽسٽ يا فنڪار جي پنهنجي خودي هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته سچ ۽ سوڀيا ڪڏهن به ڪنهن آڏو جھڪندي ڪونهي، اهو ئي ڪارڻ آهي جو نثار بزميءَ جهڙو استاد ڳائڻو هن دؤر جي اليڪٽرانڪ ميڊيا کان اوجھل رهيو آهي، فقيري ۽ درويشي طبيعت سبب راڳ سان روح کي ريجھائڻ سندس ڪرت رهي آهي.

نثاربزميءَ جو اصل نالو نثار احمد ولد الله بخش کوکر آهي، سندس جنم ۸ جولاءِ ۱۹۴۸ع تي شهر رتيديري ۾ ٿيو. تعليمي حوالي سان پاڻ انٽر سائنس آهي، نثار بزميءَ هوش سنڀالڻ سان ئي پنهنجي گھر ۾ حضور ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن جي تعريف ۾ آلپجندڙ نعتن جا سريلا آواز پنهنجي ڪنن ۾ ٻجھندي محسوس ڪيا، جو سندس والد محترم الله بخش کوکر مقامي سطح تي پنهنجي دؤر جو سريلو نعت خوان هو ۽ اڳتي هلي کيس به نعتن ڳائڻ جي تربيت ڏنائين. اهو ئي ڪارڻ هو جو ننڍپڻ کان ئي نثار بزميءَ کي راڳ سکڻ جو شوق ۽ جستجو پيدا ٿي، جنهن لاءِ هو سدائين بيچين رهندو هو. نثار بزمي ٻالڪپڻ کان جوانيءَ طرف کڄندڙ وکن واري عمر ۾ پنهنجي شوق جي پوراءَ توڙي فن جي حاصلات ۽ سکيا لاءِ تنهن دؤر ۾ رتيديري شهر جي مقامي گائيڪ محڪم الدين منگيءَ وٽ پهتو ۽ سنگيت جي سکيا لاءِ کانئس رهنمائي حاصل ڪندو رهيو. انهيءَ سنگيت واري سلسلي ۾ نثار بزميءَ سنڌ جي عظيم راڳي خانصاحب استاد گلزار علي خان کي ٻڌو ۽ ڄڻ ته مٿس عاشق ٿي پيو. جيتوڻيڪ نثار بزميءَ استاد گلزار علي خان کي ٽيليويزن تي ٻڌو هو، باوجود ان جي ساڻس ملڻ جي جستجو ۽ جنون ۾ پنڌ پڇائيندو لاڙڪاڻي شهر جي مراد واهڻ محلي ۾ سندس مسڪن ڳولهي لڌائين ۽ سندس خدمت ۾ حاضر ٿي استاديءَ لاءِ عرض رکيائين. موٽ ۾ استاد گلزار علي خان مٿس شفقت وارو هٿ ڌريندي دل سان کيس شاگرد قبول ڪيو ۽ کيس راڳ جي سکيا ڏنائين.
حاجي نثار بزمي استاد گلزار علي خان سان سندس پهرين ملاقاتن جون ساروڻيون ساريندي هڪ يادگار واقعو ڪجھه هن طرح ٻڌايو ته: ”آءُ استاد ڏي ڳاني ٻڌڻ واري رسم واري ڏينهن تي وٽس رتيديري جا مشهور کيرَ پيڙا ۽ نظراني طور هڪ سؤ روپيا کڻي ويس، جنهن تي استاد کيرَ پيڙا ته قبول ڪيا، پر هڪ سؤ روپيا وٺي واپس منهنجي کيسي ۾ وڌائين ۽ چيائين ته اها استاد پاران تنهنجي خرچي آهي.“
بهرحال نثار بزمي استاد گلزار علي خان جي شاگرديءَ ۾ اچڻ کانپوءِ وڌيڪ محنت ۽ رياض ڪيو ۽ استاد جي ڏنل علم ۽ فن کي دل سان هنڊائڻ لڳو. انهيءَ دوران استاد گلزار علي خان کيس رتيديري شهر جي ٻن سريلن موسيقارن استاد خان محمد سمون ۽ استاد دائم فقير سان رجوع ڪري رهنمائي حاصل ڪرڻ جي صلاح ڏني، جنهن کي هو استاد جو فرمان ڄاڻندي پوئتي نه هٽيو ۽ کانئن به رهنمائي حاصل ڪندو رهيو ۽ اڄ به کين پنهنجو استاد تسليم ڪندو آهي.
حاجي نثار بزميءَ جي طبيعت ۾ نهٺائي ۽ نماڻيءَ جو اندازو هن ڳالهه مان به لڳائي سگھجي ٿو ته فن ۾ قابليت ۽ مهارت هجڻ توڙي ۶۳ سال عمر هئڻ باوجود به پاڻ کي اڻپورو ۽ نامڪمل سمجھندي ماضي قريب ۾ ۲۰۱۰ع ڌاري سنڌ جي ماياناز طبلا نواز خانصاحب استاد قادر بخش خان جي خدمت ۾ حاضر ٿي کانئس شاگرديءَ جو ڳانو ٻڌارائي، رهنمائي حاصل ڪندو رهيو. حاجي نثار بزمي پنهنجي استادن پاران موسيقيءَ جي ڏنل فن ۾ محنت ۽ رياض ڪري نکري آيو ۽ وڏا رنگ رچايائين. نه صرف ايترو، پر هن پنهنجي ڏات ۽ ڪلا جي فيض سان ٻين شاگردن کي به فيضياب ڪيو، جن ۾: سيد علي رضا شاهه، امداد علي عباسي، عبدالمالڪ عارباڻي، امرديپ، عطار چنا، آصف علي ميمڻ ۽ ٻيا شامل آهن.

نثار بزمي هڪ راڳي هجڻ سان گڏوگڏ هڪ سٺو ڪمپوزر (موسيقار) پڻ آهي، هن هينئر سوڌو ڪيتريون ئي سهڻيون ۽ سريليون ڌنون تخليق ڪيون آهن. شهنشاهه غزل مهدي حسن ۽ محمد رفيع جي آوازن سان پيار ڪندڙ نثار بزميءَ کي سون جي تعداد ۾ خانصاحب مهدي حسن جا ڳايل غزل توڙي فلمي گيت بر زبان ياد آهن، سندس فن سان سچائي ۽ محبت جو هڪ ثبوت اهو به آهي ته ۶۶ ورهيه عمر هئڻ باوجود به سندس حافظو ايترو ته تيز آهي، جو محفل ۾ ڳائڻ د‍ؤران ڪڏهن به ڪنهن ڊائريءَ يا تحريري لکت جو سهارو ڪونه ورتو اٿائين، هيءُ هن وقت به پنهنجي روزاني مصروفين مان وقت ڪڍي، رتيديري شهر جي ٻن سنگيت ڪلبن ۾ اعزازي طور تي سنگيت جي طالب علمن کي موسيقيءَ جي زيور سان سينگاريندو رهي ٿو ۽ پنهنجي پيٽ گذر خاطر پورهيو ۽ محنت ڪندو رهي ٿو، حاجي نثار بزمي رتيديري شهر جي مين پرائمري اسڪول جي ٻاهران ٻارڙن لاءِ کٽمٺڙن ۽ بسڪيٽن جي ڪيبن هلائيندو آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا