حاجي نثار بزمي
عوام کان اوجھل
هڪ سريلو آواز
ناصر قاضي
سرلتا ۽ ڏات هڪ اهڙو تحفو آهي، جيڪو قدرت طرفان ڪجھه چونڊ ماڻهن کي ئي
نصيب ٿيندو آهي. اڪثر ڏٺو ويو آهي ته جن ماڻهن کي خدا طرفان ڏات نصيب ٿيندي آهي، اهي
پنهنجي سڀاءَ ۾ ماٺيڻا ۽ عاجز هوندا آهن، هن سونهاري سنڌ ۾ پڻ ڪيترائي اهڙا ڏات ڌڻي
۽ ڪلا ڌڻي پيدا ٿيندا رهيا آهن، جن فن جو عروج ڄاڻندي به پنهجو پاڻ کي لڪل رکيو آهي.
هڪ چوڻيءَ ته ”هر ميويدار وڻ هميشه جھڪيل هوندو آهي.“ وانگر ضلعي لاڙڪاڻي جي شهر رتيديري
سان تعلق رکندڙ حاجي نثار بزمي به وڏو ڪلا ڌڻي ڪلاڪار آهي، جيڪو پنهنجي رنگ ۽ درويشاڻي
انداز سان سنڌي موسيقيءَ جي خاموشيءَ سان خدمت ۾ مشغول آهي، بنا ڪنهن لوڀ لالچ جي،
بنا ڪنهن موٽ، مڃتا ۽ شهرت جي هو سنڌي موسيقيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو آهي. ايتريقدر
جو نثار بزميءَ جهڙي سچي ڪلاڪار فن سان سچائي ۽ محبت جو ثبوت ڏيندي ڪڏهن به هن فن کي
روزگار جو ذريعو ناهي بڻايو. جيئن ته هر سچي آرٽسٽ يا فنڪار جي پنهنجي خودي هوندي آهي،
ڇاڪاڻ ته سچ ۽ سوڀيا ڪڏهن به ڪنهن آڏو جھڪندي ڪونهي، اهو ئي ڪارڻ آهي جو نثار بزميءَ
جهڙو استاد ڳائڻو هن دؤر جي اليڪٽرانڪ ميڊيا کان اوجھل رهيو آهي، فقيري ۽ درويشي طبيعت
سبب راڳ سان روح کي ريجھائڻ سندس ڪرت رهي آهي.
نثاربزميءَ جو اصل نالو نثار احمد ولد الله بخش کوکر آهي، سندس جنم ۸ جولاءِ ۱۹۴۸ع تي شهر رتيديري ۾ ٿيو. تعليمي حوالي سان پاڻ انٽر
سائنس آهي، نثار بزميءَ هوش سنڀالڻ سان ئي پنهنجي گھر ۾ حضور ڪريم صلي الله عليه وآله
وسلم جن جي تعريف ۾ آلپجندڙ نعتن جا سريلا آواز پنهنجي ڪنن ۾ ٻجھندي محسوس ڪيا، جو
سندس والد محترم الله بخش کوکر مقامي سطح تي پنهنجي دؤر جو سريلو نعت خوان هو ۽ اڳتي
هلي کيس به نعتن ڳائڻ جي تربيت ڏنائين. اهو ئي ڪارڻ هو جو ننڍپڻ کان ئي نثار بزميءَ
کي راڳ سکڻ جو شوق ۽ جستجو پيدا ٿي، جنهن لاءِ هو سدائين بيچين رهندو هو. نثار بزمي
ٻالڪپڻ کان جوانيءَ طرف کڄندڙ وکن واري عمر ۾ پنهنجي شوق جي پوراءَ توڙي فن جي حاصلات
۽ سکيا لاءِ تنهن دؤر ۾ رتيديري شهر جي مقامي گائيڪ محڪم الدين منگيءَ وٽ پهتو ۽ سنگيت
جي سکيا لاءِ کانئس رهنمائي حاصل ڪندو رهيو. انهيءَ سنگيت واري سلسلي ۾ نثار بزميءَ
سنڌ جي عظيم راڳي خانصاحب استاد گلزار علي خان کي ٻڌو ۽ ڄڻ ته مٿس عاشق ٿي پيو. جيتوڻيڪ
نثار بزميءَ استاد گلزار علي خان کي ٽيليويزن تي ٻڌو هو، باوجود ان جي ساڻس ملڻ جي
جستجو ۽ جنون ۾ پنڌ پڇائيندو لاڙڪاڻي شهر جي مراد واهڻ محلي ۾ سندس مسڪن ڳولهي لڌائين
۽ سندس خدمت ۾ حاضر ٿي استاديءَ لاءِ عرض رکيائين. موٽ ۾ استاد گلزار علي خان مٿس شفقت
وارو هٿ ڌريندي دل سان کيس شاگرد قبول ڪيو ۽ کيس راڳ جي سکيا ڏنائين.
حاجي نثار بزمي استاد گلزار علي خان سان سندس پهرين ملاقاتن جون ساروڻيون
ساريندي هڪ يادگار واقعو ڪجھه هن طرح ٻڌايو ته: ”آءُ استاد ڏي ڳاني ٻڌڻ واري رسم واري
ڏينهن تي وٽس رتيديري جا مشهور کيرَ پيڙا ۽ نظراني طور هڪ سؤ روپيا کڻي ويس، جنهن تي
استاد کيرَ پيڙا ته قبول ڪيا، پر هڪ سؤ روپيا وٺي واپس منهنجي کيسي ۾ وڌائين ۽ چيائين
ته اها استاد پاران تنهنجي خرچي آهي.“
بهرحال نثار بزمي استاد گلزار علي خان جي شاگرديءَ ۾ اچڻ کانپوءِ وڌيڪ
محنت ۽ رياض ڪيو ۽ استاد جي ڏنل علم ۽ فن کي دل سان هنڊائڻ لڳو. انهيءَ دوران استاد
گلزار علي خان کيس رتيديري شهر جي ٻن سريلن موسيقارن استاد خان محمد سمون ۽ استاد دائم
فقير سان رجوع ڪري رهنمائي حاصل ڪرڻ جي صلاح ڏني، جنهن کي هو استاد جو فرمان ڄاڻندي
پوئتي نه هٽيو ۽ کانئن به رهنمائي حاصل ڪندو رهيو ۽ اڄ به کين پنهنجو استاد تسليم ڪندو
آهي.
حاجي نثار بزميءَ جي طبيعت ۾ نهٺائي ۽ نماڻيءَ جو اندازو هن ڳالهه مان
به لڳائي سگھجي ٿو ته فن ۾ قابليت ۽ مهارت هجڻ توڙي ۶۳
سال عمر هئڻ باوجود به پاڻ
کي اڻپورو ۽ نامڪمل سمجھندي ماضي قريب ۾ ۲۰۱۰ع ڌاري سنڌ جي ماياناز طبلا نواز خانصاحب استاد قادر بخش خان جي خدمت
۾ حاضر ٿي کانئس شاگرديءَ جو ڳانو ٻڌارائي، رهنمائي حاصل ڪندو رهيو. حاجي نثار بزمي
پنهنجي استادن پاران موسيقيءَ جي ڏنل فن ۾ محنت ۽ رياض ڪري نکري آيو ۽ وڏا رنگ رچايائين.
نه صرف ايترو، پر هن پنهنجي ڏات ۽ ڪلا جي فيض سان ٻين شاگردن کي به فيضياب ڪيو، جن
۾: سيد علي رضا شاهه، امداد علي عباسي، عبدالمالڪ عارباڻي، امرديپ، عطار چنا، آصف علي
ميمڻ ۽ ٻيا شامل آهن.
نثار بزمي هڪ راڳي هجڻ سان گڏوگڏ هڪ سٺو ڪمپوزر (موسيقار) پڻ آهي، هن
هينئر سوڌو ڪيتريون ئي سهڻيون ۽ سريليون ڌنون تخليق ڪيون آهن. شهنشاهه غزل مهدي حسن
۽ محمد رفيع جي آوازن سان پيار ڪندڙ نثار بزميءَ کي سون جي تعداد ۾ خانصاحب مهدي حسن
جا ڳايل غزل توڙي فلمي گيت بر زبان ياد آهن، سندس فن سان سچائي ۽ محبت جو هڪ ثبوت اهو
به آهي ته ۶۶ ورهيه
عمر هئڻ باوجود به سندس حافظو ايترو ته تيز آهي، جو محفل ۾ ڳائڻ دؤران ڪڏهن به ڪنهن
ڊائريءَ يا تحريري لکت جو سهارو ڪونه ورتو اٿائين، هيءُ هن وقت به پنهنجي روزاني مصروفين
مان وقت ڪڍي، رتيديري شهر جي ٻن سنگيت ڪلبن ۾ اعزازي طور تي سنگيت جي طالب علمن کي
موسيقيءَ جي زيور سان سينگاريندو رهي ٿو ۽ پنهنجي پيٽ گذر خاطر پورهيو ۽ محنت ڪندو
رهي ٿو، حاجي نثار بزمي رتيديري شهر جي مين پرائمري اسڪول جي ٻاهران ٻارڙن لاءِ کٽمٺڙن
۽ بسڪيٽن جي ڪيبن هلائيندو آھي.
نثار بزمي
شخص هڪڙو ياد آئيو، شام جو..
شمشاد علي ڪيهر
سنڌي ادب جي تاريخ ۾ ڪي نالا اهڙا آهن، جيڪي
پنهنجي تخليقي قوت، علمي پختگي ۽ شخصي اخلاق سبب الڳ سڃاڻپ رکن ٿا، انهن مان هڪ
اهم نالو سنڌ جي مشهور شاعر سائين نثار بزمي مرحوم صاحب جو به آهي، جيڪو پنهنجي
ڏات، فڪري تازگي، علم عروض تي دسترس ۽ موسيقيت سان ڀرپور شاعريءَ وسيلي سنڌي ادب
جي آسمان تي هڪ روشن ستارو بڻجي اڀريو.
نثار بزميءَ جو اصل نالو قلندر بخش جوڻيجو
هو، هن ۱۲ جون ۱۹۲۴ع تي ضلعي شڪارپور جي
تعلقي ڳڙهي ياسين جي ڳوٺ مرزاپور ۾ جنم ورتو، ننڍپڻ کان ئي فڪري بيداري، علم ادب
سان لڳاءُ ۽ قومي شعورُ سندس شخصيت جو حصو بڻجي ويا، ورهاڱي کان اڳ ئي هن شاعريءَ
جي دنيا ۾ قدم رکيو ۽ آزاديءَ واري تحريڪ ۾ پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو.
نثار بزمي هڪ بهترين شاعر هو جنهن کي علم
عروض تي مهارت ۽ ان صنعتگريءَ جو ڄاڻو هئو، کيس تجنيس حرفي جهڙي فني خوبيّن ۾ به
پڻ ڪمال مهارت هئس، سندس شاعريءَ ۾ موسيقيت، فڪري لطافت ۽ احساس جي سچائي ۽ دلين
ني ترجماني واضح نظر اچي ٿي، في البديهه شاعري ڪرڻ جي صلاحيت به کيس پنهنجي همعصر
شاعرن کان ممتاز بڻائي ٿي.
نثار بزمي پنهنجي ادبي عظمت سان گڏوگڏ هڪ
نرم دل، فراخ دل ۽ نهايت منڪسرالمزاج انسان هئو، هن ڪڏهن به ادب جي ميدان ۾ بخل يا
تنگ نظريءَ جو مظاهرو نه ڪيو، بلڪه پنهنجي علم ۽ تجربي کي کليل دل سان ٻين تائين
پهچايو، نتيجي طور ڪيترائي شاعر سندس شاگرد بڻيا ۽ ادب جي دنيا ۾ پنهنجو مقام ٺاهڻ
۾ ڪامياب ويا، سندس اهم شاگردن ۾ سيد رفيق احمد شاه امروٽي، ساگر عبداللطيف ڪمبوه،
غلام محمد غازي، عزيز الله عزيز بروهي، زخمي چانڊيو، شائق سومرو، عبدالغفور
جُماڻي، غلام مصطفيٰ سولنگي، شاڪر جمالي، ڪوثر ٻرڙو، نوشاد جوڻيجو، سراج شاه، برڪت
انصاري ۽ عبدالحميد سومرو جهڙا نالا شامل آهن.
ادبي ماحول ۽ همعصر
نثار بزمي جنهن دور ۾ شاعري ڪري رهيو هو،
اهو سنڌي ادب جو هڪ ڀرپور ۽ زرخيز دور هو، ان زماني ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي نامور اديبن
۽ شاعرن ادب جي مختلف صنفن ۾ پنهنجو پنهنجو پورهيو جاري رکيو. انهن ۾ شمشير
الحيدري، استاد بخاري، نياز همايوني، سليم ڳاڙهوي، اميد خيرپوري، خادم رفيقي،
عبدالجبار جوڻيجو، آغا سليم، اياز قادري، لطف الله بدوي، ڪريم بخش خالد، ميمڻ
عبدالمجيد سنڌي، صوفي جهامنداس، فقير رب ڏنو ۽ دلدار احمد امروٽي جهڙا وڏا نالا
شامل آهن.
سندس شاعريءَ جي صنفن ۽ ڪتابن تي نظر وجهجي
ته نثار بزميءَ جي شاعريءَ جو دائرو تمام وسيع آهي، هُن حمد، نعت، غزل، گيت، وائي،
ڪافي، دوها، هائيڪا، ٽيڙو، آزاد نظم ۽ نثري نظم جهڙين ڪيترين ئي صنفن ۾ طبع آزمائي
ڪئي آهي، سندس شاعري ڪيترن ئي ڪتابن جي صورت ۾ شايع ٿي، جن مان ڪجهه اهم مجموعا هن
ريت آهن:
* ڏکن آءُ ڏاڍي
* هڪ سسئي ڏک هزار
* جذبات نثار
* ائٽم بم
* ناز و نياز
* جلترنگ
* رت جا ڳوڙها
* خون جگر
* نئون سج
* ڌرتيءَ تارا (ٻارن لاءِ شاعري)
* ٻت ٻت تنهنجا ٻول
* سنڌڙي
* ٻول نثار بزمي جا
* وڄن جا وراڪا
* اعلان
ان کان علاوه سندس شاعري ٽماهي مهراڻ،
ماهوار نئين زندگي، ماهوار گل ڦل سميت سنڌ جي ڪيترن ادبي رسالن ۽ اخبارن ۾ باقاعده
ڇپجندي رهي ۽ پڙهندڙن ۾ وڏي مقبوليت ماڻي.
موسيقيءَ سان خاص لڳاءَ سبب نثار بزميءَ جي
شاعريءَ ۾ موسيقيت جي رواني پڻ ملي ٿي،
جنهن سبب ڪيترن ئي نامور فنڪارن سندس ڪلام کي خُوبُ ڳايو جن ۾ سرمد سنڌي، حنيف
لاشاري، برڪت ڀٽ، احمد مغل، نور علي سولنگي، شمن علي ميرالي، غلام شبير سمون، غلام
علي سنديلو، انجم آرا ۽ نديم سرمد جهڙا فنڪار شامل آهن.
بزميءَ جا ڪجهه مشهور گيت هن ريت آهن:
* وفا ڪٿي نه رهي آ، وفا تلاش نه ڪر
* سينگار نه ڪر سهڻا، ارمان اٿي پوندا
* هونئن ته ڌار آهيون، پر سپنن ۾ ته گڏ آهيون
* ستم ياد آيو، وفا ياد آئي
* اي دل نه روء ايڏو
سندس ڪيترائي حمديه ۽ نعتيه ڪلام به مختلف
فنڪارن پنهنجي آواز ۾ رڪارڊ ڪيا، جن ۾ امداد الله ڦلپوٽو، سلطان احمد چنو، مسڪين
عيوض، نعمت الله سولنگي، امتياز احمد ڦلپوٽو ۽ خدا بخش شيخ وغيره شامل آهن.
بزمي صاحب جو فلمي دنيا سان به لاڳاپو جڙيل
رهيو جو سندس تخليقي صلاحيت صرف ادبي دنيا تائين محدود نه رهي، هن سنڌي فلمن لاءِ
به گيت تخليق ڪيا. انهن ۾ “سوڍا پٽ سنڌ جا” ۽ “سنڌڙي تان صدقي” جهڙيون فلمون خاص
طور ذڪر لائق آهن.
سندس شاعريءَ تي نظر وجهبي ته نثار بزميءَ
جي شاعريءَ ۾ احساس جي شدت، فڪري گهرائي، احساسن جي ترجماني، نفاست ۽ سادگيءَ سان
گڏ هڪ خاص موسيقيت موجود ملندي، هي ناميارو ڏات ڌڻي ۽ سرجڻهار شاعر ۷ جولاءِ ۲۰۰۰ع تي هن فاني دنيا مان
لاڏاڻو ڪري ويو، پر سندس شاعري، شاگرد ۽ فڪري ورثو اڄ به سنڌي ادب جي دنيا ۾ زنده
۽ تابنده آهي.
(ڏھاڙي پنهنجي اخبار ڪراچي ۾ ۱۲ جون ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)

No comments:
راءِ ڏيندا