علي محمد پيرزادو عرف مامو
صوبو
ٻلھڙيجيءَ جو ھڪ ڪلاسيڪل
ڪردار
زرار پيرزادو
موتئي جي مھڪار ھوا ۾
سار ڀري سرھاڻ
ڪير ڪنهن جو واقعي به نعم البدل نٿو ٿي سگهي، ڳوٺ ٻلهڙيجي کي سياسي طور
باشعور پڙهيل لکيل، ترقي پسندن، شاعرن، صحافين، صوفين ۽ ڪامريڊن جي ڳوٺ طور ڄاتو سڃاتو
ويندو آهي. پر ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ جا ان کان علاوه به ڪي انوکا، هر دلعزيز ۽ دلچسپ ڪردار
رهيا آهن، جيڪي پنهنجي الڳ رنگ ۽ ڍنگ طور سڃاتا ويندا آهن، اهڙن ڪردارن ۾ علي محمد
پيرزادو عرف مامو صوبو به هو جيڪو ڪالهه جمعي ڏينهن پهرين مارچ تي ضعيفيءَ ۾ لاڏاڻو
ڪري ويو آهي.
مامو صوبو پنهنجي ذات ۾ هڪ نرالي ڪائنات هو. اصل نالو علي محمد، علي محمد
مان ”علڻ“ ٿي ويو ۽ مامي صوبي طور سڃاڻپجڻ لڳو. ٽن نالن جيان هيءُ شخص ڪيترن حوالن
سان ڏاڍو گهڻ رخو هو. ڀوڳن، چرچن ۽ ٽوٽڪن ۾ هيءُ پنهنجي ڳوٺ ۽ تر ۾ بيحد مقبول هو.
ڀوڳن، چرچن ۽ ٽوٽڪن ۾ هيءُ پنهنجي ڳوٺ جو هڪ ڪلاسيڪل ڪردار هو.
سندس ڀوڳن، چرچن ۽ ٽوٽڪن جو جيڪو باڪمال پهلو هو سو هو سندس حاضر دماغيءَ
جو هو. هن جي عام ۽ معمول واري گفتگو ڀوڳن، چرچن ۽ ٽوٽڪن سان ڀرپور هوندي هئي، اهي
ڀوڳ، چرچا ۽ ٽوٽڪا ايڏا ته وقتائتا ۽ بي ساختا هوندا هيا جو ٻڌندڙ صفا لاجواب ٿي ويندا
هيا ۽ سندس مزاح نگاريءَ کي داد ڏيڻ کان رهي نه سگهندا ها. چون ٿا ته هڪ ڀيري ريل
۾ ٽيٽيءَ چيس ته ”ادا ٽڪيٽ ڏيکار“ ته هن ٺهه پهه جيڪو جواب ڏنس تنهن تي ٽڪيٽ چڪاس ڪندڙ
پاڻ به کلي ويهي رهيو. مامي صوبي جواب ڏنس ته ”باقي هيڏي عمر ڪٿي گهاري اٿئي، اڃا تائين
تو ريل جي ٽڪيٽ به ناهي ڏٺي جو مان تو کي ڏيکاريان“ وري هڪڙي همراهه پڇيس ته ”ابا ڪيئن
ويٺو آهين؟“ بنا دير جواب ڏنائينس ته ”اوڪڙو ويٺو آهيان، ٻيو ڪيئن ويٺو آهيان“ پاڻ
دڪان به هلائيندو هو، سندس زال جو نالو ”گُلاب“ هو پر گهر ۾ ”گُلي“ ڪري سڏيندا هيس
سو هڪ همراهه دُڪان تي آيُس چيائينس ته ”ادا گُلي ته ڏئي (جيڪا ڌوئڻ وقت ڪپڙن ۾ وجهبي
آهي) مامي صوبي جواب ڏنس ته ”تون پنهنجي زال مونکي ڏيندين جو مان توکي ڏيان“
هڪڙي ڀيري بس ۾ سفر ڪري رهيو هو ته لائي کپائڻ وارو هوڪو ڏيندي بس ۾ چڙهيو
ته مامي صوبي چيس ته ”هو جيڪو سامهون ٽوپي پهريل ماڻهو ويٺو آهي نه، ان کي لائي ڏاڍي
وڻندي آهي پر ويچارو ٿورو ٻوڙو آهي سو ڪنن ۾ وڃي زور سان هوڪو ڏينس ته هو خوشيءَ مان
لائي وٺندئي. اصل ۾ اهو ماڻهو ٻوڙو هيو ئي نه سو لائي واري وڃي زور سان سندس ڪن ۾ هوڪو
ڏنو ته ”لائي وارو.....“ پوءِ ته سائين مزا هجن. اهڙا ڀوڳ، چرچا ۽ ٽوٽڪا هر وقت، هر
هنڌ، هر ڪنهن سان گهمندي ڦرندي ڪندو وتندو هو. ڪنهن جي تڏي تي ويٺل هوندو هو ته تڏهن
به ڀوڳن کان نه مُڙندو هو. جيڪڏهن سندس انهن ڀوڳن، چرچن ۽ ٽوٽڪن کي سهيڙجي ته جيڪر
ننڍڙو ڪتابڙو ڇپجي وڃي.
مامي صوبي جي سڃاڻپ جا ٻيا به حوالا آهن. انور پيرزادي کي انگريزي تعليم
لاءِ اسڪول ۾ داخلا لاءِ هن ئي تحرڪ ورتو هو. انور صاحب جا گهر وارو غريب هيا سو انهن
سنڌي پرائمري تعليم ڏيارڻ کانپوءِ کيس گهر ويهاري ڇڏيو سو جڏهن مامي صوبي کي اها خبر
پئي ته هن سندس گهر وڃي سندس والدين تي زور ڀريو ته هيڏي ذهين ٻار کي اوهان هيئن ڪيئن
ٿا گهر ۾ ويهاريو، گهر وارن چيس ته انگريزي تعليم ۽ اسڪول ۾ داخلا جيترا پاڻ وٽ پئسا
ناهن. تنهن تي مامي صوبي چين ته اها ذميواري منهنجي آهي. هو تنهن زماني ۾ ڏوڪري هاءِ
اسڪول ۾ پٽيوالو هو سو هن هيڊماستر کي اها ماجرا ٻڌائي ۽ کيس قائل ڪيو ته هو هن ذهين
ٻار کي اسڪول ۾ داخل به ڪري ۽ اسڪول انتظاميا سندس تعليم جو خرچ به ڀري. ايئن مامي
صوبي سنڌ کي تعليم يافته انور پيرزادو ٺاهي ڏنو. انور صاحب کي سگريٽن تي به ڄڻ ته مامي
صوبي ئي هيرايو. مامو صوبو کيس پنهنجي سائيڪل تي ويهاري اسڪول وٺي ويندو هو ته ننڍڙي
انور کي پن جي ٻيڙي ۽ ماچيس ڏيندو هو ته مان سائيڪل ٿو هلايان سو اها ته دکائي ڏي ايئن
انور ٻيڙي دکائي پاڻ به هڪ ٻه ڪش هڻي پوءِ کيس ڏيندو هو. انور صاحب هميشه ڀوڳن ۾ سندس
ڏانهن آڱر کڻي چوندو هو ته ”مون کي هن ئي سگريٽن تي هيرايو هو“.
مامي صوبي ۾ ماڻهن جي ڪمن جو به هڪ جذبو هوندو هو. سندس هڪ مُريد شناختي
ڪارڊ آفيس ۾ ڪم ڪندو هو سو ڳوٺ ۾ جنهن کي به شناختي ڪارڊ ٺهرائڻو هوندو هو سو مامي
صوبي جون خدمتون حاصل ڪندو هو.
هيءُ ننڍي سطح جو ڄڻ ته مڇيرو به هو، مڇي جو ڄار ٺاهي درياهه تي کڻي ويندو
هو ۽ مڇيون پڪڙي ايندو هو ۽ ڳوٺ ۾ غريب غربي کي به ڀاڄي لاءِ ڏئي ڇڏيندو هو.
چلمَ پيئندڙ مامي صوبي جي جيڪا عادت سڀ کان مختلف، حيران ڪندڙ ۽ گهر وارن
لاءِ چڙ ڏياريندڙ هوندي هئي، سا اِها هئي ته هو انگريزي دوائون کائڻ جي بلڪل به خلاف
هوندو هو. ڪيڏو به بخار هجيس مجال آهي جو ڪا ٽڪي کائي ڄڻ ٽڪي حرام هجيس. چوندو هو ته
اهي دوائون کيس ماري ڇڏينديون.
گهر وارا ۽ مٽ مائٽ سڀ پريشان ته دوا نه کائيندو ته ڪيئن خوش ٿيندو پر
هن ٽڪي ۽ دوا کائڻ بنا کين ۹۳
سالن جي ڊگهي ڄمار به ماڻي
ڏيکاري.
No comments:
راءِ ڏيندا