; سنڌي شخصيتون: سيد اڪبر - قادربخش طالباڻي

14 August, 2013

سيد اڪبر - قادربخش طالباڻي

سيد اڪبر
سنڌ جو بيباڪ جاکوڙي ڪردار
قادربخش طالباڻي
۲۰۰۳ع جون جي ۲۷ تاريخ تي لاڙ خطي جو اديب سيد اڪبر هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. اڄ ان کي ڏهه سال گذري چڪا آهن، پر مان ان عرصي کي ڏهن گهڙين کان به گهٽ محسوس ڪريان ٿو. اڪبر سان منهنجي پرپٺ ڏيٺ ويٺ ٿي، اسان هڪ سياسي ڌر سان هئاسون، اسان جي ملاقات آمهون سامهون ڀٽ شاهه جي  نگري ۾ ٿي، جتي آل سنڌ پ ٽ الف جي عهديدارن جي چونڊ ٿيڻي هئي. اڪبر شاهه سيڪريٽري جي عهدي تي اميدوار بيٺو. سندس مقابلو مشهور شخصيتن محمد يونس ڀٽو (شهدادڪوٽ) ۽ محمد حسين ڪاشف چنبڙ سان هو، پر هو وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيو. ڪاميابي بعد قائد استاد جان محمد جمالي کان پوءِ  تقرير ڪري، هن پوري هائوس تي وڏو اثر وجهي ڇڏيو. ان وقت سندس عمر ۲۹ سال هئي، سندس اکين جي چمڪ ۽ گجندڙ آواز سڀني ميمبرن کي ملهه وٺي ڇڏيو. ۱۹۷۲ع جي آڪٽوبر مهيني ۾ خيرپور ميرس ۾ ڊويزنل هال ۾ در محمد اوستي جي استادن کي خطاب وقت اڪبر اسٽيج سيڪريٽري جو فرض انجام ڏنو ۽ جمالي صاحب جن جي غير موجودگي ۾ هن بهترين ڪارروائي هلائي استادن مٿان  ڌاڪو ڄمايو. ان تقرير وقت محمد حسن باجاري پر جوش مدلل تقرير ڪري اوستي صاحب جاوڻ وڄائي ڇڏيا، جنهن ۾ حسن باجاري کي نوڪري تان هٿ کڻڻا پيا، هو ماستري ڇڏي سياستدان ٿي ويو. ان جلسي جو حڪومت تي وڏو اثر پيو، وزير اعليٰ سنڌ ممتاز علي ڀٽو صاحب حيدرآباد سرڪٽ هائوس ۾ پهچي جان محمد جمالي صاحب جن سان ڳالهيون ڪري سنڌ جي پرائمري استادن جا مطالبا منظور ڪري ورتا. اها هئي ابتدا اڪبر شاهه جي سيڪريٽري جي عهدي جي، جنهن  تي استادن ۾ وڏي سرهائي ۽ هلچل مچي وئي.

اڪبر شاهه سياسي طور ڪنهن سياسي تنظيم سان وابسته هو، جنهن فيصلو ڪيو ته اڪبر شاهه استادن جي تنظيم پ ٽ الف بجاءِ سنڌ جي عوام ۾ ڪم ڪري، ان ڪري هن پنهنجي تنظيم جي فيصلي موجب پي ٽ الف جي عهدي تان استعيفى ڏني، اسين سڀ دوست مٿس سخت ڏمرياسين، پر هن تنظيم جي فيصلي کي مان ڏنو. اسان جا واسطا ختم ٿي ويا، اڪبر ڪل وقتي ڪارڪن ٿي تنظيم جي ڪم کي لڳي ويو. سندس سياسي ڪم ڪرڻ ڪري سرڪار مٿن ڏمرجي ٺٽي ضلعي مان ڪافي استاد  بدلي ڪيا، جنهن ۾ اڪبر تي ڏمر ڪجهه سرس هو، کيس سيد الهڏنو شاهه تعلقي ٽنڊو باگو ۾ رکيو ويو ۽ حڪم ڪيو ويو ته سندس روزاني حاضري جي رپورٽ هيڊ آفيس پهچائي وڃي. ٻين بدلي ٿيل استادن پنهنجي اثر رسوخ سان آرڊر رد ڪرايا يا ويجها اسڪول ورتائون، پر اڪبر شاهه لاءِ ائين نه ٿيو، سندس اسڪول بدين ۽ ٿرپارڪر جي دنگ ڀرسان ملڪاڻي جي ڀر ۾ هو، جنهن علائقي لاءِ اڪبر لکي ٿو ته”آئون پراڻ درياءَ جي ڪپ تي رهان ٿو، جيڪو تاريخ جو اڻ مٽ باب آهي، پراڻ جي تهذيب، ثقافت، پيار، سونهن، قرب ۽ مرڪ جو سرچشمو هئي، جنهن جي ڪنڌيءَ  ڪيتريون سڪايل دليون ۽ اڃايل روح سيراب ٿيا. ٿر جا روح ۽ آواز خود ٿر جي واري وانگر اڃايل ۽ سڪايل آهن، تنهنڪري سندن پڪارن ۾ ماکيءَ جهڙو ميٺاج وڄ جهڙي تڙپ ۽ بڙڇين جهڙا گهاءُ آهن. هو قرب ڪچهري جا ڪوڏيا، هر ماڻهو جيئري تاريخ آهي، سندن آواز جي جهانءِ ۽ اثر دليون پگهاريو وجهي. سيد اڪبر ان ڏوراهين ماڳ پنهن جو آستانو بنائي پنهن جي تعليمي ڪم جي آبياري ڪئي. اتي ڪجهه وقت رهڻ کانپوءِ کيس سندس گهر جي اڪيلائي پيرسن پيءُ جي تيمارداريءَ لاءِ مجبور ڪيو، جنهن ڪري هو ڊگهي موڪل وٺي اچي گهر سنڀالڻ لڳو. ڊگهي موڪل سبب سندس پگهار به بند ٿي ويو، زمين جي ٽڪري جي آبادي لاءِ به وٽس موڙي نه رهي، ان ڪسمپرسي جي حالت ۾ به هن ڪنهن کي دانهن نه ڏني. هو غربت ۽ مفلسي جي گهاڻي ۾ پيڙجڻ لڳو، پر ٻاهر ٻاڦ نه ڪڍيائين. مون کي خبر پئي ته مون ڪوشش ڪئي ته سندس بدلي واپس ٺٽي ضلعي ۾ ٿئي، پر اهو بنڊ جهڙو ڳرو مسئلو بنجي ويو، سڀ مسئلا مطالبا منظور، پر اڪبر جي بدليءَ  جو نڪو رستو نڪري، مهورت کلڻ ئي مشڪل. نيٺ ڳالهه ظاهر ٿي ته اڪبر جي بدلي ضلعي مئجسٽريٽ يعني ڊپٽي ڪمشنر جي آرڊر تي ٿي آهي، ان ڪري واپس به ان جي حڪم سان ٿيندي. ڊپٽي ڪمشنر جي ان وقت ملاقات به مشڪل سان ملندي هئي، اوچتو خبر پئي ته ٺٽي جو ڊي سي قلي بخش خان رند ٿي آيو آهي. سنڌ جي صدر جتوئي صاحب جي اڳواڻي ۾ ساڻس ملياسون، هن ڏاڍي عزت ڏني، پر اڪبر شاهه تي ملڪ ٽوڙڻ سميت ٻيا ڪيترائي سنگين الزامات هئا، پر هن صاحب استادن جي عزت ۽ خاص ڪري ڀنڀري صاحب سان پراڻا  ناتا هئڻ سبب اسان کي اڪبر شاهه کي ٺٽي ضلعي ۾ اچڻ جو اجازت نامو ڏئي ڇڏيو. ان ليٽر جي بنياد تي اڪبر کي واپس ٺٽي ضلعي ۾ آندوسين.
سگهو ئي اڪبر شاهه پنهنجي سياسي تنظيم کان ڪن سببن ڪري عليحدگي اختيار ڪئي ۽ خاموش گهر ۾ ويهي رهيو، پر اڪبر شاهه جي بردباري ڪمال جي هئي، هن تنظيم بابت ڪڏهن به  ڪنهن سان به گلا  نه ڪيائين. پاڻ پنهنجي سياست بابت هڪ هنڌ خط ۾ لکي ٿو: ”سن واري سائين جا به مريد ٿياسين، نازش جا سڌا توڙي اڻ سڌا نخرا به سٺاسين، صحيح بخاري به پڙهي سين ۽ تڙ تڙ جو کارو، ٻاڙو ۽ مٺو پاڻي به پيتوسين، انهن انقلابي استادن جا واعظ به ٻڌاسين ته اٺ جيڏا ڪتاب به پڙهياسين، سنڌ توڙي پاڪستان ڪيترن اڳواڻن مان ڪن کي تمام ويجهو وڃي ڏٺوسين، ٻڌوسين ۽ ٿورڙي وقت لاءِ شامل رهياسين، منجهن ڪيترن چڱاين جي باوجود ٻيڻيون ڪمزوريون ۽ معتبريون به ڏٺيوسين.“ هن رسول بخش پليجي صاحب ڏانهن ڪوٽ لکپت جيل ۾ خط لکيو ته؛ ”ذهن ۾ هوم ته يار پرڏيهه آهي، ڪنهن ڪنهن ڪَر ڪا نه لڌي هوندس، بند جون سوڙهيون ڀتيون کائڻ اينديون هوندس، ٻَر ۽ کام جا ڌڳندڙ کورا پيا ٻاريندا هوندس. سو مڙوئي پنهنجي انفرادي ڏک، ساڙ ۽ ڪاوڙ کي ڪنهن گڏيل مقصد جو پوتڙو ويڙهي ويٺو هوندو تلقين ۽ تبليغ ڪرڻ. ڀانيم ته اجهو ٿي منجهانئس نا اميدي سنجري نڪري، خيال هوم ته ڪٿان نه ڪٿان منجهانئس اڪيلائي،  وڇوڙي ۽ رڙ جي رونڙ  ماٺ ۽ صبر جي بند مان وهي هلي، پر ايئن نه ٿيو.“ اهڙي ريت پليجو صاحب به سندس گفتگو ٻڌڻ جو پياسي هوندو هو، جڏهن به کيس موقعو ملندو هو ته سندس ڳوٺ وڃي ڪچهري پڻ ڪندو هو. اڪبر شاهه ظاهري طور ڏسڻ ۾ خاموش نظر ايندو هو، پر ائين ڪونه هو، هو ڀر پاسي، گسين پنڌين، جتي به ڪو ماڻهو مليو ته ان سان بحث مباحثو ڪندو هو. بٺوري، دڙي پهتو ته ڪانڀ ڪڍي پٽ تي ويهي ماڻهن سان ڪچهريون ڪندو هو، هر سياسي ڌر سان سندس واسطا ۽ تعلقات رهندا هئا. سندس بنيادي سياسي استاد قاسم پٿر هو، جيڪو سندس ڳوٺ ڪچهري جي ٻاڙ لاهڻ ايندو هو، اهڙي ريت اڪبر به وٽس ويندو هو. اڪبر جي لکڻين جا چار ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. موڀي فرزند لطيف اڪبر موجود آهي، جيڪو پنهنجي  پيءَ جي دوستن سان نباهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.


No comments:

راءِ ڏيندا