نثار حسيني
منهنجو سائين
نصير مرزا
ڪيڏي نه ڀيانڪ هئي اُها رات منهنجي لاءِ!
ٽي ٿي رهيا هئا جو دروازي تي ڪنهن knock ڪيو. ”ياخدا
خير!“ اڱڻ مان پري کان ٻڌم، اِهي لفظ اديءَ جا هئا، جيڪا ننڊ مان اُٿي دروازي ڏانهن
وئي پئي. موٽي، ته دُردانه کي آهستگيءَ سان آواز ڏنائين. ”نصير کي جاڳاءِ ۽ احتياط
سان کيس ٻڌاءِ ته.....“ ۽ مون اڌ ننڊ اڌ جاڳ ۾ ٻڌو.... دردانه، منهنجي سيرانديءَ کان
بيهي، دٻيل لفظن ۾ چيو پئي: ”پريشان نه ٿجانءِ نصير.... دروازي تي آيل پاڙي جا ڪي ڇوڪرا
تو کي ’ڄاڻ‘ ڏيڻ آيا آهن ته.... سائين نثار....!“ ۽ ننڊ مان ڀانڀولجي اُٿڻ ۽ اِها خبر
ٻڌڻ سان قيامت ئي ته گذري وئي مون تي! ۽ ان کان پوءِ، هن جي گهر ڏانهن، جنهن ۾ هاڻي
هو بي ساهي وجود سان سُتو پيو هو، اُنهي ڏانهن ويندي اُها رات، ڪيڏي نه ويتر سياهه
لڳي هئي مون کي. ۽ حد و بي حد اونداهيءَ ۾، هن جي گهر جو رستو هو، جو گهگهه انڌيري
۾ لڌو ئي ڪونه پئي مون کان! لڳم..... رکي رکي فضائن مان ڀٽائي صاحب جي غمناڪ بيتن جا
پڙاڏا پيو ٻڌان.
پکين پاڻُ پڇاڙيو، ته لڏيا هوت وڃن
--
قضيو ڪربلا جو، اِي نسورو ملال
--
پڄاڻان پرين، ڪجي بس ڀنڀور کان.
--
پر هي سڱ ڪهڙو هو منهنجو هن سان؟ ۽ هُو ڪير هي نثار حسيني منهنجو؟ جنهن
جي اوچتي وڇوڙي جنهن جي اوچتي وڇوڙي جي غمناڪي ۾ آءٌ ڄڻ گهيرجندو پئي ويس پَل پَل.
۽ رشتو ڪهڙو هو هُن جو مون سان؟ ڇا محض پاڙيسري هئاسين اسين ٻيئي هڪ ٻئي جا. يا ڇا
آءٌ، بس هُن جو هڪ عام شاگرد هوس ۽ هو واجب الاحترام استاد!
”نه“.
اِهي ته عام رواجي رستا آهن. نثار حسيني ته منهنجو وجود ۽ آءٌ هُن جي
حياتيءَ جو لازمي حصو هئاسين. لازم ۽ ملزوم حصو!
۳- مئي ۱۹۸۸ع تي، الائي ڪهڙي ترنگ ۾ اچي
هُن پنهنجي پياري نياڻيءَ ”شيرين“ جي آٽوگراف بڪ ۾ اعتراف ڪندي، مون بابت سڀ ڪجهه ئي
ته لکي ڇڏيو هو: ”اوهين ڇهه فرد آهيو... هڪ جيون ساٿي، ٻي تون ڌيءَ شهرين، ٽيون ماءِ
سَن جاويد حسين. چوٿين پياري صنم، پنجين اُها ”مرڪ“!- جيڪا مانجي شعور لاشعور، ۽ تحت
الشعور ۾ رچي بسي ويئي آهي. ۽ ڇهون مانجو پيارو ساٿي- نصير! منهنجي صرف هڪ ئي آس آهي،
۽ اُها هيءَ ته سڄي حياتي- لهندڙ سج جي آخري لام تائين، اِنهن مان- ڪنهن ڏانهن به احساس
محروميءَ کي ويجهو ايندي نه ڏسان، نه پَسان ۽ نه ٻُڌان.“
۽ ان آٽوگراف جي، اهڙن لفظنجي موٽ ۾، آءٌ هُن سان پنهنجي رشتي کي ڪهڙن
لفظن ۾ اظهاريان ۽ ڇا ٻڌايان دنيا کي ته ڇا هو.... هُو منهنجو؟
هڪڙو روشن چنڊ!
جنهن روشني پکيڙي ڇڏي هئي منهنجي اندر ۾- جڏهن شديد اڪيلاين ۾، ڳوٺ جي،
ريل جي بَند سان ڀٽڪيس پئي آءٌ! تڏهن هُو سهارو بنجي پيو هو منهنجي لاءِ- جنهن هٿ کان
وٺي دڳ تي لاتو. اڳتي وڌڻ جو ساهس ڏنو ۽ وک وک تي ڇانوَ ڀريو وڻ ٿي بيٺو، ۽ چيو: ”ڇو
پيو نٽهڻ اُس ۾ ڀٽڪين، اچ منهنجي ڇانوَ ۾ آرام سان اچي ويهه نصيرَ......“ ۽ ايترن احسانن
جي موٽ ۾، هُن گهريو مون کان ڇا؟ رڳو هر گهڙي جو ساٿ ۽ هر وقت پاڇي وانگر ساڻ ساڻ گڏ
هجڻ جو واعدو. ۽ مون ائين ئي ڪيو ۽ پاڻ کي وساري ڇڏيو. ۽ ڪا ڳالهه ياد رکي ته بس صرف
ايتري: ته ”هُو منهنجي ذات جو حصو آهي ۽ مان هُن جي هستيءَ جو.“
نٿو سنڀران، ته ڪڏهن چپن تي- رُکو- سندس نالو آندو هوندم. کيس سدائين
سڏيم.... ”سائين!“ ڪنهن ڳالهه چوڻ لاءِ نالو وٺي سڏيندو هئو، ته اُڪير مان وراڻيندو
هوس: ”جي سائين!“
ياد اٿم، ”سائينءَ“ جو پيارو، دل گهريو، رازدار دوست، قيس عالم ابڙو به،
هُن سان ائين ئي سلهاڙيل هوندو، پيار ڪندو ۽ مٿانئس هر وقت ٻلهار ٻلهار پيو ويندو هو،
جيئن آءٌ.
ها! صرف عرفان مهدي، اسان ۾ هڪڙو اهڙو خوبرو نوجوان هوندو هو، جيڪو هُن
سان انگل ۽ حجتون ڪرڻ جي همٿ ڪندو هو، ۽ اسان وانگر کيس سڏيندو ته هُو به ”سائين“ ئي
هو....پر ڪنهن ڪنهن وقت، هو کيس، ”نثار سائين“ يا ڪڏهن ”سائين نثار“ چئي به پيو مخاطب
ٿيندو هو. ۽ مون کي اعتراف آهي، ته هڪ جيڏن ۽ پاڻ کان ڄمار ۾ وڏن، منهنجي ٿورن دوستن
مان، سائين، واحد اهڙو منهنجو محبوب دوست هو، جنهن سان آخري دم تائين، منهنجي دوستي
به دائم رهي ۽ دلي پيار به. ۽ باهمي محبت جي ان پائداريءَ جو احساس، آخري وقت تائين،
هُن کي به هو ۽ مون کي به!
اصل ۾، ڪمسنيءَ کان ئي، سائينءَ جي جنهن شيءِ، جنهن ادا ۽ جنهن خوبيءَ،
مون کي هُن جي لڙَ لائي ڇڏيو هو، اُها هئي پنهنجن گهاٽن (پهرين ڪارن ۽ پوءِ اڇن) وارن
۾ هٿ ڦيرائيندي، هر انسان سان مرڪي ملڻ. اُٿي بيهي اُن جو آڌرڀاءُ ڪرڻ، ۽ ان کي تمام
گهڻو همٿائڻ. ۽ اِهي ئي ته اُهي ٽي شيون هيون، جيڪي پوءِ سڄي ڄمار هُن جو شعار به رهيون
۽ آدرش به!
غالباً ۱۹۶۹ع جو سال هو، جو ماڻڪ ڀٽي
هاءِ اسڪول ۾ اٺين ڪلاس ۾ هُو منهنجو ڪلاس ٽيچر بڻيو ۽ هي آءٌ، جيڪو سدا کان محجوب،
لڄارو، Dull ذهن ۽ بئڪ سيٽر شاگرد رهندو
پئي آيس. هُن الائي ڇا سوچي، بيڪ سيٽ تان اُٿاري، ڪلاس ۾ فرنٽ سيٽ تي مون کي آڻي ويهاريو،
۽ چيو: ”تو جهڙي ٻار کي، ڪلاس ۾ فرنٽ سيٽ تي ويهڻ گهرجي نصير- نه ڪي بئڪ سيٽ تي!“ ڪلاس
۾ سائين نثار بحيثيت ٽيچر ۽ گڏوگڏ ٽيوٽر جي، هڪ اعليٰ ذهن استاد ته هو ئي، پر فري پيرئڊس
۾، هُن ”فني ڪلاس“ هلائڻ جو سلسلو به شروع ڪري ڇڏيو هو.
صداڪاري هيئن ڪجي، اداڪاري هن انداز سان ٿيندي آهي. هن لفظ جي ادائگي
هي آهي. ڳائبو هن طرح سان آهي“ ۽ مون ڄاتو، ته مون کي پڙهائيءَ کان وڌيڪ انهن ڳالهين
سان دلچسپي وڌندي پئي وئي ۽ ان شوق ۾ آءٌ ايترو ته هُن جي ويجهو ٿيندو پئي ويس، جو
نهايت جلد ڄڻ هُن جو ”نورچشم“ بنجي پيس. ۽ تڏهن ڪلاس ۾ پڙهندي، احساس ٿيڻ لڳو هو مون
کي ”ماءُ“ کان پوءِ، هُو ئي ته آهي، جيڪو منهنجي اڪيلاين جو ساٿي آهي ۽ محض استاد ئي
نه، هڪڙو ڇانوَ ڀريو وڻ، جنهن جي هيٺان بيهي، حفظ ۽ امان ۾ اچي ويو آهيان آءٌ!
۽ ان کانپوءِ ۱۹۷۰ع
۾، مون کي ياد آهي، نائين ڪلاس ۾، مون کي رڳو اِن ڪري وڃڻ جي بيحد خوشي ٿي رهي هئي،
جو هُو ان ڪلاس ۾ به اسان جو (منهنجو) ڪلاس ٽيچر مقرر ٿيو هو. ۽ صبح جو اسڪول ۾ ۽ شام
جو هُن جي قائم ڪيل ”پرڀات آرٽ سرڪل“ ۾ ”فري ڪوچنگ سينٽر“ ۾، ٽيوشن باعث، مون جهڙي
مڳي شاگرد فرسٽ ڪلاس ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي، ۽ ان سال ۱۹۷۲ع ۾ سڄي اسڪول ۽ even سڄي پاڙي ۾، آءٌ واحد شاگرد
به هوس، جنهن اها ”ڊويزن“ ماڻي هئي، پوءِ انٽر سائنس ۾ فرسٽ ڪلاس.... ايم.اي. صحافت
۾ فرسٽ ڪلاس.... ايم.اي. سنڌيءَ ۾ فرسٽ ڪلاس پوزيشن!
۽ اهو سڀ ڇا هو....؟ صرف ”سائينءَ“ جي صحبت ۽ رهنمائيءَ جو نتيجو!
(نه ته دعويٰ سان ٿو چوان، ته ٽنڊي ٺوڙهي جي پوري علائقي ۾، اڄ تائين، نه ڪنهن مون
کان اڳ، نه شايد پوءِ ئي، ڪنهن تعليمي اداري مان ”فرسٽ ڪلاس فرسٽ“ پوزيشن حاصل ڪئي
هوندي). ۽ سڀ منهنجا دوست ڄاڻن ٿا ته فطرتاً
آءٌ ڪالهه به هڪڙو اُداس، موڳو ۽ اڪيلو ڇوڪرو هوس ۽ اڄ به ائين ئي رهندو پيو
اچان. عجب اتفاق، ”سائين نثار“ به ائين ئي هو، جيئن هُن پنهنجي لکيل هڪڙي گيت ۾ چيو
هو:
هيڏي ڌرتي هيڏا ماڻهو،
پو ڀي هيڪل هيڪل هانءُ!
شايد ننڍپڻ ۾ ئي يتيم ٿي وڃڻ سبب يا ڪن نفسياتي ۽ نه سمجهه ۾ ايندڙ محرومين
۽ اُداسين جا ڪي قافلا هئا، جيڪي هُن جي ڪڍ هئا ۽ منهنجي به! پر باوجود اِن جي اسان
ٻنهي جي سڀاوَ ۾ گهڻو تفاوت به هو. ۽ اُهو هي ته زندگيءَ سان جنگ جوٽڻ جي ڏس ۾ هُن
۾ وڏي همٿ هئي، ۽ مون ۾ ندارد.... ۽ ان ڏس ۾ مون ۾ جاڳرتا جو جذبو جاڳائڻ، مايوسي مان
مون کي ڪڍڻ جي، پهرين مرحلي ۾، هُن مون ”ناشاد
سڀاوَ“ جو تخلص تجويز ڪيو ”شاد“.... ”نصير شاد مرزا“... جيئن تخلص جي اثر سبب خوش لڳان...خوش
نظر اچان.
الاس...! اِهو تجربو ناڪام ٿيو، ته هُن همت ڏياريندڙ افسانوي ادب جا ڪتاب
مون کي پڙهائڻ شروع ڪيا، ۽ سڀ کان پهرين ڊاڪٽر نجم عباسي صاحب جي ڪهاڻين جو مجموعو:
”طوفان جي تمنا“ مون کي پڙهايو. پوءِ سراج صاحب جو ناول ”پڙاڏو سو ئي سڏ“..... ۽ ان
کان پوءِ ڏيپلائي صاحب جو ناول ”سانگهڙ“ ۽ ان کان پوءِ روسي ناول... ماءُ... ذلتون
ڪي ماري لوگ.... ۽ انهن ڪتابن جي مطالعي سان مون ۾ ڪا جرئت يا همٿ ته الائي پيدا ٿي
يا نه، بس ايترو ضرور ٿيو، جو اهڙن ڪتابن جي صحبت کان ٻاهر، مون کي نوان نوان دوست
ٺاهڻ جي ضرورت هاڻي محسوس ئي ڪانه ٿيندي هئي ۽ مون لاءِ خوشيءَ جو سبب هئي ته يا انهن
ڪتابن سان سنگت يا وٽانئس مليل ڪتابن سان محبت: ڪنهن ڏينهن، ڪنهن ڪتاب جي پرهڻ ۾ مون
کي وڌيڪ لطف ايندو هو، ته ڀانئيندو هوس، اڄ مون کي پنهنجي سائينءَ وٽان تمام گهڻو پيار
ملي ويو آهي.
۱۹۷۲ع کان، هُن هر سال مون کي ”نئين سال“ جي ڊائري گفٽ ڪرڻ شروع ڪئي، ۽ هر
دفعي اُن تي ڪونه ڪو جملو ضرور لکي ڏنو، ۽ ڊائريءَ تي لکي ڏنل اُهو جملو، محض جملو
ئي ڪٿي هوندو هو. ۽ سندس اهڙن لکيل جملن واري اُها ڊائري. رات جو جڏهن سيرانديءَ کان
رکي سمهندو هوس، ته ان ۾ لکيل اُهي جملا، منهنجي لاءِ هميشه همٿون وڌائيندڙ ڪي خواب
بڻجي پوندا هئا، جن جي رَٿ تي سوار ٿي، آءٌ ڄڻ ته ڪاميابين جا آڪاس ڇُهڻ لڳندو هوس.
۱۹۷۲ع جي ڊائريءَ ۾ لکي ڏنائين: ”مون کي پڪ آهي، جنهن فيلڊ ۾ تون ويندين.
وڏو نالو ڪڍندين.“
ايم.اي ۾ فرسٽ پوزيشن کنيم، ته اُن سال لکي ڏنائين: ”هي جيڪو تون آهين
نه نصيرَ.... اِهو به، آءٌ ئي ته آهيان.“
۱۹۹۰ع واري ڊائريءَ ۾ سندس لکيل لفظ هئا: ”مون کي توتي فخر آهي نصير- ۽ سدائي
رهندو!“
(۽ اڄ سچي سون جهڙين انهن دعائيه سٽن کي، ڊائرين مان هتي اُتاريان پيو
ته انهن جي وچو وچ، ڪٿان ڪا اُداس بانسري آهي جا وڄڻ شروع ٿي وئي آهي، ۽ جنهن کي ڪنائيندي
منهنجي ڪيفيت اهڙي ٿي وئي آهي، جو ڳلن تان ڳوڙهن جون بوندون بس ئي نه پيون ڪن!)
سائينءَ سان واقفيت ۽ محبت ٿي وڃڻ وارن بلڪل ابتدائي ڏينهن کان وٺي مون
لاءِ هُن چاهيو پئي ته آءٌ اسٽيج پرفارمر ٿيان. اٺين ڪلاس ۾ هوس ته اسڪول ۾ هُن مون
کي هڪڙو گيت ياد ڪرايو. فنڪشن جو ڏينهن آيو ته، پنهنجن هٿن سان مون کي ڪلرفل ڪپڙا پارائي، ٺاهي سينگاري، اسٽيج تي موڪليائين،
۽ مون ان وقت جيڪو گيت ڳايو، اُهو هو: ”اي هوا آءٌ ڇو نه کلان....“
اِهو ئي اُهو پهريون آئٽم هو، جيڪو سندس هدايت ڪاريءَ هيٺ مون اسٽيج تي
پهريون دفعو پيش ڪيو. ٿورو ڳڀرو جوان ٿيس ته زبيده گرلس ڪاليج جي اسٽيج تي، پنهنجي
مشهور ٽئبلو ”سورٺ“ ۾ ٻيجل جو ڪاسٽيوم پارائي، ڪلهي تي ڪينرو رکي، مون کي ٻيجل جي روپ
۾ پيش ڪيائين. ۱۹۷۸ع ڌاري، ڪراچيءَ ۾ سگا جي هڪ سالياني تقريب ۾ هُن پنهنجو
ٻيو ٽئبلو ”مومل راڻو“ اسٽيج ڪيو، ته هُن اُتي مون کي راڻي جي روپ ۾ پيش ڪيو (۽ جنهن
۾ هُن جي پهرين محبوبا ۽ پوءِ زال بنجندر زيب نظاماڻيءَ مومل جو پارٽ ڪيو هو). ۽ ان
کان اڳي جو هو پنهنجي ڪنهن ٽئين ٽئبلو ۾ مون کي ”هيرو“ ڪري پيش ڪري، مون اکيون جهڪائي،
همٿون گڏ ڪري، هن کي التجا ڪئي: ”مون کان اِهو سڀ ڪجهه نٿو ٿئي....مون کي اداڪار نه
بنايو.....“
”ته پوءِ ليکڪ ٿي ڏيکار.....“
۽ الائي ڪيتري لکڻ جي مشق کان پوءِ، هڪ ڏينهن، نهايت دٻيل لفظن ۾ مون
کيس چيو: ”اِهو ڪم به منهنجي وس کان ٻاهر آهي. بس مون کي پاڻ وانگر ناٽڪن جي هدايت
ڪاريءَ جو فن، ۽ پبلشنگ جو هنر سيکاريو. آءٌ وڏو ٿي ڪتاب ڇپرائيندس......“
۽ سائينءَ جي اساعتي اداري آگم پبلشنگ جي آفيس به ڪيڏي نه عجب جهڙي
آفيس هوندي هئي. ۽ قاضي منزل گاڏي کاتي جي ڪنڊ ۾ هي آفيس، جنهن جي چوديواري اندر، يا
ته سائينءَ جي پنهنجي خوشبو Dominate هوندي هئي يا آگم جي شايع ٿيل،
شيلفن ۾ رکيل ڪتابن جي (جن جو واس هن وقت به حواسن تي حاوي پيو محسوس ڪريان) ۽ سنڌي
ادب جا الائي ڪيترا چهرا ۽ اهم قلمڪار، مون اُن ئي آگم جي آفيس ۾ آل جال ايندي ويندي
ڏٺا.... محمد ابراهيم جويو صاحب، علي بابا، ماڻڪ، مشتاق شورو، ادل سومرو، اياز گل،
استاد بخاري، حليم بروهي، سيد زوار نقوي، لياقت رضوي، مختيار ملڪ، عرفان مهدي، غفران
عاقلاڻي، عزيز گوپانگ، رسول بخش درس، آفتاب نظاماڻي، آغا قيوم، آغا سعيد، سوز هالائي،
مدد علي سنڌي، قيس عالم، اياز عالم، خدا بخش ابڙو، طارق عالم (۽ منهنجي تصور، ياد
۽ حافظي ۾، اُتي ايندڙ ٻيا به ڪيئي چهرا آهن، جن منجهان ڪيترن سان منهنجي واقفيت اُتي
ئي ٿي ۽ ڪيترن سان دوستي ۽ ڪن سان شديد محبتون به مون اِتي ئي ته ڪيون).
۽ ڪلوُ پڪوڙائيءَ واري گهٽي، جيڪا اڳتي هلي روزانه عبرت اخبار ڏانهن
مُڙي ويندي هئي، ان ۾ پهرين گرامي صاحب جو ماڙيءَ وارو گهر ۽ ان جي ٽتل ڦٽل ڏاڪڻ به
مون کي ڪيڏو نه هانٽ ڪندي هئي، ۽ ان کان پوءِ ڀڳوان داس ڪيلا ايڊووڪيٽ جو اُداس چهرو
۽ فائلن سان سٿيل سندس آفيس، ۽ ان کان پوءِ اندر اونداهي سُرنگهه نما گهٽيءَ جي ڪنڊ
۾، جتي منهنجو ”سائين“ آس جو ڏيئو ٻاري ويٺو هوندو هو، ته آءٌ جيئن ئي يونيورسٽيءَ
مان موٽان، ته آگم جي ڪتابن جي ڪمپوزنگ جي لاءِ گڏجي پريسن جي ياترا تي نڪرون.
اپريل ۱۹۸۴ع ۾، سائينءَ کان ڇهه مهينا
دور رهي، اسلام آباد مان ريديو پروڊيوسر واري ٽريننگ پوري ڪري، ريڊيو حيدرآباد تي جوائننگ
ڏيئي، جڏهن آگم پهتس، ته منظر ئي ”اور“ ڏٺم. آگم آفيس جي بجلي ڪٽجي چڪي هئي ۽ اندر
ڪنڊ ۾ لالٽين روشن هئي ۽ سائينءَ جي سامهون اونداهي ڪوٺڙيءَ ۾ منهنجي ڪرسيءَ تي زيب
نظاماڻي ويٺي هئي. (زيب، جنهن جي لاءِ هاڻي منهنجي دل ۾ وڏي حُب ۽ احترام آهي) کيس
ان وقت اُتي ويٺل ڏسي، منهنجو ”سيٽ موڊ“ اوچتو اپ سيٽ ٿي ويو.... ڪي گهڙيون ته چپ چاپ
ويٺو رهيس، پر نيٺ ڦاٽي پيس. منهن ۾ جيڪي آيو،
چئي وڃي پار پيس. موٽ ۾ زيب ته چپ رهي، پر دٻيل لفظن ۽ اداس نوع ۾ سائينءَ...
مون کي ڪجهه چيو، ته بس ايترو..... ”تون مون کي زيب کان وڌيڪ پيارو آهين نصير.... آءٌ
هن سان شادي ڪرڻ ٿو چاهيان... ٻي شادي....! تون ائين خفا ٿي، مون کي ڪمزور نه ڪر.“
۽ مون کي ياد آهي، مون نه ڀانئيندي، به ائين ئي ڪيو.... ۽ نهايت جلد،
زيب سان هُن شادي ڪئي، جنهن ۾ آءٌ سائينءَ پاران گواهه بڻيس. ۽ ان کان پوءِ هڪ فاصلي
تان هن سان ملندو رهيس، جيئن هو ڊسٽرب نه ٿئي. ۽ اهڙي صورتحال ۾، نيٺ هڪڙو ڏينهن اهڙو
به آيو. آءٌ هنن جي موجودگيءَ ۾ ”آگم“ ويس ۽ اکين ۾ لڙڪ ڀري، پنهنجي ويهڻ واري مخصوص
ڪرسيءَ کي ڀت واري رُخ سان ڪري، پنهنجي ذات جي اڪيلاين ۽ تنهائين ۾، هڪ دفعو ٻيهر لهي
پيس.
۽ ان کان پوءِ ٻڌم، نهايت جلد ”آگم“ به بند ٿي ويو هو.
۲۰۰۱ع يا ۲۰۰۲ع ڌاري، سائينءَ ”آگم“ کي
ٻيهر Form ۾ آڻڻ جي ڪوشش شروع ڪئي ۽ ساڳئي قاضي منزل ۾،
هاڻي ان جي فرنٽ واري ڪمري ۾ (جنهن ۾ ڪنهن وقت پراسرار ايڊووڪيٽ سرڳواسي ڀڳوان داس
ڪيلا ويهندو هو) ان ۾ آفيس کولي.
سائين هاڻي رٽائر هو ۽ زيب نظاماڻي ليڪچرار. بي.ايڊ، ايم ايڊ ۽ ايم فللاءِ
ڏينهن رات محنت ۾ مصروف. ٻيهر آگم کُلڻ سان پراڻو ٺڪاڻو بيشڪ ته کُلي پيو هو. پر اُتان
جيڪي پکي پرواز ڪري وڃي نون ٺڪاڻن تي ويٺا هئا، اتان هاڻي آگم ڏانهن انهن جي واپسي
ممڪن ئي ڪونه پئي ٿي سگهي.
سائين اصرار ڪيو ”آگم“ کُلي چڪي آهي... اچ... اُن کي ٻيهر اچي آباد ڪر.....
روز اچ.... اچي ويهه.“ پر نصير ويچارو هاڻي ڇا ٿي ڪري سگهيو.... هو پاڻ جو پنهنجي آفيس
۾ چوکنڀو ٻڌجي چڪو هو.
خير... آگم ۾ هاڻي سائين به اڪيلو ڪونه هو. ڪجهه وقت لاءِ زيب به اچي
هُن سان گڏ ويهندي هئي. ذاتي ڪم ڪار جي ڏس ۾ محسن جويي جهڙو پيارو ساٿي، هن سان ساٿ
۾ گڏ هو ۽ اشاعت جي اڀري سڀري ڪار وهنوار لاءِ، هُن نظام عباسيءَ جون خدمتون حاصل ڪري
ورتيون هيون.
۽ ۲۰۰۶ع تائين پهچندي پهچندي ’منهنجو سائين‘ هاڻي هڪڙو ٿڪل،
دل جي عارضي ۾ ورتل ۶۵ ساله، بيمار شخص بنجي چڪو هو. ۽ جنهن سائينءَ ۾ منهنجو
ساهه هو، انهيءَ ساهه جي، شديد سڪ مون کي جڏهن به لڳندي هئي، آءٌ هُن سان هلي وڃي ملندو
هوس ۽ باقاعده ملندو هوس.
۽ ڀانيان ٿو، ويجهڙائيءَ وارن ڪجهه سالن کان ته اسين لڳ ڀڳ روزانه ئي،
رات جو گهرن واري گهٽيءَ ۾، ڪنهن ڪنڊ سان بيهي ضرور ڳالهيون ڪندا رهندا هئاسين.
پراڻيون ڳالهيون، نيون ڳالهيون، مستقبل جون ڳالهيون..... ۽ ياد ٿو پويم...
تازو ۲۶هين مئي جي رات هئي يا شايد ۲۷هينءَ جي... روزانه واري اهڙي روٽين ملاقات ۾ هُن پهريون دفعو چپن تي
ڦڪي مرڪ آڻي، مون کي آگاهه ڪيو هو: ”ڊاڪٽر چون ٿا، منهنجي دل جون شريانيون ايتريون
ته سوڙهيون ٿي چڪيون آهن، جو باءِ پاس آپريشن جو چانس هاڻي باقي نه رهيو آهي.....“
۽ هُن جي واتان اِهو انڪشاف ٻڌڻ سان اوچتو، منهنجي اکين ۾ آلاڻ پکڙجي
وئي. تڏهن اکيون کڻي مون ڏانهن ڏٺائين، ته پريشان ٿي ويو. چيائين.... ”خير.... اهڙي
به پريشان ٿيڻ جي ڳالهه ناهي. ڊاڪٽرن اهو به ته چيو آهي ته، دوائن ذريعي ان صورتحال
۾ به، ڪيئي سال جيئرو رهي سگهجي ٿو.“ (۽ اُن رات، هُن جنهن هنڌ گهٽيءَ جي موڙ وٽ بيهي،
اهي لفظ چيا هئا- بلڪل انهيءَ هنڌ، زندگيءَ ۾، شايد آءٌ ڪڏهن به هاڻي اُتي بيهي ئي
نه سگهندس.)
ذاتي طرح سان مون کي خبر آهي ته هارٽ پيشنٽ ٿي وڃڻ کان پوءِ، سائين، ڪيترن
ئي سالن کان، صبح جو ڇهين وڳي کان اٺي وڳي تائين روزانو اٺ ميل يا ان کان به وڌيڪ فاصلي
تائين واڪ ڪرڻ ويندو هو. ۲-
جون ۲۰۰۶ع جي علي الصبح جو وفات کان پندرهن سورنهن ڪلاڪ اڳ
به، هُو روٽين واري انهيءَ واڪ تي ويو هو (شايد ڳوٺ جي ڀرسان، باغن، باغن جي پکين،
پنڃاري چينل واهه جي ڪنارن- ڪنارن سان بيٺل وڻن، ۽ پري پري تائين پکڙيل کيتن ۽ کُليل
ميدانن کان سدائين لاءِ موڪلائڻ).
۽ ۴- جون ۲۰۰۶ع... جنهن ڏينهن شام جو سائينءَ جو ٽيجهو ٿيڻ وارو هو، آچر جي ان صبح
جو، مون کان رهيو نه ٿيو هو. ۽ هُن جي ياد ۾ گِريو ڪرڻ جي خيال سان، آءٌ صبح سان واڪ
جو ارادو ڪري، ان ئي رستي سان نڪري ۽ رستي ۾ ايندڙ انهن وڻن مان هڪ هڪ کي اِن حسرت
سان ڏسندو ۽ اهڙن سڀني منظرن منجهان لنگهندو، سوچيندو پئي ويس.... ته انهن تي متان
منهنجي سائينءَ جون نهارون رکيون هجن. ۽ هوائن ۾ آسپاس، ڪٿي متان هُن جي ساهن جي سڳنڌ
باقي هجي، ۽ مٽي هاڻن ڌڌڙ ڌڌڙ پيچرن کي، مون ان خيال سان به پئي ڏٺو، ته ڪنهن رند ڪنهن
پنڌ تي، هُن جي پيرن ۾ پاتل ”جاگرس“ جا نشان متان ڪٿي باقي رهجي ويا هجن. الاس! اِن
سينٽي مينٽل، صبح جي واڪ تان آءٌ ڪيڏو نه دکي ٿي گهر موٽيو هوس. ۽ انهيءَ اداس واپسيءَ
دؤران، سوچيندو پئي آيس ته ڪو نه جي مون کان اڄ پڇي، ته ٻئي جنم ۾ تون ڪهڙي عورت جي
ڪُک منجهان پيدا ٿيڻ پسند ڪندين نصير! ته هوندَ، جهٽ ۾ چوندس: ساڳي ئي ماءُ، شريفان
ناصر علي مرزا جي ڪُکِ مان! - ۽ جي پڇڻ وارو پڇيم، ته رهنمائيءَ لاءِ ڪهڙي استاد ۽
دوست جي طلب ڪندين؟ ته بي ڌڙڪ چوندس: صرف سائين نثار حسيني جي گُهر ڪندس. ۽ گڏوگڏ اِهو
به سوچيندو پئي آيس ته ڪو جي مون کان جيڪر اهو به پڇي ته تنهنجي زندگيءَ جو وڏي ۾ وڏو
سک ڇا هو؟ ته شايد فورن وراڻيان: سائينءَ سان صحبت..... ۽ جي پڇڻ وارو پڇيم ته ڀلا
نصير! تنهنجو وڏي ۾ وڏو ڏک ڪهڙو آهي؟ ته وراڻيندس: مٺيءَ ۽ جيجل ماءُ جي وصال کان پوءِ،
حياتيءَ ۾ وڏي ۾ وڏو ڏک جي ڪو مون کي رسيو آهي ته اُهو آهي. پنهنجي ساٿيءَ، پنهنجي
محبوب استاد ۽ پنهنجي سائينءَ! نثار حسينيءَ جي ”وڇوڙي“ جو دک!
No comments:
راءِ ڏيندا